; سنڌي شخصيتون: July 2021

31 July, 2021

مُنور ٻُٽ

مُنور ٻُٽ

مختصر تعارف



نالو:                     مُنور علي ٻُٽ

ادبي نالو:              مُنور ٻُٽ

پيءُ جو نالو:          جان محمد ٻُٽ

ڳوٺ:                 ٻُٽ سرائي، تعلقو ميهڙ، ضلع دادو.

ادبي دنيا: انگريزي ناول “رٽرن ان دي اسٽارس؛ دي اسٽوري آف سوڪي (Written in the Stars. The Story of Suki) جو سنڌي ۾ “ستارن ۾ لکيل. سوڪي جي ڪهاڻي” نالي سان ترجمو ڪري ادبي دنيا ۾ پير رکيو.

تعارف: مُنور ٻُٽ ميهڙ تعلقو، ضلع دادو، سنڌ جي ننڍڙي ڳوٺ “ٻُٽ سرائي” ۾ پهرين جولاءِ ۱۹۵۵ع تي جان محمدٻُٽ جي گهر اک کولي. اسڪولي تعليم جي شروعات پنهنجي ئي ڳوٺ “پرائمري اسڪول، ٻُٽ سرائي” مان ڪئي. پرائمري جا پنج درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ انگريزي پڙهڻ لاءِ “مڊل اسڪول (هاڻي هاءِ اسڪول) ٿرڙي محبت ۾ داخلا ورتي. جتان مڊل اسٽئنڊرڊ امتحان ۱۹۷۰ع ۾ پاس ڪري، گورنمنٽ هاءِ اسڪول (هاڻي هاءِ اسڪول نمبر ۱)، ميهڙ ۾ نائين جماعت ۾ داخلا ورتي. ميهڙ هاءِ اسڪول مان ۱۹۷۲ع ۾ ڏهين جماعت (ميٽرڪ)سائنس ۾ سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. البت، ريگيولر تعليم ۾ ڪامياب نه ٿيڻ سبب، پرائويٽ امتحان ڏئي ۱۹۸۲ع ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪيائين.

ٿوري ٿوري عرصي لاءِ مختلف نوڪريون ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۸۳ع ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ، ڪراچي ۾ اسسٽنٽ ڀرتي ٿيو ۽ ان پوسٽ تان ترقي ڪندو ۳۰ جون ۲۰۱۵ع تي سيڪشن آفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿيو.

ڊاڪٽر راڻو مل پِرياڻي راز لوهاڻو- دليپ ڪوٺاري

ڊاڪٽر راڻو مل پِرياڻي (راز) لوهاڻو

خيالن جي همه گيريت سان انسانيت جو علم اُوچو رکندڙ - پنج ٻولين جو شاعر

دليپ ڪوٺاري



ڀٽن سان گهيريل ڀونءِ ’ٿر‘ جي شهر مٺيءَ کي پنهنجي ’جنم ڀومي‘ ۽ هماليه جي پهاڙي سلسلي بدولت سڄي دنيا جي سياحن کي پاڻ ڏي ڇڪيندڙ نينهن نگري ’نيپال‘ کي پنهنجي ’ڪرم ڀوميءَ‘ ڪوٺيندڙ؛ پروفيسر ڊاڪٽر راڻي مل پِرياڻي لاءِ اسان پنهنجي ساهتڪ سانڀر ۾ راڻو ’راز‘ جو قلمي نالو ڪتب آڻڻ بابت به ٻڌو. لوهاڻه جاتيءَ جي هڪ انتهائي غريب گهراڻي مان پنهنجي مسلسل محنت واري بل بوتي تي مٿي اڀري آيل؛ هن سادي سٻاجهي ماهر طب، عملي محقق، مدرس، منتظم ۽ ‘گفتوان شاعر‘ جي شناسائيءَ جا ڪيترائي ٻيا همٿائيندڙ حوالا آهن. ماضيءَ جو راڻو ’راز‘ ۽ حال جو ڊاڪٽر راڻو مل پِرياڻي؛ سنڌي، اردو، انگريزي، نيپالي۽ هندي سميت پنجن ٻولين ۾، اڪثر نظماڻي نثر وارو ساءُ رکندڙ شعرن تي طبع آزمائي ڪري ٿو. هيلتائين هن جو پنج ٻوليائي شعري مجموعو ’ڌيئر آهن ڪيڏيون مهان‘ (Daughters are Great) ۽ هندي سواءِ چار ٻولين ۾ رچيل شاعريءَ جو ڳٽڪو ’ڪورونا جو زمانو‘ (Corona Era) ڇپجي چڪا آهن.

