; سنڌي شخصيتون

03 August, 2021

ثريا مخدوم

ثريا مخدوم

سندس شخصيت جا سگهارا ۽ اتساهيندڙ پاسا

حميده گهانگهرو



مان جڏهن ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهندي هيس ته ادي ثريا مخدوم سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندي هئي. سندس تعلق جيئي سنڌ سان هو ۽ منهنجو سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان هوندو هو. ادا زاهد مخدوم اسان جي تنظيم جو مرڪزي اڳواڻ هو. ثريا ڪتابن جو تمام گهڻو مطالعو ڪندي هئي تنهن ڪري سندس سوچ ۾ ليفٽ موومينٽ جي هاڪاري جهلڪ به نظر ايندي هئي. انهيءَ ڪري منهنجي سٺي دوست رهي آهي.

ڊاڪٽر فرخ ملڪ

ڊاڪٽر فرخ ملڪ

پوليس ۽ ادب

رفيعہ ملاح



اسان جي معاشري ۾ ماڻهن جي گهڻائي پوليس ۾ نوڪري ڪندڙ ماڻهن کي سخت دل سمجهندي آهي. پوليس وارن جي نوڪري جي نوعيت کي ذهن ۾ رکندي ماڻهن جي ان مشاهدي کي ڪنهن حد تائين صحيح به تسليم ڪري سگهجي ٿو پر پنج ئي آڱريون برابر نه هونديون آهن. اهو چوندي وڌاءُ به ڪونه ٿيندو ته اسان پنهنجي معاشري ۾ پوليس جي ملازمت ۾ اهڙا انيڪ ملازم ڏٺا جن ۾ انسانيت، همدردي ۽ انسانيت جي لاءِ لامحدود عزت هئي. هڪ تاثر اهو به آهي ته ڇاڪاڻ جو پوليس وارا سخت مزاج هوندا آهن، ان ڪري اهي فنون لطيفه ۽ لکڻ پڙهڻ واري عمل کان ڪوهين ڏور هوندا آهن. اهو تاثر به غلط آهي ۽ ها پوليس وارن جي سيني ۾ هڪ عام انسان وانگر دل به هوندي آهي.منهنجي هٿن ۾ جڏهن ادا فرخ ملڪ جو گارسيا مارڪيز جو ترجمو ڪيل ڪتاب “ساروڻيون سدا سهاڳڻين جون” آيو ته مان ڪافي حد تائين حيران ٿي ويس. هڪ ته هڪ پوليس آفيسر جي ملازمت اهڙي نوعيت جي هوندي آهي جو هو چاهيندي به تخليقي عمل لاءِ وقت نه بچا ئي سگهندو آهي. ٻيو ته جيڪڏهن وقت ملي به وڃي ٿو ته ان جي لاءِ ادبي ذوق ۽ قابليت هجڻ گهرجي. ان ڪتاب جي پڙهڻ کان پوءِ مونکي پختو يقين ٿي ويو ته فرخ ملڪ ۾ اهي ٻئي گڻ آهن. هونئن به پوليس وارن جي ادب کان ڪوهين ڏور رهڻ واري تاثر کي پاسائتو ڪرڻ لاءِ مون بين القوامي سطح تي معمولي قسم جي کوجنا ڪئي. ان مان مونکي ڏاڍي ڪارآمد معلومات ملي. مونکي اهو ڄاڻي لامحدود خوشي ٿي ته بين الاقوامي سطح تي پوليس وارا بهترين قسم جا ناول نگار رهيا آهن.منهنجي هڪ لکڻيءَ تي نظر پئي جنهن مان خبر پئي ته بين الاقوامي سطح تي چڱي تعداد ۾ پوليس آفيسرن ناول لکيا. جن ۾ ڪجهه نالا ڊورٿي يوناڪ، جيمبس بائرن هگس، جوسف وامباغ ۽ جاهن ايم ولز آهن. ڊورٿي جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن جا ناول هن جي تجربي جي بنياد تي آهن. بائرن هگس جي لاءِ پڻ چيو ٿو وڃي هو پوليس فورس جو بهترين ناول نگار آهي. جوسف وامباغ جي لاءِ وري مشهور آهي ته هو پوليس سان لاڳاپيل جديد ناول جو ابو آهي. هن کي ڪافي انعام اڪرام به سٺا ناول لکڻ تي مليا. سو مون ڳالهه پئي ڪئي فرخ ملڪ جي ترجمو ٿيل ڪتاب “ساروڻيون سدا سهاڳڻين جون” ۽ فرخ ملڪ جي پنهنجي باري ۾، ادا فرخ ملڪ نرم دل رکندڙ سلجهيل ۽ سٻاجهڙو پوليس آفيسر آهي. 

