; سنڌي شخصيتون

29 June, 2016

پروفيسر اياز حسين قادري


هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾
ڊاڪٽر ناهيد پروين
اياز حسين قادري کي سنڌي جديد افساني جي بانيڪارن ۾ ليکيو وڃي ٿو. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب ۾ آيل ماٺار جي انت ۾ جن ليکڪن بنيادي ڪردار ادا ڪيو، انهن ۾ اياز قادري جو نالو شامل آهي. قادري صاحب جو تعلق هڪ علمي ۽ ادبي ڪٽنب سان هو، سندن نانو ۽ مامو ادبي دنيا جي اهم شخصيتن مان هئا، ۽ سندن علمي توڙي ادبي تربيت ۾ سندن مامي ميان غلام عباس قادري جو بنيادي ڪردار رهيو آهي. قادري صاحب، بنيادي طور تي شاعر هو، پر پاڻ وقت به وقت ڪهاڻيون به لکندو رهيو، جيتوڻيڪ سندس ڪهاڻين جو انگ ڪو تمام گهڻو ڪونهي، پر سندس هر ڪهاڻي بهترين شاهڪار ڪهاڻي آهي. “بلو دادا” سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي، جيڪو ۱۹۵۷ع ڌاري شايع ٿيو. جنهن کان پوءِ ان جا ڪيترا ئي ڇاپا آيا. سندن لاڏاڻي کان پوءِ قادري قلم قبيلي پاران سندن ڪهاڻين جو مجموعو “ڪهاڻي هر دور جي” جي نالي سان شايع ٿيو، جنهن ۾ بلو دادا مجموعي کان سواءِ بعد ۾ مختلف رسالن ۾ ڇپيل سندن ڪهاڻيون ۽ ڪجهه اڻڇپيل ڪهاڻيون پڻ شامل آهن. اياز قادري صاحب جنهن دور ۾ ڪهاڻين لکڻ جي شروعات ڪئي، ان دور ۾ “ٽماهي مهراڻ” ۽ “نئين زندگي” سنڌي ادب جا اهم ۽ معياري رسالا ليکبا هئا، ۽ قادري صاحب جا افسانا انهن ٻنهي رسالن ۾ باقاعدگيءَ سان شايع ٿيندا هئا.

الڪا ڪيسواڻي سان ڳالھ ٻولھ - ثريا ڪپري

الڪا ڪيسواڻي سان ڳالھ ٻولھ
نج سنڌي کاڌن جي ماهر ۽ ان تي پهريون بلاگ ٺاهيندڙ
ثريا ڪپري
(هي اليڪٽرونڪ انٽرويو مون نيو جرسي آمريڪا مان ادي الڪا ڪيسواڻي کان هندوستان جي مکيه شهر ۽ واپاري مرڪز ممبئي مان ورتو آهي. هوءَ سنڌي کاڌن کي انٽرنيٽ تي سهڻي نموني سهيڙي، ايندڙ نسلن جي لاءِ محفوظ ڪرڻ جو  فرض سرانجام ڏيڻ ۾ 2008 کان رڌل آهن.)
کاڌو ڪنهن به قوم جي رهڻي ڪهڻيءَ جي سڃاڻپ هوندو آهي،سنڌ ۾ گهٽ ماڻهن کي ان جو اونو آهي، اسان جو ايندڙ نسل صرف ٽي وي تي انڊيا جي اتر پرديش ۽ بِهار صوبن، يا مغلن جا کاڌا يا وري اولهه جي ملڪن جا کاڌا ٺاهڻ جون ترڪيبون ڏسي وڏو پيو ٿئي، اهو اڳتي هلي اهي مصالحا سنڌي کاڌن ۾ استعمال ڪندو ۽ پنهنجي سنڌي کاڌا ٺاهڻ جو طريقو وساري ويهندو. ڪنهن کي به ان ڳالھ جي ڳڻتي ناهي ته سنڌي کاڌا اسان جي ثقافت جو اهم جز آهن. نج سنڌي کاڌا ٺاهڻ جا طريقا ۽ انهن جي تصويرون ڪتابي شڪل ۾ آڻجن ۽ انٽرنيٽ تي رکجن ته جيئن ايندڙ نسل پنهنجي ثقافت کي نه وسارين.