ارشاد احمد شيخ آدرش

ارشاد احمد شيخ آدرش

ارشاد احمد آدرش ڪير سڏائي!؟

زاھد علي ڀُٽو



لِکڻ! سو به دِل کي ڇُھندڙ لکڻيون لِکڻ ڪنھن جھڙي تھڙي جي وس جي ڳالھ ئي ناھي، بالڪل ايئن ئي سنڌي ٻولي جو خوبصورت قلمڪار، جيڪو ڪائنات ۾ خلقيل ھر شيءِ کي باريڪ بيني سان جانچي ٿو، غور ڪري ٿو، پرکي ٿو، پنھنجي اندر جي اک سان مطالعو، مُشاھدو ڪري جيڪو به لکندو آھي ته سندس لکيل لفظ لفظ پڙھندڙ جي دل جي پار پيھي ٿا وڃن.

فقير ڪيھر لنجواڻي - فقير حاجن نظاماڻي

فقير ڪيھر لنجواڻي

لطيف سائينءَ جو راڳائي

فقير حاجن نظاماڻي



لطيف سائينءَ جي فقيرن بابت پاڻ اڳ به ڳالھ ڪئي آھي ته، سائين جي فقيرن پنھنجي حياتين جا نذرانا ڏيئي مرشد لطيف سائينءَ کي عقيدتن جي ڀيٽا ڏني آھي. لالچ کان بغير فقيرن پنھنجي پاڻ کي، مرشد جي حوالي ڪيو. اھڙن فقيرن مان فقير ڪيھر (ميرجت) لنجواڻي به ھڪ ھو. فقير ڪيھر (ميرجت) لنجواڻيءَ جو اصل ڳوٺ چٽوڙي لڳ سکر بئراج هو. چون ٿا ته فقير ڪيھر جا وڏڙا ٻئي طريقي جا مريد ھئا، پر فقير ڪيھر جي درگاھ تي اچڻ کان کانپوءِ سڀ لنجواڻي لطيفي طريقي جا مريد ٿي ويا. فقير چون ٿا ته ھڪ ڏينھن فقير مراد ٻگھيو، جيڪو جمع جي رات جو اڳواڻ راڳائي فقير ھو، اُھو ڪيھر جي ڳوٺ جي ڀر مان گذريو ته اُتي ھڪ نوجوان، پيهيءَ تي ٻاجھريءَ جي جھار ھڪلي رھيو ھو. ان جي آواز ۾ درد ۽ سوز سمايل ھو، ڪافي دير تائين فقير مراد ٻگھيو ويھي غور سان آواز ٻڌو. چون ٿا ته جوھرين کي ھيرن جي سڃاڻپ ھوندي آھي. اھڙيءَ ريت فقير مراد ھن ھيري کي ڳولي لڌو. پوءِ ان نوجوان وٽ ويو، نالو پڇا ڪيائين ته جواب ڏنو منھنجو نالو ڪيھر آھي. دودي (ميرجت) لنجواڻيءَ جو پٽ آھيان. چون ٿا ته ھي ڪيھر فقير جي خاندان وارا اُٺن جو ڪم يعني مزدوري ڪندا ھئا، انڪر ي جت ڪوٺيا ويندا ھئا. باقي ذات سندن لنجواڻي ھئي. فقير ڪيھر جي پراڻي قطبي تي ميرجت لکيل آھي، پر ان ڳالھ جي پروڙ تحقيقدان ڪندا ته فقير ڪيھر ذات جي ڪير ھئا. پر فقيرن جي ڪھڙي ذات، جي آيا سي اگھيا واري ڳالھ آھي. فقير مراد ٻگھيو پنھنجو تعارف ڪرائڻ کان پوءِ چيو ته ابا لطيف سائينءَ جو راڳ اوھان سکندؤ؟ تنھن تي چيائين بابا موڪل ڏئي ته آئون لطيفي راڳ ضرور سکندس. فقير مراد، فقير ڪيھر جي والد دودي (ميرجت) لنجواڻيءَ وٽ ويو. فقير چون ٿا، اُٺ چاري رھيو ھو، پوءِ اجازت ته ڏني، فقير مراد ٻگھي جي صحبت ۾ اچي، فقير ڪيھر راڳ سکڻ لڳو. فاصلو ڪافي ھو، ان ڪري چٽوڙي مان فقير ڪيھر لڏي اچي ڀٽ شاھ کان اولھ طرف ويجھو ٿي ويٺو. فقير ڪيھر مالوند ماڻھو ھو، ھارپي تي زمين ڪاھڻ لڳو، جتي سندس پاڻيءَ جو نار ھو، جنھن ۾ اُٺ وھندو ھو، ان مان زمين جي پاڻيءَ جي ضرورت پوري ٿيندي ھئي. سارنگ واھ جي ڪپ تي سندن ڳوٺ ٻڌو، جيڪو ھاڻي فقير ڪيھر لنجواڻيءَ جي نالي سان آباد آھي. فقير غلام حيدر نظاماڻي چوندو ھو ته سندس والد حاجي شير محمد نظاماڻي فقير ڪيھر لنجواڻي کي ڍڳن جي وانگار ڏيئي ٻني کيڙائڻ ۾ پڻ مدد ڪندو ھو. ھڪ قصو مختصر مشھور آھي ته ھڪ ڏينھن جھنڊو فقير چانڊيو، فقير ڪيھر ٻاجھري جي جھار رات جو ھڪلي رھيو ھو، ماڻھن چيو ته فقير رات جو پکي ڪونه آھن، چئين فقير جي ٻاجھري جھار ماڪڙ جي ھڪلي رھيو آھيان. چون ٿا ته ماڪڙ جا ڪٽڪ ٻئي ڏينھن اچي ويا. فقير ڪيھر جي ٻاجھري جي ھڪ سنگ کي به ڪجھ ڪونه ٿيو، ٻين جي ٻاجھرين کي ماڪڙ کائي چٽ ڪيو. فقير جھنڊي چانڊيي جي مزار خدا آباد ۾ آھي. چون ٿا ته وڏي پھتل بزرگ ھستي ھئا؛