درمحمد موريو

درمحمد موريو

منهنجو بابا سائين - هجن شل هوت حيات

آصف رضا موريو



منهنجي بابا درمحمد جو جنم، ڏوڪري تعلقي جي ديهه يارو لاکير جي ننڍڙي ڳوٺ ”سومر خان موريو جا گهر“ المعروف ڪوٽ مرزا ڪالو ۾ پهرين مئي ۱۹۲۴ ڌاري ٿيو. ھو پنهنجي ڀائرن جان محمد، خان محمد ۽ غلام محمد ۾ چوٿون نمبر هيو. سندن والد محمد پريل موريو علاقي جو چڱيرڙو، معتبر ۽ برجستو زميندار هوندو هيو. اسان جو ڳوٺ تمام قديمي بستي آهي جتي اسان پنهنجي سانڀر ۾ ته مورين کان علاوه شاهاڻي ۽ سيال رهندي ڏٺا پر ورهاڱي کان اڳ هن وستي ۾ هندن جي آبادي به جام رهندي هئي، جيڪي بعدازان پنهنجون جايون جڳهون ڇڏي هندستان هليا ويا. ڳوٺ جي وچ ۾ اولهه کان اوڀر طرف وهندڙ واهيءَ جي ڏاکڻي شروعات ۾ مورين جا گهر هوندا هيا جڏهن ته ڏاکڻئي اوڀر ۾ سيالن جا ٻه اڍائي گهر رهندا هيا. جڏهن ته واهي جي اترئين پاسي، شروع ۾ مورين جا گهر پوءِ ٻه اڍائي گهر سيالن جا ۽ پوءِ شاهاڻين جي چڱيرڙي آبادي هئي ۽ آهي. هن ڳوٺ جا ماڻهو گهڻو تڻو ننڍڙا زميندار، باغائي، هاري ناري هئڻ سبب پرامن رهيا آهن. حيرت انگيز طور تي اسان جي ڳوٺ ۾ هن وقت تائين ڪو جهيڙو جهٽو ڪو نه ڏٺو ۽ ٻڌو آهي.

شايان احمد لغاري

شايان احمد لغاري

تيرھن ھزار فوٽن جي بلنديءَ تان ٽپ ڏيندڙ دنيا جو پھريون سنڌي پئراشوٽر

جوکيو جسارت الياس سنڌي



ھونئن ته دنيا ۾ بلندين کي ڇُھڻ جي تاريخ بيحد پراڻي آھي. پھريون ڀيرو فرانس جي مشھور باني پئراشوٽر اينڊري جيڪس جارنيرن (۱۷۶۹ع ـ۱۸۲۳ع)، ۱۷۹۷ع ۾ ھائيڊروجن گئس کي ھڪ ڦوڪڻي ۾ ڀري، پئرس ۾ ڪامياب تجربو ڪيو ھو. پر تازو ئي سنڌ جو پھريون سنڌي ٻولي ڳالھائيندڙ نوجوان، شايان احمد لغاري، فضا ۾ ھلندڙ فوڪر جھاز جي ۱۳۰۰۰ فٽ بلندي تان ٽپو ڏيڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو. سنڌ جو ھي نوجوان پنھنجي فن ۽ شوق  جي ڪري بين الاقوامي سطح تي مشھور ٿي ويو آھي.