فقير جمال الدين - نور سنڌي

فقير جمال الدين
گيڙو ويس پهريل فقير - ورسيءَ جي حوالي سان
نور سنڌي
فقير جمال الدين لطيف سائين، سچل سرمست، چيزل شاهه، منٺار فقير راڄڙ، اعجاز سائين، خوش خير محمد، ٻڍل شاهه، حسن بخش شاهه هادي، محمد فقير کٽياڻ ۽ ٻين صوفي بزرگ شاعرن جو صوفياڻو ڪلام ڳائي فن جي دنيا ۾ وڏي شهريت ماڻي. سندس وڏا جيلسر مير جا هئا. پاڪستان جي قيام بعد اتان لڏي موجوده ڳوٺ عبدالرشيد مري لڳ ٻوٻي آئل فيلڊ ۾ اچي پنهنجا پکڙا اڏيا، سندس خاندان ۾ ڪيترائي فنڪار ٿي گذريا آهن، جن ۾ سندس ڏاڏو طالب فقير والد مصري فقير پنهنجي دور جا وڏا فنڪار ٿي گذريا آهن. جمال الدين فقير 1951ع ڌاري مصري فقير جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ صرف پرائمري جا 5 درجا ۽ قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪري سگهيو. کيس قرآن شريف پڙهائيندڙ مشهور مولوي چنيسر ملاح هو.

28 June, 2016

ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ - محمد قاسم مير جت وڪيل

ڊاڪٽر نظير احمد چارڻ
سندس ڪيل محنتون
محمد قاسم مير جت وڪيل
انساني فطرت جيان اسان به جنهن سان محبت ڪريون ٿا، جنهن سان هڪ ڀيرو پنهنجي دوستي ۽ سڄڻائپ جا ناتو ڳنڍيون ٿا، ان دوست، سڄڻ يا مُحبتي ۾ ڪي اوڻايون، ڪي خود-مطلبيون ۽ ڪي بيوفايون به لڪل آهن. انهن جي باري ۾ لطيف ”پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي“ چڱاين کان سواءِ ٻي پاسي سوچڻ به گناهه ڪري ورتو آهي. اهو رويو رڳو انساني ناتن رشتن ڏانهن به آهي ته علائقن، شهرن، ڳوٺن ۽ زمين جي ٽڪري جنهن سان اسان جو جذباتي لڳاءُ آهي، ان ڏانهن به آهي. جدلياتي عالم سماجي مونجهارن جو ڳوڙهو مطالعو ڪرڻ کانپوءِ ان نتيجي تي پهتا ته جيڪا شيون ۽ لقاءَ ظاهري طرح صحيح سلامت، مستقل رهندڙ ۽ اڻ جُهرندڙ ۽ هڪ ڪَريون نظر اچن ٿيون، پر اصل ۾، انهن جي اندر ڀڃ ڊاهه، هڪ ٻئي جي ابتڙ لاڙا ۽ طاقتون موجود آهن.

استاد منظور علي خان


استاد منظور علي خان
اربيلو استاد
ممتاز مرزا
انسان پنھنجي حياتي ۾ ڇا ڇا نٿو ڏسي! ڪھڙيون ڪھڙيون ڳالھيون ٻڌي سڻي ٿو ۽ ڪيئن انھن ڳالھين کي پٺي پويان اڇلي سڀ ڪجھه وساري ائين ڄڻ ڪجھه نه ٿيو ھجي. زندگي جو ڊوڙ ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. جيڪڏھن سوچجي ته انسان جي اھا خوبي به آھي ھو سڀ ڪي جھٽ پل ۾ وساري ويھي نه ته ھيءَ دنيا جا ٽڪساٽ ۽ جنسار ھوند ڪڏھن به نه ھجن ھا پر اھڙن حالن جي باوجود، ڪي ڪي گھڙيون اھڙيون ٿينديون آھن جي وسارڻ جي ڪوشش ڪجي ته به نه وسرن. اھڙي ئي ھڪ ساعت ۾ سيپٽمبر ۱۹۸۰ تي آئي آءُ صبح جو ساڍي نوين بجي ڪراچي ٽي وي تي سچل سرمست جي عرس بابت پروگرام ”سچل سارو سچ“ جي ايڊيٽنگ ۾ مشغول ھئس جو حميد آخوند جو نياپو مليو ته مان ھن سان فون تي ڳالھايان، فون ڪيم چيائين؛ ”استاد منظور علي خان رات گذاري ويو.“
مون کي يقين نه آيو.
چيائين؛ ”جي تعزيتي پروگرام ڪريو ته مان به شرڪت ڪندس.“

