; سنڌي شخصيتون: واجد علي شاهه، آصف رضا موريو، لاڙڪاڻو،
Showing posts with label واجد علي شاهه، آصف رضا موريو، لاڙڪاڻو،. Show all posts
Showing posts with label واجد علي شاهه، آصف رضا موريو، لاڙڪاڻو،. Show all posts

02 August, 2021

واجد علي شاهه - آصف رضا موريو

واجد علي شاهه

ڪين مان ڪمپني مالڪ ٿيڻ تائين هڪ محنت-ڪش انسان جي داستانِ همٿ

آصف رضا موريو



اڄ ۲۱ جون ۲۰۲۱ع تي هڪ وڳي ڌاري پنهنجي ديرينه دوست سائين واجد شاهه سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ته حڪم ڪيائين ته سندس نئين ٺهرايل “علي هاسپيٽل ميڊيڪل سينٽر” تي چانهن پي وڃو ان لاءِ شام جو ستين وڳي ڌاري وڪيل ڪالوني لاڙڪاڻو ۾ واقع ان شاندار عمارت ۾ ڪچهري ڪئي جيڪا سنگت ۾ هڪ روايتي ڳالهه هئي پران ملاقات ۾ مون لاءِ غيرروايتي ڳالهه اها هئي سا سندس ميڊيڪل سينٽر اهڙي جديد ترين سهولتن سان سلهاڙيل آهي جيڪي پاڪستان ۾ صرف آغاخان، شوڪت خانم ۽ سائوٿ سٽي جهڙي ادارن ۾ موجود آهن پر انهن مهانگي ترين خانگي ادارن جي ڀيٽ ۾ هن سينٽر ۾ موجود سهولتون عام ماڻهن لاءِ سستيون ترين رکيون ويون آهن.