; سنڌي شخصيتون

11 May, 2023

غلام محمد ساريو

غلام محمد ساريو

ساروڻيون

رمضان ساريو



ماما غلام محمد ساريي سان منهنجي ملاقات ۱۹۸۹ع ۾ ٿي شهر باڊھ جي درگاھ محلا ۾ پهتس، اتي معلومات ورتي ته ماما غلام محمد ساريي جو گهر ڪٿي ۽ ڪهڙي محلي ۾ آهي، هڪ مزدور ٻڌايو ته هينئر نورالدين سومري هوٽل تي ويندو آهي، اتي دوستن سان گڏجي چانھ پيئندو آهي، صبح جو ٽيليويزن جي نيوز ٻڌڻ جو تمام گهڻو شوقين آهي، اوهان کي اتي ملي ويندو، پوءِ واقعي به هوٽل تي مليو، سنڌي ٽوپي ۽ واسڪوٽي پهريل هيس، مان کيس ماما چوندي مليس سندس ويجها دوست به مون سان مليا، مون کي پنهنجي علاج ڪرائڻ لاءِ ڪاغذ هئا، جيڪي تصديق ڪرائڻ لاءِ ماما غلام محمد ساريي جي اڳيان ٽيبل تي پيش ڪيا، مون کي ڏسي چيائين سائين اوهان ڪٿي ويٺا آهيو. مون کيس ٻڌايو ته ڳوٺ ٻلهڙيجي. چيائين پيرزادا صاحب خوش آهيو، استاد لعل بخش پيرزادي کي اوهان ڪيترا ويجها آهيو، مون مرڪندي چيو ته مان انهيءَ جو ڀائيٽو آهيان. ماما غلام محمد ساريو اهو يو ڏاڍو خوس ٿيو. انهي وچ ۾ چانھ بسڪيٽ به ٿي ويا، مون کيس ٻڌايو ته منهنجو نالو محمد رمضان ساريو آهي، مون کي مادي جي السر آهي، علاج ڪرائڻ لاءِ خورشيد احمد جوڻيجي کي درخواست ڏني آهي، جنهن اوهان ڏانهن تصديق ڪرائڻ لاءِ موڪليو آهي، کلندي چيائين، معنيٰ اوهان ساريا آهيو، مان معافي گهرندي چيومانس ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ ساريا آهن، مون کيس ٻڌايو ته ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ ساريا برادري جا گهڻي کان گهڻا گهر آباد هئا، پوءِ آهستي آهستي ٻين ڳوٺن ۾ آباد ٿيا. ماما غلام محمد ساريو اهو ٻڌي خوش ٿيو، ڪچهري ختم ٿيڻ کان پوءِ مون کي ڪاغذن تي مهر هڻي تصديق ڪري ڏنائين. جنهن کان پوءِ موڪلائي ڳوٺ روانو ٿيس.

