احسان دانش
رياضت ٻرڙو
احسان دانش مشهور ۽
معروف ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ محقق آهي. سندس پورو نالو احسان الحق پٺاڻ آهي. هو ۱۵ فيبروري ۱۹۷۴ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. هو نالي وارو
اديب ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ جو پهريٺو پُٽ آهي. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم لاڙڪاڻي
مان، بِي.ايس سِي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان، ايم. اَي (پرائيويٽ) اردو ۾ (۱۹۹۵ع) آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ ٻيهر
ايم.اَي (پرائيويٽ) سنڌي ادب ۾ (۱۹۹۷ع) ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي. هينئر ۲۰۱۲ع ۾ ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“
موضوع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پِي ايڇ.ڊِي. ڪري رهيو آهي. هُن روينيو کاتي لاڙڪاڻي
۾، اردو جي ليڪچرار طور پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهايو آهي ۽ ۲۰۰۲ع کان وٺي سنڌي جي ليڪچرار طور گورنمينٽ ڊگري
ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مقرر آهي. هو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئر پڻ آهي ۽ هفتيوار
ادبي پروگرام ”تخليق“ جو ميزبان آهي.