; سنڌي شخصيتون

16 June, 2017

حَسن درس - ۲

حسن
نفيس جذبن جو شاعر
ماجد سمون


هو نفيس جذبن جو شاعر هو، رومانس، مزاحمت، ڌرتيءَ ۽ فطرت سان عشق ۽ سماج سان محبت کي گڏ گڏ کڻي هلندو هو.
هن لکيو، ”ٿر هجي يا ڪاڇو ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو“
هن سنڌ جي علائقن کي مختلف رخن سان ڏسڻ نه ٿي چاهيو تڏهن ته هن هڪ ئي سٽ ۾ سڄي سنڌ کي پرينءَ جو پاڇو چئي ڇڏيو. جنهن رات هو اسان کان وڇڙي ويو اها رات چنڊ گرهڻ واري رات هئي ان رات جي پوئين پهر ۾ هو. ڪار تي سوار ٿي وڃي رهيو هو ته ساڻس حادثو پيش آيو. چون ٿا ته حسن سان موت مهاڏو اٽڪائي ها پر هن سان هڪ وڏي ٽريجڊي ٿي هئي، ان رات جيڪو ڪجهه حسن سان ٿيو هو ان نسيم کرل جي ان ڪهاڻي جو ورجاءُ ڪيو هو جيڪا هن ”۳۴هون در“ جي نالي سان تخليق ڪئي هئي سو حسن ان ڪهاڻي جو ڪردار ٿي ويو. پوليس حد بندي جي تڪرار سبب نسيم کرل جي ڪهاڻيءَ جو ڪردار ان قتل ڪيل عورت جو لاش به عربي سمنڊ ۾ ائين لوڙهيو ويو جئين ان رات حسن درس جي زندگي وڏي بي درديءَ سان لڙهي وئي.

حسن درس - ۳

حسن درس
ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي حسن جي ياد ۾...
مٺل جسڪاڻي


ڪم ۾ رُڌل، ٿڪل ۽ طبيعت ۾ ناچاڪ هجڻ باوجود، چاليهارو سالن ۾ پهريون ڀيرو، سج لٿي کانپوءِ ٽنڊوڄام کان جهمپير ان ڪري وڃڻو پيو، ڇاڪاڻ ته آئون رسول بخش درس جو چوڻ نه ٽاري سگهيس. هن ۽ سندس دوستن به حسن درس کي ساريندي، ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي، جهم ۽ پير جي مندر ۽ مزار جي ڀر ۾، ذوالحج جي ۱۶ بمطابق ۱۲ ۽ ۱۳ نومبر جي وچ واري رات اهڙو ميڙاڪو ڪوٺايو، جيڪو به يادگار رهندو، حسن جي حُسناڪين وانگر، پر ان ۾...

14 June, 2017

محمد عثمان ڏيپلائي - ۱

محمد عثمان ڏيپلائي

 [ ولادت ۱۳۲۶هه = ۱۹۰۸ع ]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي



ٿر جي ٿڌي ٿانئري مٽيءَ ۾ پيدا ٿيل سنڌي علم ادب جو خدمتگار ۽ گهڻن ڪتابن جو مصنف، محمد عثمان ”شائق“ ولد حبيب الله ميمڻ، ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڏيپلي (۱) ۾ ۱۳۲۶هه مطابق ۱۹۰۸ع ۾ ڄائو آهي. ننڍپڻ کان ذهانت سندس ساٿ ڏنو؛ جنهن ڪري ٻاراڻي درجي ۾ ئي پنجين درجي جا ڪتاب نس پڙهي ويندو هو. وقت جا استاد به کانئس متاثر هئا. سندس والد ننڍڙو واپاري هو. کيس ستن نياڻين تي هي پٽڙو پيدا ٿيو هو؛ جنهن کي پيار وچان پاڻ کان پل به پري ڪري نه سگهندو هو. اُن وقت ڏيپلي ۾ انگريزي تعليم ڪانه پڙهي ويندي هئي؛ جنهن ڪري چوڏهن ميلن جي مفاصلي تي ”مٺيءَ“ پڙهڻ جي سگهه نه ساري، مجبوراً ڳوٺ ۾ ست درجا سنڌي پاس ڪري، وڻج واپار ۾ پيءُ جو ٻانهن ٻيلي بڻيو.

