; سنڌي شخصيتون

25 February, 2022

عمرالدين بيدار

عمرالدين بيدار

ڇا ڏٺم ڇا ٻڌم

نصير سومرو



هي ۲۰۰۲ع جو دور هو. عمر الدين بيدار سان ويجهڙائپ ٿي. ماهوار انڊس ڊائجسٽ ۾ لکڻ ۽ انشائيه نثر کي هٿي وٺرائڻ جو گڏيل ارادو ويجھڙائپ جو ڪارڻ هو. ”ڇا ڏٺم ڇا ٻڌم“ عنوان خود ئي تجويز ڪيائين ۽ ان سري هيٺ سندم ڳپل مضمون ڇاپيائين. هو سخن شناس ايڊيٽر ۽ جهانديد شخص هو. مردم شناس به ڪمال جو هو. سنڌي ٻوليءَ سان عشق پوڄا پاٺ جي درجي وارو هيس. صحافي، شاعر، تاريخدان،  واقع نگار/ ليکڪ جي حيثيت ۾ جملن جي نحوي جوڙجڪ ۽ سٽاءَ ۾ ڪو جهول ڏٺائين ته اعتماد سان راءِ زني ڪندو هو.

ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي

ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي

هاري اڳواڻ جو وڇوڙو

ارشد علي



”روزاني عبرت“ اخبار حيدرآباد جي چيف رپورٽر، سينئر صحافي غلام حسين خاصخيلي ۽ جاني خاصخيليءَ جي حالت به ڪجهه ڏينهن کان مُرشد شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي هِن بيت جهڙي آهي ته:

مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سڀڪنھِين، مُون وٽِ وَٿاڻانِ،

ڀَرِيُون ڪَيو ڀُڻان، وَيا وِھائُو نِڪري.

ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو

ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو

سنڌ جو نامور اديب، شاعر، محقق ۽ نقاد - (۱ پريل جنم ڏينهن جي مناسبت سان)

صدام جوکيو



علم ذوق انسانن جي سوچ مثبت هوندي آهي، اهڙا انسان هميشه ڪنهن نئي ڪتاب، ڪنهن نئين تحرير ۽ نئين ڄاڻ جي حاصلات لاءِ جاکوڙيندي نظر ايندا آهن. اهڙا محنت ڪش ڪردار هر دور تي پنهنجا مثبت دائمي اثر ڇڏيندا آهن ۽ علمي، ادبي، تعليمي ۽ سماجي خدمتن ذريعي پنهنجو الڳ تشخص، پنهنجي الڳ انفراديت جوڙي وٺندا آهن. عظيمُ الشان انسان جو ڪردار مثالي، عَمَلَ سبق آموز ۽ انداز گفتگو منفرد ٿئي ٿي. اهڙن اُتم انسانن ۾ جديد دور جو نامور اديب، شاعر، محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو شامل آهي، جيڪو هڪ با اُصول، علم ذوق، وڏو ڄاڻو ۽ ماهر تعليم شخص آهي. لسانيت، ادبي تنقيد، تاريخ، سنڌي ٻولي، عالمي ادب، ڪلاسيڪل موسيقي، شاعري، نثر، علم عروض ۽ ٻين ڪيترن ئي پاسن جي ڄاڻ تي دسترس رکندڙ پروفيسر انور فگار هڪڙو موجوده وقت جو اهڙو عالم آهي، جنهن جو شمار اعليٰ پايي جي تاريخي شخصيتن ۾ ٿئي ٿو. هن پهرين اپريل ڇنڇر جي ڏينهن سال ۱۹۶۱ع تي شڪارپور جي شهر ۾ محمد صديق هڪڙو جي گهر ۾ جنم ورتو. ان وقت کيس محمد انور نالو ڏنو ويو، جيڪو اڳتي هلي ادب جي دنيا ۾ انور فگار هڪڙو جي نالي سان مشهور ٿيو. سندس ڏاڏو ۽ سندس والد علم، ادب ۽ ساڃاهه سان سلهاڙيل رهيا ۽ علم ذوق انسان هئا، وٽن بهترين ذاتي ڪتب خانو پڻ هو. ان جي ڪري لکڻ پڙهڻ جو ماحول ۽ ڪيترا ناياب ڪتاب، رسالا ۽ تحريرون سائين انور فگار صاحب کي ورثي ۾ مليا، ان ماحول ۽ سهولتن جو هن خوب فائدو حاصل ڪيو. 

