; سنڌي شخصيتون

17 March, 2011

بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي - غلام حسين قائمخاني


بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي
غلام حسين قائمخاني
بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي ڳوٺ ديگهاڻ ڀرڳڙي ۾ جنم ورتو. سندس والد محترم جو نالو ريئس مولوي ولي ڀرڳڙي هو. رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ابتدائي تعليم سندس ئي ڳوٺ جي مدرسي مان حاصل ڪئي. بعد ۾ پاڻ مشينري اسڪول ڪراچي ۽ سنڌ مدرسي ڪراچي مان مئٽرڪ پاس ڪري واپس ڳوٺ دينگاڻ ڀرڳڙي اچي زمين سنڀالي. 

16 March, 2011

حاجي نجم الدين لغاري (سريوال) - عبدالغفار لغاري


حاجي نجم الدين لغاري (سريوال)
عبدالغفار لغاري
سنڌ ڌرتي جنهن کي صوفين ۽ امن جي ڌرتي چيو وڃي ٿو، اتي هر دور ۾ اهڙا ماڻڪ موتي پيدا ٿيا آهن، جن هميشه ماڻهن جي خدمت کي عبادت سمجهڻ سان گڏ امن ۽ شرافت جو دامن نه ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ سياسي، برادري ۽ راڄگيري جي حوالي سان هڪ منفرد ۽ اعليٰ مقام رکندڙ سياسي شخصيت حاجي نجم الدين لغاري (سريوال) جو جنم ضلع بدين جي تعلقي ماتلي جي ننڍڙي ڳوٺ  ماڻڪ لغاري ۾ 1920ع ۾ ٿيو، سندس ابتدائي تعليم جي شروعات ڳوٺ گلاب لغاري جي پرائمري اسڪول مان ٿي وڌيڪ تعليم ٽنڊوباگو جي هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. مرحوم جي سياسي ۽ ذاتي زندگي هڪ بي داغ شخصيت سان گڏ شرافت ۽ قانوني جي پاسداري رکندڙ شخصيت هئي. هو عام رواجي وڏيرن ۽ رئيسن کان منفرد طبيعت رکندڙ شخصيت هو ۽ اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي. سندس ڪچهرين مان واضع لڳندو هو ته هن جو پسنديده سياسي شخصيتون  قائم اعظم محمد علي جناح، فاطمه جناح ۽ بعد ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هئا. سندس اهم ۽ قريبي دوستن ۾ ڀٽو مرحوم کان علاوه غلام مصطفيٰ جتوئي، رحيم بخش سومرو، پير غلام رسول شاهه جيلاني، مير رسول بخش ٽالپر، قاضي عابد، قاضي اڪبر، ڄام صادق، شاهنواز جوڻيجو وارن سان دلي لڳاءُ هئس. ٽائيم جي پابندي سندس اولين ترجيح هئي. راڄ ڀاڳ ۾ آخري سفر تائين مرڻن ۽ پرڻن ۾ پاڻ پهچي ڏک ۽ سک ونڊڻ سندس عادت هئي. سنڌ اندر لغاري برادري ۾ اهم مقام رکڻ باوجود ڪڏهن به سرداري جو لفظ نه سڌارايائين ۽ مخصوص قبيلائي سوچ نه رکي مرحوم حاجي نجم الدين (سريوال) 1945ع 1950 ڌاري سياسي سفر جو آغاز ڪيو ۽ ماتلي مان ميونسپل ڪميٽي