; سنڌي شخصيتون: محمد حسن، رڳ رڳ ۾ راڳ، نجمه نور، ڦلپوٽو،
Showing posts with label محمد حسن، رڳ رڳ ۾ راڳ، نجمه نور، ڦلپوٽو،. Show all posts
Showing posts with label محمد حسن، رڳ رڳ ۾ راڳ، نجمه نور، ڦلپوٽو،. Show all posts

02 September, 2016

محمد حسن ڦلپوٽو - نجمه نور ڦلپوٽو

محمد حسن ڦلپوٽو
جنهن جي رڳ رڳ ۾ راڳ رچيل هو
نجمه نور ڦلپوٽو
ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا
تون اڃان ٿو جئين هاءِ ڙي جيئڙا
حياتي بي بقا آهي، بقا آهي ته صرف باقيءَ کي. هو بالا آهي، برتر آهي، بي پرواهه آهي. هو پڪا ٽوڙي ته ڇا ڪچا ٽوڙي ته ڇا. ان اڳيان هرڪو بيوس، لاچار، مجبور آهي. رب جي اڳيان نه ڪنهن جي هلندي ۽ نه ئي ڪنهن جي هلي آهي. هو پنهنجا ڳجهه پنهنجا راز پاڻ ٿو ڄاڻي. هر ڪو هتي پل پهر جو مهمان آهي. انسان ثمر سَوَنِ سالن جو ٿو ٺاهي پر هڪ پل جي خبر نه اٿس. خالي هٿين اچي خالي هٿين وڃين. ڪيڏو به موت کان لِڪڻ ۽ بچڻ جي ڪري پر موت جو راڪاس ڪنهن جي به ٻڌي نه ڏسي. نه مهل ڏسي نه موقعو، نه ڏينهن ڏسي نه رات، نه شهر ڏسي، نه بر، پنهنجي هٿ ڪري ڳڙڪائي، کيس تِرَ جيترو به ڪهڪاءَ اچي نه ترس پوي. جاني جدا ڪري، پرين پري ڪري.