; سنڌي شخصيتون: September 2017

05 September, 2017

محمد عظيم رند

محمد عظيم رند
ٽھڪ ڪڏھن به ناھن مرندا
ناصر پنھور
ڪالهه محمد عظيم رند به گذاري ويو. جيتوڻيڪ هو سنڌ يونيورسٽي ۾ مختلف انتظامي عهدن تي رهيو، ڪجهه عرصو پبلڪ رليشن آفيسر طور ڪم ڪيائين، پر سندس اصل سڃاڻپ هڪ طنز و مزاح جي ليکڪ هئڻ سان گڏ هڪ سماجي ڪارڪن واري آهي. بدين ضلعي جي ٽنڊي غلام علي جي ڀرسان ڳوٺ حاجي جاني رند ۾ جنم وٺندڙ عظيم رند هڪ ليکڪ طور ڄڻ ته علي احمد بروهي ۽ حليم بروهي جو تسلسل هئو. هو سنڌ يونيورسٽي ڪالوني جي سنڌي ادبي سنگت جي بنيادي ڪارڪنن مان هڪ هو. سندس دوستن ۾ شوڪت شورو، عبدالقادر جوڻيجو، عابد مظهر ۽ بلبل کورواهي شامل هئا. ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ ماهوار پارس جي اوائلي سٿ جو حصو رهيو. انهيءَ سٿ ۾ قاسم حيدر، نياز پنهور، ڊاڪٽر بدر سومرو، شفيع چانڊيو ۽ سريش ماکيجاڻي شامل هئا. پارس ۾ ئي هن باقاعده لکڻ شروع ڪيو. جنهن ۾ طنز و مزاح تي مبني سندس ڪيتريون ئي لکڻيو ڇپيون.

مسرور پيرزادو

مسرور پيرزادو
غزل جو خوبصورت شاعر
فياض جتوئي
بهترين نوجوانن ۾ اسان جوخوبصورت شاعر مسرور پيرزادو به آهي جنهن ٿوري وقت ۾ سنڌي شاعري کي ٽي سهڻا مجموعا ڏئي سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪرايو آهي.

احمر نديم ميمڻ

احمر نديم ميمڻ
ڪئناڊا ۾ سنڌ جو شانائتو خدمتگار
ذوالفقار شيخ (ٽورانٽو، ڪئناڊا)
سڌريل معاشرن ۾ فيس بوڪ ۽ سوشل ميڍيا جا ٻيا پليٽ فارم هڪ ٻئي سان ڄاڻ ونڍڻ لاءِ ڪم آندا پيا وڃن پر ڏٺو اهو ويو آهي ته اسان سنڌين جي گھڻائي فيسبوڪ کي هڪ پئي جا پٽڪا لاهڻ لاءِ ئي استعمال ڪري ٿي ۽ اهي پليٽ فارم ڪجھ دوستن جي هٿ ۾ ائين آهن جيئن ڀولڙي جي هٿ ۾ بندوق. اسان مان گھڻائي انقلاب جا فارمولا هٿ ۾ کنيو پيا هلن، جن تي عمل توهان اسان کان ئي ڪرائڻ چاهيندا ۽ جيڪر اسان مان ڪنهن انهن سان اختلاف ڪرڻ جي جرئت ڪئي يا شين کي انهن انقلابين جي نظرن سان نه ڏٺو ته پوءِ ڪله مري ويا. مون جڏهن سنڌ کان هزارين ڪوھ ڏور پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ماروئڙن جو چنگ چوريندڙ ڪردارن تي لکڻ جو سوچيو هيو ته اها به خبر هيم ته ان جي مخالفت به ٿيندي ۽ اهو ئي ٿيوجو گزريل هفتي منهنجي هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر اعجاز ترڪ تي لکيل ڪالم منهنجي دلبر اسحاق تنيو کي سفا ڪاوڙائي وڌو، هو پراڻو دوست به آهي ته اڪابر ۽ سنڌ پرست شاعر طور به سڃاتو ويندو آهي، مون سندس تنقيد کي اکين تي رکندي پنهنجي هن سلسلي کي ان ڪري جاري رکڻ جو سوچيو آهي ته شايد ان سان اسان جي نئين نسل کي سنڌ سان بي انتها پيار ڪندڙ اهڙن ڪردارن مان اتساھ ملي.

