; سنڌي شخصيتون

29 July, 2021

قاضي خضر حيات

قاضي خضر حيات

مُني صديءَ جو ڪردار جيڪو صدين تائين ياد رهندو

قاضي جاويد سنائي



جيڪو ماڻھو ڪونه وڪاڻو سوئي ماڻھو موتيءَ داڻو:

هڪ ئي وقت انجنيئر، چترڪار، ليکڪ، استاد، مصور ۽ سڪندر آرٽ گئلري جو بانيڪار سائين قاضي خضر حيات زندگيءَ جون ۷۶ بهارون يعني مُني صدي ماڻي پنهنجي ڪردار کي هرک جي اڇي ڪپڙي جيان اجرو رکي خالق ڪائنات پاران مليل عظيم نعمت زندگي کي پورو ڪري دارالفناء کان دارالبقاء ڏانهن راهي ٿي ويو. ههڙن ئي ڪردارن لاءِ ڏاها چئي ويا آهن ته؛ انسان کي موت آهي پر ڪردار کي موت ناهي. ڇاڪاڻ جو ڪردار، صدين تائين ياد رهندا آهن. قاضي خضر حيات جو خاندان به هڪ الڳ تاريخ ۽ سڃاڻپ رکي ٿو. مون کي اهو اعزاز رهيو ته قاضي صاحب جو تفصيلي انٽرويو مون ڪيو. جيڪو سندس پورهئي، توڙي نجي زندگي جي تجربن تي عبرت شايع ڪيو. پر افسوس جو اهو آخري انٽرويو ضرور هو پر يادگار هو. هيئنر سوچيان پيو ته قاضي خضر حيات جون کوڙ ڳالهيون، جيڪي عوام کان اوجهل هيون پر اهي هن انٽرويو ذريعي ماڻھن جي ڄاڻ ۾ شامل ٿيون. 

استاد محمد رمضان ملڪ - غفار سومرو

استاد محمد رمضان ملڪ

غفار سومرو



هيڏو وڏو ٺُڳ سارو اچي ٿيو هوس، ڳوٺ جي گهٽين، گهرن پاڙن، ٻنين ٻارن، نهال واھ جي ڪپرن تي گهمندي، رلندي، پاڻيء ۾ تڙڳندي وقت ڪٽيندو ٿي رهيس. مٽيء مان ڍڳا ڍڳيون، اُٺ اُٺڙيون ٺاهي سڪائي کيڏندو خوش ٿيندو رهيس، ڪاٺين ڪانن جون  ڏاند گاڏيون، لوهي تارن مان ڦيٽا ٺاهي بابا سائين جي وڏي موٽر سائيڪل جا پراڻا ٽائر مٿي ماڙي واري ڪمري مان لاهي ڦيرائيندو ٿي رهيس، هڪ جيڏن سان رانديون، رولاڪيون، رنج رساما، مار ڪٽ، جهيڙا، گاريون ڏيندو، ٻڌندو، سهندو ٿي رهيس، ڳوٺن ۾ کيڏيون ويندڙ سڀئي رانديون ۽ شرارتون  ڪندو ٿي رهيس. 

