; سنڌي شخصيتون: سوڀو گيانچنداڻي - پروفيسر اعجاز قريشي

18 March, 2012

سوڀو گيانچنداڻي - پروفيسر اعجاز قريشي


سوڀو گيانچنداڻي
موهن جي دڙي جو ماڻهو
پروفيسر اعجاز قريشي
هيءَ سٺ واري ڏهاڪي جي پهرئين اڌ جي ڳالهه آهي. آئون ننڍو آهيان ۽ پنهنجي شهر دادو ۾ اسڪول پڙهندڙ. سڄي سنڌ وانگر دادوءَ ۾ به ون يونٽ جي خلاف تحريڪ هلي رهي هئي ۽ حيدر بخش جتوئي واري هاري تحريڪ به تمام سرگرم هئي ۽ اوج تي پڻ. انهيءَ دور ۾ سنڌ جون ڪافي مشهور شخصيتون هيون، جن ۾ سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، غلام محمد لغاري، محمد عثمان ڏيپلائي، مولانا غلام محمد گرامي، قاضي فيض محمد، محمد ابراهيم جويو ۽ ٻيا ڪيترا ئي دانشور اچي وڃن ٿا. هي سڀ شخصيتون ون يونٽ خلاف ۽ هاري تحريڪ ۾ انتهائي سرگرم هيون.


دادو، سياسي، سماجي ۽ ادبي طور هڪ تمام سرگرم ضلعو هو ۽ جتي ڪيترا ئي جلسا ٿيندا رهندا هئا. منهنجو والد صاحب، علي احمد قريشي، دادوءَ ۾ وڪيل هو (هن مهل تائين هو دادوءَ ۾ رهي ٿو). شروع کان وٺي سندس رابطو سائين جي ايم سيد ۽ حيدر بخش جتوئي سان هو ۽ پاڻ هاري ڪاميٽي دادو جو صدر پڻ هو. مٿيان صاحب، سنڌ جي حوالي سان سرگرم هئا ۽ منهنجي والد صاحب سان سنگت ۾ هئا ۽ پاڻ ۾ سياسي رفيق پڻ.
هڪ دفعي والد صاحب جو هڪ دوست، جنهن جو قد ڊگهو، رنگ اڇو ۽ آواز ڳورو هو، آيو. خبر پئي ته هيءُ لاڙڪاڻي جو هڪ انتهائي اهم سياسي ڪارڪن هو ۽ پاڻ ڪميونسٽ ۽ سنڌ پرست ماڻهو آهي ۽ سندس نالو سوڀو آهي. منهنجو والد صاحب، اڪثر ڪري مون کي اوطاق تي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو ۽ پنهنجن اهڙن دوستن سان ملائيندو هو. گهر کان اوطاق تائين، سندس دوستن لاءِ چانهه، پاڻي ۽ ماني وغيره جو بندوبست مان ئي ڪندو هوس. سوڀي صاحب، پنهنجي ڳري آواز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ ائين ئي ڪچهري هلندي رهي. مون کي اڃا گهڻي سمجهه ڪو نه هئي. مان صرف ڳالهيون ٻڌندو رهيس. وقت گذرندي ويرم ئي نه ٿي لڳي. وقت وڌندو رهيو. هڪ دفعي لاڙڪاڻي وڃڻ ٿيو ۽ سعيو ڪري سوڀي صاحب سان گهر ملڻ ويس. تمام سٺو آڌر ڀاءُ ڪيائين ۽ پوءِ ننڍي ۽ وڏي واري ڪچهري ٿي. پاڻ سمنڊ وانگر اٿاهه علم پڙهيل ۽ ان مان ڪجهه ڦڙا مون کي به مليا ۽ پوءِ لاڙڪاڻي ۽ دادو ۾ ملاقاتون ٿينديون رهيون.
