15 April, 2012
حاجي محمد رمضان ساهڙ - غلام علي ساهڙ
بيگم زينت عبدالله چنا
جيجي زينت چنه سيوهاڻي
علي اصغر اوٺو
سنڌ ڌرتي جي هن ليکڪا جو اصل
نالو زينت چنه هو. جنهن جو جنم، تاريخي شهر سيوهڻ اندر ۴ جنوري ۱۹۱۹ع بمطابق پھرين ربيع الثاني ۱۳۲۷ هجري تي محمد صالح چنه پوسٽ ماسٽر جي گهر ۾ ٿيو. زنيت چنه سنڌ جي مشهور
ليکڪ، محقق، پروفيسر محبوب علي چنه جي وڏي ڀيڻ هئي. زينت چنه ننڍي هوندي کان ذهين
۽ هوشيار هوندي هئي. ان دور ۾ هندن جو هر قدم پڻ زور هو. سيوهڻ ۾ اهي هر گام ۾ اڳرا
هئا. ڇوڪرين جي اسڪول ۾ مسلمان نينگريون اٽي ۾ لوڻ برابر هونديون هيون. جيجي انهن
مسلمان نينگرين مان هڪ هئي. جنهن تعليم جي دائري ۾ به پنهنجو نالو ڪمايو. بقول پروفيسر
محبوب علي چنه جي؛ ”سنڌي ڪاميٽي اعزاز سان پاس ڪيائين. انگريزي پڙهڻ جو ان وقت
خواب خيال به نه هو. ان ڪري والده صاحبه سوچيو ته کيس حيدرآباد جي زنانه ٽريننگ ڪاليج
۾ پڙهائي، ماسترياڻي ڪرائجي، جيئن مستقبل جي اڻ سهائيندڙ اوٽن کي منهن ڏيئي
سگهجي.“
11 April, 2012
رزاق مهر - رضوان گل
عزيز جعفراڻي - زاهد اسحاق سومرو
06 April, 2012
سيد احمد شاهه - قاضي پرويز احمد
انور سولنگي - حيات علي شاهه بخاري
حضرت سائين ميمون شاهه - شاهه خالد
05 April, 2012
انور سولنگي - رفيق عيساڻي ميمڻ
02 April, 2012
نٿو ڪهيري
نٿو ڪهيري
مرڪن جي موڪلاڻي
رضا آڪاش خاناڻي
/گولاڙچي
سنڌ جو مزاحيه فنڪار نٿو ڪهيري،
سلهه جي مرض سبب ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ مري ويو. ساڳين اخبارن ۾ اها به خبر ڇپي ته؛
نٿو ڪهيريءَ جي جنازي ۾، سندس گهر ڀاتين سميت رڳو ٽيهارو کن ماڻهن شرڪت ڪئي. انهن
ٽيهارو کن ڪانڌين جي قطار ۾ هڪ به ماڻهو سرڪار، ثقافت کاتي يا ڪنهن ٻئي اداري سان
تعلق رکندڙ وائيٽ ڪالر ڪيڊر مان نه هو. اخبارن نٿوءَ جي موت جي حوالي سان شايع ٿيل
خبر جي تفصيل ۾، اها المناڪ حقيقت به لکي ته؛ نٿو ڪهيريءَ جي ٽيجهي لاءِ بدين جي
شاعر ابن ڪلهوڙي سنگت وٽان ڦوڙي ڪري ۴۰۰۰ روپيا گڏ ڪري، سندس پونئيرن جي
حوالي ڪيا.
01 April, 2012
سيد حسام الدين راشدي - رکيل مورائي
سنڌ جو هاڪارو عالم ۽ وطن دوست تاريخدان سيد حسام الدين راشدي هن ڌرتيءَ جو اهو
سدورو پٽ هو، جنهن پنهنجي سڄي ڄمار سنڌ جي اهڙي تاريخ سيهڙڻ، سموهڻ ۽ لکڻ ۾ وقف
ڪئي، جنهن تاريخ ۾ نه رڳو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو شان، وقار ۽ اعليٰ مرتبو لڪل هئو پر
ان ۾ سنڌ جي شاندار تهذيب، ثقافت ۽ اعليٰ قدر به لڪل هئا ته وري عام ماڻهن جي
حقيقي بهادري، وطن دوستي توڻي وطن لاءِ ڏنل قرباني ۽ ان ۾ آيل تڪليفن جو ذڪر به
ٿيل هو.