پروفيسر ڊاڪٽر رجب ميمڻ

آهه! پروفيسر ڊاڪٽر رجب ميمڻ جو لاڏاڻو



مٺل جسڪاڻي


ھر ماڻھو جي پنھنجي سڃاڻپ ٿئي ٿي، پر ھر ماڻھو کي، ماڻھو پنھنجي ڄاڻ مطابق سڃاڻندا آھن. پروفيسر ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ ھو ته سجاول (ھاڻوڪي ضلعي) لڳ ميرپور بٺوري جي ڀر واري دڙي شھر جو، جيڪو سنڌو ندي جي کاٻي ڪپ تي آھي، پر اتان اسڪولي تعليم مڪمل ڪري، اڳوڻي زرعي ڪاليج، جيڪو ھاڻ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام آھي، ان ۾ پڙھڻ، ان ۾ ئي استاد طور مقرر ٿيڻ ۽ مختلف ذميواريون نڀائيندي، وائيس چانسلر ٿيڻ تائين، لاڳيتو ٽنڊي ڄام ۾ رھي، ڄڻ ته ٽنڊي ڄام جو به ٿي ويو، رھائش حيدرآباد ۾ ھجڻ ڪري حيدرآباد واسي به ٿي ويو. ان نسبت سان ته ڊاڪٽر رجب کي دڙي، ٽنڊي ڄام ۽ حيدرآباد جي اڪثريت سڃاڻي، پر ڇا سڃاڻي؟ ڪيترو سڃاڻي؟ آئون ڄائو نپنو ٽنڊي ڄام کي ويجهي ڳوٺ ۾، پرائمري کان ايم. ايس. سي. تائين پڙھڻ ۽ پوءِ تازو سٺ سال عمر ٿيڻ تي رٽائر ٿيڻ تائين، صرف ستن سالن جا ڏينھن نه، باقي سڄي عمر انھن ساڳين پٽن ۾ گذاريم، جتان پروفيسر ڊاڪٽر موجودہ سڃاڻپ تائين پھتو. ان پروفيسر ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ کي ماڻھو کل مک، خوش اخلاق، ھمدرد، ھڏ ڏوکي طور سڃاڻين. رھبر، رھنما، نگران، مددگار، صلح پسند، صالح طور سڃاڻين. سائين جون سڃاڻپون گهڻيون آهن.

19 July, 2021

ممتاز علي خان ڀٽو

ممتاز علي خان ڀٽو

لاڏاڻو ڪري ويل سينيئر سياستدان جي زندگيءَ تي هڪ نظر!

لاڙڪاڻو: 



سنڌ نيشنل فرنٽ جو سربراهه سردار ممتاز علي خان ڀٽو ۸۸ ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ جي رهائشگاهه تي لاڏاڻو ڪري ويو. ممتاز علي ڀٽو گذريل ڪيتري عرصي کان بيماريءَ سبب ڪراچيءَ جي گهر اندر علاج هيٺ هو جتي هو فوت ٿي ويو. سردار ممتاز علي ڀٽو جي فوت ٿيڻ جي خبر سوشل ميڊيا توڙي ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد سندس چاهيندڙن ۽ ڀٽو خاندان ۾ سوڳ واري لهر ڇانئجي وئي آهي. ممتاز علي ڀٽو ۲۸ نومبر ۱۹۳۳ع ۾ رتوديرو ڀرسان ڳوٺ پير بخش ڀٽو ۾ ان وقت جي برٽش انڊيا واري دور ۾ نواب سردار نبي بخش خان ڀٽو جي گهر ۾ جنم ورتو. سردار ممتاز علي ڀٽو سينٽ جارج ڪاليج مسوري، لارينس ڪاليج مري ۽ پاڪستان جي آزاديءَ کانپوءِ ۱۹۵۹ع ۾ بئريسٽر جي ڊگري آڪسفورڊ يونيورسٽي لنڊن مان حاصل ڪئي. ۳۲ سالن جي عمر ۾ هو پهريون ڀيرو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، ان وقت قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۳۰ مارچ ۱۹۶۷ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو جنهن جي هو باني ميمبرن مان پڻ هو. ۲۲ ڊسمبر ۱۹۷۱ع ۾ هو سنڌ جو اٺون گورنر مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته پهرين مئي ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ جو ۱۳ هون وڏو وزير چونڊيو ويو، جنهن دوران کيس ڏهيسر سنڌ جو لقب پڻ ڏنو ويو. ممتاز علي ڀٽو ۱۹۶۷ع کان ۱۹۸۹ع تائين پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان سلهاڙيل رهيو جڏهن ته محترمه بينظير ڀٽو جي آصف علي زرداريءَ سان شادي ٿيڻ بعد اختلاف رکندي ۱۹۸۹ع ۾ پنهنجي پارٽي سنڌ نيشنل فرنٽ جو بنياد وڌو جنهن کان پوءِ مسلسل سنڌ نيشنل فرنٽ جي پليٽ فارم تان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مخالفت ۾ اليڪشن وڙهندو رهيو. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد ممتاز علي ڀٽو عوامي اتحاد پارٽيءَ سان اتحادي رهيو جڏهن ته ۹ مئي ۲۰۱۲ع ۾ سنڌ نيشنل فرنٽ کي نواز ليگ سان ضم ڪري نواز ليگ جي حمايت ڪئي ۽ رتوديرو واري صوبائي تڪ پنهنجي پٽ امير بخش ڀٽو کي نواز ليگ پاران اميدوار پڻ نامزد ڪرايو. نواز ليگ سان پيدا ٿيل اختلافن کانپوءِ سردار ممتاز علي ڀٽو نواز ليگ کي الوداع ڪرڻ بعد هڪ دفعو ٻيهر سنڌ نيشنل فرنٽ کي بحال ڪيو جنهن بعد ۲۰۱۷ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪئي جنهن بعد هن وقت تائين هو پي ٽي آءِ سان ئي سلهاڙيل رهيو. سردار ممتاز علي ڀٽو جي وفات واري خبر پوڻ شرط نئون ديرو شهر سوڳ ۾ مڪمل طور تي بند ٿي ويو. جڏهن ته ميرپور ڀٽو ۾ سندس رهائشگاهه تي تڏو وڇايو ويو آهي جتي ممتاز علي ڀٽو سان محبت ۽ عقيدت رکندڙ سياسي ڪارڪنن توڙي علائقي واسين ۽ سياسي، سماجي، مذهبي، قومپرست، علمي، ادبي ڌرين جي اڳواڻن توڙي سڄاڻ ڌرين پاران پهچڻ جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۹ جولاءِ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

