سوڀو گيانچنداڻي
مهين جي دڙي جو ماڻهو
امان الله شيخ
ڳپل ورهيه اڳ جي ڳالهه آهي ته لاهور جو هڪ وڪيل ۽
ناميارو سياستدان، لاڙڪاڻي ڏانهن اچي رهيو هو، ان کان سندس هڪ واقفڪار پڇيو: ڪيڏانهن وڃو پيا؟.
”مان
لاڙڪاڻي وڃي رهيو آهيان“
”موهن جو دڙو ڏسڻ وڃو پيا لاشڪ“
”مان موهن جي دڙي کان به وڌيڪ عظيم ۽ اڏول انسان
سان ملاقات ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان.“
ڪير آ اهو؟ واقف ڪار اتاولائيءَ منجهان پڇيس
”سوڀو! ڪامريڊ سوڀو“.
اهو ماڻهو هو ميان محمود علي قصوري، جيڪو لاهور
منجهان ڪهي موهن جي دڙي کان به وڌيڪ مهان هستيءَ سان ملڻ آيو هو. اهو اڏول انسان
جنهن کي اسين سڀئي پيار ۽ پنهنجائپ جي ڪري ڪامريڊ سوڀو سڏيندا آهيون ۽ کيس ڪل وقت
ڪرانتڪاري/ انقلابي/ ساميه واد/ ڪيمونسٽ، اديب، ڏاهو، سنڌ شيوڪ ۽ انسانيت جو
خيرخواهه سمجهندا آهيون.
ڪامريڊ سوڀو سنڌ جي سياسي ۽ ادبي ميدان جو اهو
اڙٻنگ ۽ ارڏو شهسوار آهي جنهن چوڏس اوندهه، انڌوڪار، نااميدي ۽ نراسائيءَ جي حالتن
۾ هار مڃڻ کان انڪار ڪيو، سوڀو اپکند جي آيل سياسي جاڳرتا جو اهو روشن ستارو آهي
جنهن جي روشني ورهين جي سفر کان پوءِ به جهڪي ڪا نه ٿي آهي. ان تابناڪ پد ۽ مان
حاصل ڪرڻ لاءِ سوڀي کي مصيبتن ۽ مامرن جو اجهاڳ سمنڊ اڪرڻو پيو، ان لاءِ ضروري آهي
ته ماضي جي ڪو هيڙي ۾ گم ٿيل ڪڙين کان ابتدا ڪيون.
اپکنڊ جي ورهاڱي کان اڳ سوڀو، آڱرين تي ڳڻن جيترن
سنڌين منجهان هئو جن اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. ڪامريڊ جي مائٽن جي مرضي هئي ته سوڀو،
انڊين سول سروس (ICS) جو اعليٰ امتحان ڏئي ڪنهن وڏي عهدي تي پهچندو، پر شانتي نڪيتن ۾
تعليم دوران، سوڀي جي ڏيٺ ويٺ بنگال جي انقلابين سان ٿي، جنهن ڪري سوڀو بغاوت جو
شعلو بڻجي، سورن ڀريل سماج کي ڀڃي ڀورا ڪرڻ جي اعليٰ امتحان ڏيڻ جو پڪو پهه ڪري
چڪو هو.
سج سڀاڻي جا ڪري سائي ساميءَ روءِ،
اچي ٿي اترجي، منجهان مگٽ بوءِ
سا ڏيکاريون جوءِ، جتان لاهوتي لال ٿيو. (شاهه)
سوڀو جيستائين اپريل 1941ع ۾ ڊگري وٺي سانتي نڪيتن
منجهان سنڌ موٽيو، اوستائين سندس علمي ۽ سياسي ڌاڪو ۽ غوغاءُ پکڙجي چڪو هو جنهن جو سندس هڪ ساٿي گوبند مالهي پنهنجي آتم ڪٿا ”ادب ۽ اديب“ ۾
مختصر طور پر دل ۾ پيهي ويندڙ نموني ذڪر ڪيو آهي. ان ۾ لکيو اٿس ته ليکو تلسياڻي
ٻڌايو ته پاڻ سان رهڻ لاءِ هڪ ٽيون ساٿي اچي رهيو آهي. سو ”هن جو قدآور دوست هو،
ٺاهوڪو هو، ماهر هو، ڇا ڇا نه هو، شانتي نڪيتن مان بي اي پاس ڪئي هئائين ۽ پنهنجي
شادي جي طئه ڪيل تاريخ کان هڪ ڏينهن پوءِ پهتو هو. هن جي دوست جو نالو هو سوڀو
گيانچنداڻي“.