حاجي انور علي کوکر

حاجي انور علي کوکر

املهه انسان: - سلسلو ۳۹ هون

حفيظ چانڊيو



انسانيت جي پت رکندي سندس وار هاڻي چاندي ٿي چڪا آهن، سندس منهن تي گهڻا گهنج پئجي ويا آهن، پر هن گم ٿي ويل معصومن کي سندن والدين تائين پهچائڻ وارو قومي خدمت وارو ڪم ناهي ڇڏيو. لاڙڪاڻي ضلعي جي ان عظيم انساني خدمتگار کي اسان لاڙڪاڻي جي ايڌي طور سڃاڻندا آهيون.

فقير خان محمد چانڊيو - فقير حاجن نظاماڻي

فقير خان محمد چانڊيو

لطيف سائينءَ جو راڳائي

فقير حاجن نظاماڻي



فقير چون ٿا ته، لطيف سائينءَ جي فقيرن پنھنجي زندگيءَ جا سودا ڪري مرشد جي راڳ جي حاضري ڏني آھي. لطيف سائينءَ جا راڳائي فقير صدين جا مسافر آھن، ھنن جي مٿان چئن صدين جي راڳ ۽ لطيفي طريقت جي مسافريءَ جو بار آھي. ۱۱۴۴ ھجري کان وٺي ۱۴۴۲ ھجريءَ تائين ھي لطيفي راڳ جو سفر ھلندڙ آھي، جنھن ۾ ڪنھن به قسم جي رڪاوٽ نه پئي آھي. حالتون ڪيتريون به سخت ٿيون ھجن پر لطيفي راڳ مٿان ڪڏھن به حاوي نه ٿيون آھن ۽ لطيفي راڳ جي ھن سنگھر جو حصو ڪيترائي انسان ٿيا، جن تاريخ جي ڪتاب ۾ پنھنجي جاءِ والاري آھي. لطيف سائين، لطيفي راڳ جي سلسلي جي سرواڻي پنھنجي فقير تمر کي ڏني ھئي. لطيف سائينءَ پنھنجي گھر جي حويلي به پنھنجي فقيرن جي حوالي ڪئي، جيڪا اڃان تائين سندن خاندان وٽ موجود آھي. راڳ جون رسمون، سماع جون رسمون جيئن جون تيئن ھلندڙ آھن. لطيف سائين جي راڳ جي عظيم تسلسل ۾ ڪيترائي راڳائي فقير ٿيا آھن، انھن فقيرن مان، فقير خان محمد چانڊيو به ھڪ ھو، جنھن پنھنجي حياتي پنھنجي مرشد جي حوالي ڪئي. فقير خان محمد چانڊيو اصل ڳوٺ ڪڙيو گھنور کان ويجھو دليل خان چانڊيو جو ھو. فقير خان محمد جي والد جو نالو عرس خان چانڊيو ھو. فقير خان محمد چانديو جو جنم ۰۱.۰۱.۱۹۴۷ع تي ٿيو. فقير خان محمد چانڊيو، لطيفي راڳ ڳائڻ کان اڳ يڪتاري تي راڳ آلاپيندو ھو؛

29 July, 2021

لال چانڊيو - تاج جويو

لال چانڊيو

هڪ قومي خدمتگار

تاج جويو



پوربيا پوري ويا، آسڻ اڄ صبوح

کستوري خوشبوءَ آهي آديسين ۾! (شاهه)

