; سنڌي شخصيتون

28 July, 2012

نويد سنديلو - رياضت ٻرڙو


نويد سنديلو
رياضت ٻرڙو

نويد سنديلو مشهور شاعر آهي. نويد حسين ولد قربان علي سنديلو پهرين نومبر ۱۹۷۷ع تي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ حڪيم سنديلي ۾ پيدا ٿيو. هُن فلسفي ۾ ايم.اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۹۹ع ۾ ڪئي. هُو ۲۰۰۱ع ۾ ٽماهي ”Excellence“ جو ايڊيٽر رهيو، جنهن کان پوءِ ۲۰۰۲ع کان وٺي ۲۰۱۱ع تائين آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچيءَ ۾ ڊڪشنري ۽ ٻين تعليمي رٿائن ۾ جونئر ايڊيٽر طور ڪم ڪيو، جتي کيس بهترين ڪم ڪرڻ تي اداري پاران ”ڪارڪردگي ايوارڊ“ پڻ ڏنو ويو. هُو نومبر ۲۰۱۱ع کان سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ فلسفي جي شعبي ۾ ڪانٽريڪٽ تي ليڪچرار طور مقرر آهي.

جاويد شبير - رياضت ٻرڙو


جاويد شبير
رياضت ٻرڙو

جاويد شبير مشهور شاعر آهي. هُو ۱۵ آڪٽوبر ۱۹۷۷ع تي، تعلقي قنبر ۾ ميان شاهل محمد جي درگاهه لڳ، ڳوٺ گل محمد جاگيراڻي ۾، غلام شبير جاگيراڻي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد ۱۹۸۳ع ڌاري نوڪريءَ سانگي لاڙڪاڻي لڏي آيو، جتي جاويد شبير ابتدائي ۽ ثانوي  تعليم پرائي. هن بِي.سِي.ايس پيٽرومين انسٽيٽيوٽ آف ڪمپيوٽر سائنس لاڙڪاڻي مان ۽ ايم.اَي. (پرائيويٽ) انگريزي ادب ۾ ۲۰۰۴ع ۾ نور آرٽس ڪاليج نصيرآباد مان ڪئي، جنهن جو لاڳاپو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس سان آهي. جاويد شبير سنڌي چئنل ڪي ٽِي اين تي نيوز اسڪرپٽ ايڊيٽر ۽ شفٽ انچارج طور ڪم ڪيو، جنهن کان پوءِ اين پِي آءِ ڊبليو (NPIW) قنبر ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر طور نوڪري ڪئي. هاڻ ۲۰۰۷ع کان وٺي هُو انٽرميڊئيٽ بورڊ (BISE) لاڙڪاڻي ۾ ڪمپيوٽر پروگرامر طور مقرر آهي.

رضوان گل - رياضت ٻرڙو


رضوان گل
رياضت ٻرڙو

رضوان گل نثرنويس، شاعر ۽ مترجم آهي. هو ۱۳ فيبروري ۱۹۷۷ع تي، لاڙڪاڻي ۾، نالي واري اديب ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس ڇٺيءَ نانءُ رضوان الحق پٺاڻ آهي. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم لاڙڪاڻي مان ۽ ايم.ايس سِي جاگرافيءَ ۾ ۲۰۰۰ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ ۲۰۰۱ع کان ليڪچرر طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مقرر آهي. هو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئر پڻ آهي.

27 July, 2012

ملهار چانڊيو - رياضت ٻرڙو


ملهار چانڊيو
رياضت ٻرڙو

ملهار چانڊيو ڀلوڙ شاعر آهي. ملهار جو ڇٺيءَ نانءُ غلام مصطفى آهي. هُو ۲۰ جنوري ۱۹۷۷ع تي، تعلقي قنبر جي ڳوٺ لشڪري چانڊيي ۾، حسين بخش چانڊيي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن سائنس ۾ گريجوئيشن (B.Sc.)، ايل.ايل.بِي. ۽ اليڪٽريڪل ۾ ڊپلوما جي تعليم حاصل ڪئي آهي. هُو ۲۰۰۲ع کان واپڊا ۾، لاڙڪاڻي ۾، ملازمت ڪري پيو. ان اداري جِي ”هائڊرو يونين“ ۾ هُو سب ڊويزن تي جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو آهي.