سوڀو جيئن ئي ڪراچي پهتو ته وڪالت جي تعليم حاصل
ڪرڻ لاءِ شهاڻي ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. ان سان گڏوگڏ شاگرد هلچل ۾ سرگرميءَ سان
حصو وٺڻ لڳو، جنهن ڪري ستت ئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو. جڏهن مهتما گاندي 7 آگسٽ 1942ع تي برطانيا خلاف ”هندوستان خالي ڪريو“ هلچل هلائڻ
جو سڏ ڏنو ته سنڌ اسٽوڊنٽنس فيڊريشن به سرڪار خلاف تحريڪ ۾ ڪاهي پئي. ان تحريڪ ۾
سوڀي جي سرگرم ٿي حصو وٺڻ جي ڪارڻ 11 آگسٽ 1942ع تي گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ٿيا،
پر ڪامريڊ پاڻ کي سرڪار آڏو گرفتاريءَ لاءِ پيش پوڻ جي بدران زير زمين تحريڪ کي ڇو
هو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. نيٺ 24 جنوري 1943ع ۾ جهلجهي پيو ۽ جولاءِ 1944ع تائين سرڪار
جو مهمان رهيو. ڪامريڊ جيئن ئي جيل مان ٻاهر نڪتو ته بنان ساهي کڻڻ يا ٿڪ ڀڃڻ جي
وري به پورهيتن ۽ پيڙهيل طبقن جي سهائتا لاءِ کين منظم ڪرڻ جي ڪم ۾ جنبي ويو،
هوڏانهن جديد سنڌي ادب جي اڏاوت ۾ به پنهنجو حصو پتي ادا ڪرڻ ۾ پير پوئتي ڪو نه
رکيو. اڄ اسان جي ادبي کيتر جون تابناڪ ۽ جرڪندڙ هستيون شيخ اياز، جمال ابڙو، رشيد
ڀٽي ۽ رسول بخش پليجو، سوڀي جي ذڪر کان سواءِ اڻپوريون
۽ ٻسيون آهن.
بهرحال سوڀو ڪل وقتي ڪامريڊ بڻجي ڪميونسٽ پارٽيءَ
جي جهنڊي هيٺ جدوجهد ۾ سرگرمي سان حصو وٺڻ لڳو، ڪراچي ۾ پارٽي جي ڪميون ۾ سادگي
سان رهڻ لڳو، نيٺ اپکنڊ جي تواريخ ۾ هڪ اڻ وسندڙ واقعو پيش آيو. سامونڊي فوج جي
هڙتال 19 فيبروري کان 21 فيبروري 1946ع تائين ٿي. انهي تواريخي هڙتال ۾ برطانيا
سرڪار خلاف بغاوت ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ سنئون سڌو حصو ورتو. سنڌ (ڪراچي ۾) بغاوت جو
علمبردار ڪامريڊ سوڀو هو، جيڪو اڳتي هلي گرفتار ٿيو، هونئن سامونڊي فوج جي بغاوت
ڪراچي کان سواءِ بمبئي، ڪلڪتي ۽ ٻين بندرگاهن تائين پکڙجي وئي پر عوام جي مڪمل
سهڪار حاصل ڪري نه سگهي جنهن جي نتيجي ۾ لاڀائتي بڻجي نه سگهي. پر ان بغاوت سامراج
جي ڀاري برجن کي لوڏي ڇڏيو، اپکنڊ جو ورهاڱو ٿيو، پاڪستان ۽ هندستان جي نالي سان
ٻه ڌار ملڪ آزاد ٿيا.