اڄ اکيون ان شخص لاءِ اداس، آتيون ۽ اٻاڻڪيون آهن جيڪو جڳ جي نظر ۾ هڪ عام، سادو ۽ ننڍڙو ماڻهو هو پر هن جو ڪردار ۽ ڪم ايڏو اتانهون هو جنهن آڏو اڄ جا پجيرو، پراڊو ۽ ويگو گاڏين ۾ سوار سياسي ٻانگا، ڄامڙا لڳن ٿا. هو بدين ضلعي جي هڪ ڳوٺڙي عمر چانڊيي (اسٽيشن پيرو لاشاري) جو هڪ عام ڳوٺاڻو هو، جيڪو مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو ۾ ڪلارڪ هو ۽ سندس ملازمت دوران ئي ۷۴-۱۹۷۳ع ڌاري ان ڪاليج انجنيئرنگ يونيورسٽي جو درجو حاصل ڪيو هو. هو سنڌ يونيورسٽي ڪالوني جي پهرين پاڙيسري عابد مظهر، اياز عالم، ماٺيڻو اوٺو، طارق ابڙو، محمود مغل ۽ ٻيا ڪيترائي ان دور جا اڀرندڙ ۽ متحرڪ نوجوان اديب، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر هئا جيڪي به ساڳي ڪالوني ۾ اورتي پرتي رهندا هئا. پر لعل بخش چانڊيي جو ڪوارٽر، ادبي ۽ قومي اوطاق هوندو هو. جتي سنڌ جي قومي تحريڪ جا متحرڪ ڪردار عبدالواحد آريسر، محمد جمن دربدر، شڪور ڦلڪارو، سرور سهتو، آئون ۽ ٻيا ڪيترائي اچي ٿڪ ڀڃندا هئاسون. ان وقت جي سرگرم شاگرد اڳواڻن، مولابخش لغاري، گل محمد جکراڻي، فقير داد کوسو، شفيع ڪرناڻي، روشن ٻرڙي، قادر مگسي، لطف ڪلهوڙو ۽ ٻين ڪيترن ئي جو هاسٽلن کان ٻاهر ٺڪاڻو لال چانڊيي جو ڪوارٽر ئي هوندو هو. هن سٻاجهي شخص جي سڀاءُ، ورتاءُ، پيار ۽ ٻاٻوهه جا اسان سڀ اسير هئاسون. سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون به لال جي ڪوارٽر تي ٿينديو هيون جن ۾ امداد حسيني، شوڪت سورو، اياز عالم، ماٺيڻو اوٺو، طارق عالم، محمود مغل، عبدالرحمان سيال، عابد مظهر، راهي چنا ۽ آئون اچي شريڪ ٿيندا هئاسون. ٻئي طرف عبدالواحد آريسر، جمن دربدر ۽ مولابخش لغاري سان قومي ڪچهريون به هن ئي ڪوارٽر ۾ ٿينديو هيون. ڪي سرند ساٿي ڪجهه نه ڪجهه هن فقير جي ڪشتي ۾ وجهندا به هئا ۽ هروقت قومي سفر جي ٿڪلن کي هتي اجهاپ سان گڏ چانهه ۽مانيءَ ڳڀو به ملي ويندو هو. ڪيترائي وارداتي ليڊر به هن سٻاجهي ۽ سادي شخص جي آستاني تي اچي ٽڪندا هئا جن جي عملن ۽ پرڪارن جي ڄاڻ کيس نه هوندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهي هن غريب لاءِ ڏچو به پيدا ڪري وجهندا هئا. ان وقت جي شاگرد سياست جي ليڊرن ۽ اڄوڪن سياستڪارن فقيرداد کوسو، قادر مگسي، روشن ٻرڙي ۽ ٻين هڪ ڏينهن مذاق ۽ مذاق ۾ هڪٻئي کي کينهون پئي جهپايا جنهن جي نتيجي ۾ هن فقير شخص جي ڪوارٽر جو رڌڻو تباهه ٿي ويو ۽ پوء لال نوڪري وڃائي ويٺو. پوءِ به هن يونيورسٽي ڪالوني جا وڻ نه ڇڏيا ۽ قومي تحريڪ جو هڪ متحرڪ ڪردار ٿي رهيو. ان وقت عبدالواحد آريسر جي قيادت ۾ جيئي سنڌ محاذ، سنڌ جي مقبول قومي پارٽي بنجي چڪي هئي. لال چانڊيو پارٽي جي جيل ڪميٽي جو اڳوڻ هو ۽ هو جيلن ۾ واڙيل قومي اڳواڻن، شاگرد ليڊرن ۽ قومي ڪارڪنن جي سار لهندو هو. جيلن ۾ ڪارڪنن کي ضرورت جو سامان پهچائڻ، سندن حاضرين تي عدالتن ۾ پهچڻ ۽ حال احوال وٺي قيادت کي آگاهي ڏيڻ جون ذميواريون لال چانڊيو احسن طرقي سان نڀائيندو هو. رئيس علڻ خان ٿيٻو ۽ لال چانڊيو اهڙا متحرڪ قومي ڪردار هئا جن کي زمانو ڀلي وساري ڇڏي پر کين سچا قومي ڪارڪن ڪڏهن به وساري نه سگهندا. هي خاموش خدمتگار بنا ڪنهن نانءُ ۽ نمود جي سنڌ جي سائين جي ايم سيد جي ڪارڪنن جي خدمت ڪندا هئا. علڻ خان ته هڙان وڙان خرچ ڪندو هو. ڪڏهن سائين جي ايم سيد به کيس ڪجهه موڪليندو هو پر لال وٽ ڪو به ذاتي سورس نه هو. جيئي سنڌ محاذ جي جيل ڪميٽي کي مرڪز وٽان جيڪي ڪجهه ملندو هو، اهو مختلف جيلن تي ضرورت جي سامان جي صورت ۾ ڪارڪن کي پهچائڻ سندس ذمو هو. هو پارٽي جو هڪ بااعتماد ڪارڪن ۽ اڳواڻ هو جيڪو فرض جي نڀاءُ ۾ ڪڏهن به گٿو ڪو نه. لال چانڊيي جو ننڍو ڀاءُ روپ جهولائي عوامي تحريڪ سان لاڳاپيل هوندو هو. ان جي شادي تي مزيدار واقعو ٿيو. ساڏين ۾ جيئي سنڌ محاذ ۽ عوامي تحريڪ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن موجود هئا. ڇنو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو ۽ هر ڌر ڌار ڌار لائوڊ اسپيڪر لڳايو ۽ شادي سياسي بحث مباحثي جو شڪار ٿي وئي. عوامي تحريڪ وارا سوال ڪن ته آريسر ۽ اسان کين جواب ڏيون، ائين عجيب سياسي چهچٽو مچي ويو. اسر ويل سالو ڀيل نالي فنڪار هڪل ڪري چيو يارو! اها سياست ٻياست بند ڪريو ته اسان ڪو ڳائڻ جو وارو وٺون. ٻه روپيا گهور ملي ته وڃي ٻچن جي پيٽ جي پورت ڪريون. تڏهن وڃي سياسي ملاکڙو ختم ٿيو. اهڙي ريت لال چانڊيي سان وابسته ڪيترا واقعا ۽ قصا آهن جن جي بيان سان دفتر ڀرجي ويندا. بهرحال لال جو ڳوٺ سائين جي ايم سيد جي فڪر جو ڳڙهه هوندو هو ۽ هو سيد جو سچو عاشق ۽ پيروڪار هو. قومي تحريڪ ۾ لال چانڊيي جهڙا مخلص ۽ مسڪين ڪارڪن، اسان جو اتساهه ۽ ويساهه هوندا هئا. انهن جي وجود سان ئي قومپرستي جو فڪر سنڌ جي واهڻ واهڻ وستي وستي پکڙيو. اڄ سنڌ ۾ جيڪا قومي شعور جي چڻنگ روشن آهي ان ۾ اڳواڻن سان گڏ هنن فقير ڪارڪنن ۽ خاموش خدمتگارن جو وڏو ڪردار آهي.