حاجي مولا بخش بوزدار - احسان علي لغاري

حاجي مولا بخش بوزدار
ناليوارو سگهڙ ۽ شاعر - ستاويھين ورسيءَ جي مناسبت سان
احسان علي لغاري
منهنجو بزرگ دوست فقير ولي محمد هنڱورو، پنهنجي ڪچهريءَ ۾ جڏهن به سگهڙن ۽ شاعرن بابت ڳالهائيندو هو ته پنهنجي مُربي استاد صادق فقير ڀنڀري ۽ ڪجهه ٻين سٺن شاعرن، جن سان هن گهڻو وقت گذاريو ۽ گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو، يا جن سٺن ماڻهن جي صحبت کيس نصيب ٿي، انهن جو  ذڪر ڪندو هو، ته حاجي مولابخش بوزدار جو ذڪر ضرور ڪندو هو. استاد ولي، معاشي طور غريب هوندي به علم ۽ ڄاڻ جي معاملي ۾ سندس دل اڇڙي ٿر جي واريءَ جي ڀٽن وانگر آهي، جيڪا سدائين پئي موجون هڻندي آهي، ڪنهن به موضوع تي ڳالهائبو ته ٻئي جي ڳالهه روڪي به پنهنجي ڳالهه ٻڌائيندو ۽ اهڙي ته معلومات ڏيندو جو وڃي ٿئي خير، ۽ وري جي خبر نه هوندس ته صفا هٿ مٿي کڻي سڌو ڪندو ۽ چوندو بابا ان بابت خبر ناهي. مون سميت ادبي دنيا جو وڏو حلقو کيس چاهي ٿو، ۽ سڀني کي خبر آهي ته استاد ولي پنهنجي ڳالهين ۽ ڄاڻ ۾ صفا کرو ماڻهو آهي. مون کي به سندس انهيءَ ادا متوجه رکيو آهي، ۽ خوش نصيبي آهي جو سندس صحبتين ۾ شامل آهيان.

لياقت علي سومرو- ساجد مسڻ

لياقت علي سومرو
سماج سُڌارڪ جون سماجي خدمتون
ساجد مسڻ
اسان کي آڱرن تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ملندا، جيڪي پنهنجي سموري زندگي خلق جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيندا آهن. انهن ۾ سماج سڌارڪ، روشن خيال، شاگرد دوست، علم و ادب دوست ۽ عوام دوست لياقت علي سومرو به هڪ آهي. هن جو جنم محترم خدا بخش سومرو جي گھر ۰۱-۰۶-۱۹۵۹ع ۾ اباڻي ڳوٺ سيهڙ ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ئي اباڻي ڳوٺ سيهڙ ۾ حاصل ڪئي. هن ميٽرڪ ۱۹۷۷ع ۾ گورنمينٽ حيدربخش جتوئي هاءِ اسڪول ڏوڪري مان ڪئي ۽ انٽر به ۱۹۷۹ع ۾ گورنمينٽ حيدربخش جتوئي سائنس ڪاليج ڏوڪري مان ڪئي.

