; سنڌي شخصيتون

22 February, 2015

مولانا غلام رسول مهر - مختيار احمد ملاح

مولانا غلام رسول مهر
ڪلهوڙا دؤر جو مؤرخ
مختيار احمد ملاح
ڪلهوڙن جو دؤر سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. ڪلهوڙن سنڌ تي مني صدي حڪومت ڪئي. ميان نصير محمد، ميان يار محمد، ميان نور محمد، ميان غلام شاھ ڪلهوڙو، ميان سرفراز خان ڪلهوڙو هن دؤر جا اهم حڪمران ڄاتا وڃن ٿا. هن دور ۾ جيتوڻيڪ ڪيترائي خونريزي جا واقعا رونما ٿيا، ان جي باوجود قومي ترقيءَ لاءِ راھ هموار ڪيائون، جديد آبپاشي نظام ڏنائون، زراعت کي ترقي ڏياريائون نت نوان شهر آباد ٿيا، تختگاھ، ڪوٽ، قلعا ۽ بندگارھ وجود ۾ آيا، ادبي ۽ علمي طور تي به ڪلهوڙن جو دور سونهري دور سمجهيو وڃي ٿو. شاھ للطيف جهڙو آفاقي شاعر هن دور ۾ موجود هو. ڪلهوڙن جي دور تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن. ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب ڪلهوڙن جي دور تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. پر ڪلهوڙن جي دور تي سڀ کان وڌيڪ تفصيلي تحقيق غلام رسول مهر ڪئي آهي. مولانا غلام رسول مهر  جو جنم 13 اپريل 1893ع ۾ ڦول پور ضلعي جالنڌر ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. ڪاليج جي تعليم لاهور مان حاصل ڪيائين. لاهور ۾ اچي مسلمانن جي سياست ۾ دلچسپي رکيائين. هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو ورتائين.

عامر سيال- ڊاڪٽر شير مهراڻي

عامر سيال
رومانويت ۾ جيئندڙ شاعر
ڊاڪٽر شير مهراڻي
گذريل ڏينهن دوران مون ميڊم شهناز شورو جو انٽرويو ڪيو هو، جنهن دوران ميڊم شورو چيو هو ته پوسٽ ماڊرن ازم جي پراسرار وايو منڊل ماڻهوءَ جو ترغيبات ئي تبديل ڪري ڇڏيون آهن. يورپ جو ماڻهو ڏکيو بکيو نٿو سمهي، هن کي هاڻي ادب جهڙي ڪنهن به داخلي واردات جي ضرورت ناهي. تنهن تي مون ميڊم کان سوال ڪيو هو، ڇا يورپ جو ماڻهو تخيلاتي طور تي به ايترو آسودو ٿي چڪو آهي جو هن کي هاڻي خيالن جي آسودگي يا جماليات گهربل ناهي، ڇاڪاڻ ته ادب صرف بک ۽ بدحالي جي ڳالهه به ته نٿو ڪري، ادب انسان دوستي جو به ته ڏس پنڌ ڏئي ٿو. تنهن تي ميڊم شورو چيو هو، ‘بس ادب جو واحد ڪارج خاص طور يورپ ۾ ذهني آسودگي ۽ جماليات وڃي بچيو آهي، پر ميڊيا جو ڀونچال شايد ان تي به وار ڪرڻ وارو آهي.’

قاضي مقصود گل

مقصُود گل
گُل ڇنو گرنارَ جو...
ياسر قاضي
سنڌي ادب جو ٻهڳڻو گُل، مقصُودگل اسان کان ٻه سال اڳ اڄوڪي ڏينهن تي وڇڙيو، جنهن جي منفرد مزاحمتي توڙي رُومانوي شاعري، ٻارڙن لاءِ سرجيل ادب جي کيتر ۾ ڪيل خدمت، سچل شناسيءَ جي حوالي سان سندس ڪيل ڪمُ ۽ خاص طور سچل رح جي فارسي شاعريءَ جو منظُوم اردُو ترجمو، صحافت، ڪالم نويسي ۽ ادب جي ٻين شعبن ۾ نمايان خدمت، کين اڄ تائين اسان جي دلين ۾ زندهه رکيو ويٺي آهي. اڄ سندن وڇوڙي جي ڏينهن تي اچو ته سندن جيون ۾ جهاتي پايُون ۽ نوجوانن کي هن عظيم شاعر، دانشور ۽ ادب جي خادم سان مُکا ميلو ڪرايُون.