13 June, 2017

ڪامريڊ رئيس بروهي - تاج مري

ڪامريڊ رئيس بروهي
بَٽائي هاري تحريڪ
تاج مري
جڏهن به سنڌ جي هاري تحريڪ جو ذڪر ٿيندو، ان ۾ بٽائي هاري تحريڪ جو اهم ڪردار آهي، جنهن بنياد تي ٽينسي ايڪٽ جي تحريڪ هلي ۽ هارپ جو قانون جوڙيو ويو، ان تحريڪ جي بنيادي اڳواڻن ۾ ڪامريڊ رئيس بروهي شامل آهي، رئيس بروهي ۱۹۱۵ع ڌاري اڳوڻي ضلعي سانگهڙ ۽ هاڻوڪي ضلعي ميرپورخاص جي سنڌڙي تعلقي جي هنڱورنو شهر ويجهو جنم ورتو.

عبدالڪريم گدائي

گدائي

روايت ۽ بغاوت جو شاعر

محمد عثمان ميمڻ


سنڌ جي ناليواري مزاحمتي شاعر عبدالڪريم گدائي ولد بجار خان لاشاريءَ ويهين صديءَ جي پهرين ڏينهن پهرين جنوري ۱۹۰۱ع تي ڳوٺ ڪريم آباد، تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. عبدالڪريم گدائيءَ ابتدائي تعليم ٺل ۾ حاصل ڪئي ۽ پوءِ جيڪب آباد ۽ سکر مان مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. ۱۹۱۸ع ۾ پوسٽ کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين، جتي ڪجھه عرصو رهڻ بعد استعيفى ڏئي، خانصاحب بهادر خان کوسي جي پٽ مير شاهل خان ۽ مير سڪندر خان جو پرائيوٽ ٽيوٽر مقرر ٿيو.

سائين حاجي عرض محمد چنه - استاد محمد خان بلر

سائين حاجي عرض محمد چنه
هڪ بزرگوار حيثيت ۾
استاد محمد خان بلر
سائين حاجي عرض محمد چنه هڪ بزرگ هستي، عظيم انسان، هر دلعزيز ۽ هڪ بهترين مثالي استاد ٿي گذريو آهي. سائين جن هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪنڍا کاهي ۾ جنم ورتو ۽ اتي تعليم پرائي. هي هڪ مثالي استاد ٿي گذريو آهي. شروعات ۾ سائين جن ڪنڍا کاهي جي مسجد ۾ اسلامي تعليم ڏيندا هئا ۽ پوءِ پسگردائي جي جهالت کي ڏسي هڪ گرانٽ تي اسڪول کوليائين. پهريائين پرائمري تائين تعليم جاري رکيائين، بعد ۾ محنت ۽ ڪوششن سان مڊل اسڪول تائين تعليم ڏيڻ لڳا. سائين جن سان ساٿ ۾ بهترين استاد هئا، جن مان سائين عبدالمجيد چنه، حاجي خان چنه، ڪوڙل خان سهتو، سائين قادن شاهه، استاد گوڙدنداس، سائين در محمد شاهه، خادم حسين پنهنجي لياقتن آهر ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. بعد ۾ مڊل اسڪول مان ترقي ڪري هن وقت هاءِ اسڪول بنجڻ ۾ به سائين جن جي محنت جو نتيجو آهي. هن اسڪول مان تمام وڏا آفيسر پيدا ٿيا. جن ۾ سيڪريٽري ليول جا آفيسر، ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر، قانوني ماهر، جج توڻي تعليمي ماهر شامل آهن. هن وقت هي هاءِ اسڪول هڪ ماهر تعليم مدبر هيڊ ماستر غلام مهدي شاهه جي زير نگراني ۾ بهترين نموني هلي رهيو آهي ۽ استاد صاحبان جي هڪ مڪمل ڪاميٽي بهترين تعليم ڏئي رهيا آهن. اهو سڄو نتيجو سائين وڏي جو آهي. سائين جن ڪنهن به ماڻهوءَ کي نالي سان نه سڏيندا هئا، ليڪن هڪ مخصوص نالو ”سائين وڏو“ سان ياد ڪندا هئا ۽ اڄ به سائين هر هڪ ماڻهو کي ياد آهي.