قاضي خضر حيات

قاضي خضر حيات

مُني صديءَ جو ڪردار جيڪو صدين تائين ياد رهندو

قاضي جاويد سنائي



جيڪو ماڻھو ڪونه وڪاڻو سوئي ماڻھو موتيءَ داڻو:

هڪ ئي وقت انجنيئر، چترڪار، ليکڪ، استاد، مصور ۽ سڪندر آرٽ گئلري جو بانيڪار سائين قاضي خضر حيات زندگيءَ جون ۷۶ بهارون يعني مُني صدي ماڻي پنهنجي ڪردار کي هرک جي اڇي ڪپڙي جيان اجرو رکي خالق ڪائنات پاران مليل عظيم نعمت زندگي کي پورو ڪري دارالفناء کان دارالبقاء ڏانهن راهي ٿي ويو. ههڙن ئي ڪردارن لاءِ ڏاها چئي ويا آهن ته؛ انسان کي موت آهي پر ڪردار کي موت ناهي. ڇاڪاڻ جو ڪردار، صدين تائين ياد رهندا آهن. قاضي خضر حيات جو خاندان به هڪ الڳ تاريخ ۽ سڃاڻپ رکي ٿو. مون کي اهو اعزاز رهيو ته قاضي صاحب جو تفصيلي انٽرويو مون ڪيو. جيڪو سندس پورهئي، توڙي نجي زندگي جي تجربن تي عبرت شايع ڪيو. پر افسوس جو اهو آخري انٽرويو ضرور هو پر يادگار هو. هيئنر سوچيان پيو ته قاضي خضر حيات جون کوڙ ڳالهيون، جيڪي عوام کان اوجهل هيون پر اهي هن انٽرويو ذريعي ماڻھن جي ڄاڻ ۾ شامل ٿيون. 

