گل محمد سومرو
تذڪره شعراء ٽنڊو محمد خان
اعظم ڀٽي
هۡن جو اولاد مون سان گڏ پرائمري ۾ پڙهيو هو، جنهن ۾ سندس هڪ نياڻي ۽ فرزند اسد گل سومرو شامل هئا. مونکي اهو ڪڏهن تصور ۾ به نه هو ته عۡمر جي ايتري فرق ۽ وڇوٽي سبب هم عۡمر نه هوندي به اسان ڪو ادبي دنيا ۾ همعصر بڻجي وينداسين. جڏهن اسان قومپرست سياست جي نظرياتي مورچي تي انتهائي سرگرم هئاسين ته سياسي جلسن ۾ سندس شرڪت کي پابندي سان محسوس ڪندا ۽ ڏسندا هئاسين، ڇاڪاڻ جو سندس رهائشي علائقو ٽنڊي محمد خان جي پيپلز ڪالوني هر طرح جي سياست جو مرڪز هوندي هئي، وفاق پرستن کان وٺي مذهبي تنظيمن ۽ قومپرست تنظيمن تائين اهو علائقو سموري شهر ٽنڊي محمد خان ۾ خاص اهميت جو حامل هو. گهڻو پوء مونکي خبر پئي ته هۡو سياسي شعور سميت ادبي ذوق رکندڙ فرد آهي، جنهن وٽ عۡمر جي وڇوٽي جو فرق ڪا به اهميت نٿو رکي. اهو ئي سبب آهي جو اسان بهترين ادبي رفيق ۽ بااعتماد رشتي واري سڳي ۾ سوگها ٿي وياسين، جتي رۡسڻ جي رتيءّ جو ڪو تصور به ناهي ته وري "جن ريءّ سري نه ساهه" واري وچن مان جند به ڇڏائي نٿا سگهون. اهو موجوده وقت ۾ ٽنڊي محمد خان جو ناميارو سۡگهڙ، مزاح نگار ۽ جاکوڙي ادبي ورڪر گل محمد سومرو آهي، جيڪو ۱۲ نومبر ۱۹۵۳ع تي ضلعي ٺٽي (هاڻوڪي ضلعي سجاول) جي شهر دڙو ۾ پيدا ٿيو، سندس والد جو نالو محمد سليمان سومرو آهي.