محمد صفر ابڙو - نور سنڌي

محمد صفر ابڙو
شهدادپور جو صوفي فقير
نور سنڌي
صوفي فقير محمد صفر ابڙو دل جو دورو پوڻ ڪري ۶۵ ورهين جي ڄمار ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. هن صوفي ازم ۽ صوفين جي پيار محبت کي پکيڙڻ ۽ مذهبي ڪٽرپڻي کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ اندر پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. شهدادپور جي ابڙا پاڙي ۾ هڪ فقير منش گل محمد ابڙو ڪوتار جي گهر ۾ جنم ورتو. ننڍي هوندي کان ادبي ۽ تاريخي ڪتاب پڙهڻ جو شوق رکندڙ شاگردي دور ۾ مختلف راندين سان گڏ ادب سان دلچسپي رکندڙ محمد صفر ابڙو بي اي ڪرڻ بعد بئنڪ ۾ اڪائونٽنٽ ٿيو. ننڍي هوندي کان کيس صوفيت ۽ راڳ ويراڳ سان لڳاءُ هو. بئنڪ ۾ اڪائونٽنٽ جهڙو ٽف جاب هئڻ جي باوجود سڄي سنڌ ۾ صوفين، درويشن جي ميلن، ڏهاڙن ۾ شريڪ ٿيندو هو. تقريبن ۲۰۰۱ع ۾ پاڻ گولڊ هينڊ شيڪ تحت وقت کان گهڻو اڳ رٽائرڊ ٿيو ۽ پاڻ سنڌ جي مشهور صوفين سان ملاقاتون ڪيون ۽ صوفيت جي حوالي سان ڪتاب پڙهيا ۽ بعد ۾ مشهور صوفي بزرگ علي مراد زرداري جي طالب صوفي فقير خدا بخش جو طالب ٿيو ۽ ابڙا پاڙي ۾ پنهنجي گهر ڀرسان آشرم قائم ڪيو، جيڪو شهدادپور جي صوفين جو مرڪز رهيو، جتي روزانو صوفيانه راڳ ويراڳ ۽ صوفيت جي پرچار ٿيڻ لڳي. بعد ۾ صوفي فقير محمد صفر ابڙو پنهنجي خاندان جي مشهور صوفي بزرگ ٻيڙو فقير جنهن جي مزار شريف لغاري روڊ تي آهي، اتي ميلا مچائڻ شروع ڪيا. هر مهيني جي چوڏهينءَ جي رات اتي صوفيانه راڳ سگهڙن جون ڪچهريون، ادبي پروگرام ڪرائڻ لڳو ۽ بعد ۾ ان بزرگ جو صوفيانه انداز ۾ عرس مبارڪ ملهائڻ لڳو، جنهن ۾ سنڌ جي تقريبن صوفي فنڪارن ڊيوٽيون ڏنيون. پاڻ هر سال شهدادپور جي ابڙا پاڙو ۾ جشن عيد ميلاد النبي جي حوالي سان ۱۴ ربيع الاول تي وڏي ليول تي محفل ڪرائيندو رهيو، جتي سنڌ جا مشهور صوفي سهڻيون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا ۽ ان موقعي تي سڄي رات پرهه ڦٽي تائين ذڪر فڪر هلندو هو، جنهن ۾ مشهور راڳي ڊيوٽي ڏيندا هئا. پاڻ ۲۰۰۲ع ۾ شاعري به شروع ڪئي، ڪجهه شعر به لکيا، پر خبر ناهي ڇو شاعري ڪرڻ ڇڏي ڏني ۽ پاڻ صوفيانه راڳ به سکيو ۽ مختلف درگاهن تي ٿيندڙ صوفيانه پروگرام ۽ حضرت ٻيڙو فقير جي عرس مبارڪ ۾ صوفي فنڪارن جي سنگ سان گڏ خوبصورت انداز ۾ ڳائيندو به هو. ڪڏهن ڪڏهن مئخاني تي به يڪتارو کڻي ڳائڻ شروع ٿي ويندو هو.

