; سنڌي شخصيتون

14 September, 2020

پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو “عاطف”

پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو “عاطف”

هڪ انمول انسان

خالد حسين چنا



سنڌ سونهاري سدائين سرسبز ۽ شاداب رهي آهي، جنهن سدائين انمول انسانن کي جنم ڏنو آهي، انهن انمول انسانن منجهان پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو به هڪ آهي. رب پاڪ هن کي خدا داد صلاحيتن ۽ بهترين خصلتن سان نوازيو آهي. جڏهن کان مون جي هن سان سلام دعا ٿئي آهي تڏهن کان مون هن کي ڪنهن نه ڪنهن خير جي ڪم ۾ مصروف ڏٺو آهي. ڪڏهن ڳوٺ جي ڪنهن ماڻهو کي دوا درمل وٺي ڏيڻ ته ڪڏهن ڪنهن سنگت جي ڪم مصروف هوندي ڏٺو آهي. مون تي هن جا ڪيترا ئي ٿورا آهن. رب پاڪ اڪثر ڪري هن جي هٿان خير جا ڪم ڪرائيندو ٿو رهي. هو ٻين جي ڪم کي رضا خوشي سان پنهنجو ڪم سمجهي ڪندو آهي. عبدالجبار ۾ ڪمال جي سهپ ۽ رواداري آهي. هن ۾ پنهنجي عمر کان وڏي جڳ جون بهترين عادتون آهن جيڪي هن کي انمول بڻائڻ ٿيون.

ڊاڪٽر شاهنواز شيخ

ڊاڪٽر شاهنواز شيخ

ڀرپور مصروف زندگي گذاريندڙ

خالد حسين چنا



هر ماڻهو جي خواهش هوندي آهي ته هو ڀرپور خوشين واري زندگي گذاري پر ائين حقيقت ۾ ٿورا ماڻهو ڪري سگهندا آهن. اڪثر ماڻهو چوندا آهن ته اهي غلط وقت يا غلط جڳھ تي پيدا ڪيا ويا آهن. ماڻهو اڪثر ماحول ۽ گهربل شيون نه هجڻ ڪري محرومين جون شڪايتون ڪندا آهن ۽ پنهنجو قيمتي وقت وڃائيندا آهن پر ڊاڪٽر شاهنواز شيخ  جي زندگي جي هر دور۽ هر رخ ڀرپور تحرڪ وارو رهيو آهي. هو هميشه دوستن، يارن، ننڍن، وڏن ماڻهن، استادن شاگردن ۽ هر طبقي جي ماڻهن جي وچ ۾ متحرڪ ۽ ڀرپور  وقت گذاريو آهي.

ايشور لال ناگديو

ايشور لال ناگديو

مسلسل محنت ڪندڙ شخص.....

خالد حسين چنا



شهدادڪوٽ شهر جي آس پاس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ مسلسل انگريزي پڙهائيندڙ نوجوان ايشور لال جي گهر وارن ۽ هم ڪلاسي دوستن کي اندازو ڪونه هوندو هو ته هو اڳتي هلي ايترا سٺا ۽ ڪامياب شاگرد پيدا ڪندو جيڪي ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل وغيره هر شعبي سان تعلق رکندڙ ڪارگر انسان ٿيندا آهن. ڇو ته شروعاتي دور ۾ ايشور لال عام شاگردن مان هڪ هو ۽ هن جي گهر وارا روز آڻڻ ۽ چاڙهڻ وارن گهراڻن مان هئا. هن جو والد شيلر تي منشي هوندو هو ۽ اهي مسواڙ جي جڳهه ۾ رهندا هئا.

حاجي پير بخش شيخ

حاجي پير بخش شيخ

سگا گمبٽ جو بي لوث خدمت گار جي زندگي جو مختصر احوال....