ڪيترا ئي ڪامريڊ ۽ اديب جن ۾ اتم، گوبند مالهي،
موهن ڪلپنا، ڪرشن راهي ۽ حشو ڪيول راماڻيءَ جا نالا وٺي سگهجن ٿا، سي سنڌ ڇڏي هند
راهي ٿيا. پر جنهن سنڌ جي لائق فرزند جنم ڀوميءَ ڇڏڻ کان صريحًا انڪار ڪيو، سو
سوڀو گيانچنداڻي هو. جڏهن گوبند مالهي، سوڀي کان موڪلائڻ آيو ته کيس غمگين نظرن
سان تڪيندي چيائين:
”هتان جيڪي وڻئي سو کڻي وڃ، شاهه جو رسالو سنڌ جي
امانت آهي ان کي سنڌ ۾ رهڻ ڏي“.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ رهڻ جو فيصلو ڪرڻ سان
ڪامريڊ سوڀي جي سورن جو نئون سفر شروع ٿيو، اهو هيئن جو 16 اپريل 1948ع تي ملڪ جي
ڪنڊڪڙڇ ۾ ڪميونسٽن جي گرفتاري شروع ڪئي وئي. هندو ڪامريڊن کي آڇ ڏني وئي ته جيڪڏهن
اهي هتان لڏي ويندا ته کين آزاد ڪيو ويندو. پر سوڀي ان آڇ کي رد ڪري ڇڏيو. ساندهه
چار ورهيه بنديخانن ۾ بند رهڻ کان پوءِ به سندس عزم ۽ ارادي ۾ ڪو به لوڏو ۽ لچڪ
پيدا ڪا نه ٿي. نيٺ فيڊرل ڪورٽ پاڪستان ملڪ جي پهرين آئيني درخواست تي فيصلو ڏيندي
3 مارچ 1952ع تي سوڀي کي آزاد ڪري ڇڏيو. ڪامريڊ جيئن ئي جيل کان ٻاهر نڪتو ته سي
آئي ڊي جو ڪماني اڪبر مرزا (مشهور اداڪاره رينوڪا ديوي عرف رشيده مرزا جو مڙس) ساڻس مليو ۽ چيائينس: مسٽر سوڀا! مان تو کي صلاح ڏيان ٿو ته هي ملڪ ڇڏي وڃ.“
”مسٽر مرزا، هيءَ منهنجي جنم ڀومي ۽ منهنجو وطن
آهي. مان ڇو ڇڏي وڃان؟ پر توهان مون کي صلاح ڇو ٿا ڏيو؟ سوڀي پڇيس.
اڪبر مرزا ڪاوڙ ۾ نهاريندي سوڀي کي چيو: ”مان تو کان
نفرت ڪيان ٿو“
”ڇو؟ سوڀي سواليه انداز ۾ پڇيو“.
”ان جا ٽي ڪارڻ آهن. هڪ ته تون ڪميونسٽ آهين، ٻيو
هندو آهين ۽ ٽيون سنڌي آهين.“
ڪامريڊ پڇيس؛ ”مسٽر مرزا، مون کي اهو ته سمجهه ۾
اچي ويو ته تون ڪميونسٽ ۽ هندوءَ کان نفرت ڇو ٿو ڪرين، پر ڇا سنڌي ٿيڻ به گناهه
آهي؟“
”ان لاءِ جو سنڌين کي مٿي ۾ مڳي آهي ۽ اهي هن ملڪ
جي ڪاروبار ۽ وهنوار ۾ پاڻ کي ڀاڱي ڀائيوار سمجهن ٿا“. مرزا ڏڪندي چيو.
