; سنڌي شخصيتون

11 April, 2024

پير ماجد جان سرهندي

پير ماجد جان سرهندي

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



نئين ٽهيءّ جو نوجوان شاعر پير ماجد جان سرهندي ۸ جنوري ۱۹۸۷ع تي ٽنڊو محمد خان لڳ ٽنڊو سائينداد ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو پير محمد سعيد جان سرهندي آهي. ٽنڊو سائينداد جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول مان شروعاتي پرائمري تعليم حاصل ڪيائين. ۲۰۰۶ع ۾ فوجي فائونڊيشن هاء اسڪول ٽنڊو محمد خان مان مئٽرڪ ۽ ۲۰۰۸ع ۾ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان مان انٽر جو امتحان پاس ڪيائين. ۲۰۱۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان گريجوئيشن ڪيائين. تيرنهن سالن جي عۡمر ۾ ۲۰۰۰ع کان شاعري جي شروعات ڪيائين. شاعري ۾ سندس شروعاتي استاد آغا جان آغا ۽ خيال سنڌي آهن. جن کان شاعري جي سکيا وٺندي، غزل ۽ چوسٽي جي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان جو مستقل ۽ سرگرم رۡڪن آهي. ۲۰۱۵ع کان وٺي هن وقت تائين سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر رهندو اچي.

ساگر سڪندر پُسيو

ساگر سڪندر پُسيو

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



ساگر سڪندر پُسيو نه رڳو هڪ سريلو سنجيده شاعر آهي پر طنز و مزاح توڙي مزاحيه شاعري ۽ ان ۾ به خاص طور پيروڊي تي کيس خاص ملڪو حاصل آهي. سنڌي ادب ۾ طنز و مزاح جي ميدان جو انتهائي سرگرم تخليقڪار آهي، جنهن جو پنهنجو اسلوب آهي، پنهنجي واٽ اٿس، دوست هن کي سڪۡو پسيو به سڏيندا آهن پر نئين ٽهيءّ جي هن نوجوان شاعر ساگر سڪندر علي پُسيو جو اصل نالو محمد عرس پُسيو ۽ سندس والد جو نالو گل محمد پُسيو آهي.

محمد عمر سولنگي

محمد عمر سولنگي

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



سنڌ ۾ سۡگهڙن ۽ شاعرن جو انگ ايترو ته وسيع رهيو آهي جو ان جي مڪمل نموني سان اڃا تائين ڪٿ به نه ٿي سگهي آهي، توڙي جو کوڙ سارن ليکڪن ۽ محققن ان قسم جي سهيڙ جو شاندار ڪم به ڪيو آهي. ان جي باوجود اهڙي هيرن جهڙي کاڻ جو ڪو مڪمل دستاويز نه جۡڙي سگهيو آهي. ٻيو اهم سبب اهو به آهي ته اهو انگ وقت جي حساب سان وڌندڙ ئي رهيو آهي، هڪڙن جي جاء ٻيا ڀريندا پيا اچن يا ائين کڻي چئجي ته اهو سلسلو تاحال جاري ۽ ساري آهي. سنڌي شاعريءّ جي آسمان تي لاتعداد نالا اھڙا آهن، جيڪي نسلن لاء ڄڻ ته نوان آهن يا انهن بابت ڄاڻ ڦهلجي نه سگهي آهي. اهڙن نالن مان محمد عمر سولنگي به هڪ آهي. 

