; سنڌي شخصيتون: September 2016

26 September, 2016

آغا سليم

آغا سليم
ڊاڪٽر فهميده حسين
آغا سليم سان منهنجي پهرين ملاقات ستر جي ڏ هاڪي ۾ ان وقت ٿي هئي جڏهن آئون ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان ”سنڌي اردو بول چال“ پروگرام ڪندي هئس. پروگرام جي رڪارڊنگ مرحوم زاهد قلباڻي ڪندو هو جيڪو تنهن زماني ۾ اتي اسٽاف آرٽسٽ هو.
آغا صاحب پنهنجي مخصوص شڪارپوري انداز ۾ جھيلار سان مون کي ڪڏهن ”بابلي“ ڪڏهن ”ڇوڪرڙي“ ته ڪڏهن نالي سان سڏيندو هو ۽ هو سدائين چوندو هو ”تون سراج جي ڀيڻ آن معنيٰ منهنجي ڀيڻ آن“ هميشه پيار سان ڳالهائيندو ۽ گهڻي عزت ڏيندو هو ۽ چوندو هو ”ما کي خبر ڪا نه هئي ته جيترو سراج هوشيار آهي اوتري سندس ڀيڻ به هوشيار هوندي، سچ ٻڌاءِ اهي گرامر جا سبق تون پاڻ لکندي آن يا سراج کان لکائيندي آن!“ پوءِ کلندو هو بابلي دل ۾ نه ڪجان، ائين ئي ڀوڳ ٿو ڪيان“.

20 September, 2016

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

سنڌ جو مانائتو اديب – سندس جنم ڏڻ

علي محمد درد سولنگي



سنڌ ڌرتيءَ جيڪي املھ هيرا/ املھ ماڻڪ پيدا ڪيا آهن، انهن ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو نانءُ به شامل آهي، ڊاڪٽر صاحب ۱۱ سيپٽمبر ۱۹۳۱ع تي ڳوٺ ماڙي پور تعلقه لکي ۾ غلام حسين ميمڻ جي گھر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. ۱۹۴۲ع واري وڏي ٻوڏ ۾، پنهنجو ڳوٺ ڇڏي، شڪارپور جي نيڀن پاڙي ۾ اچي رهڻ لڳا ۽ اتي ئي فارسيءَ جي بنيادي تعليم ۽ قرآن شريف پڙهيا. ۱۹۴۸ع ۾ وقت جي گردش هڪ ڀيرو وري کين لڏڻ تي مجبور ڪيو ۽ پاڻ شڪارپور شھر کي الوداع چئي، اچي لاڙڪاڻي جو لاهوري محلو وسايائون. ۱۹۵۲ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ پاس ڪيائون. ۱۹۵۹ع ۾ بي اي ۽ ۱۹۶۱ع ۾ ايم اي ڪيائون. (پاڻ ڊبل ايم اي هئا، ايم اي سنڌي ۽ ايم اي اسلامڪ ڪلچر) ۽ ۱۹۷۴ع ۾ مولانا غلام محمد قاسمي جي رهنمائيءَ ۾ ”بيان العارفين جي ترتيب ۽ اپٽار“ جي عنوان سان تحقيقي مقالو لکي، پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪيائون.

19 September, 2016

علي رضا قاضي

علي رضا قاضي
صحافي، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ استاد سان فاصلاتي ۽ يادگار ڪچهري
مٺل جسڪاڻي


علي رضا قاضي لڳ ڀڳ چاليهه سال ۽ چئن مهينن جو نوجوان آهي، استاد آهي، ڪهاڻيڪار آهي، ماضي ۾ صحافي رهيو، ٿوري ٿڪي شاعري جي ڪوشش ڪري، هٿ کڻي وِيو! اڄ ڪلهه سندس سڃاڻپ استاد ۽ ڪهاڻيڪار طور آهي. منهنجي ساڻس روبرو ڪچهري ڪڏهن به نه ٿي آهي، ڇو ته ڪڏهن ملاقات ئي نه ٿي آهي. عالمي اوطاق (فيس بوڪ) تي سندس ”اختصاري ڪهاڻيون“ پڙهندي، انهن ئي ڪهاڻين جو مجموعو ”معذرت سان“ پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچڻ لڳو آهي.

