سنڌ جي منظرن کي رنگن ۾ قيد ڪندڙ
08 March, 2019
حفيظ کوهارو - حفيظ چانڊيو
حفيظ کوهارو
سنڌ جي منظرن کي رنگن ۾ قيد ڪندڙ
سنڌ جي منظرن کي رنگن ۾ قيد ڪندڙ
حفيظ چانڊيو
خبر ناهي ته هُن جي وڇوڙي تي
لاڙڪاڻي لڙڪ لاڙيا به هوندا الائي نه! پر سندس موت تي سنڌ جو شعور ڍنڍڪرون ڏئي رنو
هو، ايئن جيئن سنڌو درياهه جو پيٽ پاڻيءَ نه هجڻ تي روئي ويهندو آهي. هُن جي هٿن
مان جڏهن رنگن وارو برش ڪِريو هو، ۽ موت کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙيو هو ته ان وقت
اهي رنگ به روئي پيا هوندا، جن بيجان رنگن کي پنهنجي آرٽ ذريعي هن نئون جيئندان
بخشيو هو. هُو مصور هو، تڏهن ئي سندس دل به سنڌوءَ جون چلولاين جيان رنگين هُئي،
سندس وجود ۾ سنڌ سمايل هئي، سندس هر ساهه ۾ ديس سان پيار سمايل هو، اهو ئي سبب هو
جو هُن سنڌ جي سونهن کي پنهنجي پينٽ جو محور ڪيو هو، ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن تي سندس
هٿ ۾ پيل برش اهڙو ته جنبش ۾ اچي ويندو هو جو سندس هٿ مان نڪتل پينٽ سنڌ جي هڪ
دانهن بڻجي ايوانن تائين پهچندي هُئي ته ايوانن کي لوڏي وجهندي هو.
04 March, 2019
ڊاڪٽر هرچند راءِ
ڊاڪٽر هرچند راءِ
جنهن کي ثقافتي خدمتن تي
صدارتي ايوارڊ مليو
ڀارو مل امراڻي
هو انهن انگ ڌڙنگ
انسانن مان هو، جن پنهنجي پورهئي جي پگهر ۽ غير معمولي ذهانت سان انساني تاريخ کي
نوان موڙ ڏنا آهن. جڏهن ٿر ۾ ثقافتي رنگ روپ ۽ سائنسي سوچ جي سنگم سان انساني
سونهن جاڳرتا جي جلوي ۾ جرڪندي، جڏهن ملير جي مٽي تي عام ماڻهو معاشي طور مضبوط ٿي
جوڀن رُت ۾ گل جيان ٽڙندو، تڏهن هن شخص کي ضرور ياد ڪيو ويندو.
ٿر ۾ انساني سگهه،
حوصلي، بي پناهه قوت ۽ پختي ارادي جي علامت رهندڙ ڊاڪٽر هرچندراءِ هڪ ئي وقت
مسيحا، سماجي اڳواڻ، سياستدان ۽ محقق هجڻ سان گڏ ثقافتي رنگن روپن جو رکوالو هو.
هن جي گهڻ رخي شخصيت هڪ اداري، هڪ تحريڪ، هڪ جدوجهد جو نالو آهي.هن شخص نه صرف ڇاڇري
کان عمرڪوٽ ۽ عمرڪوٽ کان مٺي ڏانهن پنڌ ڪيو هو. پر سانگهڙ کان ننگرپارڪر تائين
پوري خطي جون واهڻ وستيون، ڍنڍون، ڍورا، مڙها ۽ ڏهر پنهنجي پيرن هيٺ لتاڙيا هئا.هن
زندگي ۾ ڏک ڏولاوا ڏسي بيمار انسانن جو علاج ڪيو هو. سخت پورهيو ڪري هيڻن کي حوصلو
ڏنو هو. رڃن ۾ رابيل پوکي وطن جا ويڙها وسايا هئا. هن مارو ماڻهن جي ويڙهن ۽ جهوپڙن
کي قلعن، ڪوٽن ۽ محلن کان مٿانهون پيش ڪيو هو. هن جي اندر جي تمنا هئي ته مارو ماڻهو
عزت ۽ آبرو سان ثقافتي رنگ روپ ميڙي برن ۾ بازارون قائم ڪن. هن تهذيب ۽ تاريخ جي ٽٽل
سلسلن کي جوڙڻ جي لاءِ پنهنجي گهر ۾ ميوزم جو بنياد رکيو. هن سياست ۾ عام ماڻهو جي
داخلا جي لاءِ ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽڻ جي لاءِ گهاڙو گهڙيو. هن عام ماڻهو جي زبان تان
پهرو لاهڻ جي لاءِ پتوڙيو. قلم جي آزادي جي لاءِ جستجو ڪئي.
