; سنڌي شخصيتون

14 February, 2013

آتش سنڌي - سعيد سومرو

آتش سنڌي
سنڌ جي محبوب مٽيءَ جو شاعر
سعيد سومرو/قمبر
سال ۱۹۷۰ واري ڏهاڪي ۾، جن قومپرست ۽ عوام دوست جذبن جي ترجمان شاعرن، پنهنجي ڪَلا ذريعي پنهنجي ديس جي اَٻوجھه ماڻهن جي من ۾ شعور جي ڦهلاءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ ’ون يونٽ‘ جي ڍنگھر کي ڊاهي پٽ ڪرايو، تن سپاهين منجهان آتش سنڌي به هڪ هو. سندس مرحوم والد، ولي محمد شيخ ته سندس نالو معشوق علي رکيو، پر سنڌ جي حالتن کي ڏسي هُو، ’معشوق‘ مان ’آتش‘ سڏائڻ لڳو.

09 February, 2013

حاجي غلام نبي ڏھراج - سليم رضا


حاجي غلام نبي ڏھراج
هڪ تاريخ ساز شخصيت ۽ اڻوسرندڙ ڪردار
سليم رضا
سنڌ جي سرسبز عظيم سرزمين پهنجي ڪک مان هميشه ڪامل ولي، درويش، بزرگ، بهادر، جوڌا، جوان ۽ سورهيه سپوت انسان، پيدا ڪيا آهن. اسان جي سهڻي سرزمين سنڌ کيم اهو پڻ مقام ۽ اعلي مرتبو حاصل آهي جو کيس اسلام جو دروازو سڏيو ويو آهي. سنڌ ڌرتيءَ کي، سخين بزرگن ۽ مهمان نوازن جي ڌرتي جو شرف پڻ مليل آهي. انهي سدا بهار سنڌ جي علم هنر ۽ سياست توڙي سخاوت ۾ ساهتي پرڳڻي ضلع نوشهروفيروز کي پڻ اهو مان مرتبو حاصل آهي جو هن ضلع اندر ڪيترن عظيم شخصيتن جنم ورتو آهي. جن مان ڪنڊيارو تعلقي جي محبت ديرو ۾، سال ۱۸۸۶ع ۾ جنم وٺندڙ تاريخ ساز شخصيت، سمنڊ جي گھراين جيڏيون حسرتون کڻي، ٻين لاءِ جيئندڙ هڪ بهادر عظيم شخصيت، خانصاحب حاجي غلام نبي خان ڏهراج پڻ هڪ آهي. سندس تعليم ۽ تربيت به اباڻي ڳوٺ محبت ديرو ۾ ٿي.

قاضي فيض محمد - ادريس جتوئي


قاضي فيض محمد
سچو انسان
ادريس جتوئي
قاضي فيض محمد ۱۱ نومبر ۱۹۰۸ع ۾ سنڌ جي تاريخي شهر هالاڻي جي قاضي خاندان ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم هالاڻي ۾ ورتي ۽ مئٽرڪ نوشهري مدرسه اينڊ هاءِ اسڪول مان ڪئي. انجنيئرنگ جي تعليم ڇڏي علي ڳڙهه يونيورسٽي مان وڪالت پاس ڪيائين. جتي هن ننڍي کنڊ ۾ نامور شخصيتن جواهر لعل نهرو، مهاتما گانڌي، سباش چندر بوس، حسرت موهاني ۽ ٻين سان ڪچهريون ڪيون.