خالد حسين چنا



سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن هڪ شعور جو نالو آهي. هي شعور سماج جي ضرورتن جي نشاندهي ڪري ٿو. انسان کي انسان جي محبت جو قائل ڪري ٿو، الله جي ڏنل نعمتن جو شڪرانو بجا آڻڻ لاءِ آماده ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي اهو شعور سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ واچوڙي وانگر پکڙيو آهي. سنڌ جي سر زمين هزارين سالن کان محبت ۽ رواداري کي برقرار رکندي پئي اچي. اهڙن صالح قدرن وارن پيارن ماڻهن منجهان گمبٽ مان پير بخش شيخ پڻ هڪ آهي. هن کي اسان سگا جي اجلاسن ۽ گڏجاڻين ۾ متحرڪ ڏٺو. نهايت ئي پيار ڏيندڙ پير بخش هميشه گيڙو رومال ڪنڌ ۾ ويڙهي ٻين کان نمايان نظر ايندو آهي. هن جو سنڌ سان عشق نروار نظر ايندو آهي. سگا جي اڳوڻي چيئرمين محترم اسد الله کيڙي هڪ هنڌ تقرير ڪندي چيو هو ته اسان جي ڀون جي اها ريت آهي. اسان نينهن ۾ ناگا ٿي نچندا آهيون. اسان جو نينهن انتها جو هوندو آهي. سنڌ جي سدا سڳنڌي مٽيءَ ۾ اها مڻيا آهي ته ان جو باسي ان سان جيجل جيئن نينهن لائي ٿو. پوءِ ڀلي ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي. مان جوئي آهيان سوئي آهيان. پير بخش شيخ صوفي منش ماڻهو سنڌ جي صالح قدرن جي پاسداري ڪندو آيو آهي. هن سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان سنڌ جي مسئلن اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو سگهارو ڪردار ادا ڪيو آهي.

13 September, 2020

عابد چنا

عابد چنا

سگا شاهپور چاڪر جي متحرڪ رضاڪار جي زندگي ۽ خدمتن جو مختصر احوال.....

خالد حسين چنا



سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن هڪ وڏي سماجي تنظيم آهي جيڪا گذريل اڌ صديءَ کان پرامن خوشحال سنڌ لاءِ رضاڪاراڻي قومي فرض سمجهي سنڌ جي جهر جهنگ ۾ خدمت ڪري رهي آهي. هزارين باشعور گريجوئيٽ رضاڪار بنا ڪنهن مٽ ڀيد، مذهبي يا سياسي فرق جي پنهنجن مسڪين بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪري رهي آهي.

محمّد لائق کوسو

محمّد لائق کوسو

سگا ڪنڊيارو جي بي لوث رضاڪار جي زندگيءَ جو احوال ۽ ڪيل خدمتون.

خالد حسين چنا



خوش نصيب آهن اهي انسان جن جي هٿان خير ۽ چڱائيء جا ڪم ٿيڻ ٿا، جن جي ذريعي ڪيترن انسان جي ڀلائي ٿئي ٿي، ڪيترن غريب، مسڪين ۽ يتيم جا ڏک سور دور ٿيڻ ٿا. اهو انسان حقيقت ۾ خوشنصيب آهي جنهن وٽ ٻين ڪاڻ جيئڻ جو جذبو ۽ جستجو آهي. جگ مشهور سائنسدان البرٽ آئن اسٽائن پنهنجي مشهور مضمون “دنيا منهنجي نظر ۾” ۾ لکيو آهي ته جيڪو ماڻهو صرف ۽ صرف پاڻ ڪارڻ جيئي ٿو، صرف پنهنجي خوشي چاهي ٿو اهو شخص جانور وانگر آهي” ماڻهو کڻي ڪيترا به علم حاصل ڪري، ڪيترا به ٿلها اونها ڪتاب پڙهي، ڪيترا به وڏا بحث ڪري پر پوءِ به اچي ان نتيجي تي پهچندو ته زندگيءَ جو مقصد ٻين ڪارڻ جيئڻ آهي. چوندا آهن ته پسند پسند کي ڳولهي لهي سو هر ماڻهو کي پنهنجي پسند وارا ماڻهو وڻندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو ۾ سماجي ڀلائي ۽ ٻين جي ڪم اچڻ جو جذبو آهي ته ان کي اھڙا ئي ماڻهو وڻندا ۽ اهڙن ئي ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيندو آهي.

گاجان خان واڍيلو

گاجان خان واڍيلو

ڪراچي گڏاپ علائقي جو نه وسرندڙ ڪردار سگا رضاڪار جي زندگي جو مختصر احوال...