ساگر حنيف بڙدي

ساگر حنيف بڙدي

سيد ۽ ڀٽائي جو پرچارڪ به وڇڙي ويو

گل مورو



هي ۱۹۸۰ وارا شروعاتي ڏهاڙا هيا مولانا عزيزالله ٻوهيو جي فڪري مڪتب ۾ وطن جو گيت ترنم ۾ ڳائي بس ڪيم ته هڪ خوبصورت نوجوان اچي هٿ ڏيندي چيو ته آئون ساگر حنيف بڙدي آهيان، منهنجو به امام انقلاب عبيدالله سنڌي واري فڪر سان رشتو آهي. ساگر حنيف بڙدي انتهائي باصلاحيت ۽ ذهين هئڻ جي ڪري انهن ڏينهن ۾ سنڌ ساگر پارٽي جي پليٽ فارم تان شاگرد ونگ سنڌ ساگر اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري کان وٺي صدر به رهيو ۽ سندس تقريرون، تخليقون ۽ تحريرون ايتريون ته بااثر هيون جو هن سڄي سنڌ ۾ فڪري نوجوانن جي آبياري ڪندي هڪ علمي مڪتب جوڙي ورتو هو ۽ اهڙو سٿ جوڙي ورتو هو جيڪو امامِ انقلاب عبيدالله سنڌي جي فڪر سنڌ سنڌين جي آهي واري نظرئي جي پرچار ڪندي سڄي زندگي اهائي پرچار ڪندو رهيو. هي ساٿوڙي به سنڌ جو هاسو سوڍو بڻجي سڄي سنڌ ۾ وطن جي ويرين سان وڙهندو رهيو، ڪڏهن به هن هيڻي نه ٻولي ۽ ڪيتري ئي وقت تائين جيل به ڀوڳيائين، سختيون به سٺائين پر پنهنجي فڪري واٽ نه ڇڏيائين. اهڙا ماڻهو ئي وطن جا واهرو، اهڙا ئي ماڻهو ساڻيھ جا سپوت ٿيندا آهن. هن ساڻيھ جي سپوت ساگر حنيف بڙدي جڏهن ڏٺو ته سنڌ ساگر پارٽي ماٺي ٿي وئي آهي ته پوءِ ان دير ئي نه ڪئي سن جي سيد سائين جي ايم سيد جي فڪري پرچار ڪرڻ لاءِ سن جي ساڻيھ تي وڃي پهتو ۽ جسقم ۾ شموليت ڪيائين، اُتي به ماٺ ڪري نه ويٺو، هميشه جاکوڙ ۽ جدوجهد ۾ مصروف عمل رهيو. ايتري قدر جو سن جي اسٽيجن تي هميشه گجگوڙ ڪندو رهيو. سندس آواز سڄي سنڌ جي سڄڻن لاءِ گونجندو هيو. جسقم ۾ شموليت ڪرڻ کان پوءِ ايترو ته متحرڪ ڪردار ادا ڪيائين جو کوڙ سارا ساٿي ٿڪجي به پيا پر ساگر ساگر جيان اوڀارو توڙي لهوارو گجگوڙ سان وهندو رهيو. ايتري قدر جو جسقم جي مرڪزي پريس ترجمان کان وٺي مرڪزي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي وڃي پهتو. سائين جي ايم سيد جي فڪري واٽ تي هميشه دائم ۽ قائم رهيو. هن ڪڏهن به پنهنجي ماروئڙن کي اڪيلو نه ڇڏيو، سفر ۾ سدائين اهڙا ساٿي کنيائين جيڪي ڪڏهن به نه ٿڪيا نه وري جهڪيا. هن اهي ساٿي ڀٽائي جي فڪري واٽ مان ڳولي لڌا هئا. تڏهن ته هميشه چوندو رهندو هو ته “سڄڻ ۽ ساڻيھ ڪنهن اڻاسي وسري، حيف تنين کي هوءِ وطن جن وساريو. ” حقيقت اها آهي ته ساگر حنيف بڙدي نه سڄڻ وساريو نه وري ساڻيھ کي وساريو، هميشه پنهنجي وطن جي وارثي ڪيائين. شهيد بشير خان قريشي جو بااعتماد ساٿي هئڻ سان گڏ هن کي امام انقلاب عبيدالله سنڌي جي فڪري پرچارڪ مولانا عزيزالله ٻوهيو کان وٺي سنڌ جي درويش صفت ڏاهي عبدالواحد آريسر جهڙن سپوتن جو سٿ مليو، جن کان هن گهڻو ڪجھ علمي اڀياس پرايو. اهوئي سبب هو جو علم ادب جي حوالي سان به تمام گهڻي پرک رکندو هو. نه رڳي علمي ادبي حوالي سان پر سياسي حوالي سان به تمام گهڻو باصلاحيت هو جو پنهنجي تجربي جي لحاظ سان حالتن جو اڀياس پڻ ڪري ڄاڻندو هو ته هن وقت حالتون ڪهڙي رُخ ۾ وڃي رهيون آهن. ان سان گڏ ساگر حنيف شاھ لطيف جي فڪر جو به اڀياس ڪيو ۽ لطيفيات تي به عبور رکندو هو ۽ اهو شاھ لطيف جو درس کيس سنڌ جي سپوت سگهڙ اديب ۽ لطيف شناس حافظ محمد بخش خاصخيلي کان مليو. آخري گهڙي تائين هن ديس جي درد وندي هر نوجوان جي فڪري حوالي سان آبياري ڪئي ته جيئن اڳتي هلي وطن جو اهو نوجوان جيڪو فڪري لحاظ کان خالي نظر اچي رهيو آهي، اهو فڪري حوالي سان ڀٽائي کي پنهنجو رکوالو بڻائي ته جيئن سڄڻ ۽ ساڻيھ وارو پيغام سنڌ جي هر ننڍي وڏي وستي واهڻ ۾ توڙي شهر ۾ عام ٿي سگهي ۽ ڦهلجي سگهي، ان سان ئي سنڌ خوشحال بڻجي سگهي ٿي، ان سان ئي سنڌ سُکي ٿي سگهي ٿي، ان سان ئي وطن جا واهرو پيدا ٿي سگهن ٿا، ان سان ئي ديس جا دودا پيدا ٿي سگهن ٿا. اهو ئي فڪر کڻي ڀٽائي جو پرچارڪ بڻجي سڄي سنڌ ۾ ٻيجل جيان ٻاڪاريندو رهيو ته اچو سورن واريون ڪيون سور پچار. هي سورن جي پچار ڪرڻ لاءِ پنهنجي سڄڻن سان ويهي ويچار ڪندو هو ته من ڪو سڄڻ سمجهي سگهي ته وطن جي واهرو ٿيڻ کان سواءِ هي وطن بچي نه ٿو سگهي.

