; سنڌي شخصيتون: June 2015

28 June, 2015

سيد اڪبر - فقير علي ڏنو جروار

سيد اڪبر
”لفظ ڳالهائين ٿا“ جو خالق
فقير علي ڏنو جروار
۲۷ جون تي سيد اڪبر جي ۱۲هين ورسي آهي. هونئن ته سيد اڪبر جي سڃاڻپ سنڌ جي علمي ادبي حلقن ۽ استاد طبقي ۾ هڪ شاعر واري آهي. واقعي سيد اڪبر هڪ بهترين شاعر آهي ۽ سندن شاعري جو تسلسل سنڌ جي بهترين عوامي شاعرن ابراهيم ”منشي“، سرويچ ”سجاولي“، محمد خان ”مجيدي“، مريم ”مجيدي“، غلام حسين ”رنگريز“ ۽ نبي بخش ”همدرد“ سان جڙيل آهي.

27 June, 2015

ڊاڪٽر رٿ فائو

ڊاڪٽر رٿ فائو
پاڪستاني مدر ٽريسا جو وڇوڙو
شهزادي بلوچ
تقريبن ڇهن ڏهاڪن تائين پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مريضن جو علاج ڪندڙ جرمني جي ليڊي ڊاڪٽر روٿ فائو، جنهن کي هتي انساني خدمتن عيوض پاڪستان جي مدر ٽريسا سڏيو وڃي ٿو، گذريل اربع تي 87 سالن جي ڄمار ۾ هيءَ دنيا ڇڏي وئي. آبادي جي لحاظ کان پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي ۾ قائم ميري ايڊليڊلپريسي سينٽر جي ترجمان سلوا زينگ ان جي تصديق ڪئي.

20 June, 2015

انجنيئر عبدالوهاب سهتو


انجنيئر عبدالوهاب سهتو
ساهتيه پرڳڻي جي آخري نشاني
منظور ڪوھيار


ڪنڊيارو مان جڏهن لاڙڪاڻي آيو، ته پهريان لاڙڪاڻي وارن به کيس قبول نه ڪيو. ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي ۾ ميمبرشپ لاءِ اپلاءِ ڪيائين، ته کيس چيو ويو ته؛ سندن تحقيق مطابق ته هو ڪنڊياروي آ. ان ڪري کيس ميمبرشپ ڏئي، لاڙڪاڻي جي تاريخ خراب ناهي ڪرڻي.“
ڪنڊياري وارا به پنهنجو نه پيا ڪنس. چونس ته؛ نوڪري ٽوڪري ۽ گھر گھاٽ لاڙڪاڻي ۾ اٿئي، ان ڪري عزت ان ۾ ٿي ته لاڙڪاڻوي سڏاءِ. هي اچي ڦاٿو. پنهنجن ئي ڪتابن ۾ لکيل هڪ پهاڪي، ڌوٻيءَ جو ڪتو، نه گھر جو نه گھاٽ جو‘ جي مثل ٿي پيو.

نيٺ تنگ آيد بجنگ آيد جي مثل، لاڙڪاڻي وارن کي کتيون ۽ سڌيون ٻڌائڻ لڳو، چئي: اڙي اهو ته ٻڌايو، اوهان سڀ موهن جي دڙي مان نڪتل آهيو؟... لاڙڪاڻو اڏيو به لاڙ جي ماڻهن، نه ڪي اتر جي ماڻهن. اوهان ته ’پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي ڪيون ويٺا آهيو. لاڙڪاڻي جو بنياد وجھندڙ لاڙڪن مان، هڪڙو به لاڙڪ، هسٽاريڪل سوسائٽي جو ميمبر آهي؟“