سيٺ هرچند راءِ وشنداس - پروفيسر اعجاز احمد قريشي

سيٺ هرچند راءِ وشنداس
جديد ڪراچيءَ جو مُهندار
پروفيسر اعجاز احمد قريشي
سنڌ ۾ اڄ نظر ايندڙ ڀينگ تي اعتبار تڏهن نه ٿو اچي، جڏهن سنڌ جا مهان ڪردار پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. ڀلا ڪيئن اعتبار ڪجي ته ان صوبي جو به سياسي، ادبي ۽ ثقافتي ڏيوالو نڪري سگهي ٿو، جتي جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، ڏيارام گدومل، هرچند راءِ، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ قاضي فيض محمد جهڙن عظيم ماڻهن انسانيت جي خدمت لاءِ پنهنجي سڄي زندگي وقف ڪري ڇڏي هجي. اهي عظيم انسان نه رڳو پنهنجي دؤر جا عظيم ڪردار سمجهيا وڃن ٿا پر انهن جو معيار زندگي ۽ سندن اختيار ڪيل راهه هر نئين دؤر جي ماڻهن لاءِ ڇوٽڪاري جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿي. سچ ته سنڌ عظيم ۽ مهان هستين کي جنم ڏنو آهي، جن ديس واسين جي چڱيءَ ريت خدمت ڪئي، جن ڌرتي ۽ قوم جو نه رڳو قرض چڪايو، پر پنهنجي ڌرتيءَ واسين کي وڏين خدمتن عيوض مقروض به بڻائي ڇڏيو. شال الله تعاليٰ اسان کي اهو قرض لاهڻ جي توفيق عطا ڪري. اهي ئي ماڻهو پنهنجو ڪردار اهڙو ته صاف سٿرو بنائي ويا، جو اڄ جو نئون نسل انهن جو نالو کڻڻ سان فخر محسوس ڪري ٿو.

پروانو ڀٽي - غلام حسين لغاري

پروانو ڀٽي
صحافيءَ جي سار لهڻ جو وقت
غلام حسين لغاري
پنهنجي زندگي جا 67 سال کن صحافت، ادب ۽ ثقافت کي ارپيندڙ ميوو خان نالي معروف پروانو ڀٽي جيڪو علالت ڪري پنهنجي گهر تائين هاڻ محدود ٿي چڪو آهي سنڌ سرڪار جي اطلاعات توڙي ثقافت کاتي جي بي حسي کان ته هونئن ئي مايوس ٿي چڪو آهي پر سنڌ جي هڪ اڌ اخباري مالڪن لاءِ به کيس بي پناهه شڪايتون آهن جن جي وڏڙن سان هن اڻهوند ۾ به اهڙي وقت ساٿ نڀايو جڏهن اخبارون مالي بحران هجڻ ڪري شايع ٿيڻ به ڏکيون هيون تن جي پونيئرن به کيس وساري ڇڏيو آهي ۽ بنهه اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن.هن پنهنجي اکين ۾ خوشي وارا لڙڪ وهائيندي پوءِ به مُرڪڻ واري انداز ۾ چيو ته کيس ڪنهن جي به مدد يا سار لهڻ جي ڪا به ضرورت ناهي پر جڏهن ڪو صحافي يا اديب وٽس ٻه پير ڀري لڙي اچي ٿو ته هو پاڻ کي چڱو ڀلو محسوس ڪري ٿو جيڪو انجو علاج آهي.