استاد محمد رمضان ملڪ - غفار سومرو

استاد محمد رمضان ملڪ

غفار سومرو



هيڏو وڏو ٺُڳ سارو اچي ٿيو هوس، ڳوٺ جي گهٽين، گهرن پاڙن، ٻنين ٻارن، نهال واھ جي ڪپرن تي گهمندي، رلندي، پاڻيء ۾ تڙڳندي وقت ڪٽيندو ٿي رهيس. مٽيء مان ڍڳا ڍڳيون، اُٺ اُٺڙيون ٺاهي سڪائي کيڏندو خوش ٿيندو رهيس، ڪاٺين ڪانن جون  ڏاند گاڏيون، لوهي تارن مان ڦيٽا ٺاهي بابا سائين جي وڏي موٽر سائيڪل جا پراڻا ٽائر مٿي ماڙي واري ڪمري مان لاهي ڦيرائيندو ٿي رهيس، هڪ جيڏن سان رانديون، رولاڪيون، رنج رساما، مار ڪٽ، جهيڙا، گاريون ڏيندو، ٻڌندو، سهندو ٿي رهيس، ڳوٺن ۾ کيڏيون ويندڙ سڀئي رانديون ۽ شرارتون  ڪندو ٿي رهيس. 

پروفيسر ڊاڪٽر رجب ميمڻ

آهه! پروفيسر ڊاڪٽر رجب ميمڻ جو لاڏاڻو



مٺل جسڪاڻي


ھر ماڻھو جي پنھنجي سڃاڻپ ٿئي ٿي، پر ھر ماڻھو کي، ماڻھو پنھنجي ڄاڻ مطابق سڃاڻندا آھن. پروفيسر ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ ھو ته سجاول (ھاڻوڪي ضلعي) لڳ ميرپور بٺوري جي ڀر واري دڙي شھر جو، جيڪو سنڌو ندي جي کاٻي ڪپ تي آھي، پر اتان اسڪولي تعليم مڪمل ڪري، اڳوڻي زرعي ڪاليج، جيڪو ھاڻ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام آھي، ان ۾ پڙھڻ، ان ۾ ئي استاد طور مقرر ٿيڻ ۽ مختلف ذميواريون نڀائيندي، وائيس چانسلر ٿيڻ تائين، لاڳيتو ٽنڊي ڄام ۾ رھي، ڄڻ ته ٽنڊي ڄام جو به ٿي ويو، رھائش حيدرآباد ۾ ھجڻ ڪري حيدرآباد واسي به ٿي ويو. ان نسبت سان ته ڊاڪٽر رجب کي دڙي، ٽنڊي ڄام ۽ حيدرآباد جي اڪثريت سڃاڻي، پر ڇا سڃاڻي؟ ڪيترو سڃاڻي؟ آئون ڄائو نپنو ٽنڊي ڄام کي ويجهي ڳوٺ ۾، پرائمري کان ايم. ايس. سي. تائين پڙھڻ ۽ پوءِ تازو سٺ سال عمر ٿيڻ تي رٽائر ٿيڻ تائين، صرف ستن سالن جا ڏينھن نه، باقي سڄي عمر انھن ساڳين پٽن ۾ گذاريم، جتان پروفيسر ڊاڪٽر موجودہ سڃاڻپ تائين پھتو. ان پروفيسر ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ کي ماڻھو کل مک، خوش اخلاق، ھمدرد، ھڏ ڏوکي طور سڃاڻين. رھبر، رھنما، نگران، مددگار، صلح پسند، صالح طور سڃاڻين. سائين جون سڃاڻپون گهڻيون آهن.

19 July, 2021

ممتاز علي خان ڀٽو

ممتاز علي خان ڀٽو

لاڏاڻو ڪري ويل سينيئر سياستدان جي زندگيءَ تي هڪ نظر!