غلام نبي ڏهراج - مولائي ملاح

غلام نبي ڏهراج
پُختي حوصلي وارو انسان
مولائي ملاح
سنڌ جي ڪنهن سدابهار شخصيت جي ڪا ياد، دل جي ڪينواس تي اوهيرا ڪري تَري ايندي آهي ته: اکين مان لُڙڪن جا بَند چوماسي جي مينهن جيان ٽِمي ۽ ٽُٽي پوندا آهن. اهڙن ئي اَمر ڪردارن مان سنڌ جي وچولي ۾ جنم وٺندڙ حاجي غلام نبي خان ڏهراج به هڪ هو. جنهن پنهنجي سماج سيوَڪ ڪردار سبب علائقي ۾ گهرو اَثر ڇڏيو. جَل وهندڙ سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ تي آباد، شهر محبت ديرو جتوئي ۾ جنم وٺندڙ رئيس غلام نبي خان ڏهراج کي علائقي جي غريب ماڻهن سان بيحد پيار هو. هن اميراڻي ٻار جي اَکين کان، علائقي جي غربت سبب، مجبور ماڻهن جون زمينون وياج تي آباد ٿيڻ ۽ پوءِ اهي عمر ڀر لاءِ گروي، ضبط ٿيڻ وارو ظلم ڏٺو ۽ کانئس سَٺو نه ٿيو. ان درد سندس دل ۾ سياست جي چِڻنگ ٻاري. جنهن بعد هو هن سفر جو راهي بڻيو.

08 February, 2013

سليم بچاڻي - فقير محمد ڍول

سليم بچاڻي
سڄاڻ شاعر جو اوچتو وڇوڙو
فقير محمد ڍول
هي، جنهن سليم جو اڄ ذڪرِ خير هتي ٿي رهيو آهي، سو مغل سلطنت جو شهزادو سليم ته يقيناً ڪو نه هو، پر دوستن جي دلين جو شهزادو ضرور هيو.

07 February, 2013

راڳي صادق فقير- انٽرويو - گلزار ڪلهوڙو پاٽائي

راڳي صادق فقير
انٽرويو
انٽرويو: گلزار ڪلهوڙو پاٽائي
سوال: سڀ کان پهرين، اوهان پنهنجو تعارف ڪرايو؟
جواب: ادا! منهنجو نالو، صادق فقير ولد فيض محمد مـڱڻهار، جنم جي تاريخ ۲۰ مارچ ۱۹۶۴ ع آهي ۽ جنم جو هنڌ مٺي ٿرپارڪر آهي. تعليم ايم اي سنڌي آهي. ۱۹۹۲ع ۾ شادي ٿي ۽ اولاد ۾ هڪ نياڻي ۽ ٽي پٽ آهن.

04 February, 2013

نذير احمد ميمڻ - عنايت قمبراڻي


نذير احمد ميمڻ
سڪا سانڍڻ جو شوق رکندڙ
انٽرويو: عنايت قمبراڻي
سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي اديبن، دانشورن ۽ ڏاهن ماڻهن جنم ورتو آهي، جن ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجو پاڻ ملهائيندي، نه رڳو پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي پر سنڌ ڌرتيءَ جو به پنهنجن ڪيل عملن ۽ ڪارنامن سبب ڳاٽ اونچو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. اهڙن ئي باهمٿ ۽ باصلاحيت انسانن مان، ملير جي علائقي بچل ڳوٺ کوکراپار جو رهواسي، نذير احمد ميمڻ به هڪ آهي. جنهن ۲۵۰۰ سالن جا قديمي ۽ تاريخي سڪا پنهنجي جاکوڙ سان گڏ ڪري، نه رڳو سنڀالي رکيا آهن، پر انهن تاريخي سڪن جي اهميت کي اڃا به وڌائڻ لاءِ پنهنجو نور نچوئي انهن تي سنڌي ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ ٻه ڪتاب لکي، نه رڳو سڪن بابت ڄاڻ ڏني آهي، پر انهن کي روشنيءَ ۾ آڻي وڏو ڪارنامو انجام ڏنو آهي. ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪندي، کانئس پڇون ٿا ته کين اهو شوق ڪيئن ۽ ڪڏهن کان ٿيو.