قربان پيرزادو

قربان پيرزادو
جاکوڙي جن جي ذات
مهتاب اڪبر راشدي
قربان پيرزادي لاءِ لکندي، مون کي پنهنجي يادگيرين کي ڪيئي سال پوئتي وٺي وڃڻو پيو. سال ۲۰۰۱ع جي ڳالهه آهي، سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ منهنجي سيڪريٽريءَ طور تقرري ٿي. اطلاعات کاتو، پنهنجي ڪم ڪار جي حوالي سان حڪومت جو سڀ کان وڌيڪ باخبر، تيز ۽ حساس محڪمو سمجهيو ويندو آهي. ان جي اهميت ڪو سمجهي ته وڏي آهي ۽ جي نه سمجهڻ چاهي، ته پوءِ کڻي اڄ جي اطلاعات کاتي کي ڏسو، جنهن ۾ اڄ خبر به نه ٿي پوي ته سيڪريٽري ڪير آهي؟ مان جنهن وقت جي ڳالهه ٿي ڪريان، ان زماني ۾ ڪنهن به محڪمي جو سيڪريٽري ڄڻ ته ان کاتي جو انتظامي بادشاهه سمجهو ويندو هو. وزير بيشڪ وزير هجي، پر جي آفيسر برجستو هوندو هو ته وزير به ان سان کونس گهڻي ڪو نه ڪندو هو. اطلاعات کاتي ۾ وري سيڪريٽريءَ جا دست و بازو ان جا ڊائريڪٽر اطلاعات هوندا آهن. منهنجي زماني ۾، مونکي اڪثر ڪري سٺا آفيسر مليا. سکر ڊويزن ۾ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان قربان پيرزادي صاحب سان تعارف ٿيو. شائسته، شانائتو، نهٺو، پنهنجي ڪم جو ڄاڻو.

منگهارام ملڪاڻي - ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

منگهارام ملڪاڻي
مُنهنجو دوست ۽ ساڻس  ٿيل خط و ڪتابت
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
موت جا بي رحم هٿ، جڏهن ڪنهن جانيءَ جي جدائيءَ جو باعث بڻيا آهن، تڏهن چاهيندڙن جو من به نپوڙيو محسوس ٿيندو آهي. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي جي موت جو ٻڌي هڪ نه پر هزارين ماڻهن کي ڏک رسيو هوندو. سنڌ ۽ هند جي هي ادبي شخصيت پرلوڪ پڌارجڻ کان پوءِ به اسان جي ادبي دنيا ۾ عزت ۽ احترام سان ياد ڪئي ويندي. هيءَ فاني جهان ته سڀني کي ئي ڇڏڻو آهي، پر پوءِ به ڪيترا ماڻهو موت کي مات ڏئي ڇڏيندا آهن. منگها رام ملڪاڻيءَ لڳ ڀڳ مني صدي سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جا گهڙ اڀريا آهن. سرڳواسيءَ ادبي چمن جي جا آبياري ڪئي آهي، اها ڪڏهن به نظر انداز ڪري نه ٿي سگهجي. هن جا لڳايل ادبي گل ۽ ٻوٽا اڻ ڄاتي مدي تائين علم ادب جي دنيا کي هڳاءُ بخشيندا رهندا. گذريل پنج سال ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه لڳن ٿا.