08 September, 2016

پروفيسر ديدار سولنگي - هدن جيسر

پروفيسر ديدار سولنگي
سنڌ جو عاشق محقق
هدن جيسر
12 فيبروري 1960 جي ٿڌن مٺن ڏينهن ۾ ڏوڪري جي شهر جي پورهيت مرد در محمد سولنگي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ٻالڪ عاشق حسين سولنگي جڏهن هن دنيا ۾ اک کولي ته هن پورهيت پيءُ جي هٿن ۾ پرورش ۽ تربيت ورتي. ابتدائي تعليم ڏوڪري، ثانوي تعليم لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج ۽ اعلي تعليم شاه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي. تعليم حاصل ڪرڻ واري عرصي دوران هو پنهنجي پورهيت پيءُ سان گڏ پورهيو به ڪندو رهندو هو. 1983ع ۾ کيس سرڪاري طور پرائمري ماستري جي نوڪري ملي. جنهن دوران هن علمي ادبي سرگرميون پڻ جاري رکيون. شاگرديءَ واري دور ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيدريشن ۾ شامل ٿيو. عملي زندگي ۾ اچڻ کان پوءِ وطن دوست انقلابي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي. 1985ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي نظرئي کان متاثر ٿيو. گهڻ رخي مطالعي جي ڪري پاڻ ادبي ۽ سياسي حلقن ۾ دانشوراڻي انداز ۾ سياسي ۽ سماجي حالتن جو تجزيو ڪندو هو. 1985 کان 1988 تائين سوشلسٽ نظرئي جي پرچارڪ جي حيثيت سان اسٽڊي سرڪلن جا ڪلاس وٺندو هو. 1987ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جو سيڪريٽري چونڊيو ويو هو. جنهن دوران پاڻ اڻ-ٿڪ محنت ڪري ڏوڪري ۾ ادبي سرگرميون جاري رکيون. سال 1989ع ۾ علم سياسيات ۾ ايم اي پاس ڪئي. انهن ڏينهن ۾ پاڻ هڪ جفاڪش سياسي ڪارڪن، گهڻ رُخي مطالعي جو شوقين شاگرد، سماجي خدمتن جي جذبي سان سرشار انسان جي حيثيت سان عملي ميدان ۾ پير پاتو ته عاشق سولنگي مان ادبي، سياسي، سماجي ۽ علمي حلقن ۾ ديدار سولنگي جي نالي سان سڃاپجڻ لڳو.

تاج جويو

تاج جويو
جيئن مون ڏٺو!
ڊاڪٽر فهميده حسين
سنڌ جي اُجري آئيندي ۽ سيڪيولر روشن خيال سنڌي سماج جي اوسر ۽ نئين سنڌ جي فڪري آزاديءَ لاءِ پاڻ ارپيندڙ ڪردارن: سائين جي ايم سيد، محمد ابراهيم جويي، شيخ اياز ۽ سراج سان بي انتها پيار ڪندڙُ، سنڌي ٻوليءَ سان اٽوٽ عشق واري سندن روايت جو پاسدار تاج جويو، هڪ عجيب ڪردار آهي، جنهن جا دوست بيشمار آهن، پر مخالف به گهٽ ڪونه آهن. دوستن جي نظر ۾ هو هڪ تمام مخلص، محنتي ۽ جاکوڙي، ترقي پسند، قوم پرست، سُڄاڻ، سنڌ دوست اديب ۽ دانشور آهي، جنهن سڄي عمر سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ رت ولوڙيو آهي. ٻئي طرف سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي پلئٽفارم تان ڪئين ڀيرا اليڪشن وڙهڻ، مرڪزي سيڪريٽري جنرل ٿيڻ يا ڪنهن هڪ ڌُر جي حمايت ڪرڻ جي ڪري، اديبن جو هڪ حلقو سندس مخالف رهيو آهي، جنهن کي اسان جي پاڪستاني روايت موجب ذاتي، شخصي عداوت ۽ بغض وارو درجو حاصل آهي. تنهن هوندي به چئي سگهجي ٿو ته هو سنڌ جي اديبن ۾ شايد سڀ کان وڏو حلقو دوستن جو رکي ٿو.