ماسٽر چندر - ناصر قاضي


ماسٽر چندر
ھند ۽ سنڌ جو مھان راڳي
ناصر قاضي
موجن ڀرئي مهراڻ جو پاڻي، سنڌ صوبي جي نوابشاهه ضلعي جي گهڻي ڀاڱي کي آباد ڪري ٿو. هن ڀاڱي جي زمين گهڻي قدر سنئين سڌي آهي ۽ هتان جي آبهوا پڻ صحت بخش ۽ وڻندڙ آهي. هن ضلعي جي اترئين حصي کي قديم زماني کان وٺي ”ساهتي پرڳڻو“ ڪري سڏيندا آهن، جنهن ۾ ضلعي نوشهري فيروز جا ڪنڊيارو ۽ مورو تعلقا اچي وڃن ٿا.
سنڌ جي مهان راڳيءَ ماسٽر چندر تعلق به هن ئي خطي جي هڪ تاريخي شهر ٺارو شاهه (اڳوڻي ضلعي نوابشاهه ۽ هاڻوڪي ضلعي نوشهري فيروز) سان هو. ماسٽر چندر جو گهر ٺارو شاهه ۾ ڦٽل نوَ لکي واهه تي ساڄي ڪپ تي هو، جيڪو ’ڏامواڻي حويلي‘ جي نالي سان اڄ به موجود آهي، جتي هن برک راڳيءَ جنم ورتو، سندس پتا جو نالو آسنداس ڏامواڻي هو، ٺارو شاهه جي قديم اسڪول رڪارڊ موجب سندس اصل نالو چندر مل ڏامواڻي، ولد آسنداس ڏامواڻي آهي ۽ سندس جنم جي تاريخ ۱۸ ڊسمبر ۱۹۰۹ع ٻڌائي وڃي ٿي،  پر نامياري ليکڪ ۽ سندس دل گھرئي دوست گوبند مالهيءَ سندس اصل نالو ’چاندو مل‘ ڄاڻايو آهي. اڳتي هلي هيءُ ’ماسٽر چندر‘ جي نالي سان ڄاتو سڃايو ويو، سندس اها سڃاڻپ اڄ سوڌو امر ٿي چڪي آهي.

گنو سامتاڻي - رکيل مورائي


گنو سامتاڻي
سنڌي ادب جو ذھين ترين ليکڪ
رکيل مورائي
ورهاڱي کانپوءِ هندستان لڏي ويندڙ يا هتان لڏايا ويندڙ سنڌي ڀارت جهڙي وڏي ملڪ ۾ ڪڻو ڪڻو ٿي ورهائجي ويا. اُن وقت جي آزاد هندستان حڪومت اهو پڪو پهه ڪيو هو ته سنڌ مان لڏي ويل سنڌين کي هڪ هنڌ نه رهائڻو آهي، جنهن تي عمل ڪندي هتان لڏي ويل سنڌين کي هند ۾ ٿائينڪو ٿيڻ لاءِ گهڻو وقت لڳي ويو. هنن سنڌيت جي پاڙئون پٽيل ٻوٽي کي هنڌ جي ڌرتيءَ تي نئين سر لڳايو جيڪو اڳتي هلي وڌي وڻ ٿيو.

