27 July, 2012
عادل عباسي - رياضت ٻرڙو
مدهوش ڀٽو - رياضت ٻرڙو
عزيز منگي - رياضت ٻرڙو
سعيد ميمڻ
سعيد ميمڻ
رياضت ٻرڙو
سعيد ميمڻ نالي
وارو شاعر آهي. سندس پورو نالو سعيد احمد آهي. هو ۸ نومبر ۱۹۶۸ع تي، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عاقل ۾،
مولوي ۽ استاد بشير احمد ميمڻ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم عاقل مان،
ثانوي لاڙڪاڻي مان، بِي اَي (پرائيويٽ) ۽ ايم اَي (پرائيويٽ) سنڌي ادب ۾ ۱۹۹۰ع ۾ سچل آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي. هن
پِي.ٽِي.سِي ايليمينٽري ڪاليج لاڙڪاڻي ۽ بِي. ايڊ ۱۹۹۹ع ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ مان ڪئي
آهي. هو ۱۹۸۸ع ۾ پرائمري استاد طور عاقل ۾ مقرر ٿيو، جنهن کان پوءِ مختلف اسڪولن ۾ پڙهايو
اٿائين. ۲۰۰۵ع کان پرائمري اسڪول مٺو گبول ڳوٺ ۾ پڙهائي رهيو آهي.
عبدالحق ساريو - رياضت ٻرڙو
جواد جعفري - رياضت ٻرڙو
مختيار سمون - رياضت ٻرڙو
حافظ عبدالستار ڪوريجو - رياضت ٻرڙو
ذوالفقار سيال - رياضت ٻرڙو
سرمد چانڊيو - رياضت ٻرڙو
احمد علي ’صابر‘ چانڊيو
احمد علي ’صابر‘ چانڊيو
رياضت ٻرڙو
احمد علي ’صابر‘ چانڊيو سينئر
شاعر آهي. هن مضمون، ناول، ڪهاڻيون، رپورٽون ۽ اسٽيج ڊراما پڻ لکيا آهن. احمد علي
ولد نواب خان چانڊيو ۱۴ جولاءِ ۱۹۵۲ع تي، ميرو خان تعلقي جي ڳوٺ ڇاڄڙي ۾ پيدا ٿيو.
۱۹۶۰ع کان ۱۹۷۵ع تائين سندس ڪٽنب قُبي سعيد خان ۾ ۽ ۱۹۷۵ع کان ۲۰۰۰ع تائين
شهدادڪوٽ ۾ رهيو، جنهن کان پوءِ هو لاڙڪاڻي لڏي آيو. ان وچ ۾ هو ۲۰۰۶ع ۾ حيدرآباد
۾ به رهيو. هاڻ هُو لاڙڪاڻي واسي آهي. هن ايم.اي سنڌي، ايم.اي سياسيات ۽
ايل.ايل.بِي جي تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ مختلف ملازمتون ڪندي، ۲۰۰۸ع ۾ انجنيئرنگ
سپروائيزر طور رٽائر ڪيو.

