; سنڌي شخصيتون

29 December, 2013

ڪامريڊ موريل - نثار کوکر

ڪامريڊ موريل
سنڌيت وارو رنگ ۽ صوفياڻو مزاج رکندڙ يگانو شخص
نثار کوکر
اها خبر ناهي ته ڏوڪريءَ ۾ گلالن جو اهو دڪان اڃا به سلامت آهي الاءِ نه، جنهن جي ڏاڪڻين واري در کان ٿورو هيٺ مين روڊ جي ڪناري هڪ ڪامريڊ ويهندو هو. ڏوڪريءَ جا ڪامريڊ ته ماسڪو کان جدي تائين اڄڪلھه جتي ڪٿي آسانيءَ سان ملي وڃن ٿا پر ڪامريڊ موريل جو ملڻ محال آهي.

امير علي ايري - آزاد انور ڪانڌڙو

امير علي ايري
پ پ قيادت کان وسري ويل اڳواڻ
آزاد انور ڪانڌڙو
پ پ پ جي باني، قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پ پ چيئرپرسن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي عوامي سياست کان متاثر ٿي، ڪيترا ئي اهڙا ورڪر پيدا ٿيا، جن سنڌ جي سياست ۾ پنهنجي جدوجهد، عمل ۽ ڪردار سبب نالو پيدا ڪيو. پ پ پ جي موجوده قيادت کان مڪمل طور وسري ويل امير علي ايري پ پ جو هڪ اهڙو ئي ورڪر ۽ اڳواڻ هو، جيڪو شاگرد سياست ۾ پنهنجي جدوجهد ۽ ڪردار سبب شاگرد سياست جو هيرو بڻيو. ميهڙ ۾ ۱۰ سيٽمبر ۱۹۵۸ع تي شاهنواز خان ايري جي گهر ۾ جنم وٺندڙ امير علي ايري سياست جي شروعات شاگرديءَ واري زماني ۾ هاءِ اسڪول (ون) ۾ ڇهين جماعت ۾ پڙهڻ دوران ماروئڙا اسٽوڊنٽس جي پليٽ فارم تان ڪئي ۽ ۱۴ سالن جي ننڍڙي عمر ۾ شاگرد سياست جو حصو وٺڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪري کيس چار مهينا حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد ڪيو ويو، بعد ۾ سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن قائم ٿي، ته کيس دادو ضلعي جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.

ايم ايڇ پنهور

ايم ايڇ پنهور
بي مثال محقق
مير نادر علي ابڙو


اڄ آئون سنڌ جي هڪ اهڙي محقق ڪردار تي لکڻ ويٺو آهيان، جيڪو ڪالهه اسان سان هو پر اڄ هن جون يادون اسان ساڻ آهن، هن جيڪا جاکوڙ سنڌي قوم لاءِ ڪئي، تنهن کي زمانن تائين ياد رکيو ويندو. ايم ايڇ پنهور جو نالو وٺڻ سان ئي ذهن جي چؤگرد سندس جدوجهد وارا پل گهمڻ ٿا لڳن. پاڻ هميشه اصولن سان نڀاءُ ڪندي جيڪو ڪردار هن ڌرتي لاءِ ادا ڪيائين، تنهن کي زمانن بعد به شايد اسان وساري نه سگهون.

فقير عرس بهراڻي - نهال ڪمار

فقير عرس بهراڻي
نهال ڪمار/ حيدرآباد
حيدرآباد جي هوائن ۾ اُن ڏينهن جڏهن عجيب شوخي هئي، اُتر جي هوائن ۾ تمام گهڻي ٿڌ محسوس ٿي رهي هئي. هر ڪو پنهنجي ڪم ڪار ۾ مصروف هو، ان وقت ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته، سنڌ جو سينيئر صحافي ۽ نانگن جي حوالي سان پنهنجي منفرد سڃاڻپ رکندڙ فقير صفت ماڻهو فقير عرس بهراڻي اسان کي يادن جا انيڪ انبار ڏئي، هميشه لاءِ وڇڙي ويندو.

