علي رضا قاضي
صحافي، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽
استاد سان فاصلاتي ۽ يادگار ڪچهري
مٺل جسڪاڻي
علي رضا قاضي لڳ ڀڳ چاليهه سال ۽ چئن مهينن جو نوجوان آهي، استاد آهي،
ڪهاڻيڪار آهي، ماضي ۾ صحافي رهيو، ٿوري ٿڪي شاعري جي ڪوشش ڪري، هٿ کڻي وِيو! اڄ
ڪلهه سندس سڃاڻپ استاد ۽ ڪهاڻيڪار طور آهي. منهنجي ساڻس روبرو ڪچهري ڪڏهن به نه ٿي
آهي، ڇو ته ڪڏهن ملاقات ئي نه ٿي آهي. عالمي اوطاق (فيس بوڪ) تي سندس ”اختصاري
ڪهاڻيون“ پڙهندي، انهن ئي ڪهاڻين جو مجموعو ”معذرت سان“ پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچڻ
لڳو آهي.