26 June, 2016

محمد مظهر جانِ جانان نقشبندي - عبدالفتاح عباسي

محمد مظهر جانِ جانان نقشبندي
صوفي بزرگن جي عرس مبارڪ جي مناسبت سان
عبدالفتاح عباسي
سنڌ جي سونهاري سرزمين انهيءَ حوالي سان به خوشنصيب آهي جو هن سرزمين تي ڪيترائي ڪامل بزرگ، درويش، صوفي باصفا، اولياءَ الله، مجذوب، ڪامل ولي الله، صاحب ولايت، صالحين، انسانيت سان محبت ڪندڙ پيارا ٻانها پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن پنهنجي معرفت ،علمي قابليت ۽ تصوف جي صوفياڻي رنگ ذريعي هڪ نه پر لکين ڪروڙين انسانن جون زندگيون بهتر رستي تي هلائڻ لاءِ پنهنجي تن من ۽ ڌن جون قربانيون ڏنيون آهن. انهن صوفي درويشن جي حوالي سان سنڌ ۾ ڪيترائي نالا آهن، جن پنهنجي زندگيءَ جو اڪثر حصو الله جي رضا جي لاءِ دنيا وارن کان دور رهندي صرف ۽ صرف پنهنجي رب العالمين جي محبت ۾ مصروف ٿي ڪري انهيءَ پالڻهار جي محبت جو جام پيئندي اسم اعظم(الله) جي نالي ۾ پنهنجي فنائيت سمجهندي انهيءَ جي ذات کانسواءِ ٻئي جي اڳيان جهڪڻ ۽ گهرڻ گناهه ڪبيره تصور ڪن ٿا. اهڙن صوفي درويشن جو هر عمل به نرالو ۽ انوکو ٿيندو آهي. اهي بظاهر ته اسان توهان سان گڏ هوندا آهن پر حقيقت ۾ اهي درويش الله لوڪ صوفي بزرگ پنهنجي منزل جي طرف راهي ٿيڻ لاءِ هر وقت تيار بيٺا هوندا آهن. انهن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون عام ماڻهن کي ڀلي سمجهه ۾ نه به اينديون هجن، پر انهن جو سفر اعليٰ انهن جي شاندار منزل ۽ اهي جنهن جو اثر ٿين ٿا، جن جي اولاد ۽ نسل جو سلسلو بڻجن ٿا، جن جي ڪري اهي هتي دنيا ۾ بظاهر وجود وٺي اچن ٿا ۽ انهن جي جتان پرورش ٿئي ٿي، اها به نهايت ولايت جي نشاني بڻجي ٿي. انهن جي صحبت، محبت ۽ روحانيت کي سمجهڻ جي لاءِ عقل بجاءِ عشق جي منزل گهرجي. اهي اسان سان ڀلي گڏ به هجن پر اهي پنهنجي پرينءَ جي پار جي ياد ۾ ايترا ته مست ۽ پروانا بڻيل هوندا آهن جو ڏسندڙ چوندو ته هيءُ عام ماڻهوءَ جي ڳالهه کان گهڻو بلندي تي پهتل آهن.اهڙن سنڌ جي مشهور ناليواري درگاهه حضرت محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين رحمت الله عليه جن جي صاحبزاده محمد خليل الرحمان نقشبندي غفاري رحمت الله عليه جي فرزند سائين صاحبزاده حضرت خواجه محمد مظهر جان جانان نقشبندي غفاري خليلي رحمت الله عليه جن به آهن، جن جي زندگي به انهيءَ رب العالمين جي ياد ۾ گذرندي رهي. جيڪي تاج العارفين محبوب الڪاملين صوفي باصفا بزرگ هستي هئا، جن کي سنڌ جو عوام اڄ به ”مرد قلندر“ جي نالي سان ياد ڪري ٿو. سندس ولادت پهرين ڊسمبر 1956ع ۾ رحمت پور شريف لاڙڪاڻي ۾ ڪامل اڪمل ولي حضرت پير مٺا سائين رحمت الله عليه جي گهر ۾ ٿي، جيڪو خوشين ۽ مسرتن جو ڏهاڙو هيو. حضرت پير مٺا سائين رحه جي اڪيلي پياري فرزند خواجه محمد خليل الرحمان رح جي گهر ۾ سهڻي صورت ۽ نوراني پيشانيءَ وارو پيارو پٽ پيدا ٿيو. جڏهن پير مٺا سائين رحه مسجد مان گهر آيو ته خوشيءَ ۾ سندس چهرو ٻهڪي رهيو هيو. ٻچڙي کي هنج ۾ کنيائون.سندس نالو ”محمد جان جانان“ رکيو، سندس سڄي ڪن ۾ اذان ۽ کاٻي ڪن ۾ تڪبير چئي. وري جڏهن پاڻ حويليءَ مان ٻاهر مسجد ۾ آيو ته سندس چهري تي مرڪ هئي ۽ خوشيءَ جا آثار هئا، جيڪي محبت وارا مريد مرشد جي خوشيءَ کي پنهنجي خوشي سمجهندا هئا. انهن لاءِ اهو ڏينهن عيد کان گهٽ نه هيو. حضرت پير مٺا سائين رحه جن پنهنجي نگاهه بصيرت سان نهاري رهيا هو ته هيءُ نينگر سندس مسند جو مالڪ ٿيندو. انهيءَ ڪري هن جي ڄمڻ تي خوشي ملهائي وئي ۽ عمر جي آخري ايام ۾ پاڻ پنهنجي پڳ مبارڪ پياري پوٽي صاحبزاده محمد مظهر جان جانان رحه کي پهرائي.