سرمد سنڌي


سرمد سنڌي
لُڙڪَ لَڙي پيا لار ڪري
ناصر قاضي
هي ته ڊسمبر ۲۰۱۴ هيو، پر هر سال جو ڊسمبر پنهنجي آمد شرط سرديءَ سان گڏ جتي ڪيترن ئي ڌرتيءَ ڄاون محترمه بينظير ڀٽو، شيخ اياز، اياز قادري، تاجل بيوس، قربان علي شيخ، روشن جي جون غمگين يادون ساڻ کڻي ايندو آهي،  اتي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ سرمد سنڌيءَ جي نه هجڻ وارو احساس ڇيت جيان چڀي رهيو هوندو آهي.

اڪبر بلوچ - جميل چانڊيو

اڪبر بلوچ
بيباڪ صحافي
جميل چانڊيو
ملير جي هڪ ڳوٺ اوبو ٿاڻو (ملا عيسيٰ) ۾ جنم وٺندڙ اڪبر بلوچ عرف بابا، ملير جي ماڻهن جي اهنجن، سورن ۽ تڪليفن جو جيئن جو تيئن ايوانن تائين پهچائڻ جو آرٽ هو. سندن قلم جي طاقت رنگ لاتو ۽ حڪمران ملير جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيا.

24 December, 2013

لال ملوڪ اوڏ - آدرش

لال ملوڪ اوڏ
آدرش/عمرڪوٽ
لال ملوڪ اوڏ جي پهرين سڃاڻپ سگهڙ هئي. ڪچهرين جو ڪوڏيو ۽ لوڪ ادب جو ڄاڻو هو. سندس جنم ۱۹۴۲ع ۾ ٿيو. پنچائت ۾ فيصلا سازيءَ طور مڃيل لال ملوڪ، پٺتي پيل سماج جي ڏُکن سُکن جو پراڻو ساٿاري هو.

18 December, 2013

قاسم پٿر آجپي سان عشق ڪندڙ سياسي ڪارڪن ورسي جي مناسب سان ڀون سنڌي

قاسم پٿر
آجپي سان عشق ڪندڙ سياسي ڪارڪن
ورسي جي مناسبت سان
ڀون سنڌي
اڄڪلهه جڏهن روس جي ٽٽڻ بعد باقي دنيا ۾ اشتراڪيت جو نظريو ڪمزور، ۽ قومن جي رهنمائي ۾ ناڪام نظر اچي رهيو آهي، ۽ مائوزي تنگ جي نظرياتي محور کان هٽي ڪري نئين دور جي تقاضائن سان، پنهنجي فڪري هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، تڏهن مونکي قاسم پٿر جو بنهه آزاد ۽ تقليد کان آجو سياسي موقف ۽ بحث ياد ايندو آهي. هن تي سدائين سياسي طور تي اهو الزام لڳندو رهيو ته، هو لينن جو مخالف ۽ ٽراٽسڪي جو حامي هو. سنڌ ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ ڳاڙهي ڪتاب (مائو جا نظرياتي ڪتاب ۽ داس ڪيپيٽال) کي جيئن جو تيئن عملي جامو پهرائڻ  جي مخالفت ڪندو هو، ۽ سنڌ جي راڄوڻي روايتن ۽ سماجي بيهڪ جي انداز سان سياست ڪرڻ جو حامي هو. انهيءَ ڪري هن تي ڪڏهن عمل جي ڇڙواڳي ۽ ڪڏهن پارٽي جي ڀڃڪڙين ۽ آخر ۾ پارٽيءَ سان  غداري جا الزام به لڳندا رهيا. پر هن ڪڏهن به فڪري نظريي ۽ عقيدت پرستيءَ ۽ شخصيت پرستيءَ کي قبول نه ڪيو، ۽ نه ئي عقيدت مندن جو حمايتي رهيو. هو امپورٽيڊ انقلاب ۽ نظريي جو ڪڏهن به حامي نه رهيو، جنهن لاءِ هن کي گهڻي تنقيد جو نشانو به بنايو ويو، ۽ آخر ۾ پنهنجي برپا ڪيل پارٽيءَ کان به موڪلائڻو پيس.