خالد حسين چنا



سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي سونهن ان ۾ آهي ته سڄي سنڌ مان هر ذات ۽ قبيلي جا ماڻهو غريب مسڪين ماڻهن جي خدمت جي جذبي تحت هڪ ٿئي خدمت ڪن ٿا. مذهبي ۽ سياسي لڳ لاڳاپا پاسيرا رکي سماجي خدمت ڪري سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي پليٽ فارم تي گڏ ٿي صرف رضاڪار هجڻ تي فخر محسوس ڪن ٿا. سگا حقيقت ۾ هڪ اهڙي خيال ۽ نظريئي جو نالو آهي جيڪو قومي فرض سمجهي معاشري جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ بي لوث خدمت جي جذبي سان ڪم ڪري. اهڙن ئي جذبن سان سرشار محترم گاجان خان واڍيلا به آهي.

غوث بخش ڪلوڙ

غوث بخش ڪلوڙ

سگا ڪشمور جي کاهوڙي بي لوث رضاڪار جي زندگي ۽ خدمتن جو مختصر احوال....

خالد حسين چنا



محترم غوث بخش ڪلوڙ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي انهن رضاڪارن مان آهي جن جي سماجي خدمتن جي سرهاڻ جي ڪري سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي زندگي کي جياپو بخشيو آهي ۽ عوام ۾ سٺي ساک رکندڙ ادارو ٿئي اڀريو آهي. انهن رضاڪارن جي ڪري سگا سنڌ جي نمائندگي ڪندي سنڌ جي هر مسئلي تي ڪالاباغ ڊيم کان وٺي سنڌي ٻولي تائين، معياري تعليم کان وٺي بهتر صحت جي سهولتن تائين، ڌاري آبادڪاري کان وٺي نوڪرين ۾ ميرٽ ٽئين ۽ هر مسئلي تي آواز اٿاريندي ۽ لکپڙهه ڪندي رهي ٿي.

محمد صديق ڪاڪا

محترم صديق ڪاڪا

سگا جي سابق سيڪريٽري جنرل جي زندگي جو احوال

خالد حسين چنا



سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا) ۴ جون ۱۹۷۲ع ۾ قائم ٿئي. سگا جو مقصد پرامن خوشحال سنڌ لاءِ ڪوششون ڪرڻ آهي. سگا سنڌ جي پڙهيل باشعور ماڻهن جو هڪ رضاڪار گروهه آهي جنهن جو مقصد بنا ڪنهن مذهبي يا سياسي مت ڀيد جي غريب مسڪين بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي. سگا جي ڪم ڪار ۽ اڀرڻ کي اڃا پهريون ڏهاڪو مس گذريو هو ته ان وقت جي سرڪار سگا جي رضاڪارن کي جيڪي حڪومت جي نوڪري ۾ هئا ڪم ڪرڻ تي ۱۹۸۳ ۾ پابندي لڳائي ڇڏي. سگا جهڙي خالص رضاڪار ۽ پنهنجن رضاڪارن تي هلندڙ سماجي تنظيم لاءِ پنهنجي جياپي کي برقرار رکڻ وڏو امتحان هو. ڪافي ساٿي آمر جي حڪم بعد خاموش ٿئي ويا. استعيفا ڏئي ڇڏيائون. پر ان جي باوجود سگا جي اڪثر رضاڪارن عبادت سمجهي غريبن جي مدد لاءِ سگا ۾ ڪم ڪندا رهيا. رب پاڪ جو ڪرم ۽ ساٿين جي نيڪ مقصد سان سچائي ڪري سگا جي علم واري سجاڳي ۽ روشني جي لاٽ ڪيترن ئي طوفانن باوجود ٻرندي رهي. اهڙن مانجھي مردن ۽ بهادر سگا ساٿين منجهان صديق ڪاڪا به هڪ آهي جنهن پنهنجن پراون جي هزارين تڪليفن باوجود پنهنجو وارو وڄايو. سگا سان اهڙين گھڙين ۾ ساٿ ڏيندڙ ساٿي سڀ عظيم ۽ معتبر آهن. انهن جي سچائي، خلوص ۽ حوصلو ڪري سگا پنهنجو جياپو برقرار رکي سگهي. صديق ڪاڪا پنهنجن رضاڪار ساٿين کي غريبن جي مدد خاطر تڪليفون برداشت ڪرڻ تي حوصلو ڏيندي سگا جي اٺون ساليانو ڪنوينشن ۾ تاريخ ۲۰ اپريل ۱۹۸۴ جي رپورٽ پيش ڪندي شيخ اياز جون سٽون چوڻ ٿا ته “هو تو کي  لوئي رهيا آهن ۽ تون چپ آهين. پٿر کي به چوٽي تان هيٺ ڌڪبو آهي ته ان  ۾ جان اچي ويندي آهي”.

