غلام محمد ساريو
ساروڻيون
رمضان ساريو
ماما غلام محمد ساريي سان منهنجي
ملاقات ۱۹۸۹ع ۾ ٿي شهر باڊھ جي درگاھ محلا
۾ پهتس، اتي معلومات ورتي ته ماما غلام محمد ساريي جو گهر ڪٿي ۽ ڪهڙي محلي ۾ آهي، هڪ
مزدور ٻڌايو ته هينئر نورالدين سومري هوٽل تي ويندو آهي، اتي دوستن سان گڏجي چانھ
پيئندو آهي، صبح جو ٽيليويزن جي نيوز ٻڌڻ جو تمام گهڻو شوقين آهي، اوهان کي اتي
ملي ويندو، پوءِ واقعي به هوٽل تي مليو، سنڌي ٽوپي ۽ واسڪوٽي پهريل هيس، مان کيس
ماما چوندي مليس سندس ويجها دوست به مون سان مليا، مون کي پنهنجي علاج ڪرائڻ لاءِ
ڪاغذ هئا، جيڪي تصديق ڪرائڻ لاءِ ماما غلام محمد ساريي جي اڳيان ٽيبل تي پيش ڪيا، مون
کي ڏسي چيائين سائين اوهان ڪٿي ويٺا آهيو. مون کيس ٻڌايو ته ڳوٺ ٻلهڙيجي. چيائين
پيرزادا صاحب خوش آهيو، استاد لعل بخش پيرزادي کي اوهان ڪيترا ويجها آهيو، مون مرڪندي
چيو ته مان انهيءَ جو ڀائيٽو آهيان. ماما غلام محمد ساريو اهو يو ڏاڍو خوس ٿيو. انهي
وچ ۾ چانھ بسڪيٽ به ٿي ويا، مون کيس ٻڌايو ته منهنجو نالو محمد رمضان ساريو آهي، مون
کي مادي جي السر آهي، علاج ڪرائڻ لاءِ خورشيد احمد جوڻيجي کي درخواست ڏني آهي، جنهن
اوهان ڏانهن تصديق ڪرائڻ لاءِ موڪليو آهي، کلندي چيائين، معنيٰ اوهان ساريا آهيو، مان
معافي گهرندي چيومانس ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ ساريا آهن، مون کيس ٻڌايو ته ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ ساريا
برادري جا گهڻي کان گهڻا گهر آباد هئا، پوءِ آهستي آهستي ٻين ڳوٺن ۾ آباد ٿيا. ماما
غلام محمد ساريو اهو ٻڌي خوش ٿيو، ڪچهري ختم ٿيڻ کان پوءِ مون کي ڪاغذن تي مهر هڻي
تصديق ڪري ڏنائين. جنهن کان پوءِ موڪلائي ڳوٺ روانو ٿيس.