ڪامريڊ سوڀو
گيانچنداڻي
سنڌ کي جنھن سان
پيار آهي
منظور ڪلهوڙو/لاڙڪاڻو
اھا ڪنهن کي ڪل هئي
ته 3 مئي 1920ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي ڏوڪريءَ جي هڪ ننڍڙي ۽ پٺ تي پيل ڳوٺ
ٻنڊيءَ ۾ جنم وٺندڙ هي نازڪ نفيس ٻار، سوڀو گيانچنداڻي اڳتي هلي اسٽوڊنٽ ليڊر،
هاري تحريڪ، مزدورن ۽ محنت ڪشن جو سرواڻ، ڪميونسٽ، ايڊيٽر، ناميارو قانوندان،
اديب، ڏاهي ۽ آدرشي انسان جا عظيم اعزاز حاصل ڪندو. اهو سوڀو گيانچنداڻي، جيڪو
ننڍپڻ ۾ جڏهن قمبر ۽ لاڙڪاڻي ۾ بنيادي تعليم حاصل ڪندي بورڊنگ جي زندگيءَ جا ڏينهن
گهاريندو هو ته هو وڏي شوق، چاهه ۽ عقيدتمنديءَ وچان گيتا، رامائڻ، گرنٿ صاحب ۽
مها ڀارت جا پاٺ، قصا، ڪهاڻيون ۽ احوال، درد ۽ سوز ڀرئي آواز سان نه رڳو پنهنجي پڙهندڙ
ساٿين کي ٻڌائيندو هو پر اسڪول جا استاد به ان جي اندازِ بيان مان بهره-ور ٿيندا
هئا. ان مذهبي لڳاءَ، سوڀي گيانچنداڻيءَ کي ننڍپڻ ۾ ايترو ته متاثر ڪيو جو هو
گهران ڀڄي، ”سنياسي“ ٿيڻ لاءِ ڳوٺ ڀرسان، راڌا سوامي آشرم به وڃي پهتو هو. پر سندس
والد هن کي ڏسي ورتو ۽ واپس ڳوٺ وٺي آيو.
ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي قمبر
شهر کان پوءِ ڇهين درجي تائين، لاڙڪاڻي ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ اين جي وي هاءِ
اسڪول مان ڪري، انٽر جو امتحان به ڪراچي مان پاس ڪيائين. جڏهن ته B.A جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 1939ع ۾ سوڀي گيانچنداڻي ”شانتي نڪيتن“ ۾ وڃي
پڙهڻ جي خواهش ڏيکاري ته خاندان جي وڏڙن ان خواهش جي مخالفت ڪندي، دليل پيش ڪيا ته
هڪ ته شانتي نڪيتن سنڌ کان تمام گهڻو پري آهي، ٻيو ته سوڀو ننڍڙو آهي ۽ ٽيون ته
پڙهائيءَ تي خرچ به تمام گهڻو ايندو. شانتي نڪيتن ۾ پڙهڻ جي خواهش پيدا ٿيڻ سان ئي،
ان ننڍڙي سوڀي گيانچنداڻيءَ شانتي نڪيتن ۾ داخلا حاصل ڪرڻ لاءِ ان جي پرنسپال
ڏانهن خط لکي ڇڏيو هو. جڏهن خاندان ايترو پري پڙهڻ جي سخت مخالفت ڪري ڇڏي هئي ۽
شانتي نڪيتن مان به ڪو جواب ڪو نه آيو ته هڪ دفعو وري سوڀي گيانچنداڻي پرنسپال
ڏانهن داخلا جي متعلق ”تار“ اماڻي. جنهن جو لاجواب جواب آيو ته؛ ”سوڀا، تنهنجي
داخلا ٿي وئي آهي. ٺاڪر رابندر ناٿ ٽئگور خود تنهنجي داخلا جي منظوري ڏني آهي، تون
جلدي هليو اچ“. وڏي ڀاءُ جي مدد سان پنهنجي پختي عزم ۽ قائل ڪري سگهڻ جي قوت سان،
هو نه رڳو شانتي نڪيتن ويو، پر اتي خوب پڙهيو به ته ڪڙهيو به ۽ زندگيءَ جي عجيب
اسرارن، فطري گونا گونين، انساني نصب العين، ادب، آرٽ، فلسفي سان گهرو ۽ اڻ ٽٽندڙ
واسطو جوڙي، مهان ڪوي رابندر ناٿ ٽئگور کان
Man from Mohen jo daro جو اڻمٽ نالو به وٺي آيو. سوڀو گيانچنداڻي جڏهن شانتي
نڪيتن مان واپس پئي وريو ته کيس هڪ يهودي استاد روڪي کانئس پڇيو ته، ”تو هِت پڙهي
ڇا حاصل ڪيو؟“ ته سوڀي گيانچنداڻي ورندي ڏني ته؛ ”آئون هتي ٻار جي حيثيت سان آيو
هئس ۽ انسان بڻجي وڃي رهيو آهيان“.