اقبال کوکر - رياضت ٻرڙو


اقبال کوکر
رياضت ٻرڙو

اقبال کوکر ڀلوڙ شاعر آهي. اقبال علي ولد اللھ ڏنو کوکر ۲۳ فيبروري ۱۹۷۶ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي جي وڏي ۽ مشهور ڳوٺ باڊهه ويجهو، ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ جي تعلقي نصيرآباد جي هڪ ڳوٺَ مولوي فيض محمد کوکر ۾ پيدا ٿيو، پر اقبال کوکر سميت سڄي ڳوٺ جو وهنوار ۽ اُٿاويٺي عملي طور باڊهه سان آهي. اهو ئي سبب آهي ته گريجوئيشن (بِي.اي) ڊگري ڪاليج نصيرآباد مان ڪرڻ کان پوءِ هُو باڊهه ۾ هڪ دڪاندار طور روزگار ڪري رهيو آهي. عموماً کيس باڊهه جو ئي سمجهيو ويندو آهي.

ابرار ابڙو - رياضت ٻرڙو


ابرار ابڙو
رياضت ٻرڙو

ابرار ابڙو ڀلوڙ شاعر آهي. ابرار حسين ولد رضا محمد ابڙو ۲۱ مارچ ۱۹۷۴ع تي، لاڙڪاڻي ضلعي جي نئين ٺاهيل تعلقي باقراڻي (اڳ ڏوڪري) جي ڳوٺ ڳيريلي ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.اي سنڌي ادب ۲۰۰۸ع ۾، شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپورميرس مان ڪئي آهي. هن ۱۹۹۶ع کان ۲۰۰۱ع تائين سب ايڊيٽر طور روزاني ”عوامي آواز“ ۽ روزاني ”سنڌ سجاڳ“ ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه وقت خانگي اسڪول ۾ به پڙهايو.

ڊاڪٽر احسان دانش

احسان دانش

رياضت ٻرڙو



احسان دانش مشهور ۽ معروف ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ محقق آهي. سندس پورو نالو احسان الحق پٺاڻ آهي. هو ۱۵ فيبروري ۱۹۷۴ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. هو نالي وارو اديب ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ جو پهريٺو پُٽ آهي. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم لاڙڪاڻي مان، بِي.ايس سِي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان، ايم. اَي (پرائيويٽ) اردو ۾ (۱۹۹۵ع) آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ ٻيهر ايم.اَي (پرائيويٽ) سنڌي ادب ۾ (۱۹۹۷ع) ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي. هينئر ۲۰۱۲ع ۾ ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ موضوع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پِي ايڇ.ڊِي. ڪري رهيو آهي. هُن روينيو کاتي لاڙڪاڻي ۾، اردو جي ليڪچرار طور پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهايو آهي ۽ ۲۰۰۲ع کان وٺي سنڌي جي ليڪچرار طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مقرر آهي. هو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئر پڻ آهي ۽ هفتيوار ادبي پروگرام ”تخليق“ جو ميزبان آهي.

پريتم قاضي - رياضت ٻرڙو


پريتم قاضي
رياضت ٻرڙو

’پريتم‘ قاضيءَ جو نانءُ ادبي ۽ آرٽسٽڪ حلقن ۾ هڪ شاعر ۽ هڪ مصور طور ڄاتل سڃاتل آهي. ’پريتم‘ جو ڇٺيءَ نانءُ سڪندر آفتاب قاضي آهي. هُو نالي واري مصور ۽ انجنيئر قاضي خضر حيات جو پُٽ آهي. پريتم ۱۸ ڊسمبر ۱۹۷۳ع تي، تعلقي رتي ديري جي شهر نئين ديري ۾ پيدا ٿيو. هن سِوِل ۾ بِي.اِي، بِي.اَي، بِي.ايڊ، اَي.ٽِي.سِي ۽ اَي.ايم.سِي جي تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ گذريل ۱۶ سالن کان تعليم کاتي ۾ ڊرائنگ ٽيچر طور فرض نڀائي رهيو آهي.

فياض لطيف - رياضت ٻرڙو


فياض لطيف
رياضت ٻرڙو

فياض لطيف نامور نثر نويس، مترجم ۽ شاعر آهي. سندس ڇٺيءَ نانءُ بشير احمد ولد محمد حسن چانڊيو آهي. هُو پهرين اپريل ۱۹۷۲ع تي ڳوٺ فقير محمد چانڊيي، تعلقي ڏوڪري ۾ پيدا ٿيو. هن مئٽرڪ هاءِ اسڪول ڳيريلي مان، انٽر  حيدر بخش جتوئي سائنس ڪاليج ڏوڪريءَ مان، گريجوئيشن (بِي.اي) ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ ايم.اَي سنڌي ادب ۱۹۹۴ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان ڪئي، جتي هُن ۹۶-۱۹۹۵ع ۾ سچل چيئر ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ طور ڪم ڪيو، جنهن کان پوءِ پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ سنڌي مضمون ۾ ليڪچرار رهيو. هُو ۲۰۰۲ع کان ليڪچرار سنڌي طور ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مقرر آهي. هُو ”شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جماليات“ موضوع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پِي ايڇ.ڊِي ڪري رهيو آهي. هو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئر پڻ آهي.