بهرحال ڪامريڊ جيئن جيل کان ٻاهر آيو ته پوئتي
(سنڌ ۾) ڇڏيل ميڙا ۽ ميڙاڪا، ساٿي ۽ سرواڻ ماضيءَ جو داستان بڻجي ويل هئا. آل
انڊيا ڪميونسٽ پارٽيءَ جي غلط ۽ غير منطقي فيصلي جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين
حصن ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ اردو ڳالهائيندڙ مهاجر ڪامريڊن جا ڪٽڪ اچي لٿا هئا. انهن
ڪامريڊن ڪميونسٽ انقلاب آڻڻ جي خفت ۽ سوداءَ ۾ سنڌ جي قومي سڃاڻپ تهذيب، ٻولي ۽
ثقافت جي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کي ڌيان لائق ڪو نه سمجهيو. سنڌين جي مفادن ۽ مسئلن کي
تنگ دل ۽ مخصوص مفادن جي آئيني ۾ ڏسڻ جا عادي بڻجي پيا هئا. پر جيڪڏهن ڪامريڊ سوڀو
انهن جي گهيري ۾ سنڌي قوم ۽ سندس تشخص کي مضبوط ۽ سگهاري نموني رکڻ جي ڪوشش ڪندو
هو ته اردو ڪامريڊن جي اڪثريت کيس سواليه ۽ معنيٰ خيز نظرن سان ڏسندي هئي، پر سوڀو
کين تلقين ڪندي چوندو هو. ڪامريڊو! جيستائين توهان شاهه جي رسالي جو اڀياس نٿا
ڪيو، اوستائين سنڌي عوام جو مزاج سمجهڻ ۾ اوهان کي ڏکيائي ٿيندي، اوهان ڪڏهن به
سنڌين جي دل ۽ دماغ تي اثرائتا بڻجي ڪو نه سگهندا. 1954ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي
بندش لاڳو ٿي. سنڌ ۾ ظاهري طور جنهن ڪميونسٽ کي گرفتار ڪيو ويو ته اهو ڪامريڊ سوڀو
هو. ڪامريڊ سوڀو، ملڪ جي مٿان حڪمراني ڪندڙن جي اک ۾ ڪنڊي وانگر چڀي رهيو هو، جو
ڪامريڊ جي آزادي لاءِ محترم جي ايم سيد مرحوم عبدالستار پيرزادي (تڏهوڪي وزيراعليٰ
سنڌ) کي چيو ته ٺهه پهه جواب ڏنائين.
نيٺ سوڀو جون 1955ع ۾ جيل ياترا پوري ڪري ٻاهر
آيو، پر ملڪ ۾ ترقي پسند، روشن خيال ۽ قوم پرست ڌريون انتشار ۽ ڇڙواڳيءَ جي ڌٻڻ ۾
ڦاٿل هيون. اهڙي صورتحال ۾ به سوڀو هڪ سچي ۽ کري مارڪس واديءَ وانگر سڀني هم خيال
ڌرين کي يڪجا ڪري هڪ جمهوري ۽ انقلابي محاذ ٺاهڻ لاءِ جاکوڙيندو رهيو. ڪجهه عرصي
کان پوءِ سموري ملڪ جي محب وطن، ترقي پسند ۽ روشن خيال ماڻهن جهڙوڪ خان عبدالغفار
خان، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي ايم سيد، عبدالصمد اچڪزئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي،
مير غوث بخش بزنجي ۽ پروفيسر مظفر سان گڏجي نومبر 1956ع ۾ پاڪستان نيشنل پارٽي
ٺاهي. ان زماني ۾ مولانا ڀاشاني جي عوام ليگ سان اڻبڻت ٿي پئي ۽ جون 1957ع تي ڍاڪا