جي ميمبر طور منتخت ٿيو، 1953ع ڌاري ماتلي جي صوبائي تڪ تان مسلم ليگ جي پليٽ فارم ايوب کهڙو گروپ جي نور محمد نظاماڻي سامهون اليڪشن ڪري ڪاميابي حاصل ڪري ايم پي اي ٿيو. عبدالستار پيرزاده جي وڏ وزارت ۾ ايڪسائيز کاتي جو صوبائي وزير ٿيو، ون يونٽ واري اليڪشن ۾ مغربي پاڪستان جو ميمبر منتخب ٿيو. 1956ع ۾ ڊاڪٽر خان صاحب جي وزارت ۾ جهنگلات جو وزير مقرر ٿيو.  سنڌ ۾ 1956ع دوران آيل ٻوڏ دوران ايريگيشن کاتي جا پاور ملڻ تي ماتلي شهر کي بچائڻ وڏي جاکوڙ ڪيائين ۽ اتان ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ خصوصي ٽرين هلرائي 1962ع دوران باءِ اليڪشن ميمبر اعجاز ٽالپر کان 7 ووٽن تان هارايو چار مارچ 1964ع واري واقعي  ۾ جن شاگردن جي ڪورٽ مان ضمانت نه ٿي ناهن جي ضمانت حاجي انجم الدين لغاري ان وقت جي لا ڪاليج جي پرنسپل ۽ وڪيل محمد ميمڻ جي گذارش تي ڪرائي يحيٰ دور ۾ پهريان دولتانه صاحب ۽ بعد ۾ سڪندر حيات جي ٻاهر وڃڻ بعد پاڪستان مسلم ليگ جو عارضي طور صدر به ٿيو. 1970-73 ڌاري ٽنڊو باگو بدين تڪ تي پيپلز پارٽي اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سامهون اليڪشن ڪئي. 5000 ووٽ تان شڪست کائي 1973ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان وقت جي وزير اعليٰ ممتاز علي ڀٽو جي چوڻ تي پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي. ماتلي بدين تڪ تان مرحوم خان محمد نظاماڻي پاران اليڪشن تان هٿ کڻن بعد ڪاميابي ماڻي. 1983ع دوران ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ گرفتار به ٿيو.
ضياءَ دور ۾ غير جماعتي اليڪشن دروان ڪامياب بائيڪاٽ ڪري سياسي حلقن ۾ هڪ نمايان ڪردار ادا ڪيو. اڳوڻي وزير اعظم غلام مصطفيٰ جتوئي واري دور ۾ صوبائي وزير ٿيو. 1988ع بعد سياست کان ڪناره ڪشي ڪئي. مرحوم کي ٻن پٽن جو اولاد آهي.
وڏو پٽ بشير احمد لغاري پيپلز پارٽي ضلع بدين جو سينيئر نائب صدر ۽ ايم پي آهي. جڏهن ته سندس ٻيو فرزند انيل احمد پرائيويٽ نوڪري ڪري ٿو. مرحوم حاجي نجم الدين 2004ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. هن اڌ صدي تائين بغير ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي ماڻهن جي خدمت ڪئي. ڪڏهن به سرڪاري ادارن قرض نه کنيو ۽ قانون کان هٽي ڪري ڪو قدم نه کنيو. اڄ به عوام کيس علائقي ۾ ڪرايل ترقياتي ڪمن ڪري مرحوم جي ڪيل خدمتن کي ياد ڪن ٿا جيڪي هڪ تاريخي حيثيت ماڻي چڪيون آهن جيڪي هميشه ياد رهنديون.