ناصر زهراڻي - ‫عيسيٰ ميمڻ

ناصر زهراڻي
تاريخ جو روشن باب

عيسيٰ ميمڻ
جُڳن جي تاريخ ۾، انسان پنهنجي وندر ورنهن تفريح ۽ اصلاح لاءِ قصا، ڪهاڻيون ۽ داستان وغيره نه صرف پيش ڪندو رهيو آهي پر انهن جي محفوظ ڪرڻ لاءِ غارن/پٿر واري دؤر کان اڄ جي جديد ٽيڪنالوجي دؤر تائين ڪوششون به ڪندو رهيو آهي. ڇا ڪاڻ ته اهي قصا ڪهاڻيون توڙي داستان پنهنجي ذات ۾ خود هڪ تاريخ به رکن ٿا. اهي سڀ ڳالهيون مجموعي انسان ذات جون نه صرف ميراث آهن پر جديد اب جو بنياد به آهن. سنڌي ادب جي شروعات هونئن ته نظم سان ٿي آهي، جنهن ۾ جنگي، رومانوي ۽ خيالي داستان ۽ قصا بيان ڪيا ويا آهن جيڪي اڄ تاريخ جو املهه حصو آهن ۽ نثري صنفن جي شروعات خطن سان ٿي آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ قديم ترين خط راجا ڏاهر جو ڇهين صديءَ ۾ ملي ٿو. باقي نثري صنفن جو باقاعده آغاز انگريز دؤر کان نظر اچي ٿو. جنهن ۾ ڪهاڻي، مضمون، ناول، ترجمو، تحقيق، وغيره جهڙا علم شامل آهن. انهن نثري صنفن ۾ ناول جي شروعات ته داستان ۽ قصا آهن جن ۾ ”بوبنا ۽ ڄام جراڙ“، ”لاکو ۽ مهر راڻي“، ”اڍو ڪيهر“ ۽ ”هوٿل پري“ وغيره مهم جوئي عشقيه داستان رهيا آهن جيڪي اڳتي هلي مغربي ناول جي اثر ۾ سنڌي ناول جو بنياد بڻيا. ان کان اڳ دنيا جو پهريون ناول سروانٽس (Cervants) جو ڊان ڪنگز وٽ Don Quingzote اسپين ۾ ۱۶۰۵ع ۾ شايع ٿيو هو. سنڌيءَ ۾ پهريون ناول جانسن جي انگريزي ناول ”راسيلاس“ جو ترجمو ڪري ۱۸۷۰ع جي منشي اڌرام ٿانو داس، ۽ ساڌو نولراءِ شايع ڪرايو. جنهن کان پوءِ اصلو ڪا ناول لکڻ جو آغاز پڻ ٿيو. جنهن ۾ ۱۸۸۵ع ۾ مرزا قليچ بيگ جو ناول رستم پهلوان ۽ ۱۹۹۰ع ۾ ”زينت“ ناول شامل آهن. ان کان اڄ تائين سنڌي ادب ۾ ناول ترقي ڪري سماجي مسئلن کان قوميت، صوفي ازم، دهريت، اشتراڪيت جي موضوعن تي لکيا ويا آهن. جنهن سان سنڌي ادب جي جهولي مالا مال ٿي آهي.

04 September, 2017

محمد سالار جيسر

محمد سالار جيسر
سؤ سالن جي جيئري جاڳندي تاريخ
محمد رمضان ساريو
منهنجي ننڍڙي ڀاءُ محبوب علي سارئي ۲۰۱۶/۰۶/۲۱ تي منجهند جو ۰۲ وڳي مون کي ٻڌايو ته مخدوم پير ٻڍل سائين ڳوٺ محمد بچل جيسر واهڻ مهراڻ شاخ تي آيو آهي ۽ اوهان کي صحبت جي حوالي گهڻو ياد پيو ڪري. رات خير سان گذاري صبح جي نماز پڙهي پنهنجي ڀاڻج پرويز علي سارئي کي چيم ته موٽر سائيڪل ڪڍي اچ ته مخدوم ٻڍل سائين سان ملي اچئون.

سيٺ هرڀڳوانداس بٺيجا - حسيب ناياب منگي

سيٺ هرڀڳوانداس بٺيجا
حسيب ناياب منگي
سنڌ جي وشال ڌرتي، جتي هزارين هيرن ۽ لعلن جو جنم ٿيو آهي، جن نه صرف غريبن جي سهائتا لاءِ پنهنجو مال خرچ ڪيو، پر علم جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ هنن جون خدمتون ڪٿي ٿيون وساري سگهجن. سيٺ هرڀڳوانداس ڌنومل بٺيجا جو شمار به سنڌ جي انهن مهاپرشن ۾ ٿئي ٿو، جن تعليم کي هٿي وٺرائڻ خاطر پنهنجي مايا وارا مٽ کولي اچي سڀ جي آڏو پيش ڪيا. سندن اهڙي عمل سان سنڌ جون الائجي ڪيتريون نسلون سڌريون ۽ علمي زيور سان نوازجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ لڳيون.

ڊاڪٽر محمد علي شيخ

ڊاڪٽر محمد علي شيخ
سنڌ مدرسته السلام يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر سان ملاقات