۾ وسيع تر بنيادن تي سامراج مخالف ۽ ترقي پسند نيشنل عوامي پارٽيءَ جو بنياد رکيو
ويو. انهي پارٽي يا گڏيل اتحاد ٺاهڻ ۾ سوڀي جو ڪارائتو ۽ اثرائتو حصو هو، هن
ڪميونسٽن ۽ قومپرستن کي يڪجا ڪيو، ساڳئي سال ڪراچيءَ ۾ ڪامريڊ سوڀي ”نئين سنڌ“
اخبار جي ادارت سنڀالي، انهي اخبار جو مالڪ جناب جي ايم سيد هو پر اخبار کي حقيقي قومپرستانه
۽ ترقي پسندانه رنگ ڏيڻ ۾ سوڀي جي محنت ۽ جفاڪشيءَ کي نظرانداز ڪري نٿو سگهجي. ڪامريڊ جي بقول ته سيد صاحب ڪڏهن به سندس انتظامي معاملن ۾ مداخلت نه ڪئي. 7
آڪٽوبر 1958ع ۾ ملڪ تي فوجي جنرل ايوب خان جي سربراهي ۾ قبضو ڪري مارشلا هڻي ڇڏي. مارشلا لڳڻ سان ڪامريڊ کي 11 آڪٽوبر 1958ع تي ڳوٺان گرفتار ڪيو ويو. آخرڪار ميان
محمود علي قصوري جي پٽيشن داخل ڪرڻ تي سوڀو 28 مئي 1959ع تي آزاد ٿيو.
سال 1965ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لڙائي لڳي
ته کيس گرفتار ڪري سينٽرل جيل سکر اماڻيو ويو.
ڪامريڊ فيبروري 1966ع ۾ جيل ياترا تان موٽي آيو ته دائمي طور ديرو ڄمائي لاڙڪاڻي
اچي ويٺو، ساڳي وقت سياسي کيتر ۾ نوجوان نسل جي ڪلهن تي سوار ٿي پنهنجي قدڪاٺ
وڌائڻ جي بدران سنڌ جي نئين ٽهي جي هڪ استاد ۽ عالم جي حيثيت ۾ رهنمائي ڪئي. اڄ
اسين جيڪي ڪجهه آهيون سندس رهنمائي ۽ رهبريءَ جا احسان مند آهيون. سوڀو پنهنجي مومڀي
پٽ ڪنعيي جي وفات کان پوءِ ڀُري پيو آهي، پر پنهنجي ارادي ۽ عزم ۾ اڄ به هالار
وانگر پيرن تي پختو آهي. ان اڏول انسان سان محبت ۽ پنهنجائپ جو سفر گذريل چاليهن
ورهين کان جاري آهي ۽ جاري رهندو.
سنڌ کي تنهنجي ضرورت آ اڃا!
رکيل مورائي
هي اهو ئي سنڌ جي مٽيءَ سان ماتا جيان پيار ڪندڙ
ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي آهي، جنهن کي مٽي ماءُ پنهنجي جهوليءَ ۾ آرامي ٿيڻ لاءِ
سڏي رهي آهي، جنهن 1947ع جي ورهاڱي وقت قيد قبوليو پر سنڌ کان ڌار ٿيڻ نه قبول ڪيو.
جيتوڻيڪ کيس سنڌ جي عشق وارو سودو گهڻو مهانگو پيو پر هن عشق ۾ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ
قبول ڪيو، پر مٽيءَ ماءُ کان ڌار نه ٿيو. هن سڄي زندگي الڳ الڳ اذيتون برداشت
ڪيون، جيل ڪاٽيا، نظربنديءَ ۾ گذاريو پر ڪيرت کي ڪميونسٽ بڻائڻ وارو ۽ گوبند
مالهيءَ کي سوشلزم جون سرڪيون پيارڻ وارو سوڀو، اڏول رهيو. مهين جي دڙي واري هن
پهاڙ جهڙي شخص کي ڪنهن واءَ نه لوڏيو، شايد خليفي نبي بخش هيءَ سٽ ڪامريڊ سوڀي
لاءِ ئي لکي هئي !