عاشق علي ڳاهو

عاشق علي ڳاهو

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



فطرت جا جيترا مختلف ۽ منفرد رنگ آهن، سندس وجود، مزاج ۽ طبعيت ۾ سادگيءّ جي سۡونهن جا به ايترا ئي منفرد رنگ سمايل آهن، پنهنجي مزاج جي موجن ۾ ڪڏهن هۡو نئين ٽهيءّ جو ڳڀرو شاعر لڳندو آهي ته ڪڏهن وري وڌي ويل ڏاڙهي جي رۡوپ ۾ هۡو قديم روايتي شڪل جهڙو شاعر ڀاسندو آهي. سندس سادگيءّ، خاموش طبعيت، حساسيت ۽ ٻاراڻي معصوميت مان ائين محسوس ٿيندو آهي ته هۡو سنڌ جي ان دراوڙي قبيلي جو فرد آهي، جنهن کان وقت ۽ حالتن سڀ ڪجهه کسي ورتو آهي، حقيقت به اها آهي ته وقت ۽ حالتن هۡن کان گهڻو ڪجهه کسيو آهي، ان جي باوجود به هن فطرت جي خۡوبصورتين کي لفظن جا سجدا ارپيا آهن، هُو فردن کان وٺي فطرت تائين ڪنهن کي به ميار ڏيڻ جو عادي ناهي، پر جڏهن به سندس ڪردار لاء ڪا ميار جۡڙندي آهي ته سندس وجود کيس به ميرانجهڙو محسوس ٿيڻ لڳندو آهي، ائين ڀاسندو آهي ته هۡو جيڪو دنيا جي نظرن ۾ چپن تي پراسرار مۡرڪون سجائي ته هلي ٿو پر سندس اکيون اڪيلائيءّ ۾ ڪيئي آب وهائين ٿيون، هۡن کي هر نئين صۡبح جي سج مان انيڪ اميدون وابسته هونديون آهن، رات جي پهر دوران چنڊ جي چانڊوڪيءّ ۾ هُو ستارن جي سۡونهن ۽ سوڀيا کي پسي، پنهنجي ڀاڳ جي روشني جو ڳولائو رهندو آهي، شام جي رنگينيءّ هۡن جي وجود ۾ انيڪ رنگ وکيري ويندي آهي. 

10 April, 2024

عبدالستار ڳنڀير ”آڪاش“ ٽکڙائي

عبدالستار ڳنڀير ”آڪاش“ ٽکڙائي

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



سنڌي ٻولي جي خۡوبصورت شاعر آڪاش ٽکڙائي جو اصل نالو عبدالستار ڳنڀير آهي. سندس والد جو نالو حفيظ الله ڳنڀير آهي. آڪاش ٽکڙائي جو جنم ۲ ڊسمبر ۱۹۷۸ع تي ٽنڊو محمد خان ضلعي جي تاريخي، علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرزمين وسي ملوڪ شاهه (ٽکڙ) ۾ ٿيو. پرائمري تعليم ٽکڙ مان حاصل ڪيائين. ۱۹۹۴ع ۾ ٽنڊو محمد خان جي دارالعلوم هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪري، ۱۹۹۶ع ۾ مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد مان انٽر پاس ڪيائين.

علي اصغر ڀٽي

علي اصغر ڀٽي

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



سنڌي ٻولي جي انتهائي خوبصورت شاعر علي اصغر ڀٽي جو جنم ۱۵ اپريل ۱۹۶۵ع تي ٽنڊو محمد خان جي پير پاڙي ۾ ٿيو، سندس والد جو نالو حاجي محمد علي ڀٽي آهي. پرائمري تعليم ٽنڊو محمد خان جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڀٽي محلا مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول گولاڙچي مان، انٽر مير غلام علي خان ٽالپر گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان مان، گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪري، سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. ۱۹۸۷ع کان شاعري جي شروعات ڪيائين، آزاد نظم جي صنف تي کيس عبور حاصل آهي، ان کانسواءِ نظم، نثري نظم، وائي ۽ غزل جي صنف تي بهترين انداز ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿس. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ غير نصابي سرگرمين جي حوالي سان بهترين ڪمپيئر پڻ رهيو. ان حوالي سان کيس ”حسن ڪارڪردگي“ ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو.

