31 July, 2015
25 July, 2015
ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو - حسيب ناياب منگي
ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو
حسيب ناياب منگي
عبدالخالق راز ولد محمد حسن مسڪين سومرو جو جنم، شڪارپور
ضلعي جي خانپور تعلقي واري ڳوٺ، حاجي خان ڪلهوڙي ۾ ۱ جولاءِ ۱۹۳۴ع تي ٿيو. ابتدائي تعليم
ته ڳوٺ کان شروع ڪيائين پر ۱۹۷۸ع تائين پڙهندو رهيو. مذڪوره سال
۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي نگرانيءَ ۾ سنڌ جي نامياري بزرگ شاعر ”مير علي نواز
علوي“ جي علمي، ادبي ۽ سياسي توڙي سماجي، ڪارنامن تي ٿيسز لکي، پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل
ڪيائين.
17 July, 2015
قاضي عطا محمد عباسي-عبدالفتاح عباسي
قاضي عطا محمد عباسي
ادبي ۽ ديني شخصيت
عبدالفتاح عباسي
عملي ۽ ادبي حوالي سان لاڙڪاڻي
جو قاضي خاندان پوري سنڌ ۾ مشهور آهي، جنهن جو ثبوت انهيءَ خاندان جي هڪ نه پر هڪ ٻئي
پٺيان ڪيترا ئي شخص علمي ادبي حوالي سان پنهنجو مٽ پاڻ رهندا پيا اچن. خاص طور قاضي
عطا محمد عباسي کي ديني، ادبي توڙي سماجي حوالي سان تمام گهڻي پذيرائي ملي. هن شخصيت
جو تعلق هونئن ته لاڙڪاڻو ضلعي جي ڏوڪري تعلقي جي ڪوٽ قبولو، ڪوٽ مرزا ڪالو سان رهيو
آهي. پر ان کان اڳ ۾ ٻڌايو ٿو وڃي ته لاڙڪاڻي جي تعلقي رتوديرو جي مسوديرو سان به رهيو
آهي. جتي قاضي محمد عثمان عباسي ڪلهوڙي جي گهر ۾ هڪ اهڙو ذهين ۽ ڏاهو ٻارڙو پيدا ٿيو،
جنهن جو نالو قاضي عطا محمد عباسي رکيو ويو. جيڪو ننڍپڻ کان ئي پنهنجي دوستن ۽ مٽن
مائٽن سان کيڏڻ بجاءِ سدائين مطالعي ۾ مشغول رهيو. پنهنجي علمي ڏاهپ سبب، هڪ ننڍي ڪوشش
ڪندي، علائقي جي هر هڪ عمر جي ماڻهن کي تعليم عام ڪرڻ لاءِ، ديني ۽ دنياوي تعليم ڏيڻ
لاءِ، صبح کان ويندي رات تائين، پنهنجي جڳهه جي صحن تي ئي درس و تدريس جو اهتمام ڪندي،
ڀروارن ڪيترن ئي علائقن جي ماڻهن کي انهيءَ شعور ڀري تعليم جي لاءِ اتساهه پيدا ڪرڻ
سميت، تعليمي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي بي مثال ڪوششون ورتائون. جنهنڪري علائقن جي اندر
اهو قاضي خاندان، ”استاد خاندان“ جي حوالي سان مشهور ٿيندو ويو، جو هر ٻئي ڳوٺ جو ماڻهو
اهو چوندو رهندو هو ته اسان ته قاضي خاندان وٽ ئي پڙهنداسين.
11 July, 2015
خان بهادر خداداد خان - مختيار احمد ملاح
خان بهادر خداداد خان
ڪتاب لب تاريخ سنڌ جو ليکڪ
مختيار احمد ملاح
انگريزن جي دور ۾ سنڌ ۾ آفيسن جو نئون سرڪاري نظام قائم
ٿيو. نئون تعليمي نظام پڻ قائم ٿيو. غريب عربي جي تعليم ۽ سرڪاري عهدن تي رسائي ٿي.
نئين تعليم نظام سان علم ۽ ادب ۾ به نوان لاڙا ۽ رجحان پيدا ٿيا . خود سنڌ جي تاريخ
تي نئون ڪم شروع ڪيو ويو. ڪيترائي انگريز حڪمران سنڌ شناس هئا. هنن سنڌي ٻولي ۽ ادب
جي واڌ ويجهه ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيو هو. مقامي ماڻهن کي به ان ڏس ۾ اڳتي وڌڻ جو موقعو
مليو. ان ڏس ۾ خداداد خان وڏو نالو رکي ٿو، جنهن ”لب تاريخ سنڌ“ جهڙو معياري ڪتاب لکيو.