انٽرويو: ڊاڪٽر قاسم راڄپر
رپورٽ: اسد مماز رڏ


سوال : سنڌ مدرسي کي اسڪول مان يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟
جواب : ادا، اگر توهان ٽائيم مشين جي ذريعي ۱۳۰ سال پوئتي هليا وڃو ته توهان کي اهڙي سنڌ ڏسڻ ۾ ايندي، جنهن ۾ ۷۵ سيڪڙو مسلمان، ۲۲ سيڪڙو هندو ۽ ۳ سيڪڙو عيسائي، پارسي ۽ يهودي رهندا هئا. انگريزن جي تعليمي نظام، مولوي طبقو قبول نه ڪندو هو. اهو نه چاهيندو هو ته اسان جا ٻار انهن اسڪولن ۾ پڙهن. جڏهن ته ٻين مذهبن جا اسڪول موجود هئا. نتيجو اهو نڪتو ته سنڌ جو مسلمان، جيڪو آباديءَ ۾ ۷۵ سيڪڙو هو؛ ان وٽ نه نوڪريون هيون، نه ڪاروبار هو.  فقظ زراعت هوندي هئي ۽ ان به هڪڙا وڏيرا هوندا هئا، ٻيا هاري هئا. جيڪي سڄو ڏينهن پيٽ جي لاءِ پريشان هوندا هئا. سنڌ سڀا، جنهن جو صدر هو ڏيارام ڄيٺمل ۽ حسن علي آفندي نائب صدر هو. انهيءَ سنڌ سڀا جي هڪ اجلاس ۾ چيو ويو ته؛ سنڌ ۾ ڪاليج ڪو نه آهي. تنهن ڪري سنڌ ۾ سنڌ آرٽس ڪاليج کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جنهن تي حسن علي آفندي چيو ته؛ سڄي سنڌ ۾ فقط ٽي شاگرد آهن، جن مئٽرڪ پاس ڪئي آهي، ڪاليج کولڻ سان انهن ٽن کي ته فائدو ٿيندو، باقي سڄي سنڌ ان مان فائدو حاصل ڪري ڪو نه سگھندي. سو مان هڪ اهڙو ادارو کولڻ چاهيان ٿو، جنهن مان سموري سنڌ کي فائدو ٿئي ۽ سنڌ جو جيڪو اڻپڙهيل ماڻهو آهي، ان جو اهو اعتراض به ختم ٿئي ته جڏهن ان جو ٻار جيڪڏهن انهن ادارن ۾ پڙهندو ته اهو مذهب کان پري نه ٿيندو. اڳتي هلي سنڌ سڀا ٽٽي پئي. ڏيارام وارن سنڌ آرٽس ڪاليج (هاڻوڪو ڊي جي سنڌ ڪاليج) ۽ حسن علي آفندي سنڌ مدرسو قائم ڪيو. وائسراءِ هند هڪ ئي ڏينهن تي، انهن ٻنهي ادارن جو افتتاح ڪيو هو. هن اداري جو بنيادي مقصد سنڌ جي مسلمانن کي تعليم ڏيڻ هئو. پر فقط مسلمان نه ٻين مذهبن جا استاد ۽ ٻار به هن اداري ۾ رهيا. جيئن علي ڳڙهه جو مثال موجود هو، جيڪو ۱۸۷۵ ۾ اسڪول طور تي قائم ٿيو، ۱۸۷۷ ۾ ڪاليج بڻيو، جنهن کي محمدن اورينٽيئل ڪاليج سڏيو ويندو آهي، ۱۸۹۸ع ۾ سر سيد  ته انتقال ڪري ويو، پر علي ڳڙهه کي ۱۹۲۰ع ۾ يونيورسٽي بڻايو ويو. هي ادارو به علي ڳڙهه جي ماڊل تحت ٺاهيو ويو. جنهن مهل هي اداري ٺهي پيو، ان وقت سر سيد احمد خان جي ملاقات ،حسن علي آفندي سان ٿي هئي. جنهن ۾ سر سيد احمد خان، حسن علي آفندي کي چيو؛ فقط اسڪول جو نه سوچو، هن کي ڪاليج ۽ پوءِ  وري يونيورسٽيءَ ۾ تبديل ڪجو. پوءِ اهو خواب هلندو رهيو. ڪاليج وارو خواب ۱۹۴۳ع ۾ پورو ٿيو. جنهن جو افتتاح محمد علي جناح ڪيو هو. محمد علي جناح پنهنجي ملڪيت جو ٽيون حصو به هن اداري کي ڏنو هو. پوءِ وري مختلف مرحلن ۾ ڪاليج، اسڪول کان جدا ٿيندو رهيو. مان جڏهن ۱۹۹۴ ۾ هتي آيس ته مون کي هميشه اهو احساس ٿيندو هو، ته سنڌ جو هي ادارو هڪ سؤ کان وڌيڪ سالن جو هئڻ جي باوجود، اسڪول ئي آهي. علي ڳڙهه، اسڪول کان يونيورسٽيءَ تائين پهچي ويو. ان جو وڏو نالو آهي، پر هي ادارو اتي جو اتي ئي آهي. ان وقت ته اسان وٽ اسڪول ڪو نه هئا پر هاڻ ته گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ اسڪول آهن. اهو ائين ئي آهي، جيئن هڪ ٻار ڄمي ۽ اهو اُتي جو اُتي ئي رهي. سو اڄ سنڌ کي سٺي يونيورسٽيءَ جي ضرورت آهي، جيڪا سڄي سنڌ جي ٻارن کي ائين ئي تعليم ڏئي، جيئن ۱۸۷۵ع ۾ سنڌ مدرسي اسڪول جي حيثيت ۾ ڏني هئي. سنڌ ۾ سرڪاري يونيورسٽين جو معيار سٺو ناهي رهيو.