شهيد قيوم منگي

قيوم منگي

ڪير سڏائي

زبير سومرو



سڄو شهر اٿلي پيو هو. شهر جي وڏن ڪشادن روڊن کان وٺي سنهين گھٽين تائين، سمورا رستا ماڻهن سان ڳتيل هيا. عوام الناس جو اهو سمنڊ هن شهر ۾ صرف ڏهين محرم واري ڏينهن تي پيٽبو آهي. هن شهر جا جهونڙا ٻڌائيندا آهن، ڏهين محرم کان سواءِ ايڏي خلقت هن شهر جي تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٿي آهي، اهو تاريخي واقعو سنڌ جي سورمي شهيد الله بخش سومري جي جنازي نماز جو هيو.  ٻيو واقعو به شهيد الله بخش سومري جي فڪري پوئلڳ شهيد منگيءَ جي جنازي جي نماز جو هيو. هي شڪارپور جو شهر سراپا سوڳ، احتجاج، شديد غم غصي جي ڪيفيت ۾ هيو. مان پنهنجي حياتيءَ ۾ ٽي جنازي نمازون اهڙيون پڙهيون آهن، جن ۾ ماڻهو جو سمنڊ اٿلي پيو هجي. هڪ شهيد قيوم منگي، مرحوم جنيد سومرو ۽ شهيد بشير خان قريشي. انهن جي موت کي ڏسي دل هر ڀيري چئي ڏنو ته “ الا، مرجي ته ايئن مرجي!“

02 August, 2021

عثمان فليش - انٽرويو - آصف رضا موريو

عثمان فليش

ڀٽو صاحب ۽ بينظير ڀٽو صاحبه جو خاص ملازم - (ڀٽو ۽ بينظيرڀٽو صاحبه جون ڪجهه يادگيرون) انٽرويو

آصف رضا موريو



محمد عثمان المعروف عثمان فليش مين هڪ خوبصورت ۽ سٻاجهو انسان هيو. هو پهرين اپريل ۱۹۶۰ع ڌاري لاڙڪاڻو شهر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم دوران ئي پڙهائيءَ تان دل کڄي ويس، جنهن کان پوءِ مختلف ڌنڌا ڌاڙي ڪرڻ لڳو. ننڍڙي عمر ۾ ئي فلمن جو شوق لاهوري ڇڪي ويس جتي ڪجهه سال اداڪار وحيدمراد وٽ ڊرائيور طور ملازم رهيو. ۱۹۶۶ع ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽو وٽ سيٽ ڊيزائينر طور ملازمت شروع ڪيائين. اهڙي ريت فليش مين ڏهه سال ڀٽو صاحب سان، ۳۰ سال شهيد بينظير ڀٽو سان ۽ زندگي جا  آخري پنج سال آصف علي زرداري سان خدمت ڪندي گذاريا.

ساقي ابڙو

ساقي ابڙو

حفيظ چانڊيو



جديد سنڌي شاعريءَ ۾ وطن پرستي، قومي گيت ۽ لاڏا لکڻ، انقلابي راه تي هلي انقلابي شاعري ڪرڻ قومي فڪر جي مضبوط بنيادن جو ڏس پتي سان گڏ مظلوم قومن جي اها روئداد آهي، جنهن تي لکڻ لاءِ قومي فڪر سان سلهاڙيل هجڻ لازمي هوندو آهي. اياز کان سرويچ سجاولي تائين، نياز همايوني کان راشد مورائيءَ تائين، جمن دربدر کان حليم باغي تائين، سرڪش سنڌي کان زخمي چانڊئي تائين انقلابي شاعرن جو نه کٽندڙ سلسلو آهي، سندن هڪ ڊگهي قطار آهي جن پنهنجي خون مان ڪِلڪُون ٻوڙي ڌرتيءَ جا ترانا لکيا آهن.