علي اصغر ڀٽي تمام جاکوڙي سماجي ڪارڪن پڻ رهيو، ۱۹۹۲-۱۹۹۱ع ۾ سنڌي فلاحي تنظيم ( سفت) پير محلا ٽنڊو محمد خان جو صدر پڻ چونڊيو ويو. ۱۹۹۵ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ اسسٽنٽ رجسٽرار طور ڀرتي ٿيو، بعد ۾ ترقي ماڻي ڊپٽي رجسٽرار ٿيو. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو پبلڪ ريليشن آفيسر پڻ رهيو. اصغر ڀٽي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي سرگرمين ۾ هر وقت متحرڪ رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان سان نوي جي ڏهاڪي کان وٺي سندس پراڻو ناتو آهي، ان وقت شاخ جو جوائنٽ سيڪريٽري رهيو، ۶ جون ۲۰۱۴ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر ۽ ۲۰۱۵ع ۽ ۲۰۱۶ع ۾ شاخ جو ڪائونسلر چونڊيو ويو. ۲۰۱۸ع ۽ ۲۰۱۹ع ۾ ٻيهر سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر رهيو. سندس کوڙ ساري شاعري عبرت مئگزين، سنڌو مئگزين، هفتيوار ماروئڙا نيوز ۾ شايع ٿي چڪي آهي. سندس شاعري ۾ سياسي، سماجي مسئلن جي عڪاسي سان گڏ، جماليات جا پهلو عيان آهن. سندس شاعراڻي ٻولي ۽ لهجو پنهنجي منفرد حيثيت جو حامل آهي. اصغر ڀٽي جا خيال ڪميونيڪيٽو ۽ آرٽ سان ڀرپور آھن. اصغر ڀٽيءَ جھڙو سجاڳ ۽ پنھنجي ديس جي ڌرتيءَ سان ماءُ جيئن محبت ڪندڙ شاعر پنھنجي ديس مٿان کڄندڙ زبانن ۽ نگاھن جي ناپاڪ تلوارن جي وچ ۾ بيھي ٻئي ھٿ سيني تي ھڻي وڏي آواز ۾ صدائون بلند ڪري ٿو. اھا به ھڪ حقيقت آھي ته جيڪو شاعر پنھنجي زميني حالتن کان اڻواقف آھي يا پنھنجي ڌرتيءَ سان ڪمينٽڊ ناھي، ان جي آرٽسٽڪ عشق کي بلڪل به بقا ناھي ھوندي. اصغر ڀٽي جي شاعري ۾ بقا به آهي ته اها وري مزاحمت جي رنگ ۾ رنڱيل به آھي. اصغر ڀٽي ھڪ حساس شاعر آهي. جنهن وٽ ڌرتيءَ، ان جيشهرن، ننگن،دنگن، دريائن، پھاڙن، ٻيٽن ۽ مٽيءَ سان عشق جو جذبو به آهي، انقلاب ۽ رومانس جو سنگم به آهي ته وري قومي ڪردارن سان چاهه به آهي.

علي اصغر ڀٽي جو چونڊ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:

غزل

زمين جا نقش ۽ نقشا ڏسون ٿا ڪير ٿو ڪاٽي؟

اسان جي ديس جا رستا ڏسون ٿا ڪير ٿو ڪاٽي؟

لغڙ وانگي اُڏامي پئي اکين جي آسمانن ۾؟

ٻڌا ڇورن تکا مانجھا ڏسون ٿا ڪير ٿو ڪاٽي؟

ڪراچي ٻانھن تنھنجي ۾ ٻڌل آھن زمانن کان،

اسان جي عشق جا ڌاڳا ڏسون ٿا ڪير ٿو ڪا ٽي؟

بدن جا چنڊ جاڙا ڇوڪري ھاڻي لڪاۂي ٿي،

حجابن جا اھي پردا ڏسون ٿا ڪير ٿو ڪاٽي؟

وري کولي ورھاست جي ڪتابن کي پڙھي ويٺو،

دليلن جا ڪفن سارا ڏسون ٿا ڪير ٿو ڪاٽي؟

اڃان "اصغر" لٿو ناھي لھُو جو رنگ رستن تان،

لڳا ٻي جنگ جا خيما ڏسون ٿا ڪير ٿو ڪاٽي؟

***************************************************

غزل

ڪٿي 'باقي' ٺٽي ۾ آ،

رُڳو مڪلي ٺٽي ۾ آ.