عرس چانڊيو

عرس چانڊيو

سريلو راڳي

ريجهو راهي



سھڻي سنڌ ڌرتي جو رسيلو راڳي محمد عرس چانڊيو، ڌرتي ڌڻين کان ھميشه لئه موڪلائي پنھنجي حقيقي مالڪ سان مليو.

·                  ڇڏيندس شھر تنھنجو نڪي ڏسنديهن نڪي رسندين.

·                  اڄ منھنجو دلبر الائي ڪاڏي ويو.

·                  کل ته ڇنڊو پئي دل تي.

انھيءَ کان علاوه ڪيترا ئي سندس ڳاتل ڪلام رڪاڊ ٿيا. اڄ پوري سنڌ ڌرتي سوڳوار آھي. رب پاڪ شل جنت ۾ جاءِ عطا فرمائي، اڄ عرس چانڊيي جو اهو ڪلام ڏاڍو ٿو ياد اچي؛

07 May, 2023

ڊاڪٽر عنايت الله ڪاٺيو

ڊاڪٽر عنايت الله ڪاٺيو

عبدالجبار آزاد منگي



۸ سيپٽمبر ۱۹۵۳ تي اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شهر نصيرآباد ۾ جنم ورتو. ۱۹۷۸ ۾ هن زرعي يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف اينيمل هسبنڊري اينڊ وٽرينري سائنسز مان ڊي وي ايم جي ڊگري مڪمل ڪئي. ۽ ۱۹۸۱ ۾ فيلوشپ لاءِ جارج ٽائون يونيورسٽي واشنگٽن لاءِ آمريڪا روانو ٿيو. جتي ڪولمبيا مسوري، ۽ آئيوا يونيورسٽي ۾آمريڪا ۾ پي ايڇ ڊي ۽ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ ڪئي. پنھنجي ڪيرئير دوران هُن سنڌ حڪومت ۾ بطور وٽرينرين، ايف اي او ۾ ريسرچ آفيسر ۽ گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام ۾ ڪنسلسٽنٽ طور خدمتون انجام ڏنيون. ڊاڪٽر ڪاٺيو آمريڪا ۾ هوندي بہ سنڌ سميت ملڪ جي لاءِ وڏيون خدمتون انجام ڏيندو رهيو. هن سڄي عمر سنڌ زرعي يونيورسٽي جي گريجوئيٽس کي نہ وساريو ۽ لڳاتار شاگردن کي وٽرينري بابت جديد ٽيڪنالوجي توڙي ليبارٽري ۽ سرجري جو ڪم سيکارڻ لاءِ ايندو رهيو، ڊاڪٽر عنايت ڪاٺيو آمريڪا ۾ بہ ملڪ جي لاءِ اهم ڪارناما انجام ڏنا، آمريڪا جي مختلف ادارن ۾ جانورن جي ڀلائي ۽ ترقي واري وارن منصوبن ۾ خدمتون انجام ڏيندو هو، هو هڪ قابل وٽرينري ماهر هو، جنھن دنيا ۾ پھريون ڀيرو نانگ جي سرجري ڪري نالو ڪمايو، جنھن جي پوري دنيا تعريف ڪري رهي آهي.