واجد علي شاهه - آصف رضا موريو

واجد علي شاهه

ڪين مان ڪمپني مالڪ ٿيڻ تائين هڪ محنت-ڪش انسان جي داستانِ همٿ

آصف رضا موريو



اڄ ۲۱ جون ۲۰۲۱ع تي هڪ وڳي ڌاري پنهنجي ديرينه دوست سائين واجد شاهه سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ته حڪم ڪيائين ته سندس نئين ٺهرايل “علي هاسپيٽل ميڊيڪل سينٽر” تي چانهن پي وڃو ان لاءِ شام جو ستين وڳي ڌاري وڪيل ڪالوني لاڙڪاڻو ۾ واقع ان شاندار عمارت ۾ ڪچهري ڪئي جيڪا سنگت ۾ هڪ روايتي ڳالهه هئي پران ملاقات ۾ مون لاءِ غيرروايتي ڳالهه اها هئي سا سندس ميڊيڪل سينٽر اهڙي جديد ترين سهولتن سان سلهاڙيل آهي جيڪي پاڪستان ۾ صرف آغاخان، شوڪت خانم ۽ سائوٿ سٽي جهڙي ادارن ۾ موجود آهن پر انهن مهانگي ترين خانگي ادارن جي ڀيٽ ۾ هن سينٽر ۾ موجود سهولتون عام ماڻهن لاءِ سستيون ترين رکيون ويون آهن.