تماچي جنھن ڪيو قابُو،

اُھا نُوري ٺٽي ۾ آ.

ٻُڏو ساحل ڊٺو ديبل،

سمندر ۂي ٺٽي ۾ آ.

اکين ۾ لاڙ پالي ٿي،

عجب ڇوري ٺٽي ۾ آ.

اُگھاڙو عشق سرمد جو،

نچيو اڄ ڀي ٺٽي ۾ آ.

سڄي تاريخ 'بن قاسم'،

ننگي ڪرڻي ٺٽي ۾ آ.

***************************************************

آزاد نظم

ڄار

مُلڪ ھي

ڪو لڳل ڄار آ

ٿو ڇڪي پاڻ ڏي

ڄڻ ته ڪو دار آ

دُور کان ڍنڍ تي

ڪونج اُڏري لٿي

زندگي آ جتي

موت ٿو ات چُڳي

ڪو سڏي ڪونج کي

ڪو ڏسي ڪونج کي

ڍنڍ آ ڄار ۾

خواب ڪي

ڪو اکين م کڻي

ڳوٺ پنھنجو ڇڏي

شھر ڏي ٿو لڏي

روشني آ جتي

زندگي آ جتي

ھا مگر

زندگي ڄار ۾

جُستجو جي ڪجي

سج ٻري ٿو پوي

چنڊ چمڪيو پوي

خوف ڪارو ٽڪر

ڦُوڪ ھڪ سان ٽري

۽ سمندر ھٽي

بس رُڳو آرزو ٿي ڪجي

جُستجو ڄار ۾

ننڊ جي غار مان

قوم جاڳي اُٿي

مُلڪ جي ڄار کي

شال ٽوڙي وجھي

سنڌ ڇو ڄار ۾

سنڌ ڇو ڄار ۾!؟

***************************************************

آزاد نظم

نه تون آھين گُلان جھڙي

لطيفي ناه نظر منھنجي

وڄي ٿو آڱرين تي ڄڻ

بدن پيانو رقاصا جو

ھٽاۂي ٿو زمانو ڇو

حيا باريڪ پردو آ

ھوس جا ھت ٻگھا ڪيئي

نچن ڇيرن جي ڇم ڇم تي

جھان سارو ته طلسم آ

مگر ڪو ھنج نه ڇرڪي ٿو

رقاصا خُوب ڄاڻي ٿي

ندي فرھاد اڄ جي ڪنھن

وھاۂي آ ڳچي جي آبشارن مان

رکي ٿي ناچ پيرن ۾

سمندر کي نچاۂي ٿي

مگر ڏاڊي ڏُکي آھي

جواني ڇير مان ڇوڙڻ

حُسن کي پاڻ ۾ ٻوڙڻ

بدن ڪافر چُمي ھر ڪو

رکي ٿي پاڪ رُوحن کي

محبت پاڻ پاليندي

حجابن عشق کي جنميو

ته تون آھين گُلان جھڙي

لطيفي آ نظر منھنجي!!