ويا اڏامي ڪک، پڙ تان پهڻ نه چُريو
۽ اڄ اهو شخص جسماني طور ڀلي مهين جي دڙي جيان
ڀُري ۽ جُهري رهيو آهي پر هن جي اڏولتا اڄ به اها ئي آهي. هن جي ٻڍڙڻ لڱن مان ڀلي
سَتُ موڪلائي رهيو آهي، پر هن ذهني طور اڄ به انسان جي آزاديءَ، مظلوم، قومن ۽
طبقن جي آجپي واري آدرش مان ويساهه نه وڃايو آهي، اڄ به هو ڏَسي ٿو ۽ چوي ٿو ته
آجو ٿيندو هر انسان، اڄ به هن انسان جي اندر ۾ موجود چڱائي مان اميد نه لاٿي آهي،
هو اڄ به اهو ئي اشتراڪي آهي، جنهن اشتراڪي جي نالي سنڌي ٻوليءَ جي مها ڪوي اياز
پنهنجي لاجواب ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪور يا ڪاپڙي“ جي ارپنا ڪندي لکيو هئو ته :
سوڀي گيانچنداڻي جي نالي
عاشق زهر پياڪ، وهه ڏسي وهسن گهڻو
سوڀو جنهن جو انساني سوڀ تي سدائين يقين رهيو آهي
اڄ جسماني طور هُو نهايت جهور آهي، اهڙو جهور جهڙو موهن جو دڙو آهي پر هن جو عمل
جيڪو مني صديءَ تي محيط آهي، اهو سندس ڪتابن ۾ سندس انٽريوز ۾ سندس ڪالمن ۾ اسان
ساڻ رهيو آهي ۽ اڃا سوڀو به اسان ساڻ آهي، سندس هيڻن هڏڙن جو اسان کي احساس آهي
پوءِ به جڏهن کيس ڏسبو آهي ته زندگيءَ ۾ ويساهه وڌي ويندو آهي ۽ سندس عمل کي ڏسي
انسان جي آزاديءَ جي ويڙهه ۾ ٽپي پوڻ لاءِ ذهن تيار ٿي ويندو آهي، اياز جا ڪيئي
نظم ذهن مان نڪري زبان تي اچي ويندا آهن ۽ اهي سڀ سندس نالي ڪرڻ تي دل ٿيندي آهي.
سنڌ جي حقن لاءِ مني صديءَ جي ويڙهه ۾ جسماني توڙي ذهني طور شريڪ رهندڙ هي ”مين آف
مهين جو دڙو“ ٽئگور جو اهو گيت لڳندو آهي، جيڪو سانوري شام کي هڪ عجيب آنند
بخشيندو آهي. هو شانتي نڪيتن جو اهو ودريار ٿي لڳندو آهي جيڪو ڪنهن جهوني بڙ کي
ٽيڪ ڏئي ستار به وڄائيندو آهي، ساميءَ جي روءِ جهڙي صبح جي اڀرندڙ سورج کي اڀرندي
ڏسندو به آهي ته ان کي سلام به ڪندو آهي ته انساني سک ۽ سلامتيءَ لاءِ پراٿنا به
ڪندو آهي. جيتوڻيڪ هو ائين ضرور سمجهندو آهي ته انسان اڪيلو آيو آهي ۽ کيس اڪيلو
ئي واپس وڃڻو آهي پر هو پويان اهڙو ڪجهه ضرور ڇڏي ويندو آهي جيڪو هن جي نالي سان
سڃاڻجي ۽ ڪامريڊ سوڀي جي نالي سان هڪ کان وڌيڪ نسبتون سڃاتيون وينديون، هن سان اها
سچائي سڃاتي ويندي، جيڪا هن جي سڄي حياتي پنهنجي نظرئي سان رهي، نظريو، جيڪو
انساني سماج مان بک، بيروزگاري، بيماري، اٻوجهائي، قومي، طبقاتي ۽ مذهبي متڀيد کي