دوست علي پيرزادو - ستار پيرزادو

دوست علي پيرزادو
مڙس مڻيادار
ستار پيرزادو
اسان جو ڏاڏو عبدالعظيم، حاجي لعل بخش شيخ جو سڳو سوٽ هو. کيس اولاد ۾ نَو پٽ هئا، ڌيءَ پيدا ئي ڪا نه ٿيس. مون پنهنجو ڏاڏو ڪو نه ڏٺو. مان سندس ننڍي پٽ دوست عليءَ جو پهريٺي پٽ آهيان. اسان جا چار چاچا ته ڳوٺ فيدر، يعني هن ڳوٺ ۾ اچڻ کان اڳئين ڳوٺ ۾، بنا شاديءَ جي فوت ٿي ويا هئا. اسان جو ڏاڏو به ان ئي ڳوٺ ۾ اجل جو راهي بڻيو هو. سندس گھر واري حاجي لعل بخش شيخ جي ڀيڻ هئي، جيڪا به هن ڳوٺ ۾ اچڻ کان پوءِ اجل جو سڏ اونائي راهي بڻجي وئي.

شهزادو لانگاهه - تجمل حسين

شهزادو لانگاهه
سنڌ جو خاموش خدمتگار
تجمل حسين
شهزادو لانگاهه، هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان، ايمنسٽي انٽرنيشنل، پروگريسو رائيٽرس ايسوسيئيشن، سنگي، انساني حقوق پارٽي آف پاڪستان، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ڪراچي برانچ جو فنانس سيڪريٽري، آل پاڪستان لانگاهه جماعت جو اهم رڪن وغيره به آهي. هڪ عاجز مخلص، همدرد، سيلف ميڊ، معصوم شخصيت کان علاوه هر انسان کي وڏي عزت ۽ احترام سان پيش ايندو آهي. انهن جي جائز قانوني ۽ اخلاقي مدد به ڪندو آهي.

ڪامريڊ غلام حسين لغاري - نثار لغاري

ڪامريڊ غلام حسين لغاري
هڪ آدرشي انسان
نثار لغاري
ڪامريڊ غلام حسين لغاري يقينن هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو پر سندس خيال يا آدرش تمام گهڻا عظيم هئا. هو هڪ مسڪين پورهيت طور پنهنجي زندگي شروع ڪري ٿو. ماءُ ۽ پيءَ جي مسڪين هجڻ سبب، ھن پگهار تي ٻالڪ-جتيءَ ۾ ئي، ٻڪريون چارڻ سان پنهنجي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. هي ڏک اهو ئي ڄاڻي سگهي ٿو، جيڪو ننڍپڻ ۾ پورهيو ڪندڙ رهيو هجي يا مسڪينيءَ حال ۾ رهيو هجي يا وري هڪ ڪامريڊ جي بقول ميڪسم گورڪيءَ جي زندگي جهڙا شاهڪار ڪتاب پڙهيا هجنس جن ۾ هو روس توڙي دنيا جي هر غريب جي زندگي کي ناول ۽ ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ عڪس ڪري ٿو. بهرحال اسين وري ڪامريڊ غلام حسين طرف واپس اچون ٿا.

سيد پريل شاھ - آزاد انور ڪانڌڙو

سيد پريل شاھ
آزاد انور ڪانڌڙو
مجسما ساز سيد پريل شاھ ھاڻي ھن بي وفا دنيا ۾ناھي رھيو. ھن جنھن چيڪي مٽيءَ کي سينگاري سنواري مجسمن جي فن کي نوان روپ ڏنا افسوس ته ھن پنھنجي سڄي زندگي غربت، مفلسي، مالي پريشاني ۽ بيمارين ۾ گذاري. سيد پريل شاھ سڄي عمر مجسما سازي جي فن کي رت ۽ ست ڏنو افسوس ته موٽ ۾ ھي فن سندس پيٽ به پالي نه سگھيو ۽ نه ئي بيماريءَ ۾ سندس واھر ٿي سگھي.