02 March, 2019
22 January, 2019
سائين جي ايم سيد - ۱
سائين
جي ايم سيد
استاد لغاري
سنڌ ۾ جيڪي ماڻهو
آزاديءَ جا علمبردار ۽ نظرين جا باني ٿي گذريا آهن، سائين جي ايم سيد جو نالو به
انهن ۾ هڪ آهي. سندس پورو نالو سيد غلام مرتضيٰ شاھ ولد سيد محمد شاھ هيو. پاڻ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي، سنڌ جي مشهور شهر سن ۾ پيدا ٿيو ۽
سندس وصال ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي، ۹۱ سالن جي ڄمار ۾، ڪراچيءَ جي جناح اسپتال ۾ ٿيو. ان وقت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ
جي حڪومت هئي ۽ سائين جي ايم سيد هٿڪڙين جي حالت ۾ هو. شيخ اياز پنهنجي هڪ ڪتاب ۾
لکيو آهي، ته “مون پنهنجين ڪراين ڏانهن ڏسي سوچيو، ته ڪڙيون ۽ قاتل اڃان ڪيستائين
دور رهندا؟ مون زبان کي ڏند سان ڪٽي چيو، نه ڄاڻان تون ڪڏهن سمورو سچ چوندينءَ؟ نه
ڄاڻا توکي ڪڏهن ڪپي ڦٽيءَ ڪندا؟”. ذوالفقار علي ڀٽي صاحب کي، وقت جي بي رحم حڪمرانن
تخته دار تي چاڙهي ڇڏيو ۽ سائين جي ايم سيد کي، وقت جي جابر حڪمرانن ايستائين هٿڪڙين
۾ رکيو، جيستائين سندس روح جو پکيئڙو پرواز نه ڪري ويو. مان ذوالفقار علي ڀٽي صاحب
۽ سائين جي ايم سيد جِي مظلوميت جي مماثلت ڪرڻ نه ٿو چاهيان، پر فقط ايترو چوڻ
چاهيان ٿو، ته ۱۹۷۱ع کان وٺي ۱۹۷۷ع تائين، حڪمران پارٽي، سنڌ جي قومي شعور ۽ حزبِ اختلاف سان، ڊي پي آر جي
نالي تي، جيڪي ڀال ڀلايا، اهي تاريخ ڪڏهن به وساري نه سگھندي. ليڪن ذوالفقار علي ڀٽي
صاحب سان، پڇاڙيءَ ۾ جيڪو ناحق ظلم ڪيو ويو، ان سندس سمورا اوگڻ اُجاري اڇا ڪري ڇڏيا.
“مڙيئي معاف ڪياس، خالق بدلي خون جي”. سائين جي ايم سيد ۽ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب
۾، جيڪا هڪجهڙائي آهي، اها هي آهي، ته اهي ٻيئي سنڌي ليڊر، جنوريءَ جي مهيني ۾ ڄاوا
۽ ٻيئي اپريل جي مهيني ۾ اَمر ٿي ويا.
05 January, 2019
شيخ اياز - ۱
شيخ اياز
تعارف- تو ڳاتا گيت
بغاوت جا
شيخ اياز سنڌ جو
مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. شيخ اياز ۲ مارچ ۱۹۲۳ع تي شڪارپور شهر ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو شيخ غلام
حسين هو. سندس ڇٺيءَ جو نالو مبارڪ علي رکيو ويو پر هي اڳتي هلي شيخ اياز جي نالي
سان ادبي دنيا ۾ مشهور ٿيو. والد پاران کيس ۳ مارچ ۱۹۲۸ع تي پنجن سالن جي ڄمار ۾ پاڙي جي هڪ اسڪول
نمبر ۳ ۾ داخل ڪرايو ويو. هن اسڪول ۾ ڪجهه عرصي تائين پڙهڻ بعد ورنيڪيولر اسڪول ۾
داخل ٿيو جتان ۳۱ مارچ ۱۹۳۴ع تي چار درجا پاس ڪري نيو هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو. ۳۱ مارچ ۱۹۳۹ع تي پنج درجا انگريزي ۾ پاس ڪري ۱۱ اپريل ۱۹۳۹ع تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو
۽ اپريل ۱۹۴۱ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. ۱۹۴۳ع ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان انٽر ۽ ۱۹۴۵ع ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان بي اي ڪيائين.