شاهنواز ڏاهاڻي

شاهنواز ڏاهاڻي

لاڙڪاڻي جي مٽيءَ مان نڪتل ڪرڪيٽ هيرو

نثار کوکر



جنهن نوجوان فاسٽ بالر جي اڄڪلهه هرطرف هاڪ ٿي وئي آهي ان جي نالي ٻڌڻ سان اتر سنڌ جا ماڻهو ڇرڪ ڀري حيران ٿين ٿا ۽ ڳالهه ٻڌائيندڙ کي وري ڳالهه ورجائڻ جي گذارش ڪندي چون ٿا نه. . نه.. يار ڇا چيئي.. ڏاهاڻي ۽ ڪرڪيٽر.. ايئن نه هوندو. پر انهن اياڻن کي شايد اڃان ڪا سڌ نه پئجي سگهي آهي ته لاڙڪاڻي جو اهو نوجوان ڇوڪرو شاهنواز ڏاهاڻي هينئر پي ايس ايل ۾ ملتان سلطان پاران شاندار ڪرڪيٽ کيڏڻ بعد پوري پاڪستان ۾ هيرو ٿي اڀريو آهي ۽ سندس ساراهه ليجنڊ ڪرڪيٽر به پاڻمرادو ڪري رهيا آهن.  شاهنواز ڏاهاڻي ڏسندي ئي ڏسندي پنهنجي مداحن جو حلقو ايترو وسيع ڪري چڪو آهي جو هاڻي سوشل ميڊيا تي سندس اڪثر وڊيوز انهن جملن سان گردش ڪري رهيون آهن ته يار ڇا ته معصوميت اٿس اهو نوجوان تمام گهڻو اڳتي ويندو. پي ايس ايل ميچن دوران ورتل وڪيٽن ۽ بيٽسمينن کي لڳل سندس بائونسرن واريون وڊيوز ته ڪجهه ماڻهو اهي ڪيپشن ڏئي شيئر ڪري رهيا آهن ته شاهين آفريدي کي ڏاهاڻي جي رويي مان سکڻ گهرجي ته سينيئرز جي عزت ڪيئن ڪبي آهي. شاهنواز نه رڳو بهترين فاسٽ بالر ٿي اڀريو آهي پر هن گرائونڊ تي پنهنجي مختلف ۽ دلچسپ انداز سان الڳ سڃاڻپ پيدا ڪئي آهي. سندس مداح اهي وڊيوز به شيئر ڪري رهيا آهن جن ۾ هو وڪيٽ وٺڻ جي خوشي ۾ ڪنهن کي فلائنگ ڪس ڪري ٿو يا وري فون جي علامتي گهنٽي وڄائي خوشي جو اظهار ڪري ٿو. هينئر ڏاهاڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر شائقين مٿان ايترو ڇانئجي ويو آهي جو سندس هر انداز کي پسند ڪيو پيو وڃي. سندس ذات جي اصل اسپيلنگ جن ماڻهن کي نه پئي اچي انهن مان ڪي کيس داني لکي رهيا آهن ته ڪي وري دهاني لکي ساڻس محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن. خود شاهنواز جو پنهنجو ٽئلينٽ ۽ ڪانفيڊنس ايترو ته بهتر آهي جو هو مداحن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ پاڻ جڳهه پيدا ڪندو پيو وڃي. منجهس ڪنهن به قسم جي وڏائي يا غرورو تڪبر نالي شيءَ ناهي. جنهن به سندس انداز ڏٺو آهي ان ۾ هو کلي مسڪرائي پنهنجي ساٿين سان خوش وقت گذاري رهيو آهي. سندس مداحن جو دائرو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. پر تمام گهٽ ماڻهن کي معلوم آهي ته شاهنواز ڏاهاڻي ڪهڙي پسمنظر مان نڪري ڪرڪيٽ جي ان دنيا تي ڇانئجي رهيو آهي جتي وڏن شهرن جي وڏن گهراڻن جو راڄ رهيو آهي. جتي ڪنهن نئين ٽئلينٽ کي پنهنجي جڳهه ٺاهڻ ۾ سالن جا سال لڳي ٿا وڃن. ڪرڪيٽ جي پيچيده ۽ رنگ برنگي دنيا ۾ داخل ٿيڻ جا خواهشمند ته لکين نوجوان آهن پر ڏاهاڻي جهڙي قسمت ڪنهن ڪنهن جي نصيب ۾ اچي ٿي. ڪرڪيٽ جي ان ورن وڪڙن واري ڳجهي دنيا جا ايترا ته رستا منجهيل ۽ عوام کان لڪل آهن جو انهن جون دانهون سنڌ جا ٽئلينٽيڊ نوجوان سالن ڏهاڪن کان ڪندا پيا اچن ڇو ته انهن مٿان ڪرڪيٽ جا اهي در مستقل طور بند ڪيا ويا آهن. سنڌ جي هر شهر ۾ اهڙن نوجوانن جون ڪيتريون ئي ٽهيون عمرون کائي ويون پر انهن کي ملڪي سطح تي يا عالمي سطح تي کيڏڻ ۽ پنهنجو ٽئلينٽ ظاهر ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهيو. هينئر جڏهن شاهنواز ڏاهاڻي کي اهي نوجوان ملڪي سطح تي مڃتا ملندي ڏسن ٿا ته اهي ايئن خوش ٿي رهيا آهن جيئن آمريڪا ۾ سالن ڏهاڪن جي غلامي ۽ ڌڪار نفرت برداشت ڪرڻ بعد جڏهن ڪاري رنگ وارو اوباما صدر ٿيو ته اها ڪاميابي هڪ فرد جي نه پر انهن سڀني ڪارن پنهنجي اجتماعي ڪاميابي محسوس ڪئي جيڪي ان نفرت ۽ ڌڪار واري دور مان گذري چڪا ۽ ان اڇي چمڙي واري نفرت کي ڀوڳي چڪا هئا. هينئر شاهنواز ڏاهاڻي جي استقبال لاءِ ان ئي شهر لاڙڪاڻي جي روڊن رستن تي وڏا وڏا پوسٽر پينافليڪس لڳي رهيا آهن جنهن شهر لاڙڪاڻي ۾ شروعاتي ڏينهن دوران راند کيڏڻ لاءِ شاهنواز ڏاهاڻي وٽ گهربل سامان ۽ گهربل جوگر به نه هوندا هئا پر هن پنهنجي همٿ نه هاري ۽ جنون جذبا جوان رکيا. شاهنواز پهريان ته لاڙڪاڻي ڀرسان پنهنجي ننڍڙي ڳوٺ جي ڪچي گرائونڊ تي کيڏندو هو جنهن کي بعد ۾ لاڙڪاڻي جي الشهباز ڪرڪيٽ ڪلب وارن پاڻ سان کيڏايو ۽ سندس همٿ افزائي ڪئي. شاهنواز به نه ڏٺي گرمي نه سردي پنهنجو جذبو برقرار رکيو. سندس ان جذبي جو ئي نتيجو آهي جو هينئر ڏاهاڻي جي پي ايس ايل ۾ شاندار ڪارڪردگي تي اها سنڌ حڪومت به ڪريڊٽ کڻڻ جي چڪر ۾ آهي جنهن لاڙڪاڻي جي نوجوانن کي راندين جي ڪا سهولت فراهم نه ڪئي آهي. ان ڏينهن سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب جي پريس ڪانفرنس ٻڌي مان ته حيران ٿي ويس جنهن ۾ هن دعوا ڪئي ته ڏاهاڻي جي صورت ۾ سنڌ پاڪستان جو نالو روشن ڪندي. سندس اها دعوا ان وقت بلڪل درست قرار ڏيون ها جڏهن شاهنواز ڏاهاڻي جي اباڻي شهر ۽ حڪمران جماعت پيپلزپارٽي جي ڳڙهه لاڙڪاڻي ۾ ڪرڪيٽ جو اعليٰ سطح جو گرائونڊ تعمير ٿيل هجي ها جتان ڏاهاڻي جهڙا فاسٽ بالر پريڪٽس ڪري نڪرن ها ته سندن اها دعوا درست مڃون ها، پر هتي ته حالت اها آهي جو لاڙڪاڻي جي واحد اسٽيڊيم جي حالت ڀڳل ٽٽل روڊ جهڙي ٿي وئي آهي جتي اوڙي پاڙي جي ڊرينيج جو پاڻي به داخل ٿي رهيو آهي ته اوڙي پاڙي جا مالوند ماڻهو ٻڪريون چارڻ به اسٽيڊيم ۾ اچي رهيا آهن.  لاڙڪاڻي اسٽيڊيم جي اهڙي بري حالت ڏسي ڪير چوندو ته اهڙن گرائونڊن تان ڏاهاڻي جهڙا فاسٽ بالر پيدا ٿيندا آهن.