لاڙڪاڻو: 



سنڌ نيشنل فرنٽ جو سربراهه سردار ممتاز علي خان ڀٽو ۸۸ ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ جي رهائشگاهه تي لاڏاڻو ڪري ويو. ممتاز علي ڀٽو گذريل ڪيتري عرصي کان بيماريءَ سبب ڪراچيءَ جي گهر اندر علاج هيٺ هو جتي هو فوت ٿي ويو. سردار ممتاز علي ڀٽو جي فوت ٿيڻ جي خبر سوشل ميڊيا توڙي ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد سندس چاهيندڙن ۽ ڀٽو خاندان ۾ سوڳ واري لهر ڇانئجي وئي آهي. ممتاز علي ڀٽو ۲۸ نومبر ۱۹۳۳ع ۾ رتوديرو ڀرسان ڳوٺ پير بخش ڀٽو ۾ ان وقت جي برٽش انڊيا واري دور ۾ نواب سردار نبي بخش خان ڀٽو جي گهر ۾ جنم ورتو. سردار ممتاز علي ڀٽو سينٽ جارج ڪاليج مسوري، لارينس ڪاليج مري ۽ پاڪستان جي آزاديءَ کانپوءِ ۱۹۵۹ع ۾ بئريسٽر جي ڊگري آڪسفورڊ يونيورسٽي لنڊن مان حاصل ڪئي. ۳۲ سالن جي عمر ۾ هو پهريون ڀيرو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، ان وقت قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۳۰ مارچ ۱۹۶۷ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو جنهن جي هو باني ميمبرن مان پڻ هو. ۲۲ ڊسمبر ۱۹۷۱ع ۾ هو سنڌ جو اٺون گورنر مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته پهرين مئي ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ جو ۱۳ هون وڏو وزير چونڊيو ويو، جنهن دوران کيس ڏهيسر سنڌ جو لقب پڻ ڏنو ويو. ممتاز علي ڀٽو ۱۹۶۷ع کان ۱۹۸۹ع تائين پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان سلهاڙيل رهيو جڏهن ته محترمه بينظير ڀٽو جي آصف علي زرداريءَ سان شادي ٿيڻ بعد اختلاف رکندي ۱۹۸۹ع ۾ پنهنجي پارٽي سنڌ نيشنل فرنٽ جو بنياد وڌو جنهن کان پوءِ مسلسل سنڌ نيشنل فرنٽ جي پليٽ فارم تان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مخالفت ۾ اليڪشن وڙهندو رهيو. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد ممتاز علي ڀٽو عوامي اتحاد پارٽيءَ سان اتحادي رهيو جڏهن ته ۹ مئي ۲۰۱۲ع ۾ سنڌ نيشنل فرنٽ کي نواز ليگ سان ضم ڪري نواز ليگ جي حمايت ڪئي ۽ رتوديرو واري صوبائي تڪ پنهنجي پٽ امير بخش ڀٽو کي نواز ليگ پاران اميدوار پڻ نامزد ڪرايو. نواز ليگ سان پيدا ٿيل اختلافن کانپوءِ سردار ممتاز علي ڀٽو نواز ليگ کي الوداع ڪرڻ بعد هڪ دفعو ٻيهر سنڌ نيشنل فرنٽ کي بحال ڪيو جنهن بعد ۲۰۱۷ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪئي جنهن بعد هن وقت تائين هو پي ٽي آءِ سان ئي سلهاڙيل رهيو. سردار ممتاز علي ڀٽو جي وفات واري خبر پوڻ شرط نئون ديرو شهر سوڳ ۾ مڪمل طور تي بند ٿي ويو. جڏهن ته ميرپور ڀٽو ۾ سندس رهائشگاهه تي تڏو وڇايو ويو آهي جتي ممتاز علي ڀٽو سان محبت ۽ عقيدت رکندڙ سياسي ڪارڪنن توڙي علائقي واسين ۽ سياسي، سماجي، مذهبي، قومپرست، علمي، ادبي ڌرين جي اڳواڻن توڙي سڄاڻ ڌرين پاران پهچڻ جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۹ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

18 July, 2021

استاد عبدالفتاح خان ڏھر - غفار سومرو

استاد عبدالفتاح خان ڏھر

غفار سومرو


اڻويھ سو ڇهانوي  ۾ جيئن ئي پيرينٽس ڪوٽا تحت گهر ويٺي پرائمري ماستري جو آرڊر مليو ته مون وٺي منهن سڄايو. منهنجو خيال هو ته؛ ابو سائين به استاد، وڏا ٻه ڀائر به استاد. ڀلا ٻي ڪا نوڪري شوڪري ڪونهي ڇا؟ وٺي لڙ ڪيم ته ماستر ڪونه ٿيندس. تعليمي قابليت ۽ جسماني جاگرافي موجب، پوليس کاتي ۾ ڪا چڱيرڙي پوسٽ ملي ته واه واه نه ته ماستري ٻاستري پنهنجو شان ئي ڪونهي!

