; سنڌي شخصيتون: عثمان فليش، ڀٽو صاحب، بينظير ڀٽو صاحبه، انٽرويو، آصف رضا موريو،
Showing posts with label عثمان فليش، ڀٽو صاحب، بينظير ڀٽو صاحبه، انٽرويو، آصف رضا موريو،. Show all posts
Showing posts with label عثمان فليش، ڀٽو صاحب، بينظير ڀٽو صاحبه، انٽرويو، آصف رضا موريو،. Show all posts

02 August, 2021

عثمان فليش - انٽرويو - آصف رضا موريو

عثمان فليش

ڀٽو صاحب ۽ بينظير ڀٽو صاحبه جو خاص ملازم - (ڀٽو ۽ بينظيرڀٽو صاحبه جون ڪجهه يادگيرون) انٽرويو

آصف رضا موريو



محمد عثمان المعروف عثمان فليش مين هڪ خوبصورت ۽ سٻاجهو انسان هيو. هو پهرين اپريل ۱۹۶۰ع ڌاري لاڙڪاڻو شهر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم دوران ئي پڙهائيءَ تان دل کڄي ويس، جنهن کان پوءِ مختلف ڌنڌا ڌاڙي ڪرڻ لڳو. ننڍڙي عمر ۾ ئي فلمن جو شوق لاهوري ڇڪي ويس جتي ڪجهه سال اداڪار وحيدمراد وٽ ڊرائيور طور ملازم رهيو. ۱۹۶۶ع ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽو وٽ سيٽ ڊيزائينر طور ملازمت شروع ڪيائين. اهڙي ريت فليش مين ڏهه سال ڀٽو صاحب سان، ۳۰ سال شهيد بينظير ڀٽو سان ۽ زندگي جا  آخري پنج سال آصف علي زرداري سان خدمت ڪندي گذاريا.