ڪيپٽن ڊاڪٽر محمد صالح شيخ

ڪيپٽن ڊاڪٽر محمد صالح شيخ 

زندگي جو احوال ۽ ڪيل خدمتون

خالد حسين چنا



جڏهن مشرقي ۽ مغربي پاڪستان هوندو هو تنهن دور ۾ شهدادڪوٽ اڄوڪي دور جي بلڪل برعڪس هوندو هو. اهو بلڪل ننڍڙو ۽ مختصر هوندو هو. صحت يا تعليم جون خاص سهولتون ڪونه هونديون هيون پر جيڪڏهن شهدادڪوٽ شهر جي اوائلي ۽ شروعاتي ڊاڪٽرن جا نالا کڻبا ته انهن جي لسٽ ۾ ڊاڪٽر محمد صالح شيخ جو نالو ضرور ايندو. چوندا آهن ته ڊاڪٽر ۽ طبيب دوا درمل ڏيندو آهي باقي ڦڪيون تڏهن فرق ڪن جڏهن امر ٿئي الله جو. ڊاڪٽر محمد صالح شيخ جي هٿ ۾ الله تعالي اهڙي شفا رکي جو هو سڄي تر لاءِ هڪڙي وڏي غنيمت بڻجي ويو. سڄو ڏينهن هن جي اسپتال مريضن سان ڀري پئي هوندي هئي. غريب، مسڪين ڪيترن سالن کان بيمارين ۾ ورتل مرد ۽ عورتون ڊاڪٽر محمد صالح جي احوالن چرچن تي ۽ هلڪي ڦلڪي دوا تي خوش ٿي ويندا هئا. رب پاڪ هن کي غير معمولي حافظو ڏنو هو ۽ هوبنيادي طور هتي جي شروعاتي رهاڪو هجڻ ڪري تر، آس پاس جي هر ماڻهو، انهن جي وڏن ۽ ننڍن کي چڱي طرح  نه صرف سڃاڻيندو هو پر انهن جا پاڻ ۾ ڪهڙا مسئلا آهن، ڪير ڪنهن سان ساڙ ڪري ٿو يا نه ٿو ٺهي وغيره جي به خبر هوندي هئي ڇو ته مريض هن کي دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ پنهنجن عزيزن ۽ مائٽن جا سور به سليندا هئا. هو گهرن ۾ سس نهن، ساهيڙي يا مائٽياڻين جا جهيڙا مريض عورتن جي سائيڊ وٺي انهن جي دل جي ڳالهه ڪري ائين خوش ڪري ڇڏيندو هو جو مريض جي رت وڌي ويندي هئي. هو نفسيات جو وڏو ڄاڻو هو. ماڻهن جا معاشي ۽ معاشرتي مسئلن تي ڳالهائي انهن کي کلائي پنهنجي وات جي ٽيڪ سان پريشان ماڻهن کي ٽائيٽ ڪري نئون بنو ڪري موڪليندو هو. هن جي زبان مان نڪتل لفظ گهڻن لاءِ دوا ۽ علاج جو ڪم ڪندا هئا. ڪيترن ماڻهن لاءِ وڏي وٿ ۽ سهارو هو. مريض فري گري موٽي هن اچي خوش ٿئي ويندا هئا. هن وٽ جادو هو الائي ڇا هو پر مريض کي پوري پڪ هوندي هئي ته جي هو ٺيڪ ٿيندو ته ڊاڪٽر صالح وٽ ٿيندو ۽ ڊاڪٽر محمد صالح به معمولي فيز وٺي علاج ڪري الله تعالي جي حڪم سان ٺيڪ ڪري ڇڏيندو هو. هو اڄ جي ڊاڪٽرن کان مختلف هو جيڪي ٽيسٽون رپورٽون ڪرائي مريض جا خرچن سان چيلهه ئي چٻي ڪري ڇڏين ٿا پر هو مريض جي نبض ڏسي حوال پڇي دوا لکي ڏيندو هو. وڌيڪ شفا الله تعالي ڏيندو هو.