02 September, 2016

فاطمه ثريا بجيه - ارشاد ڪاغذي

فاطمه ثريا بجيه
معروف ليکڪه
ارشاد ڪاغذي
فاطمه ثريا بجيه اردو نامور ناول نويس، ڊرامه نگار ۽ سماجي شخصيت 10 فيبروري تي 86 سالن جي عمر ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي، هوءَ همت، شفقت، محبت ۽ محنت جي پيڪر هئي. هن جي لاڏاڻي سان جديد ڊرامي جو دور پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. هن پي ٽي وي ۾ ڪيئي مشهور ڊراما لکيا ۽ گنگا جمنائي تهذيب جي ڇاپ هڻي اردو ادب، تهذيب ۽ ثقافت جو بول بالا ڪيو. هونئن به اصل ۾ هوءَ حيدرآباد دکن جي هندستاني تهذيب جي وارث هئي ۽ وچولي گھراڻي سان تعلق رکڻ جي ڪري ڪنهن به اسڪول ۾ باقاعده تعليم حاصل ڪري ڪونه سگھي، ان جا سبب ڪهڙا به هجن، پر هڪ سبب هوءَ پاڻ ٻڌائي ٿي ته: ”آئون ڪڏهن به اسڪول پڙهڻ نـ ويس، پر منهنجي وڏڙن گھر ۾ تعليم ڏياري، هڪ استاد گھر ۾ سڀ سبجيڪٽ پڙهائيندو هو، حيدرآباد دکن ۾ ڪيئي سٺا اسڪول هئا، جهڙوڪ: سينٽ جوزف، ان اسڪول ۾ امراءُ شرفا جون لاڏليون نينگريون پڙهنديون هيون، جيڪي نوابن ۽ جاگيردارن جو اولاد هيون. هن اسڪول جي في 20 روپيا هئي، جيتوڻيڪ منهنجو ڏاڏو ايتري في ڀري سگھيو پئي، پر هن جو خيال هو ته اسڪول ۾ داخل ٿيڻ سان ۽ اميرن جي ٻارن سان رهڻ جي ڪري احساس محرومي جو احساس پيدا ٿيندو، تنهن ڪري گھر ۾ تعليم حاصل ڪري سگھيس.“

شمشير الحيدري

شمشير

هڪ ادارو هئو

ابورافع



سنڌي ٻوليءَ جي نرالي تخليقيار، سائين شميشر الحيدريءَ جي چوٿين ورسي سگا پاران آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ جي سهڪار سان منظر اڪبر هال ۾ ملهائي وئي، شميشير سائين کي اسان کان جدا ٿئي چار سال گذري ويا، پتو ئي نه پيو آهي، برابر چئين سالن جو عرصو گذري ويو آهي پر هو اسان کان ڪٿي وسريو آهي؟ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ ڪيل هن جون خدمتون ته سدائين رهيون آهن.

محمد حسن ڦلپوٽو - نجمه نور ڦلپوٽو

محمد حسن ڦلپوٽو
جنهن جي رڳ رڳ ۾ راڳ رچيل هو
نجمه نور ڦلپوٽو
ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا
تون اڃان ٿو جئين هاءِ ڙي جيئڙا
حياتي بي بقا آهي، بقا آهي ته صرف باقيءَ کي. هو بالا آهي، برتر آهي، بي پرواهه آهي. هو پڪا ٽوڙي ته ڇا ڪچا ٽوڙي ته ڇا. ان اڳيان هرڪو بيوس، لاچار، مجبور آهي. رب جي اڳيان نه ڪنهن جي هلندي ۽ نه ئي ڪنهن جي هلي آهي. هو پنهنجا ڳجهه پنهنجا راز پاڻ ٿو ڄاڻي. هر ڪو هتي پل پهر جو مهمان آهي. انسان ثمر سَوَنِ سالن جو ٿو ٺاهي پر هڪ پل جي خبر نه اٿس. خالي هٿين اچي خالي هٿين وڃين. ڪيڏو به موت کان لِڪڻ ۽ بچڻ جي ڪري پر موت جو راڪاس ڪنهن جي به ٻڌي نه ڏسي. نه مهل ڏسي نه موقعو، نه ڏينهن ڏسي نه رات، نه شهر ڏسي، نه بر، پنهنجي هٿ ڪري ڳڙڪائي، کيس تِرَ جيترو به ڪهڪاءَ اچي نه ترس پوي. جاني جدا ڪري، پرين پري ڪري.

شهيد محمد عظيم لغاري - غلام حسين لغاري

شهيد محمد عظيم لغاري
جاکوڙي صحافي
غلام حسين لغاري
دادو سان واڳيل امر ٿي ويل صحافي محمد عظميم لغاري اڄوڪي ڏهاڙي يعني 11 آگسٽ 2008 جي صبح جو انوقت هڪ بزدلاني حملي ۾ شهادت جو جام پيتو جڏهن پاڻ حق و صداقت جي لاءِ هڪ سنڌي چئنل ۽ مختلف اخبارن لاءِ رپورٽنگ ڪري رهيو هو. محمد عظيم لغاري هاري گهراڻي جي هڪ پورهيت شفيع محمد لغاري جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ پنهنجي پڙهائي سان گڏ  صحافتي ڪيريئر جو آغاز پنهنجي مامي علي حسن لغاري جي روزاني اخبار حيرت حيدرآباد ۽ هفتيوار محافظ سنڌ دادو ۾ رپورٽنگ سان ڪيو ۽ باقائدي اتان سکيا حاصل ڪئي. هن سکر مان نڪرندڙ اخبار ۾ به پير پاتو جتان جلدي فريضه حج تي هليو ويو ۽ جدي ۾ ڪجهه عرصو محنت مزدوري ڪئي پر صحافتي جذبي هجڻ ڪري ڏيهه واپس وريو ۽ مختلف سنڌي اخبارن سان لاڳاپيل رهيو. هڪ ٽي وي چينل جو دادو ضلعي جو ضلعي رپورٽر رهيو. هن پنهنجي قلم کي بنا ڪنهن فرق جي انساني حقن جي ٿيندڙ ڀڃڪڙين ۽ وڏيرڪي رياست خلاف استعمال ڪيو جن کيس رستي تان هٽائي هميشهه لاءِ امر ڪري ڇڏيو.