قاضي فضل الله - فضل سليمان قاضي

قاضي فضل الله
اعلي اوصاف وارو چيف منسٽر
فضل سليمان قاضي
جمهوري سياست عوام جي فلاح ۽ بهبود جو هڪ ذريعو آهي. جنهن ۾ با ضمير اصول پرست فرد جي ضرورت رهندي آهي. جن لاءِ ايمانداري، ديانتداري ۽ فرض شناسيءَ سان فرائض کي خوش اسلوبي طريقي سان سان عوام جي نمائندي جي حيثيت ۾ انجام ڪرڻ اولين فرضن ۾ شامل آهي. سنڌ جي سياست ۾ ۱۹۳۶ع ۾ صوبائي خودمختياري جي حصول کان پوءِ اليڪشن ٿينديون رهيون آهن. سنڌ جي سياستي نظام تي بلخصوص زميندار ڪلاس جو غلبو رهيو آهي.

12 June, 2017

صوفي شاه عنايت شهيد

شاهه عنايت 
جهوڪ وارو شهيد، صوفي ۽ خانقاهي سوشلزم
مصطفيٰ  لاکو
شاهه عنايت الله صوفي ڳوٺ ميرانپور نزد هاڻوڪو جهوڪ تعلقو ميرپور بٺورو، ضلعو ٺٽو ۾ رهندو هو. پاڻ ذات جو لانگاهه هو، مخدوم فضل الله جو فرزند هو، جيڪو وري مخدوم صدر الدين عرف صدر لانگاهه جي اولاد مان هو. جنهن لاءِ تاريخ جي ڪتابن ۾ چيو وڃي ٿو ته پنهنجي وقت ۾ سنڌ جو مشهور بزرگ هو.
شاهه عنايت الله صوفي کي ۸ جنوري ۱۷۱۸ع تي شهيد ڪيو ويو. سندس زندگي ۽ شهادت بابت اصل حقيقتون شروع کان وٺي اونداهه جي پردي ۾ لڪل رهيون آهن. جيڪي ڪجهه مواد محفوظ ٿي سگهيو آهي تنهن لاءِ ”تحفة الڪرام“ جو ليکڪ مير علي شير ”قانع“ کيريون لهڻي، پر حالتن جي ستم ظريفي اهڙي جو ان ٿوري گهڻي مواد کي به ڇنڊي ڇاڻي، تور تڪ ۽ تجزيو ڪري اصل حقيقت تائين پهچڻ جي ڪنهن ڪوشش ئي ڪا نه ڪئي. نتيجو اهو نڪتو جو عوام جي اڳيان افسانه ۽ ڏند ڪٿائون مشهور ٿي ويون جن کي اڃا تائين زور شور سان ورجايو پيو وڃي. جڏهن ته اصل سوال انهن افسانن ۽ ڏند ڪٿائن جي تهه ۾ لڪل سچي حقيقت کي ڳولي لهڻ جو آهي. ۽ سچ تائين رسائي تيستائين محال آهي جيستائين جذباتيت کي پاسيرو رکي عقل جي آڌار تي ڇنڊڇاڻ نٿي ڪئي وڃي. ان ڪري اچو ته ڏند ڪٿائن جي مٿان اوڙهيل ڪاري چادر کي لاهي ڦٽو ڪريون ۽ حقيقت کي پرکڻ جي ڪوشش ڪريون.