06 May, 2023

قادر بخش سومرو

قادر بخش سومرو

دادا سنڌي



انسان رهاڪو پکي آهي. چوڳي لاءِ چار ڏينهن آيو آهي. ان داڻو کٽو ته هليو اڳتي. هي دنيا مانجهاندي جو ماڳ آهي. ڪو هميشه لاءِ هت رهڻو ڪونهي. دنيا مسافر خانو آهي. اڄ هڪ مسافر آيو ته صبحاڻي ٻيو. ڀٽ ڌڻي انساني حياتي کي جر تي ڦوٽو سڏي دنيا جي بي ثابتي کي ڪهڙي نه سهڻي نموني سمجهايو آهي.

محمد مراد چانڊيو

محمد مراد چانڊيو

سندس وڇوڙو!

اصغر ميراسي



اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، طالِبَ تَنوارِينِ،

آديسي اٿُي وِيا، مَڙِھِيوُن مُون مَارِينِ،

جي جِيءَ کي جِيَارِينِ، سي لاھُوتي لَڏي وِيا.

05 May, 2023

فقير حامد علي مھيسر

فقير حامد علي مھيسر

سوڍو پُٽ سنڌ جو

عابد مھيسر



سنڌ ڌرتيءَ کي قدرت طرفان اھو اعزاز عطا ٿيل آھي ته ھتي سنڌو تھذيب دنيا جي پھرين ۽ اول تھذيب طور وجود وٺي سڃاڻپ پاتي ۽ دنيا ۾ باقي ٻين سمورين تھذيبن کي جنم ڏنو، سنڌ ڌرتيءَ سان اوائلي زماني کان ئي سندس سپوت سوڍا بيحد گھڻي چاھت، حب، اڪير رکندا پيا اچن ۽ مٿس سر ڏئي سرھو ٿيڻ کان ڪڏھن ناھن ڪيٻائيندا، سنڌين کي قدرت طرفان اھو اعزاز حاصل آھي ته موجوده دؤر تائين پوري دنيا اندر سندن وطن پرستي ۽ قومپرستيءَ کي ساراھيو وڃي پيو ۽ سنڌي ئي دنيا جي واحد قوم آھي، جنھن جو پنھنجي ڌرتيءَ سان اٽوٽ ناتو ۽ تعلق قائم آھي، ان حوالي سان تاريخ شاھد آھي ته سنڌين ھميشه پنھنجي جنم ڀومي ڌرتي ماتا سنڌ کي پنھنجي پاڻ کان سوين ھزارين دفعا وڌيڪ ۽ مٿي چاھيو آھي ۽ پنھنجون جانيون پنھنجي ڌرتي سنڌ تي نڇاور ڪندا رھيا آھن ۽ اڄ به ھردم مٿس سر ساھ صدقو ڪرڻ لاءِ تيار رھيا آھن، سنڌ جي اھڙن سوڍن، سپوتن، دلير، بھادرن مان ئي ھڪ ڳوٺ سانوڻ خان مھيسر جو فقير حامد علي مھيسر به ھڪ سورھيه بھادر ساڃاھ وند سنڌي سوڍو ٿي گذريو آھي.

03 May, 2023

خوشبو بلوچ

خوشبو بلوچ

”سماج ۽ سچائي ۽ ”لڙھي ويل اميدون“ جي سرجڻھار شاعرا، اديبا، ليکڪا ۽ تعليمدان سان مختصر ڳالھ ٻولھ.

ڳالھ ٻولھ... علي محمد درد سولنگي



سوال: اوھان جو نانءُ ولديت سميت؟

خوشبو: منھنجو نالو ام ڪلثوم، بابا سائين جو نالو محمد ابراھيم ۽ ذات گنب آهي.

سوال: جنم جي تاريخ ۽ هنڌ؟

خوشبو: پنجين جنوري تعلقه جوھي ضلع دادو.

سوال: ادبي نانءُ؟

جواب: منھنجو ادبي نالو خوشبو بلوچ آھي، هاڻي هڪ جيڏيون، غير ادبي سرتيون، ڀينر يا ڳوٺاڻيون جن سان ننڍپڻ گذريو سي سڀ به اصل نالي بجاءِ‘ خوشبو بلوچ جي نالي سان سڃاڻين ٿيون.