01 August, 2021

حاجي منور علي عباسي

حاجي منور علي عباسي

محترمه بينظير ڀٽو جي ساٿي جو وڇوڙو

عبدالفتاح عباسي



سنڌ جي سياست ۾ عباسي خاندان جو هڪ نمايان ڪردار رهيو آهي، جنهن ۾ بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي جو پاڪستان سطح جي سياست ۾ اهم رول رهيو ۽ سندس وڏي پٽ حاجي منور علي عباسي توڙي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي جو سياست ۾ وڏو ڪردار آهي. تر جي مشهور زميندار حاجي خان محمد عباسي جي گهر ۾ ۳۰ سيپٽمبر ۱۹۴۴ع ۾ منور علي عباسيءَ جو لاڙڪاڻي شهر جي وليد محلي ۾ جنم ٿيو، والده ڊاڪٽر اشرف عباسي ڊاڪٽري ۽ سياسي حوالي سان هڪ وڏي پائي جي قومي اڳواڻ هئي. منور علي عباسي پنهنجي والده ۽ مامي ڪامريڊ علي محمد عباسي جي نقش قدم تي هلندي سياست ۾ پير پاتو ۽ عوام جي خدمت ڪندو رهيو. حاجي منور علي عباسي وليد پرائمري اسڪول ۾ چار درجا سنڌي پڙهيا. وڌيڪ تعليم لاءِ لاڙڪاڻي شهر جي پائلٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ داخل ٿيو. اتي مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. جنهن کانپوءِ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان بي اي جو امتحان پاس ڪيائين. بعد ۾ لا ڪاليج لاڙڪاڻي مان ايل ايل بي ڏنائين. هو ۱۹۷۳ع ۾ ضلعي لاڙڪاڻو پاڪستان پيپلز پارٽي جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۷۹ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي آيو. ساڳئي سال تعلقي ڪائونسل لاڙڪاڻي تي بنا مقابلي چيئرمين ٿي ويو. ۱۹۸۰ع ۾ ضلعي ڪوآرڊينيشن جو چيئرمين بڻيو. ۱۹۸۲ع ۾ ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو. ۱۹۸۸ع ۾ صوبائي اليڪشن ۾ لاڙڪاڻي تعلقي جي تڪ مان صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي ويو ۽ ۱۹۸۹ع ۾ سنڌ ڪابينا ۾ وزير ٽرانسپورٽ ۽ پاپوليشن ويلفيئر ٿيو. اڳتي هلي ساڳئي سال ۾ کيس لوڪل سيلف گورنمينٽ جو کاتو به مليو. ۱۹۹۷ع جي چونڊين ۾ به صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو.