الهه ڏنو خاصخيلي - علي ڏنو جروار

الهه ڏنو خاصخيلي
تون پڇين ٿو پرين مان هليو ڇو ويس
علي ڏنو جروار
خبر ناهي سنڌ جي سريلن آوازن کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي. ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ جا سٺا ۽ ناليوارا راڳي حادثن جو شڪار بڻجي رهيا آهن. سرمد سنڌي ۽ صادق فقير کانپوءِ الهه ڏنو خاصخيلي به روڊ حادثي جو شڪار ٿيو آهي. سنڌ جا راڳي خبر ناهي ڇو اسان کان ائين بي درديءَ سان وڇڙي رهيا آهن. الهه ڏنو خاصخيلي 25 جنوري 1966ع ۾ سنڌ جي هڪ سٺي راڳي ۽ موسيقار علي محمد خاصخيلي جي گهر ۾ پيدا ٿيو، سندس تعلق ميرپور بٺوري سان آهي، جنهن کي ڪنهن وقت سنڌ جو ويٽنام سڏيو ويندو هو. جيئن ته الهه ڏني هڪ اهڙي گهر ۾ اک کولي جنهن ۾ اڳ ئي راڳ ۽ ساز موجود هو، تنهن ڪري هي به ننڍپڻ کان ئي انهن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. الهه ڏني خاصخيليءَ جي استاد غلام حسين رنگريز ٻڌايو ته هي 10 سالن جي عمر کان ئي موسيقيءَ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. ياد رهي الهه ڏني خاصخيلي کي شاعري، غلام حسين رنگريز چونڊي ڏيندو هو، جنهن کانپوءِ هُو ڌنون ٺاهي ۽ انهيءَ گيت، غزل وائي ۽ ڪافيءَ کي عوام آڏو پيش ڪندو هو. الهه ڏني خاصخيلي جو والد جيڪو موسيقيءَ ۾ سنڌ جي ڀلوڙ راڳي استاد محمد جمن جو شاگرد هو، جنهن جو اثر الهه ڏني ۽ سندس خاندان جي ٻين ڳائڻن تي به موجود آهي.

پريتي جهانگياڻي - پريم مٽلاڻي

پريتي جهانگياڻي
سونهن ۽ معصوميت جي مجسم
پريم مٽلاڻي
پريتي جهانگياڻي، بمبئيءَ جي هڪ نج سنڌي خاندان گوبند جهانگياڻيءَ جي گهر 18 آگسٽ 1980ع ۾ جنم ورتو. سندس والده مينڪا جهانگياڻي، سنڌين جي مشهور تعليمي اداري جئه هند ڪاليج، بمبئيءَ ۾ انگريزي شعبي ۾ ليڪچرر هئي. ويهين صدي پوري ٿيندي ٿيندي جڏهن گليمر ورلڊ ۾ ميوزڪ وڊيو ٺهڻ شروع ٿيا؛ ته ڪيترن ئي سيٽلائيٽ ٽي وي چئنلن تان ”يه هي پريم“ آلبم جا ڪيترائي گيت هلندا رهيا.

شبير ڪنڀار - نظام الدين ڪاڪا

شبير ڪنڀار
سنڌي ٻوليءَ کي عالمي مقام ڏياريندڙ سَٿَ جو سپاهي ۽ شهسوار
نظام الدين ڪاڪا
سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي کيتر ۾ ڪيترا ئي تمام وڏا، وڏا ۽ چڱا، چوکا نالا آهن جن پنهنجي مادري ٻوليءَ کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڻ موکيو ۽ ملهايو آهي تـ چڱي خاصي مڃتا بـ ماڻي آهي. ڪي ماڻهو پريس وارن کي ويجهو هجڻ جي ڪري پيا ڇپبا ۽ ڳائبا آهن تـ ڪي سٺا تخليقڪار هجڻ جي باجود ايتري مڃتا نـ ماڻي سگهيا آهن يا انهن کي نالي ڪڍرائڻ جو شوق نـ آهي، انهن کي صرف ۽ صرف پنهنجي ٻوليءَ جي واڌ، ويجهـ جو اونو رهندو آهي، اهڙن املهه انسانن مان سائين ”شبير ڪنڀار“ به آهي.

تاج بلوچ

تاج بلوچ
تو کي پٿر جان لڳان ٿو
ڊاڪٽر شير مهراڻي
انتهائي اورچ، اڻٿڪ، جاکوڙي، سجاڳ، ڄاڻو، نقاد، اديب، شاعر، صحافي، ۽ بقول هند جي مشهور ۽ معروف اديب ۽ سوانح نگار لڇمڻ ڪومل “آتنڪواد ايڊيٽر” تاج بلوچ ۲۵ مئي ۱۹۴۲ تي پني عاقل جي ڳوٺ ڪوٽ بُلا ۾ جنم ورتو.
تاج بلوچ پنهنجي جنم ڀومي ۽ ٻوليءَ سان تمام گهڻو پيار ڪري ٿو، هو سنڌي ادب جو نمايان نالو آهي، ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان ڪا به سوديبازي ڪرڻ پاپ سمجهي ٿو، ڇو ته هو پنهنجي ڌرتي ۽ ٻوليءَ جو عاشق آهي.
عشق جو پاپ ڪيو “تاج بلوچ”
سو گنهگار ڏسي ٿا موٽون.

ڪاسس ڪلي عرف محمد علي ڪلي - ثريا ڪپري

ڪاسس ڪلي عرف محمد علي ڪلي
باڪسنگ جو عظيم ديومالائي ڪردار
ثريا ڪپري -آمريڪا
دنيا جي عظيم باڪسر محمد علي تي جيترو لکجي اهو گهٽ آهي، جيترو ڳالهائجي اهو ٿورو آهي. اصل ۾ ٿورڙن ماڻهن کي اها خبر آهي ته هو عظيم باڪسر سان گڏ ٻيو به گهڻو ڪجهه هيو. هو انسان به هيو. معصوم به هيو. ٻارن جيتريون ۽ جهڙيون خواهشون به رکندو هيو. هن جي دل ۾ جنهن انسان جي دل هئي، تنهن کيس انسانيت ئي سيکاري. هن ڪنهن به شخص، گروپ، رنگ ۽ نسل توڙي ملڪ ۽ کنڊ سان نفرت نه ڪئي. هن کي رڳو نفرت هئي ان نفرت سان جيڪا ڪاري چمڙيءَ وارن سان روا رکي ويندي هئي. هن ان نفرت جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا، ان نفرت جي پاڙن کي ڪمزور ڪيو ۽ هڪ راندگير سان گڏ هڪ عظيم انسان ٿي اڀريو.