خانبهادر مرحوم غلام محمد وساڻ - چونڊ: راجا راٺوڙ


خانبهادر مرحوم غلام محمد وساڻ
 چونڊ: راجا راٺوڙ
سرزمين سنڌ ۾ رهائش پذير قديم قومن ۽ قبيلن ۾ جن کي مجموعي طور ”سماٽ“ سڏيو وڃي ٿو تن ۾ وساڻ پڻ شامل آهن. هن برادري جا اڪثر ماڻهو سنڌ جي وچولي ۽ ڏاکڻئين علائقي ضلع ٿرپارڪر، ضلع سانگهڙ، ضلع نوابشاهه، ضلع حيدرآباد ۾ رياست خيرپور جي ڪن حصن ۾ آباد آهن. سندن اباڻو ۽ قديم پيشو، زمينداري ۽ هارپو آهي. هڪ روايت موجب؛ وساڻ سنڌ جي سمن حاڪمن جي هڪ شاخ آهي ۽ جهڙيءَ طرح سنڌ جون ٻيون اڳوڻيون حڪمران برادريون زماني جي دستبرد کان بچي نه سگهيون ۽ پنهنجي اصلوڪي مقام تي برقرار نه رهيون، تهڙيءَ طرح هيءَ برادري پڻ ڪن صدين تائين خاموشيءَ سان پنهنجي حال تي شاڪر آهي. مرحُوم خانبهادر غلام محمد وساڻ جهڙا عديم النظير انسان، صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن. وڏن ماڻهن جو احوال لکڻ مان به وڏي مان وڏا فائدا هي حاصل ٿين ٿا؛ هڪ ته قوم جا نونهال پنهنجن بزرگن بابت پڙهي پنهنجي مستقبل کي سنواري ۽ سڌاري سگهن ٿا. مرحوم غلام محمد وساڻ ڳوٺ گاجن وساڻ ديهه ڪنڊياري تعلقه سانگهڙ ۾ 3 جنوري سنه ۱۹۱۲ع تي مشهور پهاڪي جي مصداق ”وات ۾ چانديءَ جا چمچا رکي“ ڄائو. پنهنجي والد بزرگوار جي ٽن پٽن مان وچون هو. کائنس وڏو رئيس محمد ملوڪ هو، جيڪو ٻئي گهر مان هو. هو صاحب سنه ۱۹۲۹ع ۾ ڪنوارو ئي فوت ٿي ويو. مرحوم خانبهادر کان ننڍو رئيس نبي بخش وساڻ هو، جيڪو سنه ۱۹۱۵ع ڌاري ڄائو ۽ اٺن نون سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي خالق سان وڃي مليو. 

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي - سرفراز وسطڙو

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
 سرفراز وسطڙو
سنڌ جي سرزمين ڪيترا ئي عالم، اديب ۽ شاعر پيدا ڪيا آهن.انهن جي علم ۽ ڪمال جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ واسي ڇڏي آهي. اهڙن عالمن ۽ فاضلن مان حڪيم فتح محمد سيوهاڻي به هڪ هو.
سيوهڻ جي عباسي خاندان ۾ سن ۱۸۸۰ع جي اوائل ۾ ڄائو، عربي ۽ فارسي جي مڪمل تعليم حاصل ڪري حڪمت جو ڌنڌو اختيار ڪيائين. سندس والد جو نالو ميان محي الدين هو. جيڪو هڪ وڏو عالم ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي. جڏهن حڪيم صاحب پنجن ورهين جو ٿيو ته کيس مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويهاريائين. هو ڏاڍو ذهين هو. ان ڪري ٿوري وقت اندر نه رڳو قرآن شريف پورو ڪيائين پر عربي ۽ پارسي ٻولين ۾ به چڱي ڄاڻ حاصل ڪيائين. پوءِ دادو ضلعي جي سيتا نالي ڳوٺ ۾ عربي پڙهڻ لاءِ ويو، جتي مولوي ميان محمد صديق سيتائي جهڙي لائق استاد وٽ عربي جي تعليم حاصل ڪيائين. سن ۱۳۲۱ هجري ۾ تعليم پوري ڪري سيوهڻ موٽي آيو. 

حاجي غلام نبي ڏهراج - مخمور مهيري

حاجي غلام نبي ڏهراج
مخمور مهيري
سون برابر سپرين، توريان نه ترن
ميخون جن جون من ۾، چوريان تان نه چرن
سي ڪيئن وسرن، جيڪي سانڍي رکيم ساهه ۾
سنڌ ڌرتي عالمن ۽ فاضلن، جانثارن ۽ جوڌن، ڏاهن ۽ اڪابرن، صوفين ۽ سالڪن، اوليائن ۽ ولين، امن ۽ عدل، انصاف ۽ احساس، ديسي توڙي پرديسي ماڻهن ۽پکيئڙن جي پيار پناهه گاهه صدين کان رهندي اچي.
هن ڌرتي جي مان واري مٽي مان سوين سورمين، لائق ليڊرن، شاعرن ۽ اديبن جنم وٺي پنهنجي ڏات ۽ ڏاهپ سان سندس مان ۽ شان مٿانهون ڪيو آهي. اهڙن بيباڪ، بهادرن، ارڏن ۽  اڻموٽ ڪردارن ۾ تحريڪ آزادي جي تاريخي ڪردار، مرحوم حاجي غلام نبي ڏهراج جو نامور نالو، تاريخ جي ورقن ۽ بابن ۾ اڄ به چمڪي رهيو آهي. 