03 February, 2015

خادم حسين ’ديوانو‘ - ناصر قاضي

خادم حسين ’ديوانو‘
سٻاجھڙو، سريلو ۽ صوفي ڪلاڪار
ناصر قاضي
جيڪب آباد، جيڪو ’جان جيڪب‘ جو ٻڌايل شهر آهي، هن شهر جون جيتوڻيڪ هاڻي اهي نزاڪتون نه رهيون آهن، پوءِ به ماضيءَ جي جھور جھروڪن ۾ جڏهن به جھاتي پائجي ٿي، تڏهن هن شهر جون ديوانگيون ۽ دلربائيون نه ٿيون وسرن، جو عبدالڪريم گدائيءَ جي ڀونءِ تان خانصاحب استاد ارباب علي خان کوسي ۽ خانصاحب استاد موندر خان جا دلفريب آواز ايندا هئا، جيڪي ساهن کي سرهو ڪندا رهندا هئا. انهن دلربائين ۽ ديوانگين جي پيش منظر ۾ هڪڙو اهڙو ديوانو ماڻهو به آهي، جيڪو پنهنجي آواز جي مستين ۾ سدائين مست رهيو آهي ۽ الائي ڪيترن ماڻهن جو دلربا بڻيل رهيو آهي. هي اهو زمانو هو، جڏهن جدت جا سجھندا اڃا ايڏا وائکا ۽ ويڪرا ڪين ٿيا هئا، پوءِ به والن وارن ريڊين ۽ ’هٽاچي‘ ٽيوين جو دور هو ۽ ماڻهن جون نهارون ۽ سماعتون هميشه انهن مشيني پرزن ۾ اٽڪيل هونديون هيون، جن سان روح کي عجيب ڪيف ۽ راحتون نصيب ٿينديون هيون. انهن عجيب ڪيفيتن ۽ راحتن ۾ سنڌ جي سريلي آواز جي مالڪ خادم حسين ديواني جو به اوترو ئي حصو رهيو آهي، جيترو سنڌ جي ٻين ناليوارن ڪلاڪارن جو آهي.  حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهه اها چئبي، جو جڏهن هن درويش صفت ڪلاڪار سان موبائيل تي ڪچهري ڪرڻ جو موقعو مليو ته سڀ ڳالهيون وساري، پنهنجو اصلوڪو احوال ڪرڻ کان به اول اها ڳالهه بار بار بانور ٿي ڪرايائين ته:  ”خادم حسين کي عزتن ۽ شهرتن جي منزلن تي پهچائڻ ۾ خداوند قدوس جي ذات بابرڪات کانپوءِ سندس محسن شخصيتن خانصاحب استاد ارباب علي خان، محترم ممتاز مرزا، محترم عبدالحميد آخوند، محترم منظور احمد قناصري، محترم عنايت بلوچ، محترم محمد بخش سميجي، محترم عبدالڪريم بلوچ، محترم قنبر علي  ۽ ٻين جو اهم ڪردار شامل رهيو آهي.“

ڀڳونتي ناواڻي

ڀڳونتي ناواڻي
سنڌ هند جي ڪوئل
سنڌين جي سڪيلڌي ۽ لاڏلي فنڪاره، سنڌوءَ جي نياڻي، ڪماري ڀڳونتي ناواڻيءَ جو جنم، ۱ فيبروري ۱۹۴۰ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو، جڏهن ته سندس اصل اباڻو ڳوٺ نصرپور ضلعو حيدرآباد (هاڻي مٽياري) هو. سندس تعليم مئٽرڪ هئي. پرائمري تعليم ڪراچيءَ ۾ فريئر روڊ وٽ انڊين گرلس اسڪول مان حاصل ڪيائين. ۱۹۴۷ع ۾ ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ، ۱۹۴۸ع ۾ فسادن سبب سنڌ مان لڏي مائٽن سان گڏ بمبئي هلي وئي. پهرين ڪملا گرلس هاءِ اسڪول بمبئيءَ ۾ پڙهي، ان بعد هاءِ اسڪول فار سنڌيز بمبئيءَ مان ۱۹۵۷ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين.