ون يونٽ ۽ ٻولي جي تحريڪ تيز هئي. هاري تحريڪ پڻ وڌندي رهي. سوڀو صاحب، اڪثر ڪري نوجوانن سان ڪچهري ڪندي، ڏاڍي خوشي محسوس ڪندو آهي. اڪثر ڪري پنهنجي ماضيءَ جو ذڪر ۽ خاص طور تي گرديو رابندر ناٿ ٽئگور سان پنهنجون ملاقاتون شد مد سان ٻڌائيندو آهي.
ٽئگور، هندستان جو انتهائي مڃيل عالم، اديب، دانشور، شاعر هو ۽ نوبل انعام يافته پڻ هو. هن بنگال ۾ هڪ تعليمي ادارو شانتي نڪيتن جي نالي سان قائم ڪيو هو ۽ سڄي هندستان جا شاگرد اُتي پڙهڻ ايندا هئا. شانتي نڪيتن ۾ داخلا هڪ امتحان يا ٽيسٽ ذريعي ٿيندي هئي ۽ جيڪو ان ۾ پاس ٿيندو هو، ان کي داخلا ملندي هئي.
سوڀي ابتدائي تعليم سنڌ ۾ حاصل ڪئي ۽ پوءِ سندس خيال ان تي اچي بيٺو ته هو ٽئگور وٽ شانتي نڪيتن ۾ وڃي پڙهي ۽ ڪجهه علم پرائي. هن اتي داخلا لاءِ درخواست ڏني ۽ هن کي اطلاع مليو ته تون ٽيسٽ ڏي ۽ جي پاس ٿيندين ته تو کي داخلا ملندي. سوڀي صاحب کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ هن جي دل اوڏانهن وڃڻ لاءِ آتي هئي ۽ هن اتان جي پرنسپال کي انگريزيءَ ۾ خط لکيو ته هو بنا ٽيسٽ جي اچڻ چاهي ٿو، هن کي داخلا ڏني وڃي. داخلا ۾ صرف چند ڏينهن بچيا هئا ته هن هڪ تار به موڪلي ته موهن جي دڙي جو ماڻهو آهيان ۽ آئون پڙهڻ لاءِ ايڏانهن اچڻ چاهيان ٿو، مون کي داخلا ڏيو. ٿورن ڏينهن کانپوءِ هن کي جواب مليو ته تو کي داخلا ڏيون ٿا ۽ تون اچ. هن کي جيڪو خط مليو اهو هيٺين ريت هو.
You are admitted, join the college on 19th June 1936 and contact our representative at Karachi. They will arrange for your group travel at half the railway fare to Shanty Nike tan.
اهو ٻڌي، سوڀو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ روانگيءَ لاءِ تيار ٿيو. بعد ۾ اها خبر پئي ته ٽئگور صاحب پاڻ هن کي داخلا ڏني هئي. بهرحال مائٽن جي مخالفت جي باوجود، هي چئن ڏينهن جو سفر طئه ڪري اتي پهتو. پنهنجي ٻن سالن جي دور ۾ هن پڙهائي ۽ ٻين سرگرمين ۾ تمام گهڻو نالو ڪڍيو. سياسي طور به سرگرم رهيو. ٽئگور سان هن جون ڪافي ملاقاتون ٿيون ۽ هن کيس موهن جي دڙي جو ماڻهو A Man from Mohen-jo-Daro جي نالي سان سڏيو ۽ پوءِ اتي سڀيئي هن کي انهيءَ نالي سان سڏڻ لڳا.
ٽئگور صاحب، هن سان ملي ڏاڍو خوش ٿيو. هن کي چيائين ته؛ سنڌين شانتي نڪيتن کي ٻه تحفا ڏنا آهن. هي سنڌي ڳاڙهي ڳئون، جيڪا نسلي افزائش ۽ بهترين کير ڏيڻ جي خوبي جي حامل آهي ۽ سندن اداري کي اهڙين ڍڳين مان ڪافي فائدو ٿيو آهي.