16 December, 2013

قاسم پٿر- آزاد قاضي

قاسم پٿر
قومي تحريڪ جو حقيقي ڪردار
آزاد قاضي
قاسم پٿر سنڌ جي سياست جو حقيقي معنيٰ ۾ قومي ڪارڪن هو. ان حوالي سان هو پنهنجي جدوجھد کي طبقاتي سوچ تحت رکڻ جي باوجود، قومي تحريڪ واري انداز ۾ هلائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. قومي تحريڪ جيڪا پنهنجي روح ۾ گھڻ طبقاتي تحريڪ هجي ٿي. ان کي اهڙي طرح مهل موقعي جي مناسبت سان صحيح رخ ۾ هلائڻ اهو وڏو ڪمال جو ڪم آهي، اهو صرف قاسم پٿر جهڙا سنجيده ۽ سمجھدار ڪارڪن ئي ڪري سگھن ٿا. ان مسئلي کي صحيح رخ ۾ هن ريت سمجھي سگھجي ٿو. قاسم جيڪو ڪامريڊ سلام بخاري ۽ ابن حيات پنهور جو ڪيڙيل ۽ طبقاتي جدوجھد جي پيداوار هو. ۽ان ئي اثر هيٺ هڪ وقت سيٺ عيسيٰ خواجه جهڙن مقامي ڊنگ وڏيرن جي هڪ هٽي ۽ ڦرمار واري ڪلچر مان عوام کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺو، ائين ڪرڻ ڪري تڪليفون به برداشت ڪيائين، جيل به ڀوڳيائين، ان جي باوجود ڪميونسٽن جي بنيادي نقطي انٽرنيشنلسٽ هئڻ ۽ قومي مسئلي کان پري ڀڄڻ يا ان بابت چونڪ چنانچه ڪندي سنڌ ۾ هڪڙي ڳالهه ۽ لاهور ۾ ٻي ڳالهه ڪرڻ واري فلسفي کان پري رهيو. هو نيشنلسٽ هئڻ واري ناتي ان ڳالهه تي بلڪل واضح هيو ته “قومن جي پنهنجي جداگانه حيثيت آهي، ان حيثيت ۾ انهن کي آزاد رهڻ جو حق آهي.” نه رڳو ايترو پر قومي تحريڪ واري بنيادي تصور هيٺ ڪميونسٽ پارٽي کان سفر شروع ڪرڻ وارو قاسم مختلف جماعتون تبديل ڪندو، آخرڪار قومي تحريڪ جي نمائنده جماعت جيئي سنڌ محاذ تائين پهتو. اتي پهچڻ سان سندس اهڙو ته جيءَ جڙيو، جو آخري دم تائين ان جي پيچ ۾ پيوست رهيو. ايتري قدر جو کيس قومي تحريڪ ۾ آڻڻ وارا ڪمونسٽن جي اثر هيٺ طبقاتي تحريڪ جوشڪار ٿي، چونڪ چنانچه ڪري، قومي تحريڪ وارو ميدان ڇڏي ڀڄي ويا. ڀڄي ڇا ويا، سياسي شطرنج بازي واري عمل جو مظاهرو ڪندي، (جيئن عام سنڌي ماڻهو چوندو آهي) ساڳي نالي سان پنهنجو گروپ ٺاهي ورتائون. قاسم جيڪو مختلف جماعتون ڇڏي ڌڪ کائي، تجربا ڪري چڪو هو، ان اهڙي عمل کي قومي تحريڪ لاءِ نقصانڪار سمجھندي، اهڙن دوستن کي گھڻوئي سمجھايو پر اهي جڏهن پنهنجي هوڏ تي بيٺا رهيا، تڏهن قاسم به کڻي هٿ ڪڍيا. ۽ پوءِ قاسم زندگيءَ جي آخري گھڙيءَ تائين جيئي سنڌ محاذ سان لاڳاپيل رهيو. قاسم تي سندس دوستن پاران اها تنقيد ٿيندي هئي ته “هو جن پارٽين جو خالق هو يا جن پارٽين کي هن پنهنجو رَتُ ۽ سَتُ ڏنو، هو انهن سان خود گھڻو عرصو گڏ هلي نه سگھيو ۽ خود اختلاف رکي، انهن پارٽين مان ٻاهر نڪري ايندو هو.”
(ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا ص ۳۰)