خداداد خان پنهنجي ڪتاب لب تاريخ سنڌ جي ديپاجي ۾ لکيو آهي ته؛
”هي عاجز خان بهادر خداداد خان ولد مرحوم راضو خان يا رضا محمد خان
پٺاڻ حال رهندڙ پراڻو سکر، تاريخ سان دلچسپي رکندڙن کي عرض ٿو ڪري ته مان فرصت جو گهڻو
وقت سنڌ جي تاريخ ۾ گذاريندو هوس، جا هاڻي منهنجو وطن آهي. خداداد خان ولد رضا محمد
خان ترين پشين جي پٺاڻن مان هو ۽ اتان لڏي سکر پراڻي ۾ رهڻ لڳو.“
فقير يعقوب علي شر - فقير مهتاب علي شر
فقير يعقوب علي شر
هڪ سنڌ سُڌارڪ
فقير مهتاب علي شر
صبر سڪ وڃايو، ننڊ ڦٽائي نينھن،
ڏاڍي عشق اليل، ڪئي محبت اٺا مينھن،
غلام حيدر گاج ڪئي، جيئن ٻيلي اندر شينھن،
رامزان راتيون ڏينھن، جانب لاءِ ئي ويو جيءَ ۾.
دنيا ۾ تمام ٿورا اھڙا ماڻھو ھوندا آھن، جيڪي وڏا مقصد کڻي
پيدا ٿيندا آھن. چوندا آھن ته ڪي ڪي ماڻھو اھڙا به ٿيندا آھن جن کي وسارڻ جي ڪيتري
به ڪوشش ڪجي پر اھي ھميشه دلين ۽ ذھنن ۾ ھر ماڻھو کي ياد رھندا آھن. انھن جون مصريءَ
جھڙيون مٺيون ڳالھيون چاھيندي به ڪو نه ٿو
وساري سگھجي. ڇو ته انسانيت جي خدمت اھڙي خدمت آھي، جيڪا ھميشه ياد رکي ويندي آھي.
03 July, 2015
حضرت سچل سرمست
سچل سرمستؒ
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
نالو:
حضرت سچل سرمست رحه جي جنم جو نالو عبدالوهاب هو، پر راست گوئي ۽
راست بازي جي ڪري ”سچو“، ”سچل“ ۽ ”سچيڏنو“ سڏڻ لڳا. پوءِ انهيءَ ئي نالي سان مشهور
ٿيو. سنڌي، سرائڪي ۽ اردو شعر ۾ اهو ئي نالو تخلص طور آندو اٿس، البته ”فارسي
مثنوين“ ۽ ”ديوان آشڪار“ فارسي ۾ ”آشڪار“ تخلص ۽ ديوان خدائي ۾ ”خدائي“ تخلص آندو
اٿس.
02 July, 2015
بيگم فقيرياڻي
بيگم فقيرياڻي
بيمثال صوفي گائڪا
اختر درگاهي
اڄ روهڙي ۾ سنڌ جي نامياري صوفي شاعره ۽ راڳي مائي بيگم فقيرياڻيءَ
جي ۲۹هين ورسي ملهائي پئي وڃي مائي صاحبا سنڌَ ۾ تصوف۽ راڳ جي
حوالي سان هڪ نرالي شخصيت جي مالڪ هئي. هن پنهنجي فن جي شروعات وڏڙن جي بتيلي تان ڪئي
جنهن کان پوءِ سنڌ جي ٻن اهم درگاهن ڀٽ شاه ۽ حضرت هنباه جي فقيري فيض سان سڄي سنڌ
۾ مقبول ٿي.
01 July, 2015
جمال ابڙو
جمال ابڙو
جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو بانيڪار
محمد سليمان وساڻ
تاريخ ۳۰ جون، سنڌي ادب جي ڏاهي
ڏات ڌڻي ۽ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي بانيڪار، محترم جمال ابڙو جي ورسيءَ جو ڏيهاڙو آهي.
جمال ابڙو سنڌ جي انهن ڪهاڻيڪارن
مان آهي جن ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ کي نوان لاڙا ڏيئي منجھس فني ۽ فڪري خاصيتون
به شامل ڪيون.
جمال ابڙو ۲ مئي ۱۹۲۴ع تي ميهڙ جي ڳوٺ سانگين
۾ نامياري اديب ۽ تعليمدان علي خان ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم، پنهنجي
ڳوٺ مان ۽ پنهنجي پيءُ جي سرڪاري نوڪريءَ ۽ تبادلن سبب لاڙڪاڻي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص
مان ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. اين اي ڊي يونيورسٽيءَ مان انجنيئرنگ جي داخلا ڇڏي،
هن قانون جي ڊگري يعني ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪئي.
28 June, 2015
سيد اڪبر - فقير علي ڏنو جروار
سيد اڪبر
”لفظ ڳالهائين ٿا“ جو خالق
فقير علي ڏنو جروار
۲۷ جون تي سيد اڪبر جي ۱۲هين
ورسي آهي. هونئن ته سيد اڪبر جي سڃاڻپ سنڌ جي علمي ادبي حلقن ۽ استاد طبقي ۾ هڪ شاعر
واري آهي. واقعي سيد اڪبر هڪ بهترين شاعر آهي ۽ سندن شاعري جو تسلسل سنڌ جي بهترين
عوامي شاعرن ابراهيم ”منشي“، سرويچ ”سجاولي“، محمد خان ”مجيدي“، مريم ”مجيدي“، غلام
حسين ”رنگريز“ ۽ نبي بخش ”همدرد“ سان جڙيل آهي.
27 June, 2015
ڊاڪٽر رٿ فائو
ڊاڪٽر رٿ فائو
پاڪستاني مدر ٽريسا جو وڇوڙو
شهزادي بلوچ
تقريبن
ڇهن ڏهاڪن تائين پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مريضن جو علاج ڪندڙ جرمني جي ليڊي ڊاڪٽر روٿ
فائو، جنهن کي هتي انساني خدمتن عيوض پاڪستان جي مدر ٽريسا سڏيو وڃي ٿو، گذريل
اربع تي 87 سالن جي ڄمار ۾ هيءَ دنيا ڇڏي وئي. آبادي جي لحاظ کان پاڪستان جي سڀ
کان وڏي شهر ڪراچي ۾ قائم ميري ايڊليڊلپريسي سينٽر جي ترجمان سلوا زينگ ان جي
تصديق ڪئي.
20 June, 2015
انجنيئر عبدالوهاب سهتو
انجنيئر عبدالوهاب سهتو
ساهتيه پرڳڻي جي آخري نشاني
منظور ڪوھيار
ڪنڊيارو
مان جڏهن لاڙڪاڻي آيو، ته پهريان لاڙڪاڻي وارن به کيس قبول نه ڪيو. ڊسٽرڪٽ
هسٽاريڪل سوسائٽي ۾ ميمبرشپ لاءِ اپلاءِ ڪيائين، ته کيس چيو ويو ته؛
”سندن تحقيق مطابق ته هو ڪنڊياروي آ. ان ڪري کيس ميمبرشپ
ڏئي، لاڙڪاڻي جي تاريخ خراب ناهي ڪرڻي.“
ڪنڊياري وارا به پنهنجو نه پيا
ڪنس. چونس ته؛ ”نوڪري ٽوڪري ۽ گھر
گھاٽ لاڙڪاڻي ۾ اٿئي، ان ڪري عزت ان ۾ ٿي ته لاڙڪاڻوي سڏاءِ.“
هي اچي ڦاٿو. پنهنجن ئي ڪتابن ۾ لکيل هڪ پهاڪي، ’ڌوٻيءَ جو ڪتو، نه
گھر جو نه گھاٽ جو‘ جي مثل ٿي پيو.
نيٺ تنگ آيد بجنگ آيد جي مثل،
لاڙڪاڻي وارن کي کتيون ۽ سڌيون ٻڌائڻ لڳو، چئي: ”اڙي
اهو ته ٻڌايو، اوهان سڀ موهن جي دڙي مان نڪتل آهيو؟... لاڙڪاڻو اڏيو به لاڙ جي
ماڻهن، نه ڪي اتر جي ماڻهن. اوهان ته ’پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي‘
ڪيون ويٺا آهيو. لاڙڪاڻي جو بنياد وجھندڙ لاڙڪن مان، هڪڙو به لاڙڪ،
هسٽاريڪل سوسائٽي جو ميمبر آهي؟“
17 June, 2015
اسرار شام - مٺل جسڪاڻي
اسرار شام
وڏي حوصلي وارو
مٺل جسڪاڻي
اتفاق، سي به عجيب ۽ غريب اتفاق، ڪي اهڙا به اتفاق ٿيندا
آهن، جيڪي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيندا آهن. اهڙن اتفاقن مان هڪ اهو اتفاق ته اسرار شام
۽ آئون ٽنڊوڄام واسي آهيون، ان ڪري اسان جو پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو به تصور ڪيو ويندو رهيو
آهي، ڇاڪاڻ ته اهو به هڪ اتفاق ئي آهي، ته اسرار به قلمي پورهيو ڪندو رهيو ۽ آئون به
اهڙي ڪوشش ڪندو رهيو آهيان. پر اهو به عجيب ۽ غريب اتفاق آهي ته ”ڪي ويجها ئي ڏور،
ڪي ڏور به اوڏا سپرين“ مثل، اسان ٻئي ويجها هوندي به، هڪ ٻئي کان گهڻا پري به رهياسين،
جيڪو پڻ هڪ اتفاق آهي!
Subscribe to:
Posts (Atom)