پروفيسر محمد خان ٻرڙو

پروفيسر محمد خان ٻرڙو

تحقيقي ۽ تخليقي شخصيت

نور سنڌي



تاريخ ۲۵ جون ۲۰۲۱ع تي صبح سوير شھيد بينظير آباد جي سفر تي ويندي ذوالفقار ٻرڙو جو ميسيج پڙهيم ته ڇرڪ نڪري ويو. جنھن ۾ لکيل ھو منھنجو والد پروفيسر محمد خان ٻرڙو ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. پھرين ته يقين نه آيو پر وري فيس بوڪ کوليم ته اتي به سندس فرزند ممتاز ٻرڙو جي پوسٽ پڙھي اکين مان لڙڪ لڙي پيا. سائين پروفيسر محمد خان ٻرڙو نه صرف سانگھڙ ضلعي پر سنڌ جي ساڃاهه وندن لاءِ نئون نالو نه آهي. پاڻ پنهنجي علمي، ادبي تحقيقي تخليقي تعليمي ڪم ۽ انھن شعبن ۾ شاندار خدمتن جي ڪري سڄي سنڌ ۾ نالو ڪڍرايو. علمي ادبي دنيا ۾ سندس وڏو ادب احترام رھيو، جڏھن ته پاڻ لطيف سائينءَ جي رسالي جو پارکو به ھو. نجي ڪچھرين توڙي سگھڙن جي ڪچھرين ۾ جڏھن لطيف سرڪار جي شخصيت، امر ڪردار، سندس سفرن ۽ َشاعريءَ تي ڳالھائيندو ھو ته محفل ۾ خاموشي ڇانئجي ويندي ھئي. اڄ به ساڻس ڪيل پھرين ملاقات ياد آھي، جيڪا ۷۸ع ڌاري ٿي، جڏھن آئون صحافت ۾ نئون آيو ھئس. ان دور ۾ پاڻ شھدادپور جي گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ۾ سنڌي شعبي جو ليڪچرار ھو. انھيءَ دور ۾ سندس ڪوششن سان شھدادپور ۾ سگا قائم ٿي، جنھن جو ڊاڪٽر مير بيگ صدر ۽ پاڻ جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. ان پليٽ فارم سان سماجي علمي ادبي سرگرميون ڪيون. ھڪ صحافيءَ جي حيثيت سان ساڻس وقت به وقت ٿيندڙ ملاقاتون، ھجت ۽ نيازمنديءَ ۾ تبديل ٿي ويون. اڄ جيڪو ادبي ۽ تحقيقي تخليقي شوق آھي، اھو پروفيسر محمد خان ٻرڙو پيدا ڪيو. جڏھن پاڻ سھڻي ميھار تي تحقيق جو ڪم شروع ڪيو ته مونکي گڏ کڻندو ھو. اسان سندس ياماھا بائيڪ تي ميھار جو ڀڙو، سھڻيءَ جا پڊ، پير ڇٽو جي مزار تي به وياسين، جڏھن ته ڪيترائي دفعا برھمڻ آباد رتوڪوٽ سئي قندر جي تاريخي قبرستان ۽ ٻين تاريخي ماڳن تي تحقيقي ڪم تي اسان فقيرن کي به گڏ وٺي ويندو ھو. اسان ملدسي ۾ سندس ھمٿائڻ تي پنھنجي دور جي وڏي سگھڙ فقير محمد موسيٰ ڏيرو، مشھور شاعر فقير سليمان ملاح جون ورسيون به ملھايون.