رفيق عيساڻي - مريم مجيدي

رفيق عيساڻي
کاهوڙي اداڪار
مريم مجيدي
سنڌ جي بهترين اداڪار رفيق عيساڻي ميمڻ جو جنم ۷، اپريل ۱۹۶۶ع تي دڙي شهر ۾ ٿيو. پنهنجي تعليم جي تڪميل، يعني ايم اي سوشالاجي، سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪرڻ کان پوءِ، هن سنئون سنواٽو اداڪاري جي واٽ ورتي. هن ڪنهن اداري ۾ نوڪري ڳولڻ بدران، ننڍپڻ جي شوق ۽ پنهنجي ذهني لاڙي کي ترجيح ڏيندي فن جي دنيا ۾ پير پاتو. سال ۱۹۸۶ع ڌاري ”واسينگ جو وير“ اسٽيج ڊرامي ذريعي، هن پنهنجي اداڪاري جي ابتدا ڪئي. ان ريت پنهنجي شوق جي سڦلتا جو سفر، اڄ ڏينهن تائين جاري ۽ ساري رکندو اچي. هن فنڪار جي اندر جي اُڻ تڻ اتي بس نه ڪئي. ان ڪري هن اڳتي هلي پنهنجي جنم ڏينهن ۷، اپريل ۱۹۹۳ع تي ”ڀٽائي آرٽس ڪائونسل“ جو بنياد رکي، هن ڌرتي جي سماجي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ کي اُجاگر ڪرڻ جو ذمو کنيو آهي. مطلب ته هي هڪ اهڙو حساس فنڪار آهي جنهن کي ڄاڻ آهي ته محنت ۽ اَورچائيءَ جو اُجورو، فقط محبت سان ڏنل مڃتا ئي ٿي سگهي ٿو.

15 December, 2013

استاد انور علي سانگي

استاد انور علي سانگي

شاهه لطيف ۽ سچل جي بزم جو بزرگ راڳي

ناصر قاضي



’لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو‘ واري چوڻي خبر ناهي ته ڪهڙي دؤر ۾ مشهور ٿيو، پر لاڙڪاڻو پنهنجي قدامت صدين جي سفر کان جاري رکيون پيو اچي. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ساڄي پاسي تي واقع ’موهن جو دڙو‘ ان جي قدامت جو واضح ثبوت آهي، جيڪو پنهنجي اکين ۾ صدين جا اوجاڳا سانڍيون پيو اچي. صدين جي انهن اوجاڳن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڳڙهي خدا بخش جي ڀٽن جو رت ست به پنهنجو دؤرو جاري رکيون اچي ٿو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان ويندي مير مرتضى ڀٽي ۽ شهيد محترمه بينظير جو خون کٿوري بڻجي لاڙڪاڻي جي تاريخ کي اهميت بخشي ٿو. ’هجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو‘ واري پهاڪي جيان لاڙڪاڻو واقعي به تاريخ جي مختلف دؤرن جو سفر طئه ڪندو پيو اچي.

محمد ملوڪ عباسي - قاسم دائود عباسي

محمد ملوڪ عباسي
ڪنديون ياد مون کي صدين جون صديون
قاسم دائود عباسي/موهن جو دڙو
سگهڙن جو سرتاج ۽ ڀلوڙ شاعر فقير محمد ملوڪ عباسي ۱۳ ڊسمبر ۱۹۴۴ع تي موهن جي دڙو ويجهو، ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙو ۾ پيدا ٿيو. محمد ملوڪ عباسي تعليم جا چار درجا تر جي نامياري پرائمري اُستاد مرحوم محمد اسماعيل کان، پنهنجي ڳوٺ جي ڀرسان پرائمري اسڪول ۾ پڙهيا. تنهن کان پوءِ هن ڪنهن به اسڪول مان تعليم حاصل ڪو نه ڪئي پر باقي سڄي عمر سندس تعلق ڪتابن سان رهيو.

ٺاڪر چاولا - رکيل مورائي

سنڌيت جو ھڪ سپاھي
رکيل مورائي
ڪالهه مهاراشٽر جي گاديءَ جي هنڌ ۽ مها نگري ممبئي ۾ سنڌي ثقافت جي اهم مرڪز سيتا سنڌو ڀون جو روح روان ٺاڪر چاولا منجهند جو گذاري ويو. هو گذاري ويو، جملا ننڍا آهن، پر اڄ شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي ته ممبئي مان سنڌيت جي، سنڌي ادب جي، سنڌي ثقافت جي هلچل پڄاڻيءَ تي پهتي.