28 December, 2018
ديوان ڪوڙومل چندنمل کلناڻي
ديوان ڪوڙومل چندنمل کلناڻي
(تعارف)
سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو
اديب، ليکڪ ۽ تعليمدان، ديوان ڪوڙومل، ڀريا، تعلقي نوشهري فيروز، ضلعي نوابشاهه ۾ ۵ آڪٽوبر ۱۸۴۴ع تي ڄائو. سندس جنم جو نالو پريتم هو، پر جيئن
ته اڳ ڄاون مان ڪو به بچيو نه ٿي، ان ڪري سندس نالو بدلائي ’ڪوڙو مل‘ رکيو ويو. ننڍپڻ
۾ کيس لکڻ پڙهڻ سان گهڻو چاهه هو. سنڌي ۽ فارسي ڀر واري ڳوٺ دريا خان جلباڻيءَ ۾،
آخوند قاضي محمد سليمان جي مڪتب ۾ پڙهيو. بهار دانش ۽ سڪندرنامي تائين فارسي پڙهي چڱو
محاورو حاصل ڪري ورتائين. ۱۴ ورهين جي ڄمار ۾ اڪيلو اُٺ جي ۱۲۰ ميل مسافري ڪري حيدرآباد ۾ وڃي انگريزي پڙهيائين،
تڏهن اڃا ريل گاڏي چالو ڪانه ٿي هئي.
08 December, 2018
ستار پيرزادو
ستار پيرزادو
سندس ادبي پورهيو
لياقت راڄپر

ستار ڀٽي
ستار ڀٽي
بهترين ڪردار
نسرين الطاف
زندگي
ته نالو ئي جستجو ۽ جدوجهد جو آهي. اڳتي وڌڻ ۽ زندگي جي رازن کي پروڙڻ جو آهي.
انسان جي جياپي سان گڏ ان جي تاريخ به ان سان گڏ هلندي آهي. ماضي بڻجي ويل لمحا
حال سان هلندڙ پَل ۽ مستقبل ۾ ايندڙ اونا ان کي زندگيءَ جي دڳ تي اڳتي وٺي هلندا
آهن. انساني شخصيتون ان کي سماج ۾ سڃاڻپ ڏينديون آهن. انسان سان ڪارج ۾ ڪردار ان
جي شخصيت جو اسڪيچ جوڙيندو آهي. اعليٰ ڪردار ادا ڪندڙ انسان تهذيب جي بقا ۽ سماج ۽
معاشري لاءِ پنهنجو متوازن ڪردار ادا ڪري ان سماج ۽ معاشري جي فردن لاءِ هڪ مثال بڻجي
امر ٿي ويندا آهن. سندن ڏنل يادگارون پوءِ اهي لکڻين جي روپ ۾ هجن، آواز جي روپ ۾
هجن مصوريءَ جي روپ ۾ هجن، اهي سماج ۽ معاشري جي تاريخ بڻجي وينديون آهن ۽ سڄي
دنيا لاءِ روشني ۽ اتساهه جو سبب بڻجنديون آهن. انهن ئي بهترين شخصيتن ۾ ستار ڀٽي
به هڪ هو. سار ڀٽي هميشه هڪ شفيق ڀاءُ جي شڪل ۾ مونسان گڏ رهيو، جڏهن به ساڻس
ملاقات ٿيندي هئي ته هو تمام محبت ۽ پيار واري انداز ۾ مٿي تي هٿ رکي مون سان ملڻ ڪڏهن
به وساري نٿي سگهان. ساڻس آخري ملاقات سنڌي ادبي سنگت جي اليڪشن ۾ ۶
آگسٽ ۲۰۱۷ تي ڪافي
دير سندس ڀرسان ويهي اليڪشن ۽ سنڌي ادبي سنگت بابت ڳالهيون ٿيون. سڄو ڏينهن گڏ رهڻ
کانپوءِ ستار کي ڪراچي وڃڻو هو ته پاڻ موڪلائڻ مهل چيائين ته ڀيڻ اليڪشن ۾ بيهڻ
وقت کٽڻ ۽ هارائڻ ٻنهي ڳالهين کي ذهن ۾ رکجي، بهرحال توهان سٺائي جي اميد رکو.