جيجي زرينه بلوچ - رشيد سومرو

جيجي زرينه بلوچ
رشيد سومرو
جيجي زرينه بلوچ جو شمار سنڌ جي انهن عورتن ۾ ٿئي ٿو جيڪي هڪ ئي وقت ڪيترين ئي خوبين جون مالڪ ۽ خالق آهن. سنڌ جي هي ڪامريڊ  جيجي هڪ ئي وقت بهترين ڳائڪ، اعليٰ شاعره، عظيم استاد، ناليواري قومپرست اڳواڻ ڊرامه نگار ۽ ليکڪ هئي. شايد اها سنڌ جي ارڏي ۽ دلير عورت ۲۹ ڊسمبر ۱۹۳۴ع ۾ اڳوڻي تعلقي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ الهداد چند ۾ جنم ورتو. جيجي زرينه بلوچ جي امڙ گلروز بلوچ، زرينه بلوچ جڏهن ڇهن سالن جي هئي وفات ڪري وئي. زرينه بلوچ جي ۱۵ سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي سوٽ سان نڪاح ٿيو. جنهن مان هن کي اختر بلوچ (صوبائي وزير سسئي پليجو جي ماءُ) زينه بلوچ  ۽ اسلم پرويز جو اولاد ٿيو پر ۱۹۵۸ع ۾ تعليم پرائڻ جي مسئلي تان هن پنهنجي مڙس کان علحدگي اختيار ڪري، حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي. جتي هوءَ ۱۹۶۰ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي لوڪ فنڪاره طور آئي ۽ هن کي ۱۹۶۱ع ۾ بهترين فنڪار جو ايوارڊ مليو. جيجي زرينه بلوچ ۱۹۶۴ع ۾ رسول بخش پليجي سان شادي ڪئي، جنهن مان هن کي هڪ پٽ اياز لطيف پليجو ڄائو. جيجي زرينه بلوچ ۱۹۶۷ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ماڊل اسڪول ۾ استاد مقرر ٿي جتان ۱۹۹۷ع ۾ رٽائر ٿي ۽ برين ڪينسر سبب ڪراچي جي نيشنل اسپتال ۾ ۲۰۰۵ع ۾ وفات ڪري وئي.
جيجي زرينه بلوچ استاد هئڻ سان گڏ هڪ وڏي قومپرست اڳواڻ پڻ هئي. هن جنرل ضياءُ الحق جي آمريت خلاف سخت احتجاج ڪيو جنهن تي هن کي سکر ۽ ڪراچي جي جيل ۾ به وڃڻو پيو. مارشل لا ۽ جاگيردارن خلاف جدوجهد ڪرڻ تي سنڌ جي ماڻهن پاران هن کي جيجي جو لقب ڏنو ويو. جيجي زرينه بلوچ سنڌياڻي تحريڪ سنڌي ادبي سنگت جي باني اڳواڻن مان هڪ هئي. هن کي قدرت پاران انتهائي خوبصورت آواز ڏنو ويو هو. هن جا قومي لوڪ ۽ ڳيچ سنڌ ۽ هند جي ماڻهن جي دلين جا ڌڙڪن هئا. مور ٿو ٽلي راڻا، پيرين پوندي  سان ايئن چوندي سان رهي وچ رات ڀنڀور ۾.
هن جي فن موسيقي، اداڪاري، ڊرامه نگاري تي هن کي لطيف ايوارڊ، سچل، قلندر، فيض احمد فيض ۽ وحيد مراد ايوارڊ سميت ڪيترائي قومي ايوارڊ مليا. جيجي زرينه بلوچ جو لکيل ڪتاب تنهن جي ڳولا تنهن جون ڳالهيون اڄ به سنڌ ۾ مقبول آهي. جيجي زرينه بلوچ جي سڄي زندگي علم، ادب ۽ عوام جي خدمت ۾ گذري، سنڌ جي هي بيباڪ نياڻي پنهنجي اندر ۾ جيتريون خوبيون رکندڙ هئي شايد ٻي ڪا عورت ان وصف ۾ شامل ڪو نه ٿي ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو سياسي وابستگين جي باوجود اڄ به هر طبقو هر فرد جيجي زرينه بلوچ جي دلين جي گهراين سان احترام ڪري ٿو. اسين جڌهن سنڌ جي مهان انسانن جي ڳڻپ ڪنداسين ته جيجي زرينه بلوچ جو نالو به ان صف ۾ سر فهرست هوندو.

مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي - ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي

مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي
ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي
ساهتي پرڳڻي جي ڀلاري ڀونءِ مان وقت جا ڪيترائي بلند پايي جا عالم، محدث، مفسر، فقيه، اديب، شاعر، حڪيم، قومي ڪارڪن، سخي ۽ بهادر انسان پيدا پئي ٿيا آهن، جن جي علمي ۽ عملي ڪارنامن سان سنڌ جي تواريخ جا باب ڀريا پيا آهن. نوشهري فيروز ضلعي جي ڪنڊياري شهر جي اوڀر ۾ قومي شاهراهه جي وٽ سان ڄام نـُـور الله(1) جي نالي  سان هڪ قديم ڳوٺ آهي. اهو  ڳوٺ سهتا قوم جي هڪ سردار ڄام نـُـورالله  (2) جو ٻڌايل آهي.

15 March, 2011

مير غلام علي خان ٽالپر - ذوالفقار چانڊيو

مير غلام علي خان ٽالپر
 ذوالفقار چانڊيو
اسين جڏهن سنڌ جي مهان شخصيتن کي محبت ۽ عقيدت جي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا ته انهن شخصيتن ۾ ٽنڊومحمد خان جي مير خاندان جي مير غلام علي خان ٽالپر جو نالو به سنڌ جي انهن اعليٰ ڪردار ۽ عظيم شخصيتن جي لسٽ ۾ نمايان اچي ٿو. مير غلام علي خان ٽالپر جي خاندان جو تعلق سيوهڻ مان آهي. هن جا بزرگ قيام پاڪستان کان گهڻو اڳي ٽنڊو محمد خان لڏي آيا هئا. جتي 19 سيپٽمبر 1909ع ۾ مير غلام علي خان ٽالپر جي ٽنڊو محمد خان ۾ ولادت ٿي مير غلام علي خان ٽالپر شروعاتي تعليم حيدرآباد، ڪراچي ۽ پوءِ علي ڳڙهه يونيورسٽي مان ورتي ۽ هن بمبئي يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪئي. هن جي سياسي زندگي جو آغاز 1996ع کان ٿئي ٿو. هن پهرين چونڊن ٽنڊو باگو جي تڪ تان وڙهي ۽ ٻه ڀيرا حيدرآباد لوڪل بورڊ جو ميمبر رهيو. مير غلام علي ٽالپر سر غلام حسين هدايت الله جي ڪابينه ۾ پهريون وزير ٿيو ۽ پوءِ لاڳيتو جنرل ايوب خان جي مارشل جي دور تائين مسلسل ڪيئن ڀيرا صوبائي ۽ قوم اسيمبلي جو ميمبر ٿيو.