گل محمد سومرو

گل محمد سومرو

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



هۡن جو اولاد مون سان گڏ پرائمري ۾ پڙهيو هو، جنهن ۾ سندس هڪ نياڻي ۽ فرزند اسد گل سومرو شامل هئا. مونکي اهو ڪڏهن تصور ۾ به نه هو ته عۡمر جي ايتري فرق ۽ وڇوٽي سبب هم عۡمر نه هوندي به اسان ڪو ادبي دنيا ۾ همعصر بڻجي وينداسين. جڏهن اسان قومپرست سياست جي نظرياتي مورچي تي انتهائي سرگرم هئاسين ته سياسي جلسن ۾ سندس شرڪت کي پابندي سان محسوس ڪندا ۽ ڏسندا هئاسين، ڇاڪاڻ جو سندس رهائشي علائقو ٽنڊي محمد خان جي پيپلز ڪالوني هر طرح جي سياست جو مرڪز هوندي هئي، وفاق پرستن کان وٺي مذهبي تنظيمن ۽ قومپرست تنظيمن تائين اهو علائقو سموري شهر ٽنڊي محمد خان ۾ خاص اهميت جو حامل هو. گهڻو پوء مونکي خبر پئي ته هۡو سياسي شعور سميت ادبي ذوق رکندڙ فرد آهي، جنهن وٽ عۡمر جي وڇوٽي جو فرق ڪا به اهميت نٿو رکي. اهو ئي سبب آهي جو اسان بهترين ادبي رفيق ۽ بااعتماد رشتي واري سڳي ۾ سوگها ٿي وياسين، جتي رۡسڻ جي رتيءّ جو ڪو تصور به ناهي ته وري "جن ريءّ سري نه ساهه" واري وچن مان جند به ڇڏائي نٿا سگهون. اهو موجوده وقت ۾ ٽنڊي محمد خان جو ناميارو سۡگهڙ، مزاح نگار ۽ جاکوڙي ادبي ورڪر گل محمد سومرو آهي، جيڪو ۱۲ نومبر ۱۹۵۳ع تي ضلعي ٺٽي (هاڻوڪي ضلعي سجاول) جي شهر دڙو ۾ پيدا ٿيو، سندس والد جو نالو محمد سليمان سومرو آهي.

مير غلام الله خان ٽالپر (دوئم)

مير غلام الله خان ٽالپر (دوئم)

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



ٽنڊو محمد خان نه رڳو سنڌ جو قديم شهر آهي پر تاريخي لحاظ کان ان جي پنهنجي علمي ۽ ادبي اهميت ۽ افاديت پڻ آهي، جيئن ته ٽنڊو محمد خان شهر، مير محمد خان شاهواڻي ٽالپر پاران ۱۷۹۱ع ۾ ٻَڌايل آهي، عام راءِ اها آهي ته ميرن جو صرف سياست ۾ حصو رهيو آهي، ان جي برعڪس شاهواڻي ٽالپرن جو علم ۽ ادب ۾ پڻ هڪ بهترين مقام رهيو آهي. 

روشن ٽنڊائي

روشن ٽنڊائي

تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



سنڌي ٻولي جو خۡوبصورت شاعر روشن "ٽنڊائي" پنهنجي شهر ٽنڊي محمد خان جي نسبت سان "ٽنڊائي" تخلص وارو واحد شاعر آهي، جيئن روايتي طور ٻين شهرن ۾ کوڙ سارا اهڙي تخلص وارا شاعر آهن، جن جو تخلص پنهنجي شهر يا علائقي جي نسبت سان سلهاڙيل آهي. پر ٽنڊي محمد خان جو "ٽنڊائي" تخلص وارو شاعر صرف روشن ٽنڊائي آهي. 

رفيق آس لغاري

رفيق آس لغاري

تذڪره شعراءِ ٽنڊو محمد خان

اعظم ڀٽي



سنڌي ٻولي جي خوبصورت شاعر، نقاد، شاهه لطيف جي شاعري پارکو، بهترين سگهڙ، موسيقار، راڳي رفيق آس لغاري ۱ فيبروري ۱۹۵۸ع تي ٽنڊي محمد خان ضلعي جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي ڳوٺ بجر خان لغاري ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو حاجي پير بخش لغاري آهي.