ٻيو سنڌي شاگردياڻيون، جيڪي انتهائي سهڻيون ۽ جاذب توجهه هجڻ سان گڏ ڏاڍيون محنتي، ذهين ۽ پنهنجي تعليم سان گڏوگڏ فائين آرٽس، ناچ، گاني ۽ موسيقيءَ ۾ سهڻو مثال رکن ٿيون. سوڀي صاحب، اهي ڳالهيون ٻڌيون ته سندس دل وڏي ٿي پئي.
سوڀو صاحب، شروع کان ڪميونزم جو حامي رهيو ۽ اڄ تائين به آهي. شانتي نڪيتن ۾ رهندي هن هندستان جي آزاديءَ لاءِ اتان جي سڀني شاگردن جي رهنمائي ڪئي. انگريز بهادر جي سرڪار انهيءَ ڪري هن جي خلاف ٿي پئي. ڪميونزم جي نظريي تحت سوڀي صاحب، سنڌ ۽ سڄي هندستان جي غريب ماڻهن، مزدورن ۽ هارين جي ڇوٽڪاري لاءِ کين گڏ ڪيو. سنڌ جي هارين جي حالت انتهائي خراب هئي ۽ (اڃا به آهي) جيڪي وڏيرن ۽ جاگيردارن جي هٿان پيڙهبا رهيا ۽ پيڙهبا رهن ٿا. سوڀي صاحب، ٻين دوستن سان گڏجي ڪميونزم جي سجاڳي لاءِ، ڪافي ڪم ڪيو ۽ پوءِ سرڪار سندس ئي خلاف ٿي پئي ۽ هن کي ڪيترا ئي دفعا جيل ڀوڳڻو پيو.
هاري تحريڪ جي حوالي سان حيدر بخش جتوئي صاحب جو انتهائي وڏو ڪم هو. هارين جي زبون حالت ڏسندي هن پنهنجي هم خيال ساٿين سان گڏ، هاري حقدار جو بنياد وڌو. جتوئي صاحب جي ساٿين ۾ ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ، ڄيٺمل پرسرام، جمال الدين بخاري، شيخ عبدالمجيد سنڌي، مولوي نذير حسين جتوئي، مولانا عزيز الله جروار، غلام حسين سومرو، غلام محمد لغاري، علي احمد قريشي، قادر بخش نظاماڻي ۽ عبدالقادر کوکر ساڻس شامل هئا. انهن کانسواءِ ساڻس ٻيا گهڻا ماڻهو گڏ هئا.
انهيءَ سلسلي ۾ 1945ع ۾ ڪراچيءَ ۾ هڪ عظيم الشان ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڪراچيءَ جا مزدور ۽ سنڌ جا هاري رهنما، اچي شامل ٿيا. انهيءَ ڪانفرنس ۾ هارين کي حق حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪافي ٺهراءَ پاس ٿيا ۽ ڪيترا ئي منصوبا ٺاهيا ويا. هاري حقدار پارٽي ۽ هاري ڪاميٽيءَ کي مضبوط ڪيو ويو. انهيءَ سلسلي ۾ جيڪا ڪاميٽي ٺاهي وئي، ان ۾ سوڀو گيانچنداڻي سر فهرست هو. هن صاحب بعد ۾ ان تحريڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
هارين لاءِ جدوجهد هلائيندي، هنن هارين جي لاءِ الاٽي تحريڪ هلائي ۽ سنڌ ٽيننسي ائڪٽ 1950ع حڪومت کان پاس ڪرايو، جنهن تحت هارين کي بٽئيءَ جو حق مليو. جنهن ۾ هارين کي محنت جي بدلي ۾ پيداوار جو اڌ مليو، يعني اپت اڌو اڌ ٿي.