24 February, 2022

گل مورو

گل مورو

... ۽ سنڌ جي باغ جو گُل ڇڻي پيو!

مظھر خاصخيلي



الائي ڇو دل اها ڳالهه تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار ئي ناهي ته هاڻي گل مورو اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو. ڪالهه ۹ سيٽمبر جي ڏينهن نامياري اديب، شاعر، سياسي سماجي اڳواڻ ۽ پريس ڪلب نوشهروفيروز جي اڳوڻي صدر گل مورو کي نوپور ڀرسان پنهنجي اباڻي قبرستان قاضي گل محمد ۾ سندس آخري آرامگاه تي اجرڪن ۽ جيئي سنڌ جي جهنڊن جون چادرون چاڙهي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ کيس قُل شريف سان گڏوگڏ جيئي سنڌ جي قومي گيت جي سلامي پيش ڪئي وئي. ان کان اڳ سندس جنازي نماز ڳوٺ راهب مورو ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ علمي، ادبي، سياسي توڙي سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنهن کان پوءِ سندس پونيئر ڀائرن ڪامل مورو، عبدالمجيد، عبدالرحمان، عبدالرحيم ۽ ٻين سان تعزيت دوران ڳالهائيندي تاج جويو چيو ته گل مورو يارن جو يار هو، نوشهروفيروز ۾ قومي، ادبي ۽ صحافتي سرگرميون سندس دم قدم سان زندهه هيون، اڄ نوشهروفيروز جي ادبي، قومي ۽ صحافتي زندگيءَ ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي سو ڀرجڻ مشڪل آهي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته گل مورو سنڌ جي قومي تحريڪ جو سلڇڻو، سٻاجهڙو، باصلاحيت، بهترين ڪردار رکندڙ پڙهيل ڳڙهيل قومي ادب سان دلچسپي رکندڙ هيو. واضح رهي ته گل مورو پنهنجي ڀائرن کان علاوه ۳ پٽ ۽ ۲ نياڻيون سوڳوار ڇڏيون آهن ۽ حقيقت به اها آهي ته هاڻي اسان جي وچ ۾ اهو گل مورو ناهي رهيو ۽ هو جسماني طور تي هميشه جي لاءِ اسان کان موڪلائي اُن ماڳ هليو ويو آهي، جتان هن وقت تائين وري ڪير ٻيهر واپس موٽي ناهي آيو. پر پوءِ به هيءَ چري دل اهو نٿي مڃي ته ڪو گل مورو اسان وٽ ناهي. هن دل کي ڪير سمجهائي ته اهو گل مورو جيڪو هر دوست يار کي مان ڏيڻ سان گڏ هميشه سنڌ ڌرتيءَ جي پاڻي، ناڻي، سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ هر معاملي تي ضلعي نوشهروفيروز جي سمورين سياسي پارٽين کي گڏ ڪري پاڻيءَ جون ڪانفرنسون، سنڌي ٻولي قومي ٻولي جون ڪانفرنسون سڏائي سموري سنڌ جي اديبن شاعرن ۽ سياسي پارٽين کي سڏي جيڪي ميلا مچائي سنڌ جي عاشق هجڻ جو ثبوت ڏيندو هو، اهو گل مورو اڄ اسان ۾ ناهي رهيو. پر اڄ به سنڌ جي ناليواري اديب، حافظ محمد بخش خاصخيليءَ جا اهي لفظ منهنجي ڪنن ۾ ڪونجن ٿا، جڏهن به ڪنهن محفل ۾ حافظ محمد بخش مونکي، گل مورو، زاهد راڄپر ۽ رزاق مستوئيءَ کي گڏ ڏسندو هو ته اسٽيج تي اسان جا نالا کڻي چوندو هو، هيءَ منهنجي چرين جي ٽولي آهي. اڄ ان ٽوليءَ مان هڪ گل ڇڄي پوڻ سان جيءُ جهري پيو آهي ۽ دل چري اها ڳالهه تسليم ئي نٿي ڪري ته ڪو واقعي گل هاڻي اسان وٽ ناهي رهيو. جنهن سان ۳۰ سال گڏ ڏک توڙي سک ۾ گهاريا هجن ۽ گڏ سفر ڪيو هجي، ان کي ائين ڀلا ڪيئن وساري ڇڏجي؟

ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو

ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو

سندس وڇوڙي تي سنڌ پنهنجي صدوري پُٽ کان محروم ٿي وئي

رحيم بخش جماڻي



(ملڪ جي نامياري سياسي شخصيت شهيد الله بخش سومري جو پوٽو ۽ مشهور آرٿوپيڊڪ سرجن ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ بعد صحتياب ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هن ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي هئي ۽ سندس ڪورونا ٽيسٽ به ناڪاري آئي هئي، پر صحت جي حوالي سان ڪجهه ٻين پيچيدگين جي ڪري هو، هن فاني دنيا مان هميشه لاءِ هليو ويو. هو نه رڳو هڪ بهترين پيشيواراڻو ڊاڪٽر هو بلڪه هڪ سٺو سياستدان، هڪ سٺو انسان، بهترين دوست، پنهنجي خاندان جو هڪ منفرد ڀاتي، پنهنجي ڏاڏي جو پيروڪار ۽ مشڪل وقت ۾ هر هڪ جي اميدن تي پورو لهندڙ املهه ماڻهو هو. سندس وڇوڙي جي ڏک ڀري خبر ٻُڌي تمام گهڻو افسوس ٿيو، ڊڪٽر يونس سومرو واقعي هڪ بهترين ڀاءُ ۽ سڀني دوستن، مٽن مائٽن، عزيزن ۽ عام ماڻهن جو خيال ڪندڙ هو. سندس وڇوڙو نه صرف سومرو خاندان پر پوري طبي شعبي جي پيشي سان لاڳاپيل ماڻهن، شڪارپور سميت پوري سنڌ جو تمام وڏو نقصان آهي. الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هو سندس روح کي عافيت بخشي، سندس مغفرت ڪري کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي. حديث پاڪ ۾ آهي ته “ڪنهن به وبا ۽ مرض ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري فوت ٿيندڙ شهيد آهي.” شهيد ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو جون خدمتون وسرڻ جوڳيون ناهن ۽ هو هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندو.)

رشيد خانواهي

رشيد خانواهي

محبتي ماڻهو

خالد چنا



سنڌ سونهاري ادبي کيتر ۾ سدائين سرسبز ۽ شاداب رهي آهي، جنهن وقت بَه وقت اهڙا انسان پيدا ڪيا آهن. جيڪي تاريخ جي ورقن ۾ تاريخ بڻجي ويا آهن. اهڙن انسانن منهجان هڪ ڪردار شهدادڪوٽ جو رشيد خانواهي جو به آهي.

رشيد خانواهي پهرين اپريل ۱۹۶۹ع تي شهدادڪوٽ تعلقي (موجوده قبي سعيد خان تعلقي) جي ڳوٺ خانواهه ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو عبدالله چانڊيو هيو. جنهن جو تعلق چانڊيو قبيلي جي گهنوراڻي پاڙي سان آهي. رشيد خانواهي ننڍپڻ ۾ مال به چاريو، پر پوءِ مال ڇڏي وڃي تعليم پرائي ۽ هينئر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ سنڌي شعبي ۾ ليڪچرر آهي.