ختم ڪرڻ وارو آهي، سندس نظريو جيڪو انسان کي هڪ اعليٰ وقار ڏيڻ جي جستجو وارو آهي،
سندس نظريو جيڪو ظالم کي مظلوم تي، ڏاڍي کي هيڻي تي، گوري کي ڪاري تي، فوقيت ڏيڻ
جي خلاف آهي، جنهن لاءِ هن مني صدي جهيڙيو آهي ۽ جنهن بابت هن ڪو به سمجهوتو نه
ڪيو آهي. هن پنهنجي هيڻن هڏن ۽ اڏول آدرشن جو مان مٿانهون رکيو آهي. هو جيڪو
ايمانداري،سچائي ۽ ويڙهه جي علامت رهيو آهي، سچ ته پنهنجي ذات ۾ گوتم لڳندو آهي،
جنهن سڀ سنساري تمنائون ڄڻ تياڳي ڇڏيون هجن! اڄ هو اسان لاءِ ائين آهي جيئن ڀٽائي
چيو آهي:
رهيا اٿئي رات، صبح ويندئي صابري
لُنءَ لُنءَ منجهه لطيف چئي، ڪو تنين جي تات
سندي جوڳيان ذات، ٻئي ڀري ڀاڳ مڙي
اڄ هو بيماريءَ جي بستري تي آهي، اچو ته کيس
ايتريون دعائون ڏيون جو انهن جو وزن سندس انهن اذيتن ۽ تڪليفن کان ڪيئي ڀيرا وڌي
وڃي، جيڪي اذيتون هن سنڌ ڌرتيءَ ۽ انهيءَ جي مسڪين ماڻهن جي آجپي ۽ خوشحاليءَ جي
ويڙهه ۾ سٺيون آهن. اچو ته سندس قدمن ۾ ايترا گل نڇاور ڪريون جو انهن جي سگنڌ هيءُ
سڄو ديس واسي ڇڏي، ديس جنهن جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ هن سنسار جون سک ڀريون
گهڙيون تياڳي جيل جون ڪوٺيون ۽ نظربنديءَ جا نهوڙيندڙ پل پنهنجي اکين تي رکيا،
انهن اکين تي جن سان هن مٽيءَ ماءُ جو مان مٿاهون ڪرڻ جا خواب ڏنا هئا، اهو ته پتو
نه آهي سندس جهور اکين جا خواب هن ديس ۾ ڪڏهن ساڀيا ماڻيندا؟
پر شايد اها سندس خوابن جي ساڀيا هجي ته سندس اهي
خواب اڄ سنڌ جي اڻ ڳڻين نوجوانن جي اکين ۾ جاڳن ٿا، جيڪي يقينن سڀاڻي ساڀيا
ماڻيندا ۽ جڏهن ائين ٿيندو تڏهن ڪامريڊ سوڀو انهن ۾ اسان کي مرڪندو نظر ايندو. تيستائين اسان جون نيڪ خواهشون ۽ اڻ ڳڻيون دعائون کيس ڀيٽا طور ائين چوندي ته هو
پنهنجا خواب پنهنجي جهور اکين سان ساڀيا ٿيندي ڏسي. ان مسافريءَ جو ماڳ ڏسي، جيڪا
مسافري هن مني صدي اڳ شروع ڪئي هُئي، شال سندس ڇانوَ سنڌ تي صدين تائين رهي، جنهن
ڇانو ۾ ويهي ايندڙ نسل سندس خواب کي ساڀيا ڏيڻ لاءِ ڪي گهڙيون ويچارين ۽ پنهنجي
ماڳ تي رسڻ لاءِ پلاننگ ڪن، اهو ماڳ جيڪو انساني آجپي جو ماڳ آهي، جتي ڪو به ڏاڍو
يا هيڻو نه هجي، جتي ڪو به بکيو نه سمهي، جتي ڪو به بيماريءَ ۾ ورتل نه هجي، جتي
ماڻهو سڀ هڪ جهڙا هجن، جتي سڀني جي منهن تي مرڪ هجي ۽ اهو ڪامريڊ سوڀي
گيانچنداڻيءَ جو ديس هُجي !
No comments:
راءِ ڏيندا