سي ايڇ
آتما
هندي
فلمن جو مشهور سنڌي فنڪار
غلام مصطفيٰ ملاح
موسيقي سان محبت ڪندڙ امن پسند ماڻهن جي سنڌ ڌرتي وڏن
وڏن فنڪارن شاعرن ۽ موسيقارن کي جنم ڏنو آهي، هتان جي ماڻهن جي قدر داني جي ڪري ننڍي
کنڊ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان فنڪار گهراڻا لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا ۽ پوءِ هتي جا ئي ٿي ويا،
جن ۾ گواليار گهراڻي جا فنڪار به شامل آهن، جيوڻي ٻائي به اصل راجستان جي هئي پر سنڌ
جي ماڻهن جي محبت، مهمان نوازي ۽ فنڪار دوستي
جي ڪري هو آخري دم تائين سنڌ ۾ رهي، اهڙي طرح سنڌ جي ٿئيٽر به وڏا وڏا فنڪار پيدا ڪيا
آهن، جن ۾ عظيم ميوزڪ ڊائريڪٽر ماسٽر غلام حيدر به شامل آهي، 1931ع کان پوءِ جڏهن فلمي
ڪردارن کي آواز مليو ته ٿئيٽر جي دنيا جا وڏا وڏا فنڪار سينما جي اسڪرين جا مصروف فنڪار
بڻجي ويا. جن ۾ شمشاد بيگم، نور جهان ۽ ڪندن لال سهگل قابل ذڪر آهن، ڪندن لال سهگل
اداڪار هئڻ سان گڏوگڏ بهترين سنگر هو جنهن جي آواز ۽ انداز ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجو
سچو عاشق بڻائي ڇڏيو، اهڙن ئي نوجوان فنڪارن مان هڪ نهايت ئي سهڻو ۽ سريلو فنڪار هو
سي ايڇ آتما هن فنڪار جو اصل نالو هو آتمو حشمت رائي چئناڻي. هن جنم سنڌ جي گادي واري
شهر ڪراچي ۾ 10 ڊسمبر 1924ع تي ٿيو. هُن ڊي جي ڪاليج مان گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي،
هو نهايت خوبصورت نوجوان هو، اسڪول ڪاليج جي ميوزڪ فنڪشنز ۾ اڪثر حصو وٺندو هو، ۽ پهرين
پوزيشن ماڻيندو هو، جنهن زماني ۾ سنڌ ۾ ماتا جي بيماري وبائي صورتحال اختيار ڪئي هئي،
ته HMV رڪارڊنگ ڪمپني
هن نوجوان فنڪار جي آواز ۾ هڪ نغمو ڪارڊ ڪيو هو جنهن جا ٻول هئا ”ٻاجهه ڪجان ٻچڙن
تي، مائي آهن تنهنجا ٻار“ اهو نغمو تمام گهڻو مقبول ٿيو.