22 February, 2022

الهنواز رڪڻائي

الهنواز رڪڻائي

سندس ياد ۾

راهب علي لاڙڪ



مشھور شاعر، اديب ۽ لطيفي لغات جو ماھر نواز علي رڪڻائي ولد محمد عرس ملاح دادو جي ڳوٺ رُڪڻ ۾ ۱۰ مئي ۱۹۳۰ع تي ڄائو. سندس پيار مان نالو محمد پڃيل رکيو ويو. ادبي نالي الھه نواز سان مشھور ٿيو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. پرائمري تعليم مڪمل ڪري فائينل جي تياري ڪيائين. گاجي پھنور اسڪول ۾ فائينل جو امتحان پاس ڪري استادي پيشي سان سلهاڙيو. ڪجهه سالن جي سروس کان پوءِ مٺياڻي ڪاليج ۾ ايس-وي امتحان پاس ڪيائين. نوڪري دوران ڪيترن ئي اسڪولن ۾ استاديءَ جا فرائض نڀايائين. وڌيڪ تعليم جاري رکندي اديب جو امتحان پاس ڪيائين. علوم مشرقي جا ٽئي سال فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. ھي ھڪ سٺو شاعر به ھيو. ھن شاعريءَ جي شروعات ۱۹۴۴ع ۾ گاجي پھنور اسڪول ۾ ڪئي. تنھن وقت ان اسڪول جو ھيڊ ماستر استاد محمد عارب رڪڻائي ھو.سندس شاعريءَ ۾استاد، مرحوم حافظ محمد احسن چنه ھو. سندس پھريون تخلص عاجز ھو بعد ۾ حبيب الله ۽ نواز تخلص استعمال ڪيائين. کيس ادبي سوچ استاد عبدالواحد ۽ استاد محمد عارب جن کان ملي.

غلام احمد ”نظامي“ - حسيب ناياب منگي

غلام احمد ”نظامي“

ادبي تاريخ جو نرالو نانءُ

حسيب ناياب منگي



سنڌي ادب جو ناليوارو شاعر غلام احمد ”نظامي“، بنيادي طور تي لاڙڪاڻي جو هو. سندس والد محمد صديق ميمڻ، لاهوري محلي جو رهائشي هو. پر ڳڀي جي ڳولا کيس ڪراچي پهچايو ته اتي جو ئي ٿي ويو. محمد صديق نهايت سچار ۽ ايماندار هو. هن ڪراچيءَ ۾ هوٽل کولي، پنهنجو ۽ ٻچن جو پيٽ پالڻ شوع ڪيو. ڪراچيءَ ۾ ئي غلام احمد نظامي ۱۵ جون ۱۸۹۵ع تي پيدا ٿيو. وڏڙو ٿيو ته قرآن پاڪ جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کيس هڪ مڪتب ۾ ويهاريو ويو. عربيءَ سان گڏ اتي ئي فارسي به پڙهيائين. هڪ اردو اسڪول ۾ ۳ درجا مس پڙهيائين ته درزيءَ جي دوڪان تي ويهاري هنر سيکاريو ويو. مرحوم غلام محمد گرامي لکي ٿو ته؛ “جيتوڻيڪ سندس تعليمي معيار موجوده اسڪولن، ڪاليجن ۽ مڪتبي نقطئه نظر سان ايترو وسيع نه هو، تنهن هوندي به ذوق سليم ۽ ذاتي جوهر، مسلسل مطالعي ۽ سير و سفر ۽ علمي مجلسن ۾ اٿڻ ويهڻ ڪري، ايترو استعداد ڪيائين، جنهن اڳتي هلي کيس سنڌي زبان جو قومي شاعر بنايو.“ (وياسي وينجهار ص ۱۲)

07 February, 2022

لتا منگيشڪر

لتا منگيشڪر

(جنم: ۲۸ سيپٽمبر ۱۹۲۹ع -  ۶ فيبروري ۲۰۲۲ع)



هندستان جي هن مشهور گلوڪاره ۽ موسيقاره کي سندس مڌر آواز ۽ موسيقيءَ جي ڄاڻ سبب نه فقط هندستان بلڪ سڄي ننڍي کنڊ ۾ انتهائي عزت ۽ احترام جي نگاه سان ڏٺو ويندو رهيو. هن ۲۰۰۰ کان وڌيڪ فلمن ۾ پنهنجا سر وکيريا آهن ۽ هندي، مرهٺي ۽ بنگاليءَ سميت ۳۶ کان وڌيڪ مقامي هندستاني ۽ ڪجهہ ٻاهرين ٻولين ۾ فلمي گيت ڳايا آهن. سندس شاندار موسيقيءَ جو سفر ڇهن ڏهاڪن تي مشتمل آهي. ۶ فيبروري ۲۰۲۲ تي ۹۲ عمر ۾ ڪرونا ۽ نمونيا جي ڪارڻن سبب لتا منگيشڪر گذاري ويئي.

06 February, 2022

ڪامريڊ زاهدا شيخ

ڪامريڊ زاهدا شيخ

سنڌ جي “جيني”

ذوالفقار راڄپر



اهو به سنڌ ۽ پاڪستان جي انقلابي جينئس رسول بخش پليجي جو ئي ڪمال آهي ته هن سنڌ جي انقلابي قومي تحريڪ کي هڪ اهڙي ساٿياڻي ڏني، جنهن پنهنجي زندگي جي بهار جا ڏينهن سنڌ جي قومي ۽ طبقاتي آجپي لاءِ ارپي ڇڏيا، جنهن نه فقط سنڌ جي غليظ جاگيرداري سماج، سنڌ جي موقعي پرست وچئين ڪلاس جي منافقين ۽ موقعي پرست سياست ۽ سنڌ جي چوگرد رياستي جاسوس ادارن جي گهيري واري ماحول ۽ انهن جي پگهاردار ايجنٽ سياست بازن، ليکڪن ۽ ماڻهن کي منجهائڻ لاءِ سوين فڪري ۽ اخلاقي ڪوڙڪيون وڇائيندڙن ترڪتال سازشي ديون جي عورت دشمن ٻهروپين جو پارٽي جي سياسي انقلابي تربيت ۽ قيادت جي رهنمائي ۾ زبردست مقابلو ڪري سنڌ جي ڪارل مارڪس رسول بخش پليجي جي “جيني” جو ڪردار ادا ڪيو.جن کي جيني جي زندگي، سياست ۽ ڪارل مارڪس جي ذاتي ۽ سياسي ساٿ بابت خبر هوندي انهن لاءِ ڪامريڊ زاهدا شيخ لاءِ لفظ جيني اوپرو نه لڳندو.

سيد عابد علي شاھ - نور سنڌي

سيد عابد علي شاھ

خلقِ خدا جي خدمتگار جون ساروڻيون

نور سنڌي



ڪوٽڏيجي جي نقوي سيدن جون علمي، ادبي، سماجي، خلق خدا ۽ اعزاداري جون وڏيون خدمتون آھن. ھن خاندان ۾ ڪيترا ئي شاعر معلم ڊاڪٽر ۽ مختلف سرڪاري کاتن ۾ اعليٰ عھدن تي رھيا آھن. انھن مان سيد عابد علي شاھ مرحوم جون مختلف سرڪاري کاتن ۾ رھڻ دوران خلق خدا جون ڪيل خدمتون اڻ وسرندڙ رھيون آھن. پاڻ سدا بھار شخصيت، ادب دوست، زنده دل شخصيت ۽ غريبن جو ھمدرد رھيو. 

غلام حسين سچاروي

غلام حسين سچاروي

سچل کان سُچارويءَ تائين

ارباب نيڪ محمد



ساڳين صفحن تي غلام حسين سچاروي جا ليک ته پاڻ پڙهندا رهون ٿا، اڄ ساڻس هم ڪلامي به ڪري ٿا وٺون. عنوان تي آئون سر تا پا قائم آهيان. موصوف ستن ٻولين عربي، فارسي، اڙدو، سنڌي، ڪاڇي ۽ ڍاٽڪي لهجي وارين ٻولين تي اکر اکر عشق جھڙا شعري مجموعا آڇي چڪو آهي. اڌ صدي دوران همراهه سان علمي ڪچهرين جا سوين موقعا مليا اٿم، هي پورهيت اديب پهرين مئي (مزدورن جي ڏينهن) تي پيدا ٿيو هو. تڏهن نڪا ورهاڱي جي نتيجي ۾ هندستان-پاڪستان آزاد ٿيا هئا، نڪو وري برٽش ايمپائر جي ناجائز قبضي مان ٽين دنيا جا ملڪ سوراج ماڻڻ جھڙا ٿيا هئا. ها، سو سائينءَ کي چوان البت ساڳين ڏينهن ۾ سنڌ ممبئيءَ جي پنجوڙ مان آزادي ضرور ماڻي هئي. “الوحيد” جو سنڌ آزاد نمبر سندس ڪتب خاني ۾ سون جيان سانڍيل آهي. موصوف ڏهاڪو سال برٽش سرڪار جي توسيع پسنداڻي تسلط ۾ گذاريا ته ٻه سال کن هندستان جي بريلي ۽ ميرٺ جھڙين جيلن ۾ ترم ياترائي ڪندي احمد رضا بريلوي ۽ اسماعيل ميرٺي پارن جا شعر پڙهي ڀوڳنائن کي شاعراڻي شهه سان شرمسار به ڪندو رهيو آهي.

هادي ڀٽ

ھادي ڀٽ

ايئن نه مرنداسين او ساٿي!

ايڊووڪيٽ راحب ملاڻو



معمول موجب ھڪ وڪيل جي ڊوڙ صبع جو سوير ڪورٽ طرف ھوندي آھي، ڪورٽ روم ھجي، ڪورٽ جي بار ھجي، ھميشه ساڳي مسڪراھٽ منھن تي سجائي آڌر ڀاءَ ڪندڙ سپريم ڪورٽ جو وڪيل ھادي ڀٽ به ھميشه لاءِ اسان کان موڪلائي ويو. ھو پونئرن ۾ ست پٽ ۽ ھڪ نياڻي  ڇڏي ويو. ھُن جون سياسي سماجي ادبي خدمتون ساراھه جوڳيون آهن، ھو ھميشه سماج ۾ امن رواداري جو قائل ھو، ھن جي دل ۾ سنڌ ڌرتيءَ جو درد سمايل ھو، ھميشه پنھجي ماروئڙن سان ھن محبت ڪئي، ماروئڙن جي حقن لاءِ ھن جدوجھد ڪئي،.ھن جو سياسي لڳ لاڳاپو پليجو يونيورسٽي سان ھو، ھو رسول بخش پليجو جو وڏو مداح ھو، سائين ھادي ڀٽ لطيف شناس ھو، لطيف سائين جا بيت برزبان ياد ھوندا ھئس. وڪيل جي زندگي مصروف ھوندي آھي، پر ھن کي ھر سماجي سرگرمي ۾ اڳواڻي ڪندي ڏٺو، ھُن جي ماٺيڻي طبيعت صوفي سوچ جي ڪري ھن سان پيار ڪندڙ دوستن ۾ نوجوانن جو به وڏو حلقو آهي، ھو بيدل سائين جون ھي سيٽون ھميشه چوندو ھو.