سراج ميمڻ - تاج جويو

سراج ميمڻ
هڪ تاريخ ساز شخصيت
تاج جويو
۲ فيبروري ۲۰۱۳ع تي سنڌ جي ارڏي اديب، عالم ۽ محقق ’سراج‘ جي لاڏاڻي جي خبر علمي ادبي لڏي سميت سندس چاهيندڙن کي صدمو ڏنو. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سچو عشق رکندڙ، ڏاهي دانشور، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، محقق ۽ ماهر لسانيات ’سراج‘ جو پورو نالو سراج الحق ولد محمد يعقوب ميمڻ هو، هن ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد يعقوب ميمڻ وقت جو بهترين تعليمدان ۽ علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ هو. سندس ترجمو ڪيل ’ديوان حافظ‘ سنڌي ادب ۾ يادگار حيثيت رکي ٿو. سراج تي پنهنجي والد جي مزاج جو اثر ٿيو ۽ شروع کان ئي لکڻ، پڙهڻ سان واسطو رهيس. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان وٺڻ کانپوءِ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ سموري بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٽين پوزيشن کنيائين. سندس تعليم بي. اي (آنرس)، ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي هئي. پيشي جي لحاظ کان ۱۹۵۳ع ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۾ نوڪري شروع ڪيائين ۽ ۱۹۵۵ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۷ع ۾ سي. ايس. ايس. جو چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو، جتان ۱۹۶۹ع ۾ جبري رٽائرمينٽ ٿيس. سندس خلاف الزامن مان مکيه سرڪاري ملازمت ۾ هوندي قومپرست ۽ ترقي پسند ادبي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ ۽ قوميت جي موضوع تي لکڻ هو. ان کانپوءِ ڪجهه وقت وڪالت ڪيائين. ۱۹۷۱ع ۾ ڪراچيءَ مان هلال پاڪستان اخبار جو اجراء ٿيو، جنهن ۾ کيس ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. هن اخبار ذريعي سراج، جديد صحافت ۾ نوان ۽ اڇوتا لاڙا آندا. ان تي کيس سنڌي جديد صحافت کي نئون جنم ڏياريندڙ چيو وڃي ٿو. ۱۹۷۷ع ۾ ضياءُ الحق جي دور ۾ هن فوجي حڪومت کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪندي هلال پاڪستان مان استعيفا ڏني ۽ واپس وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي ويو ۽ عمر جي آخري عرصي تائين سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل رهيو. انڪم ٽيڪس قانون تي سندس مهارت سبب کيس ان مضمون جي ميدان ۾ ’انسائيڪلوپيڊيا‘ چيو ويندو هو.