18 July, 2021

استاد عبدالفتاح خان ڏھر - غفار سومرو

استاد عبدالفتاح خان ڏھر

غفار سومرو


اڻويھ سو ڇهانوي  ۾ جيئن ئي پيرينٽس ڪوٽا تحت گهر ويٺي پرائمري ماستري جو آرڊر مليو ته مون وٺي منهن سڄايو. منهنجو خيال هو ته؛ ابو سائين به استاد، وڏا ٻه ڀائر به استاد. ڀلا ٻي ڪا نوڪري شوڪري ڪونهي ڇا؟ وٺي لڙ ڪيم ته ماستر ڪونه ٿيندس. تعليمي قابليت ۽ جسماني جاگرافي موجب، پوليس کاتي ۾ ڪا چڱيرڙي پوسٽ ملي ته واه واه نه ته ماستري ٻاستري پنهنجو شان ئي ڪونهي!

بھرحال گهر ۾ سڀني کان  ننڍو ۽ اٽي تي چٽي يعني بيروزگار هجڻ سبب وڏن ڀائرن جي سمجهائڻ، ڌمڪائڻ تي آرڊر کڻي قبول ڪيم. تاريخ ۰۱.۳.۱۹۹۶ جي هڪڙي صبح جو ڪلهن تي اجرڪ ويڙھي نهال واھ جي ڪڙ وٺي اوڀر منهن ڪري اڍائي ٽي  ڪلوميٽر  پنڌ ئي پنڌ ڳوٺ مٺو ڀٽو پهتس. ڪکائين جهوپڙي ۾ قائم گ پ اسڪول مٺو ڀٽو ۾ يارنهن ٻارنهن شاگرد ٻه ٽي بينچون ۽ رڳو هڪڙي ڪاٺ جي ڪرسي موجود هئي. تقريبن ٽي يا چار مهينا پابندي سان اسڪول ويندو رهيس پر رسيس کان پوءِ سڌو گهر. ماني شاني کائي، ڌو ڏھرڪي سبزي منڊي ۾ دائم ڌانڌو جي هوٽل تي، انڊين فلمون ڏسي، شام جو گهر واپس پيو اچان.

