شھيد رتو خان جلباڻي
ڪلھوڙا دورجي جرنيل جي
سوانح حيات، اولاد ۽ آثار
تحقيق ۽ تحرير: شيخ
جاويد علي سنڌي

سنڌ جي جلباڻين جو وڏو سعيد خان
عرف صوبدار خان جلباڻي ھو جنھن جو اصل وطن ڪڇي گنداواھ جو شوراڻ وارو علائقو ھو. پاڻ
ميان وال تحريڪ جي سرواڻ ميان نصير محمد ڪلھوڙي جو فقير ھو. سعيد خان جلباڻي، قلات
جي رياست شوران کان ھجرت ڪري موجودھ ڳڙھي خيرو ويجھو ميانوال تحريڪ جي سنجر ڀٽيءَ واري
مرڪز ۾ اچي رھڻ لڳو. سيد لال شاھ بري رحھ جا مجاور اوڏ فقير بھ ان وقت شوران مان
ھجرت ڪري آيا ھئا. چون ٿا تھ سعيد خان جلباڻي جون ۳ شاديون ٿيل ھيون جن مان کيس ھيءُ ۴ پٽ ڄاوا ۱) ڳاڙھو خان ۲) محبت خان ۳) مسُو
خان۽ ۴) رتو خان. ڳاڙھي خان جي اولاد ڳاڙھاڻي
سڏجي ٿي. مُحبتاڻي محبت خان جلباڻي جو اولاد آھن. اھي مسو ديري ۾ رھن ٿا ۽ ڪجھ گھر
ڀانڊي واري دڙي جي اوريان ٽھ شاخي وٽ رھائش پذير آھن. جلباني خاندان جا ڪجھ ماڻھو ڀنڀي
خان جلباڻي کي رتي خان ِ جلباڻي جو ويجھو عزيز سمجھن ٿا. ٻين گھرواري مان مسو خان
۽ محبت خان ھيس. جڏھن تھ ٽين گھرواري مان رتو خان چاول ھيس. مسُو خان جلباڻي فقيراڻي
طبيعت رکندڙ امير ھو جنھن ساري عمر شادي ڪانھ ڪئي. ھن سکر واھ جي ڪنڌيءَ سان شبڙ
شاھ وٽ پنھنجي نالي پويان ڳوٺ مسُو ديرو(Masudero) آباد ڪيو. پراڻي زماني ۾ مور شاھ جي گھر وٽان سکر واھ وھندو ھو. جڏھن
مسُو ديرو سنڌو درياھ جي ٻوڏن ۾ڊھي ويو تھ سير (Sir) وٽ مسُوديرو جي نالي سان ٻيون شھر آباد ڪيو ويو. موجودھ ۵۰۰۰ آبادي وارو مسو ديرو وارو ڳوٺ طيب ۽ نئون ديرو جي وچ ۾ آباد نظر اچي ٿو جيڪو
جلباڻي قبيلي جو ساڳئي نالي وارو ٽيون شھر آھي. رتي خان جلباڻيءَ جي اولاد رتاڻي
آھن. جڏھن تھ ڀنڀو خان جلباڻي وري ڀنڀاڻين جو وڏو آھي. جلباڻين جا مٿين شاخن کان
علاوھ ٻيا پاڙا بھ آھن جھڙوڪ قلندراڻي، غازاڻي، فاضلاڻي، شھداداڻي، ڏتاڻي ۽ ٺينگاڻي
وغيرھ.