پروفـيسر ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ

پروفـيسر ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ

شھاب الدين المعروف ظفرعلي محمدي (رٽائرڊ) جج



پروفيسر ڊاڪٽر عبد الوحيد انڍڙ جن مزدورن جي عالمي ڏھاڙي تي سال ۱۹۶۳ع ۾ محترم حضرت ميان عبدالحليم انڍڙ جن جي گھر ھاليجي شريف ۾ جنم ورتو ۽ جڏھن ته سندس اباڻو ڳوٺ ميل انڍڙ (واري ڳوٺ) آھي.

01 May, 2023

ڀَلَي ڏنو ڀوڳائي

ڀَلَي ڏنو ڀوڳائي

وارھ جا ڪردار

ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي



وقت تيزيءَ سان بدلبو رهي ٿو. اڳي واهڻن ۽ وستين ۾ ڏاڍو مزو هوندو هو. وڏي کل ڀوڳ ۽ چرچا گهٻا ڪيا ويندا هئا. ماڻهن ۾ ميٺ محبت، سهپ ۽ پنهنجائپ جو ته مادو به نهايت جھجھو هوندو هو. ڪنهن تي ڪوبه خوامخواه چَٿر يا جُلھ۽ طنز يا ٽوڪ ڪندو ھو، ان کي به کل خوشيءَ سان قبول ڪندا هئا. موٽ ۾ وري کل جو جواب کل۾ ۽ ٽوڪ جو جواب ٽوڪ واري انداز ۾ ڏيندا هئا. هڪ ٻئي سان محبت ۽ انس پڻ زيادھ رکندا هئا. ڪوبه ڪنهن سان ٻاڙو ڪونه ٻوليندو هئو. ڳوٺن ۾ رات جو اوطاقن تي ڪچهريون ٿينديون هيون، جو هرڪو ئي ڪچهريءَ مان لطف اندوز ٿي مزو ماڻي هليو ويندو هو.

يوسف مستي خان

يوسف مستي خان

جدوجهد ڪندڙ ڪردار جو وڇوڙو

نثار لغاري



ڪامريڊ يوسف مستي خان ۷۴ سالن جي ڄمار ۾ اوڻٽيهه سيپٽمبر ۲۰۲۲ تي وفات ڪري ويو. هو هن وقت عوامي ورڪرز پارٽي جو مرڪزي وفاقي صدر هو. يوسف مستي خان پنهنجي سموري زندگي قومي ۽ طبقاتي جدوجهد ۾ گذاري، هو غوث بخش بزنجي سان گڏ رهيو جيڪو بلوچستان ۾ پهريون ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر هو. هن شروع ۾ عوامي مزاحمتي سياست ڪئي پارليامينٽ جي محاذ تي به جدوجهد ڪندو رهيو.

باري منگي

باري منگي

وڇڙيا ڪين ورن. .

نصير سومرو



جديد سنڌ ادب جي اوسر ۾ جيتوڻيڪ ڊجيٽل ميڊيا جو ڪردار برق رفتار وارو ٻڌندڙن ۽ ڏسندڙن تي پنهنجو اثر ڇڏي ٿو. پر تڏهن به پرنٽ ميڊيا جي اهميت کان انڪاري ٿيڻ ممڪن ڪونهي.

پرم ابيچنداڻي

پرم ابيچنداڻي

شخص ۽ شخصيت - سنڌي اڪادمي، دهلي – سيمينار

پروفيسر هيرو شيوڪاڻي



سڊول، سهڻو چهرو موڪري پيشاني، انگريزن جهڙيون ڀوريون اکيون، چمڪ ۽ ذهانت جتائيندڙ پورو پنو قد بت، لباس پوشاڪ ۾ سدائين ٽپ ٽاپ، ڪنگ سائيز ولائيتي سگريٽن ۽ مهانگي اسڪاچ وهسڪي يا وائين جو شوقين، کاڌ خوراڪ ۾ به پسنديده نان ويج يا اڪثر سٺين ڀاڄين جي چونڊ، ٽينٽيڊ گلاسن وارو چشمو، ڳالھ ٻول، گفتگو ۾ ڌيمو پرچٽو سُتت پروفائيل منهنجي نهايت قريبي، ادبي دوست پرم ابيچنداڻيءَ جو منهنجي ياد مان اڀري رهيو آهي!