11 January, 2015

قاضي اختر حيات - ناصر قاضي

قاضي اختر حيات
سنڌ ڌرتيءَ جو هاڪارو مصور ۽ تعليمدان
ناصر قاضي
جنوري 2015ع جي آمد ۾ اسان جون وڏيون اميدون واڳيل هيون. ڇاڪاڻ نئين سال جي نون اجرن صبحن مان ئي هڪڙو صبح مون سميت منهنجن سڀني رشتيدارن، دوستن، پرين پيارن ۽ واقفڪارن لاءِ خوشين جا خزانا کڻي اچڻ وارو هو، منهنجي گھر مان هو جمالن جي هوڪن سان گڏ مينديءَ جي مهڪار، توڙي ڳانن جي ڳاڙهاڻ سموهجڻ واري هئي، دهلن جي ڌڌڪار ۽ جھمرين جي جھنڪار ۾ امڙ ابي جي آسيسن ۽ دوستن جي دعائن سان اسان جي گھر ڀاتين ۾ اضافو ٿيڻ وارو هو، مون کي نئين زندگي ملڻ واري هئي ۽ آئون ٽيٽيهن سالن تي محيط پنهنجي اڪيلائيءَ واري عمر اڪارڻ بعد هڪ مان ٻه ٿيڻ وارو ئي هيس ته ڊسمبر 2014ع جي چوٿين اڀاڳي ڏينهن تي منهنجي گھر ڀاتين ۾ اضافو ٿيڻ بجاءِ گھاٽو ٿي ويو ۽ اسان کان اسان جي مٺڙي ڀائيجان، منهنجي پياري چاچي، سنڌ ڌرتيءَ جي هاڪاري مصور ۽ تعليمدان قاضي اختر حيات موڪلاڻي ڪندي، گھر ۾ سوڳوار تڏو وڇرايو.

05 January, 2015

لڇمڻ ڪومل


لڇمڻ ڪومل
پنھنجي ڪوتائن جي آس پاس
رکيل مورائي
ورهاڱي کان پوءِ هند توڻي سنڌ جي شاعراڻي اڀياس ۾ لڇمڻ ڪومل جو ذڪر اهميت جوڳو ئي نه پر نهايت ئي اهم آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي ادب ۾ اهو اهڙو دور آهي، جنهن ۾ ادب ۾ ترقي پسند نظريو نهايت تيزي سان داخل ٿي رهيو هئو. جيتوڻيڪ اڄ سنڌ جي ايماندار اديبن کي اهو قبول ڪرڻ گهرجي ته اهو نظريو سنڌ ۾ ادبي ڌارا کان وڌيڪ سياسي ڌارا طور قبول ڪيو ويو هئو، جنهن سنڌي ادب کي نج تخليقي سطح کان گهڻو پري ڪري ڇڏيو. پر حيرت جي حد تائين لڇمڻ ڪومل جي پهرئين ۽ آخري، ڪوتائي ڪتاب ”جيءَ جهروڪو“ وقت هن محسوس ڪيو ته سنڌي ڪوتا کي، ڪا به سياسي ڌارا نه پر ادبي ۽ تخليقي ڌارا ئي بچائي سگهي ٿي.

ادراڪي بيگ لاري - مختيار ملاح

ادراڪي بيگ لاري
ارغون دور جو تاريخ نويس
مختيار ملاح
سمن جي حڪومت جي زوال سان سنڌجون واڳون ارغونن جي هٿ آيون، جن اچڻ سان سڄي ملڪ ۾ رڻ ٻاري ڏنو. پوري ملڪ ۾ قتل عام شروع ڪيو ويو. ارغون ترڪستان جي هڪ خاندان جو نالو آهي، جنهن خاندان 1520ع کان 1555ع تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي. هن خاندان جو نسبتي سلسلو چنگيز خان سان وڃي ملي ٿو. ارغونن کانپوءِ سنڌ، سندن ساٿين ۽ سپاهين، ترخانن جي هٿ لڳي. جن جو دور اڳئين دور کان وڌيڪ انتشار وارو هو. سنڌ۾ فارسي زبان پنهنجي عروج تي پهتل هئي، علم ۽ ادب جا اڪثر حوالا فارسيءَ ۾ ئي لکيا ويا، جن مان هڪ حوالو ”بيگلر نامه، يا“ بيگلار نامو“ آهي. ڪتاب جي مصنف بابت مولائي شيدائي لکي ٿو ته ”بيگلار نامه ابوالقاسم خان ولد شاهه قاسم خان بيگلار جي تصنيف آهي. هن ۾ ترخان گهراڻي جو بيان 1017هه کان سن 1036هه تائين ڏنل آهي.“ جڏهن ته ٻيو خيال اهو آهي ته اهو ڪتاب اهو ادارڪي بيگلاري لکيو. اها خبر نه ٿي پوي ته ادارڪي سندس تخلص هو يا نالو. بهرحال محقق ان ڳالهه تي متفق آهن ته ان ڪتاب جو ليکڪ ادارڪي بيگلاري هو.