استاد وزير علي خان - عاشق حسين ساند

استاد وزير علي خان
سندس ياد ۾
عاشق حسين ساند
ٿڌڙين هوائن واري شهر ٽنڊي آدم جو شمار به انهن شهرن ۾ ٿئي ٿو جن سنڌ کي ساڃاهه وند فرد ڏنا. اهڙن ئي سدا بهار انسانن ۾ گواليار خاندان جي ڪلاسيڪل راڳي استاد منظور علي خان جو ڀاءُ ڪلاسيڪل راڳي استاد وزير علي خان به هڪ هو. جنهن پنهنجي ڪلاسيڪل رنگ ۾ سنڌ جو نانءُ روشن ڪيو. مرحوم جي (اڄ) ۱۵ هين ورسي ملهائي پئي وڃي. ورسي جي مناسبت سان استاد جا پونئير استاد جي آخري آرامگاهه پهچي فاتحه خواني ڪري دعا گهرندا جڏهن ته خيرات جي ماني سميت تقريب پڻ منعقد ڪئي ويندي. استاد وزير علي ۱۹۳۸ع ۾ استاد جمالو خان جي گھر، ٽنڊي آدم ۾ ڄائو. جنهن پنهنجي والد استاد جمالو خان ۽ ڀاءُ استاد منظور علي خان کان سکيا ورتي.

علي بابا


علي بابا
سنڌي ڪهاڻيءَ جي نڪ جي ڦُلي جهڙو
شوڪت لوهار
هن پنج ڪروڙ خاندانن ۾ انسان ٿي جيئڻ ڪيڏو ڏکيو هوندو. اِها ڳالهه ڪنهن انسان کان ئي پڇي سگهجي ٿي. چاهڻ جي باوجود ڪن ماڻهن کي خريدي نه سگهبو آهي، ڪي بي مُلها ماڻهو املهه ٿيندا آهن. مفادن جي لُٻيل دنيا ۾ رهندي ڪڏهن ڪڏهن احساس جا ڪاريهر ڏنگ هڻندا آهن، اسان کي واقعي ڪنهن به آدرش ۽ حقيقي سچي ۽ سادي سلوڻي ماڻهو جي ضرورت ڪو نه آهي، اسان وٽ اهي ئي اگهامجي وڃن ٿا، جيڪي خوشامد ڪرڻ، ڪي شارٽ ڪورس ڪيل ۽ ڪي ته وري عالماڻيون ڊگريون حاصل ڪيل هوندا آهن.

اسرار شام - عيسيٰ ميمڻ

اسرار شام
ٻارن جو مسيحا
عيسيٰ ميمڻ
ڏاهپ جتي انساني زندگي لاءِ لازم ملزوم آهي اتي ڏاهپ، ڏکن/ دردن جو سبب به بڻجي ٿي. جڏهن ڏاهپ انسان کي پنھنجي ذات کان ٻاهر ڪڍي عالم انسانيت جو درس ڏئي ٿي، تڏهن سڄي انسانذات جا ڏکَ درد هر ڏاهي ماڻهوءَ ۾ بيچيني پيدا ڪن ٿا. انھيءَ بيچينيءَ ۾ راحت به آهي ته پيڙا به آهي. جيئن لطيف چيو ته؛ ”الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏُکَ ڏسن.“ جڏهن ماڻهو ڀورو آهي ته ڀورائي ۾ ڀال ڪري ٿو پر پوءِ جيئن سمجهه جو دائرو وڌي ٿو تڏهن ذميواريءَ جو دائرو به وڌي ٿو ته ڏکن جو دائرو به وسيع ٿئي ٿو. هر باشعور ماڻهو ان پيڙا مان گذري ٿو ۽ اها پيڙا ئي آهي جيڪا هر باشعور ماڻهوءَ کي تاريخ بڻائي ٿي. هڪ اهڙي پيڙا مان ئي گذرندڙ سنڌ جي تاريخ جو انمول هيرو اسرار شام به آهي، جنھن پنھنجي شعور جي سفر ۾ ڌرتيءَ جي خوبصورت تخليق ٻارن جي ذهني نشو و نما ۾ وقف ڪري ڇڏي.