سائين الھبخش ٽيمڙو - عبدالسلام ٿھيم

سائين الھبخش ٽيمڙو

سندس جھوريندڙ وڇوڙو

عبدالسلام ٿھيم



نه فقط سندس گھر ڀاتين، ڳوٺ راڄ لاءِ وڏو ھاڃو آھي، پر اھو ھر ان ماڻھو لاءِ نقصان آھي. جيڪو ھن وٽ ڪنھن به جائز مسئلي لاءِ ڪھي ايندو ھيو، ۽ ھو ان جي وس آھر مدد ڪندو ھيو. ھو پنھنجي ذات ۾ انتھائي شفيق ۽ مخلص انسان ھيو، سوين سورن ۽ بيمارين جي باوجود ھو ڪڏھن ورچي ڪونه ويٺو. ھن وڏي ڏاھپ ۽ سھپ سان پنھنجن ماڻھن کي منظم ڪرڻ لاءِ به وڏو ڪردار ادا ڪيو.

جشن پهلاج راءِ واسواڻي - ميوارام نجار

جشن پهلاج راءِ واسواڻي

دادا جي پي واسواڻي کي الوداع ۔۔۔!

ميوارام نجار



حيدرآباد سنڌ ۾۲ آگسٽ ۱۹۱۸ ع تي ڪرشنا ديوي جي ڪک مان جنم وٺندڙ جشنپهلاج راءِ واسواڻي ۱۳ سالن جي عمر ۾ پاس ڪئي. ۱۹۳۶ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج مان گريجوئيٽ، ۱۹۳۷ ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان ايل ايل بي ۽ ۱۹۴۰ع  ۾ ايم ايس سي پاس ڪئي. پوني ۾ هي صاحب نينگرين جي پهرئين واحد ڪاليج  ئي سينٽ  ميران جو ڪيترن ئي سالن تائين پرنسپال پڻ ٿي رهيو.  هن جي گرو جو نالو ساڌو ٽي ايل واسواڻي هو. جنهن جي وفات کانپوءِ دادا جي پي واسواڻي پوني ڀارت ۾ ساڌو مشن جون ذميواريون سنڀاليون. هي واسواڻي جو وڏو اشاعتي پبلشر آهي جنهن مان ماهوار سنت مالها سنڌي ۾، ميرا، ايسٽ اينڊ ويسٽ انگريزي ميگزين، شام سنڌي ۾ نيوز ليٽر ۽ ٻيا ڪتاب پڻ شايع ٿيندا رهندا آهن. دادا جي پي واسواڻي هڪ ئي وقت شاعر، ليکڪ ۽  فلاسفر هو. هن ۱۵۰ کن ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا. انهن ۾ ھرٽ آف گيتا، بريڪ فاسٽ وٿ گاڊ، ڀڳونت نوري گرنٿ، گرو ڪل، ڊسڪور يور سيلف، دي لائف بيوٽيفل، لو از نيور بلائينڊ وغيره شامل آهن۔ اهي ڪتاب سنڌي ۽ انگريزي کانسواء دنيا جي سترنهن کن ٻين ٻولين ۾ به ترجمو ٿي چڪا آهن۔ سندس لکيل مقالي ”دي اسٽوري آف دي سمپل مين“ تي امريڪا انٽر نيشنل اڪيڊمي کيس ايم فل جي اعزازي ڊگري ڏني هئي۔

03 June, 2021

سيد حاڪم علي شاهه بخاري

سيد حاڪم علي شاهه بخاري

عاصم عباسي



دنيا ۾ گذريل ڏيڍ سال کان ڪورونا وبا بيماري سبب لکين ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا آهن، جڏهن ته اسان جو ملڪ پڻ سخت متاثر ٿيو آهي. خاص طرح ۷۰ سالن کان مٿي هن ديس جا تمام ذهين، ڏاها ۽ قابل انسان اسان کان موڪلائي ويا آهن. جڏهن ته ۶۰ سالن کان مٿي عمر وارا پڻ هن وبا بيماري سان جيئڻ جي جنگ وڙهي رهيا آهن، ناڪامي جي صورت ۾ جيڪو هڪ وڏو نقصان ثابت ٿيندو.