03 February, 2013

اردشير ڪائوسجي - رمضان شورو


اردشير ڪائوسجي
اھليت ۽ فطرت جو عاشق
رمضان شورو
مون کي خبر ناهي ته پارسين جا مذهبي طرح ڪهڙا طور طريقا آهن، پر مون عظيم سماج سڌارڪ ۽ جديد ڪراچيءَ جي بانيءَ جمشيد نسروانجي مهتا کان وٺي ڊاڪٽر دستو ڍلا تائين، آر ڪي سڌوا کان وٺي سر سهراب ڪٽرڪ تائين، جهانگر راجڪوٽ ولا کان ڊاڪٽر انڪلسريا تائين، مسز دستور کان وٺي مسز خورشيد تائين يا ڊاڪٽر هودٻائي کان وٺي اردشير ڪائوسجي تائين جيڪي به پارسي ٻڌا، ڏٺا توڙي پڙهيا آهن، سڀ محبت جي ڳوهيل مٽيءَ جا پنوڙا، اهليت ۽ فطرت تي ڪامل يقين رکندڙ آهن، اهو ئي سبب آهي جو هي خاندان ننڍي کنڊ جي هر طبقي ۽ مذهب، جناح فيمليءَ کان وٺي گانڌي ۽ نهرو فيملي تائين جو نه صرف ڀت ڀائي بلڪ رت ڀائي رهيو آهي، چون ٿا ته محمد علي جناح توڙي اندرا گانڌيءَ جي تربيت به پارسين ڪئي. جمشيد نسروانجي مهتا کان ڪهڙو اهل سنڌ واقف نه هوندو، جديد ڪراچيءَ جي باري ۾ اڄوڪين ڀائي لوگن سميت ڀلي ڪير به دعويٰ ڪري پر هن وقت ڪراچي جو جيڪو اسٽرڪچر آهي، ان جو باني جمشيد نسروانجي هو، هي جڏهن ڪراچيءَ جو پهريون ميئر ٿيو ته هن ڪراچيءَ کي جديد طرز تي ٺهرائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي، سٺا ۽ شاندار رستا، هر علائقي ۾ پارڪ ۽ باغيچا، ايشيا جو نمبر ون ڊرينيج سسٽم، تعليمي ادارا، اسپتالون ۽ رهائش لاءِ ڪيتريون ئي خوبصورت ۽ شاندار سوسائٽيون ترتيب ڏنائين. بنيادي طرح تمام شاهوڪار ۽ صنعتڪار خاندان سان تعلق هئڻ باوجود سڄي زندگي تمام سادگيءَ سان گذاريائين. اسان وٽ اها روايت رهي آهي ته اسان وٽ ڪائونسلر کان وٺي اسيمبلي ميمبر تائين هر ماڻهو چاهيندو آهي ته آئون رات پيٽ ۾ ڪروڙ پتي نه پر ارب کرب پتي ٿي وڃان، ان جي ابتڙ جمشيد نسروانجي صاحب نه صرف ڪراچي ڪارپوريشن مان پگهار نه کئين پر ڪارپوريشن جي پئسن مان ڪڏهن چانهه جو ڪوپ به نه پيتو. کائڻ پيئڻ ۾ به تمام سادو، ڪڏهن به ڪا رت واري شئي (ماس) ته ڪو نه کاڌائين، پر گهڻو ڪري چانهه به بنا کير واري پيئندو هو. ساڳئي طرح سان هن خاندان جي ئي مسز گل بانو ڪي مينوالا ۽ ڊنشا پئسٽجي جو به ڪراچي سنڌ جي ٺاهڻ ۾ وڏو ۽ ڪليدي ڪردار رهيو آهي. تازو لاڏاڻو ڪري ويل ڪالم نگار، سماج سڌارڪ ۽ هڪ عظيم ۽ آدرشي انسان اردشير ڪائوسجي جو تعلق به هن پارسي خاندان سان هو، جيڪو 24 نومبر 2۰12 تي اسان کان هميشه جي لاءِ جدا ٿي ويو.

02 February, 2013

سيد علي اڪبر شاهه - ذوالفقار علي هيسباڻي


سيد علي اڪبر شاهه
سنڌ جي گهڻ رخي شخصيت
ذوالفقار علي هيسباڻي
تمام ٿورڙن ماڻهن کي اها خبر هوندي ته انسان ڇا آهي؟ هتي دنيا ۾ ڇو آيو آهي؟ ۽ سندس ڪاميابيءَ جو راز ڇا ۾ سمايل آهي؟ پر مرحوم سيد علي اڪبر شاهه جهڙا عظيم انسان، انهيءَ رندي رمز کان پوريءَ طرح واقف هوندا آهن. سائين سيد علي اڪبر شاهه ۲ فيبروري ۱۹۰۱ع ۾ حضرت سيد احمد شاهه بن سيد محمد شاهه جي حويلي ۾ جنم ورتو.

سيد اڪبر شاهه - علي ڏنو جروار

سيد اڪبر شاهه
سندس لکڻيون ۽ شخصيت
علي ڏنو جروار/حيدرآباد
سنڌ اُها ڌرتي ماءُ آهي، جنهن اڻ ڳڻيا عالم، ڏاها ۽ بهترين استاد پيدا ڪيا آهن. سيد اڪبر به انهن مان هڪ آهي. سندس تعلق سنڌ جي لاڙ پٽ واري حصي سان آهي. سنڌ جي لاڙَ واري علائقي تمام عظيم انسان اسان سنڌ واسين جي رهنمائيءَ لاءِ خلقيا آهن، جن ۾ شاهه عنايت شهيد، مولوي احمد ملاح، سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي، ابراهيم منشي ۽ سيد اڪبر جهڙا سدا ملوڪ شاعر، اديب، عالم ۽ صوفي شامل آهن.