17 June, 2015

اسرار شام - مٺل جسڪاڻي

اسرار شام
وڏي حوصلي وارو
مٺل جسڪاڻي
اتفاق، سي به عجيب ۽ غريب اتفاق، ڪي اهڙا به اتفاق ٿيندا آهن، جيڪي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيندا آهن. اهڙن اتفاقن مان هڪ اهو اتفاق ته اسرار شام ۽ آئون ٽنڊوڄام واسي آهيون، ان ڪري اسان جو پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو به تصور ڪيو ويندو رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو به هڪ اتفاق ئي آهي، ته اسرار به قلمي پورهيو ڪندو رهيو ۽ آئون به اهڙي ڪوشش ڪندو رهيو آهيان. پر اهو به عجيب ۽ غريب اتفاق آهي ته ”ڪي ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين“ مثل، اسان ٻئي ويجها هوندي به، هڪ ٻئي کان گهڻا پري به رهياسين، جيڪو پڻ هڪ اتفاق آهي!

سرواڻ سنڌي - نقاش علواڻي

سرواڻ سنڌي
نئين ٽهي جو سرواڻ شاعر
نقاش علواڻي
ساحري، ماهري ۽ شاعري ٽئي هم قافيه لفظ آهن ۽ ٽنهي جو تعلق آرٽ سان آهي ۽ آرٽ وري اهو جيڪو گهڻ پاسائو جمالياتي اظهار جو اعليٰ نمونو هجي. منجهس فطري ڪشش ۽ حسناڪي به هجي.

15 June, 2015

عبدالواحد آريسر

عبدالواحد آريسر
زندگي، آزادي ۽ محبت جو پرچارڪ
ادل سولنگي
سنڌ جو قومپرست سياستدان، تاريخدان، اديب، دانشور عبدالواحد آريسر ۱۱ آڪٽوبر ۱۹۴۹ع تي ڳوٺ انڙ آباد لڳ ”هاسي سر“ ريلوي اسٽيشن تعلقي امرڪوٽ ۾ ڄائو، سندس والد جو نالو جادو آريسر هو جيڪو هارپو ڪندو هو. عبدالواحد آريسر امرڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ صاڀي ۾ پرائمري پنج درجا سنڌي ۾ پڙهيا. ان بعد مختلف مدرسن جن ۾ ڀينڊي شريف جو مدرسو، مدرسه هاشميه سجاول مولوي عبدالحي نوحاڻي ڪنگوري تعلقي ڊگهڙي واري جو مدرسو هو، مدرسه مفتاح العلوم حيدرآباد ۽ شاه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد شامل آهن، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي به سندس استاد رهيو آهي. آريسر صاحب اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان ۱۹۶۸ ۾ مولوي عربي جو امتحان پاس ڪيو، آريسر صاحب کي ابتدا کان وٺي مطالعي ۽ لکڻ پڙهڻ جو شوق هيو. ۱۹۶۶ع ۾ ڪنگوري مدرسي ۾ پڙهڻ دوران “ربيع الاول جا چار چنڊ” عنوان سان پهريون مضمون لکيائين، جيڪو هفتيوار همدرد ميرپورخاص ۾ ڇپيو، سندس ٻيو اوائلي مضمون ۱۹۶۸ع ڌاري ماهوار بادل حيدرآباد ۾ لسانيات بابت ڇپيو، جيڪو هن مخدوم غلام حيدر صديقي طرفان ڊاڪٽر الانا جي ڪتاب ”سنڌي ٻولي جي بڻ بڻياد “تي ڪيل تنقيد جي جواب طور لکيو هو. آريسر صاحب ادبي، مذهبي ۽ سياسي ميدان ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، سائين جي ايم سيد، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا حسين احمد مدني کان متاثر هئو. سندس پهريون ڪتاب مولانا آزاد جي قولن تي مشتمل “جواهر آزاد” ۱۹۷۰ع اردو ۾ ڇپيو، ۱۹۷۲ع ۾ سنڌيءَ ۾ ماهوار پيغام رسالو جاري ڪيائين،جڏهن ته هن دوران حنفيه مسجد ڊومڻ واهه روڊ حيدرآباد ۾ خطيب رهيو. ۱۹۷۳ع ۾ سنڌ جي وزير اعليٰ ممتاز علي ڀٽي جي دور ۾ سندس ڇپيل مضمون  تي سرڪار سندس گرفتاري جا وارنٽ ڪڍيا ۽ آريسر صاحب مسجد ڇڏي ڪل وقتي سياست ۾ شرڪت ڪئي. ۱۹۷۲ع ۾ حيدر منزل تي سائين جي ايم سيد طرفان قائم ڪيل جيئي سنڌ محاذ جو بنيادي ميمبر بڻيو، ۱۹۷۷ع ۾ جيئي سنڌ محاذ جي نئين سر جوڙ جڪ وقت ان جو مرڪزي آرگنائيزر مقرر ٿيو، ۱۹۹۰ع تائين جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي آرگنائيزر ۽ ۱۹۹۲ع کان ۱۹۹۵ع تائين چيئرمين رهيو. ۱۹۹۵ع ۾ سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي وقت ۲۵ اپريل کان پوءِ نئين سر جڙيل جيئي سنڌ قومي محاذ جو ۱۹۹۵ع ۾ هڪ سال تائين آرگنائيزر ۽ ۲ سال چيئرمين رهيو. ۳ مئي ۲۰۱۵ لاڏاڻي تائين جيئي سنڌ قومي محاذ جو باني چيئرمين رهيو.