مسڪين جهان خان - واگهومل ميگهواڙ

مسڪينن جو مسڪين جهان خان
واگهومل ميگهواڙ
ٿر جي ڀرڀانگ ڀٽن کي پار ڪندي، پارڪر جي ڪنڌيءَ تي آباد ننڍڙي ڳوٺ سامي جي ويري جا اهي تڙ، اهي ويڙها ۽ وستيون ڪيڏيون نه خوش قسمت آهن، جن جو سمورو ماحول ئي فطرت جي سونهن سان سلهاڙيل آهي. اتر ڪنڌي واري جي ڀٽن جون اڻ کٽ قطارون، ڏکڻ طرف ڪڇ ۽ ڏکڻ اولهه طرف ڪارونجهر جون ڪورون، اهڙي ئي حسناڪ علائقي ۾ 1909ع ۾ جنم وٺندڙ جهان خان کوسو ڪنهن ڄاتو هو ته وڏو ٿي هو مسڪين بڻجي ويندو. سندس جيون ساگر جو سفر ٿر جي ڀڙڀانگ ڀٽن جي اڙانگن سفرن، ڏولاون ۽ پنڌ جي پيچرن ۾ پورو ڪندو، جيڪو مسڪين پاڻ مسڪينن سان آخري گهڙين تائين اڙانگي سفر ۾ ساڻ رهيو ٿر جتي لڪون لڳن، اڪ تپن، ڏوڪار جا ڏولاوا، اهڙين ڏکيائين جي ڏيهه جو هي ماڻڪ موتي نوجوان پوليس سپاهي 1937ع تان استيعفٰي ڏئي غريبن ۽ مسڪينن جي ڏک کي پنهنجي سمهي کڙيو (ڳوٿري جنهن ۾ کاڌي پيتي جو سامان کڻجي) ڪلهي تي کڻي ڏکن جي سفر جو ساٿي ٿيو، تڏهن ڪنهن به ڄاتو نه ته اها هستي ڏتڙيل سماج لاءِ هڪ رول ماڊل ڪردار طور سامهون ايندي. سامان جي ڳوٿري ڪلهي تي ۽ اخبارن جا بنڊل بغل ۾ کڻي، ڏڪار جي حالت ۾ روينيو جي آفيسن ۾ لهي پوندو هو. ڪٿي ڪو غريب اڃ ۽ بک وگهي مئو، ڪٿي ڪنهن مسڪين کي راشن نه مليو، پاڻ پيٽ بکئي وڃي سرڪاري ڪامورن ۽ عملدارن جي پٺيان پوندو هو. سندس سفر راتين جون راتيون ڏينهن جا ڏينهن اڻ کٽ ۽ سسئي جي ڪردار وانگي اڙنگو هوندو هو.
ڏکوئلن جي ڏيهه جو اهو شخص غريبن لاءِ ڇا! ڇپر ڇانوءُ هو. کيس ملندڙ ٻاجهري جي ماني هجي توڙي، ٻاجهري جي رٻ لسي هجي توڙي کي پر سڀ  کان پهرئين هو غريبن ۽ مسڪينن کي ورهائي ڏيندو هو. ٿر ۾ چوپائي مال جي چوري چڪاري ۽ پٽيلن جي ڪردار کان چڱي طرح واقف هو، ڪٿي به شل ڪنهن غريب جي ڪا به ٻڪري چوري ٿئي وٽس پهچي ويندو هو ۽ چورن وٽ پهچڻ تائين دير نه لڳندي هئس سردين توڙي گرمين ۾ غريبن لاءِ سفر ڪندڙ اهو شخص سرڪار توڙي وقت جي حڪمرانن کان لاوارث ٻڻيل علائقي ٿر لاءِ ڄڻ ڪو والي هو. هن لاءِ ماروئڙن ۽  مڪينن جا اهنج پنهنجا هوندا هئا. هو بنا متڀيد ۽ بنا فرق جي پوري ٿر جي هر مسئلي کي پنهنجو سمجهي ڪامورن جي پٺيان لڳي ويندو هو. جيسئن وڃي مسئلو حل ٿئي تيستائين ساهه نه پٽيندو هو. وڏيرن جي ڪرتوتن ۽ پوليس جي ڪردار جو اصل مخالف هي پوڙهو جُهور شخص جنهن سندس مال متاع غريبن لاءِ وقف ڪري ڇڏيا، سماج سڌارڪ جي اهڙي ڪردار کي اسان نه صرف ٿر جو وهائو تارو چئي سگهون ٿا پر هن کي اسان سماج جو املهه هيرو به چئي سگهون ٿا. اهڙو هيرو ڄامشوري جي پٿريلي علائقي واري اسپتال ۾ هن سماج جي بي حسي جي ڪري ڪيتروئي وقت بيماري جي بستري رهيو پر ڪنهن به سندس سار نه لڌي ۽ آخرڪار 23 جولاءِ 1980ع ۾ ڪارونجهر جي هنج واري شهر ننگرپارڪر ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
سندس سماج لاءِ ڪيل خدمتون هميشه لاءِ امر رهنديون. اهڙي ئي ڪردار ۽ خدمتن جي مڃتا تي کيس مرڻ کانپوءِ يو ايس اي جي بايواگرفيڪل انسٽيٽيوٽ طرفان گولڊن ڪارڊ آف اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازيو ويو. سندس نالي تي ننگرپارڪر ۾ هڪ لائبريري پڻ قائم آهي.