نصير ميرزا - ماڪن شاھ رضوي

نصير ميرزا
آواز نگر جو نصير ...!
جمع ۲۴ جولاءِ ۲۰۱۵ع
ماڪن شاھ رضوي
گذريل ۲۰ جولاءِ تي زندگي جا سڄا سارا ۳۲ ورهيه ... آواز نگر ... کي ارپي نوڪريءَ مان ريٽائرڊ ٿي، پنهنجي بليو ڪلر جي ٿيلهي ۾ يادگار تصويرون، ڪاغذ، ڪجهه خط، ڪجهه يادگيريون کڻي، پنهنجي ٽنڊي ٺوڙهي مرزا پاڙي ڏانهن روانو ٿيو آهي. نصير مرزا، پنهنجن ۳۲ سالن جي نوڪريءَ واري عرصي ۾ ريڊيو حيدرآباد جي عظيم ”آواز نگر“ کي سنڌ جي علم ۽ ادب کي ۽ فن توڙي ادب سان تعلق رکندڙ دوستن کي ايترو ته گهڻو سرمايو ڏئي روانو ٿيو آهي، جنهن کي نه سارڻ به وڏي ادبي خيانت آهي. هو ۱۹۸۴ع ۾ پروڊيوسر ٿيو، پوءِ سينئر پروڊيوسر، پروگرام مئنيجر، اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ ريجنل ڊائريڪٽر ٿي هو ريٽائرڊ ٿيو آهي. خيرپور ۽ ڪراچي ۾ نوڪري سانگي به ڪجهه وقت رهيو، پر گهڻو عرصو هو پنهنجي هوم اسٽيشن حيدرآباد تي ئي رهيو. هڪ ئي وقت هو بهترين ذهين پرڊيوسر به رهيو، عالم، اديب، شاعر، ڪمپيئر، براڊڪاسٽر به رهيو ۽ ثقافت کاتي جي ائنڊومينٽ فنڊ جو ميمبر به آهي. سنڌي ادب کي؛ سفر من اندر، خيمي ۾ شام، ٿي نه سگهيس شاعر مان، ڊپٽي صاحب، بلاول بيلجيم، منهنجو سائين (نثار حسيني)، ريڊيو حيدرآباد جي تاريخ، ڪئٽلاگ ۽ شايد ٻيا ڪجهه ڪتاب (جن جا نالا هن وقت ياد نه پيا اچن) ڏنائين. سنڌ جي ڪيترن گمنام فنڪارن کي، شاعرن، اديبن ۽ آرٽسٽن کي سنڌ واسين سان متعارف ڪرائي شهرت جي بلندين تائين پهچايائين.

ڪامريڊ غلام محمد لغاري

ڪامريڊ غلام محمد لغاري
سنڌ جي تحريڪ
تاج مري
ڪامريڊ غلام محمد لغاري سنڌ جي هاري تحريڪ جي مکيه اڳواڻن ۾ شامل هئو. غلام محمد لغاري ۱۹۱۷ع ۾ تعلقي ڊگهڙي ضلعي ميرپورخاص جي ڳوٺ غلام علي فقير لغاري جي هڪ غريب هاري محمد خان لغاري جي گهر ۾ جنم ورتو. هن تر جي مختلف مدرسن مان تعليم حاصل ڪئي. سندس تعلق خاڪسار تحريڪ ساڻ ٿيو. ٻين خاڪسارن ساڻ لاهور ويندي هُو خانيوال اسٽيشن تي گرفتار ٿيو ۽ ملتان جيل موڪليو ويو جتي کيس ٻه سال جيل ڀوڳڻو پيو. ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي ڪامريڊ حيدر بخش ساڻ پهرين ملاقات ان وقت ٿي جڏهن هو ميان مراد علي جي مدرسي ۾ ۳ سال پڙهي پنهنجي ڳوٺ ۾ واپس اچي حاجي محمد لغاري جي نئين مدرسي ۾ داخل ٿيا. انهيءَ زماني ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڊگهڙي ۾ مختيارڪار هو ۽ مولوي حاجي محمد لغاري ساڻ تمام گهڻي گهرائپ هئس ۽ سندس مدرسي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايندا رهندا هئا.