الله توهان لاءِ جيڪو به ڪندو بهتر ڪندو. ان کانپوءِ سندس ڪتاب ستار ڀٽي شخصيت ۽
خط آيو. جنهن جي چونڊ ۽ ترتيب سندس گهر واري حميده ڀٽي ڪئي. پاڻ مون کي اهو ڪتاب
نومبر مهيني ۾ موڪليو، جنهن ۾ سندس لفظ سڪ ۽ اڪير منجهان پنهنجي ڀيڻ نسرين الطاف
لاءِ ڄڻ ته اڄ به دل تي اُڪري بيٺا آهن ۽ پوءِ وري ميسيج ڪري پڇيائين ته ڪتاب
مليو؟ مان ڏاڍي شرمنده ٿيس ته اصولن مون کي ڪتاب ملڻ کانپوءِ ستار کي ٻڌائڻ کپي ها
ته توهان جو موڪليل تحفو “ڪتاب” مون کي مليو پر سندس اُهي پيار ۽ محبتون وساري نٿيون
وسرن. ستار ڀٽي سادو انسان جي عنوان هيٺ ڪتاب ۾ سندس وني جيون ساٿي حميده ڀٽي لکي ٿي
ته مان سنڌ جي هر ضلعي ۾ ساڻس گڏ هوندي هئس، اسان جو اولاد وڏو ٿيو ته اهو به گڏ
هوندو هو. سندس چوڻ هو ته سماجي، ادبي تنظيمن ۽ پروگرامن ۾ سنڌي عورتون اوهان کي ڏسي
شريڪ ٿينديون. پنهنجي گهر کان شروعات ڪندڙ ستار ڀٽي هميشه عورت جي اڳتي وڌڻ جو
حامي رهيو. عورت جي ترقي ۽ اڳتي وڌڻ سندس خواب رهيو. افسوس جو اسان جو سنڌي سماج ٻٽن
روين سان ڀريل آهي. پر ستار ڀٽي جي قول ۽ فعل ۾ ڪڏهن به تضاد نه رهيو. هن سياست به
ڪئي پر سياست جي تلخ تجربن کانپوءِ هن پنهنجو رخ لکڻ پڙهڻ ڏانهن ڪري ڇڏيو ۽ سندس ڪوشش
اها ئي رهي ته شخصيت جي بقا تجربن جي بنياد تي پنهنجا خيال نسلن تي وکيري انهن کي ڪتابي
شڪل ڏئي نروار ڪرڻ ۾ ئي آهي. هن سڀ کان پهريان تحقيق جو ڪم شروع ڪيو ۽ سڀ کان
پهريون ڪتاب “لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي” ۱۹۹۸ع ۾ ڇپرائي
پڌرو ڪيائين. هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي سنگت جي ڪتابن جي انعام ڏيڻ واري مقابلي ۾ شامل ڪيو
ويو. سندس ٻيو ڪتاب “لاڙڪاڻي جون امر شخصيتون” هو، جيڪو ۲۰۰۰ع ۾ شايع ٿيو. سندس ٽيون ڪتاب “چنڊ چوانءِ سچ” چوٿون ڪهاڻين جو ڪتاب “قيديءَ
جي عيد” ۽ انگريزي ۾ پير حشام الدين راشديءَ تي ڇپيل ڪتاب لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊمي
قائم ڪري پنهنجي هڙا وڙان خرچ ڪري ڇپرايا. ستار ڀٽيءَ جو چوڻ هو ته هن کي فخر آهي
ته ان اهي ڪتاب ڇپرايا، پر افسوس اهو آهي ته شخصيتن تي لکڻ وارن کي وڏيون تڪليفون
آيون، ڇو جو جيڪي اهي امر شخصيتون گذاري ويون آهن، انهن جا پونيئر تعاون نه ڪندا
هئا. ڪيترا ڀيرا انهن ڏي مواد لکي موڪليندو هو، جنهن جو جواب سالن کانپوءِ ملندو
هيو. تصويرون ۽ ٻئي مواد لاءِ انهن جي گهرن ڏانهن الاهي پنڌ ڪرڻا پوندا هئا. تحقيق
جو ڪم ڏاڍو رولڙي ۽ تڪليف وارو آهي.