ايڊووڪيٽ سردار خان چانڊيو

ايڊووڪيٽ سردار خان چانڊيو

خالد حسين چنا



وقت بهترين استاد آهي. اهو گهڻو ڪجهه سيکاري ٿو. دنيا جا وڏا سچ وقت گذرڻ سان ڪوڙ ثابت ٿيا آهن ۽ وري ڪيترا ئي ڪوڙ سچ ثابت ٿيا آهن. ڪي ماڻهو وقت ڏسي پاڻ پليو وڃن ته ڪي وري وقت ڏسي اڀرندڙ سج جي سلامي ڪن. حقيقت ۾ ڪنهن به شخصيت جو ماپو ڪرڻ ڏکيو آهي پر وقت اهو ماپو آهي جنهن سان خبر پئجي سگهي ٿي. سوچيان ويٺو ته اسان جي شهر شهدادڪوٽ ۾ تمام ٿوري وقت ۾ ڪيترا ئي ماڻهو ڏسندي ڏسندي مٽجي ويا آهن. ڪيترا ئي نوان سردار، ڀوتار ۽ ليڊر ٿيا آهن. ڪيترن ئي وقت سان سياسي لڳ لاڳاپا پئي مٽايا آهن. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته وقت سان تبديلي اڻٽر آهي ۽ جيڪڏهن اها تبديلي هاڪاري آهي ته ان سان سماج ۾ مثبت تبديلي ايندي آهي. جرمني جي مشهور تعليمدان جان پيسٽلزئي مطابق روين جي مثبت تبديلي کي ئي اصل ۾تعليم چئبو آهي. ايڊووڪيٽ سردار خان چانڊيو انهن تمام ٿورن ماڻهن مان آهي جن کي اسان شروع کان وٺي مجموعي طور تي ماڻهن جي ڀلي لاءِ ڪوششون ڪندي ڏٺو آهي. هر ڪنهن ننڍي وڏي سان پيار ۽ احترام سان لفظن کي توري تڪي ڳالهائيندي ٻڌو ويوآهي. سردار خان چانڊيو سگا شهدادڪوٽ جو بنيادي ميمبرن مان هڪ آهي. هن ڪڏهن به زندگي ۾ غلط يا سوديبازي ڪري زوري جاءِ ٺاهڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. سردار خان چانڊيو پنهنجي من جو سردار آهي ۽ روايتي سردار جي برعڪس هن پاڻ پڙهائي ۽ محنت تي زور ڏئي وڪالت ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي. هن جي نظر ۾ محنت ۽ تعليم ئي روشن مستقبل لاءِ ضروري آهي. تنهنڪري هو هر ڪنهن کي محنت ۽ تعليم جو درس ڏيندو رهندو آهي. هن پنهنجن پٽن کي اعلي تعليم ڏياري هن معاشري جو ڪامياب ۽ ڪارگر فرد بڻايوآهي ۽ پنهنجن نياڻين کي وڪالت ۽ ڊاڪٽري پڙهائي آهي هڪ بهترين مثال قائم ڪيو آهي.