سني پنهور - ڊاڪٽر قاسم راڄپر

سني پنهور
ايم ايڇ پنهور ٽرسٽ جي چيئرمين سان ملاقات
انٽرويو وٺندڙ: ڊاڪٽر قاسم راڄپر
ايم ايڇ پنهور جو شمار سنڌ جي ڪجهه انهن شخصيتن ۾ ٿئي ٿو، جن هڪ کان وڌيڪ شعبن ۾ سنڌ جي خدمت ڪئي آهي. سندس وفات کانپوءِ سندس ڇڏيل ڪم سندس پُٽ سني پنهور اڳتي وڌائي رهيو آهي. لاس اينجلس ۾ سانا ڪنوينشن منعقد ڪرائڻ ۾ سندس اهم ڪردار هو، ڪنوينشن کانپوءِ ساڻس ڪچهري ٿي، جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي ايم ايڇ پنهور ٽرسٽ جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون.

سردار ڄام تماچي - آفتاب ميمڻ

سردار ڄام تماچي
ولد فقير رسول بخش اُنڙ
آفتاب ميمڻ
پنهنجي آتم ڪهاڻي لکندي نواب شاهه جو ذڪر نه ڪريان ته زندگي جو هڪ پهلو واکرو نه ٿيندو. ڪي ڳالهيون شايد ونڊڻ جون آهن ته ڪي بي سبب ۽ بي ساڃاهه ٿي وڃن ٿيون. انهن ۾ هڪ حال اورڻ جهڙي ۽ نه وسرڻ جهڙي سردار ڄام تماچي سان نيازمندي جو آهي. مون کي خوشي ٿيندي آهي ته منهنجي سردار ڄام تماچي اُنڙ جهڙي نفيس، ملنسار ۽ انصاف پسند انسان سان نه صرف ملاقات رهي پر ڪافي گهرائپ رهي آهي. اِها ٻي ڳالهه آهي ته پنهنجي سست طبيعت ۽ قنوطيت پسندي جي شڪار هئڻ جي ڪري نه صرف ڄام تماچي اُنڙ پر الائي ڪيترن ناياب هيرن سان رشتي جي سٻنڌ جي لڙي مضبوط رکي نه سگهيس. صرف نواب شاهه جو ئي هڪ ٻيو ناياب هيرو سيد امداد محمد شاهه هيو جنهن سان اُتي هوندي ڪچهريون ته ڪافي ٿيون. سيد امداد محمد شاهه ۽ منهنجي گڏيل ڪوششن سان پهريون ڀيرو عاشقن جي عاشق حمل فقير جو ميلو لڳو. جنهن ۾ حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي جي صلاحڪار وزير ميمڻ صاحب نه صرف شرڪت ڪئي پر اهڙي ريت پئجي ويئي جو وري هر سال حمل فقير جو ميلو باقاعدگيءَ سان لڳڻ شروع ٿيو. پر پوءِ سيد امداد شاهه صاحب سان يا سندن پونئيرن خاص طور زين شاهه جو مون کي ڏاڍو پيارو لڳندو هو، سان اچڻ وڃڻ جي ريت نڀائي نه سگهيس. ٿي سگهي ٿو منهنجي انهيءَ عمل جي پويان دل ۾ ويٺل هڪ مضبوط سوچ هجي ته سنڌ جي سردارن، وڏيرن، ميرن ۽ پيرن لاءِ وچولي طبقي جو سرڪاري آفيسر صرف تيسين سندن برابري جي لائق آهي جيسين هو سرڪاري مُسند تي آهي. اُن کانپوءِ هو صرف سندن ”ماڻهو“ هوندو آهي. سنڌ جي وڏيرن ۾ مون چند ماڻهن ۾ اهڙي ديده بينا ڏٺي هوندي جو هو انساني رشتن کي ئي مضبوط سمجهندا آهن. اِهو خيال فاسد ۽ باطل به ٿي سگهي ٿو. ماڻهوءَ جا مونجهارا گهڻا هوندا آهن ۽ هر ماڻهوءَ جو اندازو درست نه هوندو آهي. پر، ڄام تماچي اُنڙ ماڻهن جي انهيءَ قبيلي مان ڪو نه آهي. هو هڪ فهميدو انسان دوست ۽ پيار ڪندڙ شخص آهي.