07 December, 2018
فهميده رياض
فهميده رياض
۽ ورهيه اڳ لکيل
تحرير...
مجاهد بريلوي
کاغذ تیرا
رنگ فق کیوں ہوگیا
شاعر ترے تیور
دیکھ کر
کاغذ ترے رخسار
پہ یہ داغ کیسے ہیں
شاعر میں
ترے آنسو پی نہ سکا
کاغذ میں
تجھ سے کیسے سچ کہوں
شاعر مرا
دل پھٹ جائے گا
اڱاري جي شام ڊان
نيوز مان نڪرندي فهميده جو ٻُڏندڙ آواز آيو، ’مهيني کان لاهور ۾ آهيان، مان ته نٿي
اچي سگهان، تون ئي اچي وڃ.‘
مون پڇيو ”طبيعت ڪيئن
آهي؟“
چيائين، ”اڳ کان
بهتر آهي. ڌيءُ ويرتا جي ٻارن ۾ دل وندريل آهي.“
ربنواز هنڱورو - استاد لغاري
ربنواز هنڱورو
قسمت واڳون ڇڪيون - ٻه ڊسمبر
تي - ٽين ورسيءَ جي مناسبت سان.
استاد لغاري
نڙ سِڪ ۽ سَوز جو
ساز آهي. ڪتاب “نڙ جا بيت” ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي، ته “بيبي زليخان، حضرت يوسف کي سِڪ
مان ساريندي وضو ڪندي هئي، جو انهيءَ پاڻيءَ مان ڪنگور جو ٻُوڙو ڦُٽو، جنهن مان نڙ
ٺهيو”. ڀٽائيءَ صاحب فرمايو آهي؛
”وَڍيل ٿِي وايُون ڪري، ڪُٺل ڪُوڪاري.“
۽
”اَچِي ڦُٽِي اوچتِي، دَرد پِريان جِي دانهن.“
فهميده شرف بلوچ - استاد لغاري
فهميده شرف بلوچ
شخصيت ۽ شاعري
استاد لغاري
سنڌي ٻوليءَ جِي
سگھارِي شاعره، محترمه فهميده شرف بلوچ بنت شرف الدين ذات جاگيراڻي، ۰۷ اپريل ۱۹۸۰ع ۾، پير جو ڳوٺ، ضلع خيرپور ميرس ۾ جنم
ورتو. ايم اي سنڌي پاس ڪرڻ کان پوءِ، هن وقت ڪراچيءَ ۾ جاب ڪري رهي آهي. سندس
شاعريءَ جو رنگين ڪتاب “اُماس راتيون، اُداس رستا”، هن وقت منهنجي مطالعي هيٺ آهي.
اوڙاھ عميق سمونڊر ۾ ٽُٻيءَ هڻي، آئون ڪجھ ماڻڪ ۽ موتي ميڙڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.
”ايءُ گتِ غواصَنِ، جِئن سَمُونڊَر سُوجھِيائُون.“
حميد ابڙو - حيات علي شاهه بخاري
حميد ابڙو
مٽيءَ جو مانُ وڌائيندڙ
حيات علي شاهه
بخاري
آئون شروع کان ئي
روايت پسند ناهيان، جيئن حميد ابڙي جي ڪتاب تي تبصرو ڪندي لکان ته هي ڪتاب سنڌ راڻي
پبليڪيشن طرفان ڇپايو ويو آهي، ڪتاب جا صفحا اٽڪل ۱۲۶ آهن. ليکڪ حميد ابڙو ادبي دنيا، (پرنٽ توڙي
اليڪٽرانڪ ميڊيا) جي ڄاتل شخصيت آهي، ڪتاب جو ٽائيٽل به ڪتاب جي ڪهاڻين جو عڪس نظر
اچي ٿو. ڪتاب ۾ پروف جون اڪيچار غلطيون آهن وغيره وغيره.
Subscribe to:
Posts (Atom)