مير عبدالحسين سانگي - نور سنڌي

مير عبدالحسين سانگي
ڀٽ ڌڻي جو پارکو، محقق ۽ اديب
نور سنڌي
مير عبدالحسين خان سانگي جو شمار انهن ليکڪن ۽ محققن ۾ ٿئي ٿو جن دنيا جي عظيم شاعر، صوفي بزرگ ۽ ولي الله حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سوانح عمري، لطيف سائين بابت روايتون حقايتون گڏ ڪيون. پاڻ لطيف سائين جو پارکو، عاشق ۽ عقيدتمند هو، پاڻ جيڪو لطيف سائين جي حوالي سان تحقيقي ڪم ڪيو، اهو ان دور ۾ ايترو آسان نه هو پر مير عبدالحسين سانگي لطيف سائين سان عقيدت ۽ عشق ۾ رات ڏينهن هڪ ڪري ڀٽ ڌڻي بابت روايتون ۽ سندس زندگي جو احوال هٿ ڪرڻ لاءِ ڀٽائي پير ۽ لطيف فقراءَ سان ڪچهريون ڪيون ۽ ٻڌايل ڳالهين جي ڇنڊڇاڻ ڪئي. سندس سهيڙيل مواد کي عبدالرسول قادري بلوچ جيڪو نوابشاهه ضلعي جي سڪرنڊ شهر ويجهو دڙو مگسي جو هو، ترجمو ڪيو، جيڪو ”لطائف لطيفي“ احوال ۽ آثار شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نالي سان شايع ٿيو.

عبدالحڪيم ارشد - عبدالواحد سومرو

عبدالحڪيم ارشد
سنڌ جو انقلابي شاعر
عبدالواحد سومرو
سنڌ ۾ شاعري گهڻي ڀاڱي فارسي مزاج تي ڪيئي ويندي هئي. ان لاڙي کان هٽي هتان جي سرجڻهارن پنهنجي شاعري کي سنڌ جي ڪلاسڪ ۽ ترقي پسند ويچارن تي ڪرڻ شروع ڪيو. خاص ڪري پنهنجي قلم جي ذريعي سنڌي شاعريءَ ۾ نوان لاڙا کڻي ڌرتي جي خوشبوءِ سان پنهنجي خيالن کي رچيو.

شاهه محمد پيرزادو - مسرور پيرزادو

شاهه محمد پيرزادو
سُونهن جي سئو صورتن جو شاعر
مسرور پيرزادو
جيئن دنيا ۾ مختلف قسمن جا گل آهن تيئن شاعريءَ جي دنيا ۾ به مختلف قسمن جا شاعر آهن. ڪن جي خوشبو ڪهڙي ته ڪن جي ڪهڙي! ڪن جا رنگ الگ ته ڪن جي سُونهن! اهو ماڻهن جي مزاج ۽ پسنديدگيءَ تي منعصر هوندو آهي ته انهن کي ڇا ٿو وڻي! شاهه محمد پيرزادو به سنڌي شاعريءَ جي گلشن ۾ هڪ گل آهي. پر هي اهو گلاب جو گل ناهي، جيڪو پري کان ماڻهن جي ديد پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي. هي اهو سهڻو گل آهي جيڪو ٻين گهڻن گلن جي پويان ۽ هجوم ۾ لڪل آهي. ان جي سُونهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهوءِ کي هن ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو تڪڙ ۾ آهي ته هن جي سندرتا کي صحيح نموني پسي نه سگهندو. هن معصوم گل جهڙي شاعر جي شاعريءَ مان مزو وٺڻ لاءِ ماڻهوءَ کي هن وٽ ڪي پل چُپ ڪري ويهڻو پوندو. فقط پوءِ ئي ماڻهو هن جي نظمن ۾ موجود محبت جي مستيءَ کي محسوس ڪري سگهندا. هن وٽ محبت جو اظهار ٻين شاعرن کان مختلف ۽ موهيندڙ آهي. اهڙو محبت جو معصوم اظهار جهڙو هن مختصر نظم ۾ آهي.

مختيار علي سانگي - ناصر مقصود گل

مختيار علي سانگي
سنڌي سنگيت جو سريلو آواز
ناصر مقصود گل
ننڍپڻ جي لاشعوريءَ واري ٻاراڻي وهيءَ ۾ مون هڪ محبوب صفت انسان ڏٺو هو. مان اڄ به ڪڏهن ڪڏهن ائين سوچيندو آهيان ته ڪٿي هڪ بي سمجھه ٻار ۽ ڪٿي سٺيڪي سالن جو هڪ امر ڪردار؟ پر تڏهن به ان اعلى انسان سان منهنجي اندر جي انسيت ٿي وئي، جيڪا اڄ سوڌو ڏينهون ڏينهن ماٺي ٿيڻ بجاءِ سرس ٿيندي آئي آهي.  جيتوڻيڪ مون کيس زندگيءَ ۾آمهون سامهون صرف ٻه ڀيرا ڏٺو هو، پر ان شخصيت سان منسوب انهن ٻن امر يادن منهنجي وجود تي ايترا ته گهرا ۽ هاڪاري اثر ڇڏيا، جو مان اڄ تائين انهن يادن کي پنهنجي دل ۽ دماغ جي دوربين جي چٽائيءَ سان پسي، اهڙين املهه گھڙين کي زندگيءَ جو اهم اثاثو ڀائيندو آيو آهيان. انهن ٻنهي ملاقاتن مان هڪ ڀيرو ته مون ان امر انسان ۽ امر ڪلاڪار کي، جنهن کي دنيا خانصاحب استاد گلزار علي خان جي نالي سان ياد ڪندي آهي، آمهون سامهون ٻڌو هو ۽ اڄ ڏينهن تائين سندس ان يادگار محفل جا اڻ مٽ عڪس منهنجي ذهن جي اسڪرين تي تازا توانا چٽيل آهن. مون کي چڱيءَ طرح سان ياد آهي ته جنوري 1987ع ۾ منهنجي والدِ محترم ۽ سنڌي ٻوليءَ جي برک شاعر قاضي مقصودگل پاران ڪوٺايل رتيديري شهر ۾ ڊاڪٽر عطا محمد ’حامي‘ جي 68 هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ادبي نشست بعد سياري جي ٽيپهريءَ واري وڳڙي ڌاري محفل موسيقيءَ واري نشست ۾ استاد گلزار علي خان، حامي صاحب جو ڪلام آلاپيو هو، ان ويل مان ڪمسن هجڻ باوجود سندس ٻڌندڙن جي پهرين صف ۾ ويهي استاد گلزار علي خان جي آواز ۽ انداز کي مڪمل توجهه ۽ دلچسپيءَ سان ٻڌندو رهيس ۽ ٻيو ڀيرو ساڻس ان وقت ملڻ ٿيو، جڏهن رتيديري شهر ۾ اونهاري جي هڪ جھڙالي شام جو پنهنجي پياري شاگرد غلام شبير سمي کي ڪنهن محفل ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ اڇي رنگ جي ڪار تي پنڌ پڇائيندو، اسان جي اوطاق تائين اچي رسيو هو.

09 June, 2015

سرفراز وسطڙو - وفا رضا

سرفراز وسطڙو
يارن جو يار
وفا رضا
ڪالهه آفيس مان جيئن ئي گهر پهتس ته دوست نواب حميد آرائين جو موبائيل تي نياپو آيو ته سرفراز وسطڙو لاڏاڻو ڪري ويو آهي. پنهنجي جوڀن جا 22 ورهيه صحافت کي ارپيندڙ اسان جو هي دلبر دوست به  اسان کان وڇڙي ويو.
اڃا تنهن ڏينهن ئي ته آفيس جي نمبر تي فون ڪري حال احوال ڏنو هيائين. هن دلبر دوست سان منهنجي نيازمندي ورهين کان وٺي هئي، جڏهن اسان صحافت جي دنيا ۾ اڃا نه آيا هئاسين، تڏهن به اسان جو هڪ ٻئي سان نينهن جو ناتو هو. شاگرد سياست واري جهان  ۾به اسان گڏ گهاريو، سرفراز به سن جو پانڌيئڙو هو.

07 June, 2015

مرتضى ڪلهوڙو - منظور ڪوهيار

مرتضى ڪلهوڙو
منظور ڪوهيار
مون کي هڪ دفعو فون آئي، ”سائين، مان منظور ڪوهيار سان ڳالهائڻ ٿو چاهيان“
مون وراڻيو، ”اهو ته مري ويو“
هن چيو، ”سائين، اهو ڪيئن؟“
”ائين جيئن ماڻهو مرندا آهن.“
”اوهان ڪير ٿا ڳالهايو؟“ هن پڇيو.
”منظور ڪوهيار!“ وراڻيم.
”ته پوءِ مان ڪيئن يقين ڪيان ته اوهان مئل آهيو؟“

01 June, 2015

سيد شير شاهه - ناصر مقصود گل

سيد شير شاهه
سچل سائينءَ جي درگاهه جو دلفريب آواز
ناصر مقصود گل
سنڌ ڌرتيءَ جي خمير ۾ تصوف جو عجب رنگ، ازل کان رچيل آهي. هن ڌرتيءَ جي آغوش ۾ پلجندڙ تصوف نه صرف ماڻهن جي ذات کي ’خود شناسي‘ ۽ ’خدا شناسي‘ ڏني آهي، پر انساني وجود کي هڪ اهڙي نقطي تي اچي بيهاريو آهي، جيڪو سڃاڻپ جو محرڪ بڻيو آهي. پوءِ اها سڃاڻپ پنهنجي ذات جي هجي، پنهنجي مجازي محبوبَ جي هجي يا معبودِ حقيقيءَ جي هجي، سرير لاءِ سڪون ۽ ڇوٽڪارو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هيءَ ڌرتي امن جو آستانو رهندي آئي آهي. دنيا ڀلي ڪيترو ئي بارودي بوءِ سان وڪوڙجي ڇو نه وڃي، پر لاکيڻي لطيف جي دعا سان سنڌ مان سدائين اَمن جي سرهاڻ ايندي رهي آهي.