ريٽا شاهاڻي - امر لغاري

ريٽا شاهاڻي
سندس لاءِ ٻه لفظ
امر لغاري
ڪافي مهينا اڳ ريٽا شاهاڻيءَ جو هڪ ڪتاب ”سڄاڻن جون سمرتيون!“ موهن مدهوش وٽان مليم. ڪتابُ، گھر ته کڻي آيس پر پڙهڻ لاءِ جلدي وقت نه ڪڍي سگھيس. دستور موجب الماڙيءَ ۾ رکيل ٻين ڪيترن پڙهجڻ جي انتظار ۾ واجھائيندڙ ڪتابن ۾ اهو به سينگارجي ويو.گهڻو دير پوءِ، يعني مهينو اڳ سانگھڙ جي دوستن جڏهن سنگت جي گڏجاڻي لڇمڻ ڪومل جي نانءُ ڪئي ۽ دوستن کي پابند بنايو ته هو گڏجاڻيءَ ۾ لڇمڻ بابت جيڪو ڪجھه هوندو لکي کڻي ايندا ته هڪ آسرو پئدا ٿيو ته سنڌي اديبن ۽ سندن ڪتابن تي لکڻ بهاني هاڻ گھٽ ۾ گھٽ کين پڙهڻ جو موقعو ضرور ملندو. لڇمڻ کانپوءِ هيءُ ٻيو پروگرام سنگت ريٽا بابت رکيو. مان سمجهان ٿو ته اهو تمام ضروري هو. ڇو ته اسان کان وڇڙيئي هن کي به ڪي ٿورا مهينا ٿيا هئا. ريٽا بابت ڄاڻ لاءِ مون هن جو جيڪو پهريون ڪتاب هٿ ۾ کنيو سو اهو ساڳيو ڪتاب هو، جيڪو موهن مونکي پڙهڻ لاءِ ڏنو هو. ريٽا جي هن ڪتاب ۾ پروفيسر منگھارام ملڪاڻيءَ بابت سندس يادگيريون پڙهي مونکي اهو احساس ٿيو ته مونکان ڪيڏي نه وڏي ڀل ٿي ويئي هئي جو مون ان خوبصورت سنڌي ليکڪا کي اڃا تائين نه پڙهيو هو. ”سڄاڻ جون سمرتيون“ نالي اِن ڪتاب ۾ هُن دادا پروفيسر منگھا رام ملڪاڻيءَ جي دل-آويز شخصيت کي جنهن خوبصورت انداز سان پورٽريٽ ڪيو آهي ڪو به شايد پورٽريٽ ڪري نه سگھي ها. دادا منگھار رام جي حافظي، ڳالهه جي انداز، جملي بازي ۽ شرارتن کي جهڙي نموني ريٽا لکيو آهي، اُهو سچ پچ ته نهايت دلچسپ ۽ شاندار آهي. هن دادا جي زباني جيڪي ڳالهيون لکيون آهن سي ڪنهن عام آتما جون ڳالهيون ناهن پر هڪ مها آتما جا هينئين سان هنڍائڻ جهڙا جملا آهن.

الطاف جوکيو - وفا رضا

الطاف جوکيو
محرابپور وارو استاد
وفا رضا
ڪنهن زماني ۾، ماڻهوءَ ڪنهن سان ملاقات اٿئي؟ وارو سوال ڪبو هو. جواب ملندو هو؛ هائو مليا آهيون يا وري چئبو هو ته روبرو نه باقي، اڌ ملاقات آهي، فلاڻي يا فلاڻي سان.“ ۽ اهو اڌ ملاقت جو ذڪر ان شخص جي حوالي سان هوندو هيو، جنهن سان روبرو ملڻ کان پهرين، هڪ ٻئي کي خط لکي حال احوال ڏبو ۽ وٺبو هو. سو اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ منهنجي جن دوستن سان خط وسيلي دوستي ٿي هئي، تن ۾ هڪڙو اهو پاڻ وارو دوست الطاف جوکيو به شامل آهي. جيڪو اڄڪلهه فيس بوڪ جي جهان ۾ سنڌ جي مشهور فنڪارن جا ڳايل ڪلام جن ۾ ڪيترا ناياب ڪلام به شامل آهن، ورڇ ڪري سنڌ جي راڳ جي دنيا جي تاريخ کي نئين انداز ۽ سهولتن آڌار سهيڙي ڀلو ڪم ڪري رهيو آهي. مولا ڀلو ڪري منهنجي ان دلبر دوست جو، جنهن سان ان زماني کان وٺي اڄ تائين نيازمندي رهي آهي.