سرمد سنڌي


سرمد سنڌي
لُڙڪَ لَڙي پيا لار ڪري
ناصر قاضي
هي ته ڊسمبر ۲۰۱۴ هيو، پر هر سال جو ڊسمبر پنهنجي آمد شرط سرديءَ سان گڏ جتي ڪيترن ئي ڌرتيءَ ڄاون محترمه بينظير ڀٽو، شيخ اياز، اياز قادري، تاجل بيوس، قربان علي شيخ، روشن جي جون غمگين يادون ساڻ کڻي ايندو آهي،  اتي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ سرمد سنڌيءَ جي نه هجڻ وارو احساس ڇيت جيان چڀي رهيو هوندو آهي.
سرمد سنڌي جڏهن به اسٽيج تي ڳائڻ ايندو هو ته سنڌ سان عشق جو اظهار ضرور ڪندو هو، هن پنهنجي حياتيءَ جي مختصر عرصي ۾ سنڌ سان عشق جو جيڪو نعرو هنيو، اڄ اهو نعرو هر سنڌيءَ جي چپن تي سرمد جي ڳايل گيتن جي صورت ۾ زندهه و جاويد آهن. واقعي به سرمد سنڌ جو اهو پروانو هو، جنهن پنهنجي زندگيءَ جي آخر تائين ڌرتيءَ جي عشق کي پاڻ کان پري نه رکيو.

سيد عبدالقادر - مختيار ملاح

سيد عبدالقادر
حديقته اولياءَ جو ليکڪ
مختيار ملاح
سنڌ جي سرزمين صدين کان بلند پائي جي عالمن، صوفي، درويشن، اوليائن، ساداتن ۽ مشائخن جو مرڪز رهي آهي. انهن صوفي بزرگن ۽ الله لوڪ درويشن جي باري ۾ وقت به وقت ڪيترائي تذڪره ۽ سوانح حيات تي اعليٰ ڪتاب لکيا ۽ تاليف ڪيا ويا آهن. سنڌ خطي جي بدقسمتي اها رهي آهي جو تاريخ، علم ۽ ادب جا گهڻا ڪتاب غائب ٿي ويا يا ضايع ٿي ويا. اڄ جڏهن اسان تاريخي ڪتاب لکڻ لاءِ حوالا ڳوليون ٿا، تڏهن راويتن تي منبي ڪتابن جو سهارو وٺڻو پوي ٿو. ڪي ڪتاب محفوظ بچيا آهن جن مان اڪثر اڻپورا  احوال مليا آهن. اهڙن تذڪرن ۾ هڪ بي مثال ۽ قابل تعريف ڪتاب ”حديقته الاولياءَ“ آهي. جيڪو فارسي زبان ۾ سيد عبدالقادر جو لکيل اهي.

04 January, 2015

عبدالغفور سومرو - ناصر قاضي

عبدالغفور سومرو
مينديءَ جي سرهاڻ جهڙا گيت آلاپيندڙ گڻائتو گلوڪار
ناصر قاضي
ڪنهن کيس ’شهرن جي راڻي‘ ٿي سڏيو ته ڪنهن وري مٿس ’سنڌ جي پئرس‘ جو نالو ڏنو. حقيقت اها آهي ته هن شهر جي تهذيب ۽ تمدن شاهوڪار ۽ سڀني وصفين شاهڪار هجڻ جي ڪري ئي اتر سنڌ جي اها سهڻي وسندي سچ پچ ته ’شاهوڪارپور‘ ۽ ’شاهڪارپور‘ به آهي، جنهن کي سڀ ’شڪارپور‘ جي نالي ۽ حوالي سان سڃاڻين ٿا. سنڌ ڌرتيءَ جي هن سهڻي شهر کي ڪوتا توڙي ڪلا جي ٻن ڏاهن ڏات ڌڻين شيخ اياز توڙي خانصاحب استاد منظور علي خان جي جنم ڀومي هئڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي. اهائي شڪارپور جي سرزمين ساميءَ جي سڃاڻپ کي صدين کان پنهنجي سيني ۾ سانڍيندي پئي اچي.