جيئن مٿي ذڪر ڪيوسين ته سنڌ ۾ سٺ واري ڏهاڪي کان تحريڪ هلي رهي هئي ۽ سوڀو صاحب، انهيءَ سڄي تحريڪ ۾ گڏ رهيو. سچ پچ ته هو هن مهل تائين سڄي سنڌ جي ڀرجهلن مان هڪ آهي.
سوڀي صاحب جو ڪردار، هڪ سچي (Genuine) بهادر، سياسي ۽ سماجي رهنما وارو آهي. پاڻ هڪ اعليٰ قسم جو انسان آهي. پاڻ پنهنجي سڄي زندگي ورچي نه ويٺو ۽ مسلسل جدوجهد ۾ رهيو ۽ اڄ هو 92 ورهين جو آهي. پوءِ به هن کي پنهنجي ماڻهن جي لوري لڳل آهي.
هن سنڌي سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڀرپور خدمتون انجام ڏنيون آهن. هو شاگرد تحريڪ، ٻوليءَ جي بحاليءَ جي تحريڪ، ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ انتهائي بلند حوصلي ۽ عزم سان هر وقت رهيو ۽ پنهنجو آواز اٿاريندو رهيو. پاڻ جمهوريت پسند، عوامي ۽ انقلاب پسند شخص رهيو آهي.
سوڀو صاحب، هڪ سياسي رهنماءَ سان گڏوگڏ، هڪ وڏو عالم ۽ اديب به آهي. پاڻ ڪيترا ئي مضمون، ڪهاڻيون ۽ ڪتاب لکيا اٿس. جيڪڏهن سندس سڀ لکڻيون گڏائي ڇپائجن ته ڏهاڪو کن ڪتاب ٿي پوندا. سنڌ جي ادبي تنظيم ”سنڌي ادبي سنگت“، جنهن جو بنياد پاڪستان کان اڳ پئجي چڪو هو، ان جو بنيادي ۽ سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو ۽ اڄ تائين هلندو اچي.
1947ع ۾ جڏهن هندستان ۽ پاڪستان وجود ۾ آيا ته سوڀي صاحب کي چيو ويو ته؛ هو هندستان لڏي وڃي، پر سندس ضمير اهو گوارا نه ڪيو ۽ سنڌ نه ڇڏيائين. پنهنجي مٺڙي ماءُ جي جهولي خالي نه ڪيائين. هميشه لاءِ هتي رهيو ۽ هتان جي ماڻهن جي خدمت ڪندو اچي. پاڻ انهيءَ وقت اهو چيو هئائين ته:
”منهنجو ماضي، منهنجو حال ۽ منهنجو مستقبل، هن ئي ڌرتيءَ سان وابستا آهي ۽ هن ڌرتي ۽ هن جي ماڻهن جي ڀلائي ۽ آدرش ئي منهنجي زندگيءَ جو وڏو آدرش آهي ۽ ان کي ڇڏڻ جو خيال هڪ دردناڪ خيال آهي.“
منهنجون ۽ منهنجي والد صاحب جون ڪچهريون، سائين سوڀي سان اڃا قائم ۽ دائم آهن. ڪڏهن هو دادو ايندا آهن ۽ ڪڏهن اسان لاڙڪاڻي ويندا آهيون. پاڻ مهرباني ڪري حيدرآباد مون وٽ ايندا آهن ۽ اتي وري سائين محمد ابراهيم جويي سان گڏيل ڪچهريون پڻ ٿينديون آهن.
پاڻ پاڪستان ۽ هندستان جو عظيم انسان آهي ۽ سڄي ننڍي کنڊ جا ماڻهو، اديب، شاعر ۽ دانشور، کيس انتهائي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا.
اسان جي دعا آهي ته ڌڻي تعاليٰ کيس وڏي ڄمار ڏئي ته جيئن پنهنجي ساٿين سان گڏ هن ڌرتيءَ جي ماڻهن جي خدمت ڪندو رهي.

No comments:

راءِ ڏيندا