عبدالرحمان اديب منگي

عبدالرحمان اديب منگي

جبار آزاد منگي



سال ۱۷۰۳ع ۾ شڪارپور شهر مان ڪجھ خاندانن سميت جن ۾ ٻه سڳا ڀائر محمد آچر ۽ محمد جعفر منگي به شامل آهن، سي روزگار خاطر لڏي اچن ٿا، محمد آچر جو خاندان گاجي کهاوڙ ۾ ۽ محمد جعفر جو خاندان سنڌ جي هن ميل واري علائقي ۾ پنجاھ سال اڳ قائم ٿيل نئين شهر ڳوٺ، نصيرآباد ۾ پنهنجا غريباڻا اجها اچي ان هنڌ اڏين ٿا، جتي اڄ جو منگي محلو موجود آهي. ان زماني ۾ اهو هنڌ گهاٽين ليُئين، ٻٻرن، اڪن ۽ ٻين ڪنڊن ۽ ٻوٽن سان ڀريل هو، جنهن کي پنهنجي محنت سان صاف ڪري گهر اڏيا وڃن ٿا. اولھ ۾ شاندار مٺي پاڻيءَ جو وڏو تلاءُ، کٽين جا گهر، جي پوءِ اچي ويٺا، تنهن پريان گرلداس جو مٺي پاڻيءَ وارو کوھ جنهن تي سبزي ۽ ٻيا فصل ٿيندا هئا، اتر ۾ انبن جي وڻن جوباغ، گهاڙ واھ (هاڻوڪو آرٿر واھ) ۽ ٻيڙين لاءِ هڪ بندر، ڀرسان اوڏڪي تعمير جو ننڍڙو قلعو هو، تنهن ن جي اتر ۾ ساماڻي مسڻ جو باغن وارو ڳوٺ جيڪو اڄ مسڻ محلي جي صورت ۾ موجود آهي. اوڀر ۾ نئين آبادي وارا گهر، ميدان ۽ ڏکڻ ۾ تونيَن ۽ هندن جا گهر ۽ ننڍڙي بازار جتي اڄ محمد حيات شيخ جو گهر آهي. تنهن جي ڏکڻ ۾ اوڍر مسڻ جو زرعي آباديءَ واروڳوٺ اهو آهي نصيرآباد جو ننڍڙو منظر.

پروفيسر هيرو شيوڪاڻي

پروفيسر هيرو شيوڪاڻي

مختصر تعارف



هيرو شيوڪاڻي، پروفيسر:

هيرو ٽيڪمداس شيوڪاڻي سنڌي ادب جو محقق، بهترين استاد، ڪهاڻيڪار، نقاد، مؤرخ ۽ مترجم ۶ جنوري ۱۹۳۵ع تي چوهڙ جمالي، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. ورهاڱي سبب سندس خاندان موجوده هندستان ۾ ايندڙ ڪڇ واري علائقي ۾ سڪونت اختيار ڪئي. هن بنيادي تعليم سنڌي، هندي ۽ انگريزي ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ بي اي آنرس ۽ ايم اي هنديءَ جي سند حاصل ڪئي، جنهن بعد آر ڪي تلريجا ڪاليج، الهاس نگر، هندستان ۾ استاد طور فرض انجام ڏنا ۽ ساڳئي ڪاليج ۾ پرنسپال جي عهدي تان رٽائرمينٽ ورتي.