ڊاڪٽر عبدالستار وڌو

ڊاڪٽر عبدالستار وڌو

شھدادڪوٽ جو مسيحا 

خالد حسين چنا



ڪي ماڻھو شھرن جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا ته وري ڪي شھر ماڻھن جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا. سنڌ جي ننڍڙي ڳوٺ پاٽ شريف جو نالو اچڻ سان علامه آءِ آءِ قاضي ياد اچيو وڃي ٿو، يا ٽلٽي جهڙو ننڍڙو ڳوٺ شمس العلماءَ دائود پوٽي جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو. سن شهر سائين جي ايم سيد ۽ هالا مخدوم نوح هالائي ۽ مخدوم طالب الموليٰ جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا. بلڪل ساڳي طرح شهدادڪوٽ جي سڃاڻپ ميان غلام صديق يا حاڪم شاهه پٽ وارو ٿي سگهي ٿي پر سڄي سنڌ ۾ اکين جي ڪئمپن جا دورا ڪندي خبر پئي ته انسانيت جي بي لوث خدمت ڪندڙ، مسيحائي شخصيت، ڊاڪٽر عبدالستار وڌو شهدادڪوٽ جي سڃاڻپ ٿي چڪو آهي. سيوهڻ، جهانگارا باجارا، گھوٽڪي، ٺل، جيڪب آباد، پير جو ڳوٺ، ڪشمور، لاڙڪاڻو، ميرو خان، باڊهه، نئون ديرو، نصيرآباد، وارهه، پنجاب جي شهر مظفرڳڙھ ۽ بلوچستان جي شهرن اوستامحمد، جهل مگسي ۽ گندا واهه سميت ڪيترن ئي ننڍن وڏن شهرن ۾ هر سال اکين جو ماهر ڊاڪٽر عبدالستار گاڏي ڪاهي اچي ڪئمپون قائم ڪري ٿو، پر مختلف ملڪن ۾ به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهي ٿو.

محمد اعظم جروار

محمد اعظم جروار

هم فقيرون سي دوستي ڪرلو

خالد حسين چنا



شيون هڪ جهڙيون ٿئي سگهن ٿيون يا انهن جو نعم البدل ٿي سگهي ٿو. پر انسان جهڙو هوبهو ٻيو انسان نه ٿو ٿئي سگهي. شڪل، صورت يا سيرت ۾ هڪ انسان ٻئي انسان کان مختلف هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ انسان جي شخصيت جا ڪيترا ئي رخ پاسا ٿين ٿا. هڪڙا ظاهري پاسا ته ٻيا لڪيل جيڪي مشڪل سان ڪنهن کي خبر هجن. اهو ئي سبب آهي جو ڪنهن ماڻهو جي باري ۾ لکڻ کي حتمي يا مڪمل چئي نه ٿو سگهجي. هڪڙن ماڻهن جي شخصيت ايتري ته سحرانگيز يا وشال ۽ وصعت واري هوندي آهي جو صرف ان ماڻهو جي هڪ رخ تي به حقيقت ۾ انصاف سان لکي نه سگهبو آهي. هر ماڻهو پنهنجي ذات ۾ گلشن آهي. شهدادڪوٽ ۾ محمد اعظم جروار انهن ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن منجهان هڪ آهي جيڪي ماضي جي يادن ۾ پراڻن ناياب ڪتابن تي دز جيان اسان کي صاف ڪرڻ لاءِ واجهائي رهيا آهن ته جيئن ايندڙ نسل، انهن مان ڪو لاڀ حاصل ڪري سگهي. اسان جي تر جي هن موکي تي وڌيڪ ان دور جا متارا ئي روشني وجهي سگهن ٿا. يا وري اهي ماڻهو  جن تي ڪنهن حڪمران، مير، پير ۽ وڏيري جو حڪم نه هلندو هو پر فقير محمد اعظم جروار جي پرشوق دلاسن تي پري پري کان اچي هن وٽ حاضر ٿيندا هئا. هن سان گڏ سياسي سفر ڪندڙ دوست تي ٻڌائي سگهندا ته هن جو سنڌ يا سيد سان ڪيترو عشق هو ۽ هن جي زندگي جو رومانوي داستان ته هن جا همراز ئي ٻڌائي سگهندا ته هن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽڻ ۽ ڪاري چڳ تي رات کٽڻ وارو پنڌ ڪيو يا نه. هن جا يار ئي ٻڌائي سگھن ٿا ته ياري نڀائڻ ۾ اعظم جروار ڪيئن هو. هاسو سوڍي جيئن هو جيڪو پنهنجي شادي جا ڦيرا وچ ۾ ڇڏي پنهنجي يار دودي سان گڏجي علاؤالدين خِلجي سان مقابلي لاءِ شامل ٿيو. هن مضمون ۾ اعظم جروار صاحب جي زندگي جو مختصر خاڪو ۽ سماجي طور تي ڪجهه ڪارگذاريون بيان ڪجن ٿيون.