30 May, 2021

ڊاڪٽر نظير شيخ

ڊاڪٽر نظير شيخ

هڪ دور جي شاهدي

بخت جمال شيخ



عيد جي شام آخر دکدائڪ خبر ملي، جنهن جو کٽلو گذريل هفتي کان هر وقت دل ۾ هو. پر پوءِ به خبر بريڪ ٿيڻ سان سڀني ويجهن جون دليون بريڪ ٿي ويون. هو هونءَ ته ڏيڍ سال کان بيماري سامهون بيٺو رهيو ۽ قمبر جي لاهي چاڙهي بازار وانگر لاهيون چاڙهيون لهندي نيٺ چڙهي ويندو هو، پر تازو ڪورونا جي ڪاپاري ڌڪ کيس ڌڪي وڌو. سندس ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر بشير، جيڪو سندس پرگهور ڪندو هو، سو اسانکي سهسائي سهسائي بري خبر لاءِ تيار ڪندو هو. سندس منع ڪرڻ باوجود مان ۽ منهنجو سوٽ، مجدد شيخ جيڪو سندس ڪلاس فيلو ۽ ننڍپڻ جو ويجهو دوست به آهي، ٻه ٻه ماسڪ پائي نيٺ SIUT هيٺان پهتاسون ۽ سندس جسم کي ايڌي جي ايمبولينس ۾ سخت حفاظتي انتظامن هيٺ منتقل ڪيو پئي ويو، جنهنجي سفيد چادر تي نظير شيخ 131 / COVID19 لکيل هو جيئن کيس سڃاڻي سگهجي. اعتبار ئي نه پئي آيو ته پنهنجون پريشانيون لڪائي سڀني کي کلائيندڙ نظير شيخ خاموش ٿي ويو آهي.

خير محمد کوکر

خير محمد کوکر

سنڌ جو ارڏو ۽ خوددار صحافي

غلام حسين خاصخيلي



مون لاءِ اهو وڏو اعزاز آهي ته روزاني عبرت جي ايڊيٽر خير محمد کوکر سان گڏ صحافت ۾ ڪم ڪيو، خير محمد کوکر منھنجي تحقيقاتي رپورٽن کي تمام گھڻو پسند ڪندو هو، هن سان گڏجي مون ڪيترن ئي مشھور سياستدانن، اديبن ۽ شاعرن جا انٽرويو ڪيا، سنڌ جي نامياري سياستدان ممتاز علي ڀٽو جو اسان گڏيل تاريخي انٽرويو حيدرآباد جي سرڪٽ ھائوس ۾ ورتو هو، اھو تاريخي انٽرويو روزاني عبرت ۾ شايع به ٿيو. سنڌ جو مشهور صحافي، روزاني عبرت جو اڳوڻو ايڊيٽر، خير محمد کوکر ۱۹۳۴ع ۾ حيدرآباد جي کوکر پاڙي ۾ پيدا ٿيو. هن بنيادي تعليم حيدرآباد ۾ ئي حاصل ڪئي ۽ ڊبل ايم اي ڪيائين.

صحافت جي شروعات ۱۹۵۱ع ۾ روزاني’ڪاروان‘ اخبار کان ڪيائين ۽ اُتي ڪيترا سال نيوز ايڊيٽر رهيو، جنهن کان پوءِ ڪجهه عرصو روزاني ’مهراڻ‘ جي ڪراچيءَ واري آفيس ۾ به نيوز ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. ان دوران هو ’ڳوٺ سُڌار‘ رسالي لاءِ به لکندو رهيو. هي عبدالغفور سيتائيءَ جي ادارتي هيٺ نڪرندڙ اخبار روزاني ’نواءِ سنڌ‘ جو رپورٽر به رهيو. جڏهن قاضي ڀائرن قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد، محمد عثمان ڏيپلائيءَ کان ۱۹۵۸ع ۾ هفتيوار ’عبرت‘ خريد ڪري، ان کي روزاني ’عبرت‘ ڪري شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته اخبار جو ايڊيٽر شيخ علي محمد کيس عبرت ۾ وٺي آيو ۽ هي روزاني ’عبرت‘ جو پهريون نيوز ايڊيٽر بڻيو. 

سال ۱۹۶۹ع ۾ شيخ علي محمد جي عبرت اخبار ڇڏي وڃڻ کانپوءِ خير محمد کوکر کي عبرت جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. عبرت جوائن ڪرڻ بعد هن کي اسٽيٽ بئنڪ ۾ هڪ اعليٰ عهدي تي ڪم ڪرڻ سميت مختلف ادارن مان آڇون ٿيون، پر هن عبرت کي نه ڇڏيو، اخبار جي شروع ٿيڻ کان وٺي زندگيءَ جي آخرين گهڙين تائين ان سان لاڳاپيل رهيو. هن روزاني عبرت کي زندگيءَ جا ۴۸ سال ڏنا. خير محمد کوکر نه رڳو اعليٰ پايي جو ايڊيٽر هو، پر سٺو ليکڪ به هو. هن ڪيترائي مضمون ۽ سفر ناما لکيا، جيڪي روزاني عبرت ۾ شايع ٿيا. سندس لکيل ايڊيٽوريل کي به سنڌ ۾ وڏي پذيرائي ملي، جنهن دوران روزاني ’عبرت‘ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. ايڊيٽر هجڻ باوجود هو اخبار ۾ ڪارڪن وانگر ڪم ڪندو هو. صبح جو سوير آفيس اچڻ کان پوءِ رات جو اخبار ڇپجڻ تائين آفيس ۾ ويٺل رهندو هو ۽ هر شيءَ جي نگراني پاڻ ڪندو هو. 

خير محمد کوکر وڏي صحافي هجڻ جي باوجود پنهنجي زندگي انتهائي سادي نموني گذاري. حيدرآباد پريس ڪلب جي قيام پٺيان به هن جون وڏيون محنتون ۽ ڪوششون شامل آهن. هو پريس ڪلب حيدرآباد جي مختلف عهدن تي به رهيو. مارشل لا واري دؤر ۾ جڏهن ميڊيا جا ذريعا سرڪاري عتاب جو شڪار هئا ۽ اخبارن مان خبرون سينسر ڪيون وينديون هيون، ان دؤر ۾ به خير محمد کوکر ايڊيٽر جي حيثيت ۾ سچ تي پردي پوشي نه ڪئي. ڪيترا دٻاءَ پوڻ جي باوجود عوام جي آواز کي پٺي نه ڏنائين. خبرن کان وٺي ايڊيٽوريل تائين هن عبرت کي عوام جي اخبار بڻايو. عبرت سان سندس وابستگي باقي سڀني شين کان وڌيڪ هئي. هو سچو ۽ کرو صحافي هو. خير محمد کوکر سموري ڄمار شادي نه ڪئي ۽ شاديءَ جي حوالي سان پڇجندڙ سوالن جو جواب ڏيندي چوندو هو: “مون صحافت سان شادي ڪري ڇڏي آهي.” سنڌ جو هي ارڏو ۽ خوددار صحافي، ۲۳ مئي ۲۰۰۶ع تي ۷۲ سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه حيدرآباد جي بابن شاهه قبرستان ۾ آهي، سندس صحافتي خدمتن کي ھميشه ياد رکيو وينديو. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۴ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

ڊاڪٽر عطاءُ الله خان

ڊاڪٽر عطاءُ الله خان

سنڌ جي خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ شخص - ايس اي آر سي جنرل ڊاريڪٽر آف سنڌ