منصور ابڙو - رياضت ٻرڙو


منصور ابڙو
رياضت ٻرڙو

منصور ابڙو ڀلوڙ شاعر آهي، پر هو ذاتي مصروفيت سبب شاعريءَ کان پرڀرو رهيو آهي. منصور احمد ولد انور علي ابڙو ۷ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تي، لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم لاڙڪاڻي ۾ پِرائي، جنهن بعد بِي ايس سِي آنرز (سلور ميڊل) ۽ ايم ايس سِي، زولاجي سبجيڪٽ ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان فيڪلٽي ٽاپ ڪندي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ گولڊ ميڊل ماڻيو. هُو ۱۹۹۷ع ۾، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڌڪوٽ ۾ زولاجي جو ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ ۲۰۰۶ع کان وٺي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي رهيو آهي. هاڻ اسسٽنٽ پروفيسر آهي.

عزيز قاسماڻي - رياضت ٻرڙو


عزيز قاسماڻي
رياضت ٻرڙو

عزيز قاسماڻي ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي. سندس پورو نالو عبدالعزيز آهي. هو سنڌ جي نامور شاعر سرمد چانڊئي جو پٽ آهي. عزيز ۱۶ مارچ ۱۹۷۱ع تي تعلقي شهدادڪوٽ جي ڳوٺ جمعي خان چانڊيي ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم ميرڻ ماڇي ۽ قنبر مان، گريجوئيشن (پرائيويٽ) شاهه لطيف اورينٽئل ۽ ڊگري ڪاليج قنبر مان ۽ ماسٽرس (ايم.اي) پرائيويٽ سنڌي ادب ۾ مهراڻ آرٽس ڪاليج قنبر مان ۲۰۰۰ع ۾ ڪئي. هُو پرائمري استاد طور مختلف اسڪولن ۾ مقرر رهيو. هينئر سنڌي سبجيڪٽ ۾ ڪريڪيولم کاتي ۾ مقرر آهي.

ڪوڙل قربدار - رياضت ٻرڙو


ڪوڙل قربدار
رياضت ٻرڙو

ڪوڙل قربدار عوامي لهجي وارو شاعر آهي. ڪوڙل قربدار جو ڇٺيءَ نانءُ ذوالفقار علي ولد جاڙو خان سمون آهي. هُو ۱۵ فيبروري ۱۹۷۱ع تي، ڳوٺ فيض محمد بجراڻي چانڊيي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن ۲۰۰۲ع ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ پرائمري تعليم جي استاد طور ڳوٺ حاجي لاشاري مغيري، يونين ڪائونسل جيئڻ ابڙي، تعلقي قنبر ۾ پڙهائي رهيو آهي.

رياضت ٻرڙو - رياضت ٻرڙو


رياضت ٻرڙو
رياضت ٻرڙو

رياضت ٻرڙو شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نويس، مترجم، ايڊيٽر، پبلشر، تعليمي، ادبي ۽ سماجي ڪارڪن/اڳواڻ آهي. هو نامور اديب ۽ کاهوڙي سپوت ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو ننڍو ڀاءُ آهي. رياضت علي ولد شوڪت علي ”شوق“ ٻرڙو ۲۷ فيبروري ۱۹۷۰ع تي نور شاهه محلي، قنبر شهر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم قنبر، انٽر سائنس ۱۹۸۸ع ۾ لاڙڪاڻي، فزڪس جي شعبي ۾ بِي.ايس سِي. (آنرز) ۽ ايم.ايس سِي (آنرز) ۱۹۹۵ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پاس ڪئي. هن ايليمينٽري ڊرائنگ ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد پاران اليڪٽريڪل وائرنگ جو ڪورس پڻ ڪيو ۽ بِي.ايڊ (B.Ed) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڪاليج آف ايجوڪيشن سکر جِي لاڙڪاڻي برانچ مان پاس ڪئي، ۲۰۰۰-۱۹۹۹ع دوران ايم .يڊ (M.Ed) ساڳئي يونيورسٽي پاران، آف ڪئمپس پروگرام هيٺ مهراڻ آرٽس ڪاليج قنبر مان ڪئي ۽ ايم اي پرائيويٽ (سنڌي) ساڳئي يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن سان پاس ڪئي. هن فزڪس ۾ ڪانٽريڪٽ تي ليڪچرار طور گورنمينٽ شاهه لطيف ڪاليج قنبر ۾، ليڪچرار فزڪس طور سنڌ سائنس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ۽ پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهايو، جنهن بعد هُو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، فزڪس ۾ ليڪچرار طور ۲۰۰۱ع ۾ گورنمينٽ شاهه لطيف ڪاليج قنبر ۾ مقرر ٿيو ۽ ۲۰۰۸ع کان وٺي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي پيو.