ان کان پوءِ سوڀو گيانچنداڻي
1941ع ۾ ڪراچي آيو ۽ قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخلا ورتائين ۽ 1945ع ۾
ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿي ويو. اهو ڏينهن ۽ اڄ جو ڏينهن، سوڀي گيانچنداڻي جي نالي
اڳيان ”ڪامريڊ“ جو لفظ ائين جُڙي پيو، جيئن انسان سان ان جو روح جڙيل هجي ٿو. سنڌ
اندر اڄ ان ”ڪامريڊ“ لفظ جي حرمت ۽ تقدس برقرار رکڻ وارا هاڻي ته ٿورا آدرشي انسان
وڃي بچيا آهن، نه ته ڪامريڊ لفظ جي جيتري توهين اسان وٽ ڪئي وئي آهي، مان نه ٿو
سمجهان ته ٻيو ڪٿي ڪئي وئي هوندي. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جنهن پنهنجي سڄي حياتي
ڪميونسٽ نظريي، انساني وقار، سنڌي قوم جي خوشحالي، امن ۽ ڀائيچاري جي حاصلات لاءِ
اصولي انداز ۽ حقيقي جدوجهد ڪندي گذاري آهي، ان شخص نه صرف ورهاڱي جي عذابن ۽ ڪرب
کي پنهنجي اکين سان ڏٺو پر روح جي گهرائين سان محسوس به ڪيو. هن مهان شخص هن ملڪ
اندر آمريتي راڄن کي نافذ ٿيندي به ڏٺو ته انهن جو پاڻ پهريون شڪار به ٿيو. ڪال
ڪوٺڙين ۽ نظربندين ۾ گهاريندي اذيتون برداشت ڪيائين. زندگيءَ جو طويل عرصو جدوجهد
۽ جاکوڙ ۾ گهاريندڙ هن امر انسان جتي رياستي، نظرياتي، سياسي ۽ سماجي دٻائن کي
منهن ڏنو، اتي هن پنهنجي جيءَ سان جڙيل جانيءَ جي جدائين جو گهاءُ به برداشت ڪيو.
پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود به ڪامريڊ سوڀو کيرٿر، هالار ۽ ڪارونجهر جيان اڏول
۽ اٽل رهيو آهي. هن کي نه ته رياستي ڏاڍ ۽ جبر جهڪائي سگهيو، نه وري نظرياتي موقعي
پرستي مايوس ڪري سگهي ۽ نه وري سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ هن ”يو ٽرن“ ورتا.
جڏهن ورهاڱو ٿيو ۽ سنڌي هندن
پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ کي مجبورين وچان ڇڏڻ شروع ڪيو، تڏهن ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي
کي به ڌمڪايو ڪيو ويو. پر هن پنهنجي ساڻيهه کي هڪ گهڙيءَ لاءِ پنهنجي ساهه کان جدا
نه ڪيو ۽ جڏهن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به انکي بار بار چيو ويو ته تون هاڻي هر حال ۾
سنڌ ڇڏي هندستان هليو وڃ، ته ان پڇيو ته منهنجو ڏوهه ٻڌايو؟ ته ڪامريڊ کي چيو ويو
ته، ”هڪ ته تون ڪميونسٽ آهين، ٻيو ته تون هندو آهين ۽ ٽيون ته تون سنڌي آهين!!“ ته
سنڌ جي ان ”پروميٿيئس“ هميشه جيان اهو جواب ڏنو ته، سنڌ منهنجي ماءُ آهي ۽ منهنجي
ماءُ کان مون کي ڪير به جدا نه ٿو ڪري سگهي.
شيخ اياز، جيڪو ڪامريڊ سوڀي جو
جگري يار هو، اهو خواهشمند هو ته هو ڪامريڊ سوڀي تي هڪ مڪمل ڪتاب لکي. اياز،
ڪامريڊ تي مڪمل ڪتاب ته لکي نه سگهيو پر پنهنجي اڪثر يادن ۾ ڪامريڊ جو شيخ اياز
ذڪر ضرور ڪيو آهي. اهڙو ئي ذڪر شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ III، صفحي
نمبر 680 تي ڪيو آهي ته، ”هندستان جو اڳوڻو وزير اعظم اندر ڪمار گجرال، سوڀي جو
ذاتي دوست هو. جي سوڀو هندستان ۾ هجي ها ته ممڪن آهي ته هو ڀارت جو فارين منسٽر
هجي ها. پر هن کي بين الاقوامي نڪته نگاهه جي باوجود به پنهنجي ڌرتيءَ سان ايترو
ئي پيار آهي، جيترو سائين جي ايم سيد کي هو. مان ايترو ضرور چوندس ته لاهور فورٽ ۾
رهي رهي سي آءِ ڊي جي اذيت ۽ قيد سهي سهي پاڪستان مان ٻيو ڪو به هندو ڀڄي وڃي ها
پر سرزمين سنڌ سان محبت سوڀي کي هت رهايو.“
سائين جي ايم سيد، حيدر بخش
جتوئي جو ساٿي، ٽئگور، نذرالاسلام جي شاعريءَ جو عاشق، دوستووسڪي جو مداح، شاهه
لطيف ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ جو عاشق ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي اسپتال ۾ عيادت لاءِ
ايندڙن کي وڏي ويساهه سان چوي ٿو ته، ”مون سنڌي ماڻهن جي آجپي ۽ خوشحاليءَ جا خواب
ڏٺا آهن ۽ ان وقت تائين ڪو نه مرندس، جيستائين سنڌ جو آجپو پنهنجي اکين سان نه
ڏسندس.“
ارسطو چيو هو ته، چريائپ جي
ملاوٽ کان سواءِ عظيم ڏاهپ ٿي ئي نه ٿي سگهي. اها آهي پنهنجي ڌرتيءَ سان چريائپ جي
حد تائين محبت ۽ پنهنجي نصب العين سان ڏاهپ جي آخري سرحدن تائين انتهائي سچائي،
جنهن جو اظهار ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي اڳ جيان اڄ به، هر ايندڙ ويندڙ سان ڪري رهيو
آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا