05 August, 2017
خالد حسين مخدوم - ستار پيرزادو
قاضي غفار- منان چانڊيو
04 August, 2017
قائدِ اعظم محمد علي جناح
قائدِ اعظم محمد علي جناح
ارشاد ڪاغذي
محمد علي جناح ۲۵
ڊسمبر ۱۸۷۶ع تي
جهرڪ ۾ گجراتي خاندان ۾ پيدا ٿيو. هو قانوندان، وڪيل، سياستدان ۽ پاڪستان جو خالق
۽ باني هو. هو پاڪستان جو ابو ۽ قائدِاعظم (عظيم اڳواڻ) جي نالي سان مشهور ٿيو. هن
جهرڪ، ڪراچي، بمبئي ۽ انگلستان ۾ تعليم پرائي ۽ برطانيه ۾ تعليم دوران محمد علي
جناح ۱۹ صدي جي برٽش لبرل معاشري ۾
تربيت ۽ تعليم حاصل ڪئي. آزادي، جمهوريت، رواداري، مساوات ۽ انساني حقن جو سبق
سکيو ۽ پنهنجي شروعاتي ڏينهن ۾ برٽش معاشري جي زرين اصولن مان گھڻو پرايو ۽ انهن
آدرشن ۽ اصولن تي سموري عمر ڪاربند رهيو. سندس تعليم ۽ تربيت جمهوري ملڪ ۽ روشن
خيالي جي ڇانوَ ۾ پروان چڙهي. ان وقت هندستان انگريزن جي ڪالوني هو ۽ انگريز
سامراج جي مڪمل قبضي هيٺ هو ۽ هندستان جو معاشرو گُهٽ ٻُوسٽ ۽ غلامي ۾ ٻوساٽيل هو.
هندستان جي غلام عوام جا امير توڙي وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو تعليم پرائڻ
لاءِ انگلينڊ ويندا هئا ۽ اُتان جي جمهوري، آزادي ۽ روشن خيالي جي آدرشن ۽ اصولن
سان فيضياب ٿي ڪري پنهنجي ملڪ موٽي ايندا هئا ۽ پنهنجي ملڪ جي خدمت ۾ جنبي ويندا
هئا. محمد علي جناح به انگلينڊ کان موٽي اچي وڪالت ۽ سياست ۾ حصو ورتو. ۱۹۰۶ع ۾ هندستان ۾ سياست جي شروعات ڪئي. هو انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿيو، جيڪا
ان وقت هندستان جي وڏي ۾ وڏي سياسي جماعت هئي. هو هندو - مسلم اتحاد جو سخت حامي
هو سندس ڪوششن سان ۱۹۱۶ع ۾
مسلم ليگ ۽ ڪانگريس وچ ۾ معاهدو ٿيو هو. جناح صاحب ۶۰ رڪني امپيرئل ليجسليٽو ڪائونسل جو هڪ رڪن بنجي ويو. جيتوڻيڪ ان ڪائونسل کي
ڪو پاور ۽ اختيار ڪونه هئا ۽ ان ڪائونسل ۾ سامراج انگريز نواز اڻ چونڊيل ۽ ٿاڦيل
ميمبرن جي اڪثريت هوندي هئي، جنهن ۾ يورپي به شامل هئا. محمد علي جناح انڊين نيشنل
ڪانگريس ۾ شامل ٿيو ۽ ابتدائي طور آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ڪونه ٿيو، جيڪا ۱۹۰۶ع ۾ قائم ٿي هئي، ۽ هن ڪانگريس کي ترجيح ڏيندي پنهنجو سياسي ڪيريئر شروع ڪيو.
آخرڪار جناح صاحب ۱۹۱۳ع تي مسلم ليگ جوائن ڪئي ۽ ۱۹۱۶ع ۾ لکنو اجلاس ۾ صدر چونڊيو ويو.