ممتاز علي خان ڀٽو
لاڏاڻو ڪري ويل سينيئر
سياستدان جي زندگيءَ تي هڪ نظر!
لاڙڪاڻو:

سنڌ نيشنل فرنٽ جو
سربراهه سردار ممتاز علي خان ڀٽو ۸۸ ورهين
جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ جي رهائشگاهه تي لاڏاڻو ڪري ويو. ممتاز علي ڀٽو گذريل ڪيتري
عرصي کان بيماريءَ سبب ڪراچيءَ جي گهر اندر علاج هيٺ هو جتي هو فوت ٿي ويو. سردار
ممتاز علي ڀٽو جي فوت ٿيڻ جي خبر سوشل ميڊيا توڙي ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد سندس
چاهيندڙن ۽ ڀٽو خاندان ۾ سوڳ واري لهر ڇانئجي وئي آهي. ممتاز علي ڀٽو ۲۸ نومبر ۱۹۳۳ع ۾ رتوديرو ڀرسان ڳوٺ پير بخش ڀٽو
۾ ان وقت جي برٽش انڊيا واري دور ۾ نواب سردار نبي بخش خان ڀٽو جي گهر ۾ جنم ورتو.
سردار ممتاز علي ڀٽو سينٽ جارج ڪاليج مسوري، لارينس ڪاليج مري ۽ پاڪستان جي
آزاديءَ کانپوءِ ۱۹۵۹ع ۾ بئريسٽر جي ڊگري آڪسفورڊ
يونيورسٽي لنڊن مان حاصل ڪئي. ۳۲ سالن
جي عمر ۾ هو پهريون ڀيرو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، ان وقت قائد عوام
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۳۰ مارچ ۱۹۶۷ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو جنهن جي هو باني ميمبرن مان پڻ هو. ۲۲
ڊسمبر ۱۹۷۱ع ۾ هو
سنڌ جو اٺون گورنر مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته پهرين مئي ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ جو ۱۳ هون وڏو
وزير چونڊيو ويو، جنهن دوران کيس ڏهيسر سنڌ جو لقب پڻ ڏنو ويو. ممتاز علي ڀٽو ۱۹۶۷ع کان ۱۹۸۹ع تائين پاڪستان پيپلز پارٽيءَ
سان سلهاڙيل رهيو جڏهن ته محترمه بينظير ڀٽو جي آصف علي زرداريءَ سان شادي ٿيڻ بعد
اختلاف رکندي ۱۹۸۹ع ۾ پنهنجي پارٽي سنڌ نيشنل فرنٽ
جو بنياد وڌو جنهن کان پوءِ مسلسل سنڌ نيشنل فرنٽ جي پليٽ فارم تان پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ جي مخالفت ۾ اليڪشن وڙهندو رهيو. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد ممتاز
علي ڀٽو عوامي اتحاد پارٽيءَ سان اتحادي رهيو جڏهن ته ۹ مئي ۲۰۱۲ع ۾ سنڌ نيشنل فرنٽ کي نواز ليگ
سان ضم ڪري نواز ليگ جي حمايت ڪئي ۽ رتوديرو واري صوبائي تڪ پنهنجي پٽ امير بخش ڀٽو
کي نواز ليگ پاران اميدوار پڻ نامزد ڪرايو. نواز ليگ سان پيدا ٿيل اختلافن کانپوءِ
سردار ممتاز علي ڀٽو نواز ليگ کي الوداع ڪرڻ بعد هڪ دفعو ٻيهر سنڌ نيشنل فرنٽ کي
بحال ڪيو جنهن بعد ۲۰۱۷ع ۾ پاڪستان
تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪئي جنهن بعد هن وقت تائين هو پي ٽي آءِ سان ئي سلهاڙيل
رهيو. سردار ممتاز علي ڀٽو جي وفات واري خبر پوڻ شرط نئون ديرو شهر سوڳ ۾ مڪمل طور
تي بند ٿي ويو. جڏهن ته ميرپور ڀٽو ۾ سندس رهائشگاهه تي تڏو وڇايو ويو آهي جتي
ممتاز علي ڀٽو سان محبت ۽ عقيدت رکندڙ سياسي ڪارڪنن توڙي علائقي واسين ۽ سياسي،
سماجي، مذهبي، قومپرست، علمي، ادبي ڌرين جي اڳواڻن توڙي سڄاڻ ڌرين پاران پهچڻ جو
سلسلو پڻ شروع ٿي ويو آهي.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۹ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)