جعفر شاهاڻي


 

تو ڏانهن گهڻو نهارِيان، تارا! تيلاهِين،

سڄڻ جيڏاهِين، تون تڏاهين اُڀرِين. (شاهه)

سنڌ ڌرتيءَ تي ڪي اهڙا املهه هيرا به آهن، جن جي ڪردار کان هر ماڻهو واقف ناهي پر جڏهن اهڙي ڪنهن شخص سان ماڻهوءَ جي ملاقات ٿيندي آهي ته ماڻهو سندس گهڻ رخي شخصيت جي ايترو ويجهو اچي ويندو آهي جو اوپرائپ جو ڪو تصور ناهي رهندو. توڙي جو اسان وٽ انهي سطح جي ماڻهن کي گهڻي ڀاڱي قدر جي نگاهه سان ناهي ڏٺو ويندو پر پوءِ به اجرن احساسن وارا اهڙا ڪيترائي انسان اسان ۽ اوهان جي نظرن کان اوجهل هوندي به هر وقت عملي جستجو ۾ هوندا آهن، جن جي محنتن تي جيترو لکجي سو گهٽ آهي.

سڪندر علي مهيري

سڪندر علي مهيري

موچاري منزل جو متلاشي نوجوان

اعظم ڀٽي



مسلسل محنت ۽ جاکوڙ جو پنڌ ڪڏهن به اجايو نٿو وڃي، جيڪي فرد مقصدن جي حاصلات لاءِ سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ وارو سفر طئه ڪن ٿا، تاريخ انهن جي سفر ۾ سڦلتا جا گُل ضرور نِڇاور ڪري ٿي. سڦلتا جا اُهي گُل ئي اُتساهه جو هڪ وڏو وسيلو بڻجي ويندا آهن. جيڪو اُتساهه نه رڳو مقصدن جو معراج نصيب ڪري ٿو پر منزل جي تقدس جي به پروڙ مُيسر ڪري ٿو. ڪي فرد هڪ خاص مقصد کي منزل سمجهي اُتي ئي بيهي رهندا آهن ته ڪي وري پنهنجي منزل جو تعين اڃا به الڳ ۽ منفرد انداز ۾ ڪرڻ چاهيندا آهن، اُهي ئي فرد جاکوڙ جا جبل جهاڳيندا رهندا آهن. جيسيتائين ڪا موچاري منزل سندن وجود کي تسڪين جون بهارون ارپي! جڏهن تسڪين جون بهارون، وجود لاءِ ڪنهن خوشبوءَ جو سُندر پيغام کڻي پهچنديون آهن ته اهي وجود نه رڳو ٻهڪڻ لڳندا آهن پر انهن وجودن ۾ جُستجُو جو جذبو اڃا به وڌيڪ متحرڪ بڻجي ويندو آهي. 

محمد صالح سومرو ابڙاڻي

محمد صالح سومرو ابڙاڻي

سنڌ جو ناميارو اديب ۽ تعليمي ماهر

مظھر خاصخيلي



ڪالهه اربع جي ڏينهن ۲۶ مئي تي صبح جي وقت ساهتي پرڳڻي سميت سنڌ اندر بهترين استاد، شاعر، اديب ۽ سنڌي ٻولي جو ماهر محمد صالح “ثاقب سومرو ابڙاني” هميشه جي لاءِ وڇڙي ويو، جنهن جي جسماني وڇوڙي تي صرف ساهتي پرڳڻي ۾ نه پر سموري سنڌ اندر سوڳ وارو ماحول آهي. جيئن سندس ٻول آهن جن کي سنڌ جي گهڻن ناليوارن فنڪارن ۽ فنڪارائن پنهنجي، پنهنجي انداز ۽ آواز ۾ ڳايو آهي، جنهن ۾ سندس سادي سٻاجهي طبيعت جو سمورو عڪس سمايل آهي، پاڻ هيئن چيو اٿائين ته: