26 March, 2013
رشيد چارڻ - وزير فرهاد سولنگي
ماما رمضان ساريو - غلام محمد ڀٽي
شھيد ھوش محمد شيدي - عنايت قمبراڻي
بيگو خان - سليمان ساند
ماستر ايوب ساند - سليمان ساند
25 March, 2013
مير مراد علي خان ٽالپر - سميرا مختيار
شيام جئسنگھاڻي - رکيل مورائي
24 March, 2013
استاد وحيد علي - ناصر قاضي
ھيمون ڪالاڻي
ھيمون ڪالاڻي
امر شھيد
ڊاڪٽر جئپال ڇاٻڙيا
سنڌ ڌرتي ڄايا اُهي شهيد جن پنهنجي امڙ جي
ٿڃ ملهائيندي پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، اگر انهن جي پاڻ لسٽ ٺاهينداسين ته اُن لسٽ ۾
جيڪو ننڍڙي عمر وارو شهيد هوندو اهو منهنجي خيال ۾ امر شهيد هيمون ڪالاڻي هوندو
جيڪو ۱۹ سالن جي عمر ۾ سکر سينٽرل جيل ۾
ڦاسيءَ چاڙهيو ويو هو. هيمون ڪالاڻي جنهن جو اصل نالو هيمن ڪالاڻي هو پر سڀ ماڻهو
ان کي هيمون ڪالاڻي جي نالي سان ياد ڪن ٿا. هن جو جنم ۲۳ مارچ ۱۹۲۳ع تي سکر ۾ ٿيو هو.
هن جي پيءَ جو نالو پيسو مل ڪالاڻي هو جيڪو هڪ بزنس مين هو. هُن جي ماءُ جو نالو
ڄيٺي مائي هو. هُن مئٽرڪ تلڪ هاءِ اسڪول سکر مان ڪئي، مون کي خبر ناهي ته اڄ به
اُن اسڪول جو نالو تلڪ هاءِ اسڪول آهي يا اُن کي به مسلمان ڪيو ويو آهي. هن کي
ننڍي هوندي ئي انقلابي ۽ پنهنجي ڌرتي ماءُ سان پيار ڪرڻ جو جذبو پنهنجي چاچي ڊاڪٽر
منگهارام ڪالاڻي کان مليو جيڪو اُن وقت انڊين ڪانگريس جو ليڊر هو. هي جڏهن هاءِ
اسڪول ۾ پڙهندو هو ان وقت هن سيواراج سينا اسٽوڊنٽ آرگنائيزيشن ۾ شموليت ڪئي ۽هڪ
انقلابي ٿي اسريو. جڏهن مهاتما گانڌي ”Quit india“
هندستان خالي ڪريو، انگريزن جي خلاف تحريڪ هلائي ته هن اُن ۾ ڀرپور حصو ورتو.
مهاتما گانڌي پنهنجن ماڻهن کي چيو ته ”Do or Die“
برٽش رول جي خلاف وڙهو يا مري وڃو. هي ننڍڙو نوجوان ان تي عمل ڪندي پنهنجي جدوجهد
شروع ڪئي. اُن ۾ ٻاهران ايندڙ تمام سامان جو بائڪاٽ ڪيو ويو ۽ هندستان ۾ ٺهندڙ شين
جو وڪرو عام ٿيو. مهاتما گانڌي جي اها تحريڪ ۱۹۴۲ع ۾ شروع ٿي، اُن زماني ۾ هن کي خبر پئي ته برطانوي فوجي اسلحو کڻي
اچي رهيا آهن ۽ اهو ٽرين ذريعي سکر مان گذرندو، هن ننڍڙي عمر ۾ دوستن سان گڏ پٽڙي
اُکيڙڻ جو فيصلو ڪيو جيئن اهو اسلحو پنهنجي منزل تي پهچڻ کان اڳ تباهه ٿي وڃي پر
ان پٽڙي اُکيڙڻ دوران هي پڪڙجي پيو ۽ هن جا دوست ڀڄي ويا. پوءِ هن تي مارشل لا ڪورٽ سکر ۾ ڪيس هلايو ويو ۽ هن کي
چيو ويو ته جيڪڏهن تون پنهنجي ساٿين جي باري ۾ ٻڌائيندين ته پوءِ توکي آزاد ڪيو
ويندو. اُن وقت مارشل لا ڪورٽ سنڌ ۾ اُن ڪري هئي جو هتي حُر تحريڪ به هلي رهي هئي.
سکر جي ڪورٽ هن کي عمر قيد جي سزا ڏني، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي دوستن جا نالا ڪو نه
ٻڌايا. پوءِ هن جو ڪيس حيدرآباد ڪورٽ ۾ موڪليو ويو جتي ڪرنل رچرڊسن جيڪو انقلابين
جي سخت خلاف هو، هُن هيمون ڪالاڻي جي سزا عمر قيد کان بدلائي ڦاسي جي سزا ۾ تبديل
ڪري ڇڏي. پر هن دلير تي اُن جو ڪو به اثر ڪو نه ٿيو، ۽ هن آخري وقت تائين خوشيءَ
سان ڦاسي چڙهڻ قبول ڪيو پر معافي وٺڻ يا اُنهن کي دوستن جا نالا ٻڌائڻ قبول نه
ڪيو. هن کي ۲۱ جنوري ۱۹۴۳ع ۾ سکر سينٽرل جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي. هن جي سزا معاف ڪرڻ لاءِ ان وقت
جي ناميارن اڳواڻن جمشيد جي مهتا، ساڌو ٽي ايل واسواڻي، عبدالستار پيرزاده، سوامي
هرنامداس، ويرو مل بيگراج ۽ ٻين اپيل ڪئي پر اُها رد ڪئي وئي. اڄ اسان سڀني سنڌين
کي فخر آهي ۽ اسان جو ڳاٽ اوچو آهي ته هيمون ڪالاڻي پنهنجي ڌرتي لاءِ جان ڏيڻ قبول
ڪئي پر پنهنجي ساٿين جا نالا ٻڌائڻ قبول نه ڪيا. اسان کي گهرجي ته جيئن هندستان ۾
هيمون ڪالاڻي کي ياد رکڻ لاءِ ڪيترن روڊن جا نالا هيمون ڪالاڻي تي رکيا ويا آهن،
ته اسان کي به هتي پنهنجن روڊن، رستن، اسڪولن ۽ اسپتالن جا نالا پنهنجن شهيدن جي
نالن تي رکڻ کپن، سکر ۾ هڪ پارڪ جنهن جو نالو امر شهيد هيمون ڪالاڻي جي نالي تي هو
پر پوءِ ان کي مسلمان ڪري ان جو نالو قاسم پارڪ رکيو ويو، اچو ته اڄ سڀ گڏجي وري
واپس ان جو نالو ”هيمون ڪالاڻي“ پارڪ رکي سنڌ جي شهيد کي خراج تحسين پيش ڪيون.