بھرحال گهر ۾ سڀني کان  ننڍو ۽ اٽي تي چٽي يعني بيروزگار هجڻ سبب وڏن ڀائرن جي سمجهائڻ، ڌمڪائڻ تي آرڊر کڻي قبول ڪيم. تاريخ ۰۱.۳.۱۹۹۶ جي هڪڙي صبح جو ڪلهن تي اجرڪ ويڙھي نهال واھ جي ڪڙ وٺي اوڀر منهن ڪري اڍائي ٽي  ڪلوميٽر  پنڌ ئي پنڌ ڳوٺ مٺو ڀٽو پهتس. ڪکائين جهوپڙي ۾ قائم گ پ اسڪول مٺو ڀٽو ۾ يارنهن ٻارنهن شاگرد ٻه ٽي بينچون ۽ رڳو هڪڙي ڪاٺ جي ڪرسي موجود هئي. تقريبن ٽي يا چار مهينا پابندي سان اسڪول ويندو رهيس پر رسيس کان پوءِ سڌو گهر. ماني شاني کائي، ڌو ڏھرڪي سبزي منڊي ۾ دائم ڌانڌو جي هوٽل تي، انڊين فلمون ڏسي، شام جو گهر واپس پيو اچان.

سائين الھبخش ٽيمڙو - عبدالسلام ٿھيم

سائين الھبخش ٽيمڙو

سندس جھوريندڙ وڇوڙو

عبدالسلام ٿھيم



نه فقط سندس گھر ڀاتين، ڳوٺ راڄ لاءِ وڏو ھاڃو آھي، پر اھو ھر ان ماڻھو لاءِ نقصان آھي. جيڪو ھن وٽ ڪنھن به جائز مسئلي لاءِ ڪھي ايندو ھيو، ۽ ھو ان جي وس آھر مدد ڪندو ھيو. ھو پنھنجي ذات ۾ انتھائي شفيق ۽ مخلص انسان ھيو، سوين سورن ۽ بيمارين جي باوجود ھو ڪڏھن ورچي ڪونه ويٺو. ھن وڏي ڏاھپ ۽ سھپ سان پنھنجن ماڻھن کي منظم ڪرڻ لاءِ به وڏو ڪردار ادا ڪيو.

جشن پهلاج راءِ واسواڻي - ميوارام نجار

جشن پهلاج راءِ واسواڻي

دادا جي پي واسواڻي کي الوداع ۔۔۔!

ميوارام نجار



حيدرآباد سنڌ ۾۲ آگسٽ ۱۹۱۸ ع تي ڪرشنا ديوي جي ڪک مان جنم وٺندڙ جشنپهلاج راءِ واسواڻي ۱۳ سالن جي عمر ۾ پاس ڪئي. ۱۹۳۶ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج مان گريجوئيٽ، ۱۹۳۷ ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان ايل ايل بي ۽ ۱۹۴۰ع  ۾ ايم ايس سي پاس ڪئي. پوني ۾ هي صاحب نينگرين جي پهرئين واحد ڪاليج  ئي سينٽ  ميران جو ڪيترن ئي سالن تائين پرنسپال پڻ ٿي رهيو.  هن جي گرو جو نالو ساڌو ٽي ايل واسواڻي هو. جنهن جي وفات کانپوءِ دادا جي پي واسواڻي پوني ڀارت ۾ ساڌو مشن جون ذميواريون سنڀاليون. هي واسواڻي جو وڏو اشاعتي پبلشر آهي جنهن مان ماهوار سنت مالها سنڌي ۾، ميرا، ايسٽ اينڊ ويسٽ انگريزي ميگزين، شام سنڌي ۾ نيوز ليٽر ۽ ٻيا ڪتاب پڻ شايع ٿيندا رهندا آهن. دادا جي پي واسواڻي هڪ ئي وقت شاعر، ليکڪ ۽  فلاسفر هو. هن ۱۵۰ کن ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا. انهن ۾ ھرٽ آف گيتا، بريڪ فاسٽ وٿ گاڊ، ڀڳونت نوري گرنٿ، گرو ڪل، ڊسڪور يور سيلف، دي لائف بيوٽيفل، لو از نيور بلائينڊ وغيره شامل آهن۔ اهي ڪتاب سنڌي ۽ انگريزي کانسواء دنيا جي سترنهن کن ٻين ٻولين ۾ به ترجمو ٿي چڪا آهن۔ سندس لکيل مقالي ”دي اسٽوري آف دي سمپل مين“ تي امريڪا انٽر نيشنل اڪيڊمي کيس ايم فل جي اعزازي ڊگري ڏني هئي۔