08 April, 2017
روشن عطا
سيد حسام الدين راشدي - رکيل مورائي
نياز همايوني
محسن ڪڪڙائي
محسن ڪڪڙائي
وڏي فڪر ۽ فن جو
سائين
آزاد انور ڪانڌڙو/ميهڙ
ڪي شخصيتون ڪنهن شهر جي حوالي سان سڃاتيون وينديون آهن ۽ ڪي شهر وري ڪن شخصيتن جي حوالي سان سڃاتا ويندا آهن. سنڌ جو برک شاعر محسن ڪڪڙائي به ڪڪڙ شهر جي سڃاڻپ بڻيل رهيو. سائين محسن ڪڪڙائي اهڙن انسانن مان هو، جيڪو جسماني طور ۲ اپريل ۲۰۰۵ع تي اسان کان جدا ٿي ويو آهي، پر هو پنهنجي شاهڪار ۽ اڻ وسرندڙ تخليقن ذريعي هميشه زندهه رهندو. اهڙن انسانن کي موت ڪڏهن به مات نٿو ڪري سگهي. سائين محسن ڪڪڙائيءَ جو جنم ۴ جولاءِ ۱۹۳۷ع تي ڪڪڙ ۾ سيد احمد شاهه تراب لڪياريءَ جي گهر ۾ ٿيو. سندس اصل نالو نياز علي شاهه هو. ايم اي، بي ايڊ، اديب سنڌي، اديب فاضل ۽ اديب عالم پاس محسن ڪڪڙائي رٽائرڊ هاءِ اسڪول ٽيچر هو. ۱۹۵۱ع کان لکڻ جي شروعات ڪندڙ محسن ڪڪڙائيءَ کي ۱۹۶۸ع ۾ قومي نغمن واري مقابلي ۾ سنڌي زبان ۾ بهترين نظم لکڻ تي پهريون نمبر انعام مليو. ۱۹۶۴ع ۾ ريڊيو حيدرآباد تي سندس ڪلام نشر ٿيندو رهيو.
آغا عبدالستار جان سرھندي - پير بخش پياسي
محمد خان مجيدي- عاجز امان الله چانڊيو
23 March, 2017
شهيد سورهيہ بادشاھ
شهيد سورهيہ بادشاھ
پير صاحب پاڳارو - امام
انقلاب، مرد حق.
جاويد احمد چانڊيو
وادي مهراڻ سنڌ کي اصل کان اهو اعزاز رهيو آهي ته هن ڌرتيءَ اهڙن عظيم
فرزندن کي جنم ڏنو آهي، جن جو تاريخ ساز ڪردار هجڻ ڪري اهي امر ڪردار ٿي ويا، وطن
خاطر وفا عشق جو بي مثال ناتو نڀايو، ۽ وطن جو حقيقي حق ادا ڪيو، اهڙن عظيم ڪردارن
تي فخر آهي، جيڪي تاريخ جو حصو بڻجي ويا، سنڌ جي فخر جو سبب بڻيا، اهڙن عظيم تاريخ
ساز جدوجهد جاکوڙي ڪردارن جنهن دنيا جي تاريخ جا رخ موڙي ڇڏيا هئا، تاريخ جي
سونهري ورقن ۾ عظيم ڪارناما محفوظ بڻيل آهن، سنڌ جا اهي عظيم امر ڪردار دنيا ۾ وڏو
مثال آهن، وادي مهراڻ سنڌ جي به اها وڏي خوشنصيبي آهي جو امام انقلاب مرد حق شهيد
حضرت سيد پير صبغت الله شاهه راشدي (شهيد سورهيه بادشاهه پير صاحب پاڳارو) جن جو
تعلق به وادي مهراڻ سنڌ سان آهي، امام انقلاب مرد حق شهيد حضرت سيد پير صبغت الله
شاهه راشدي شهيد سورهيه بادشاهه پير صاحب پاڳارو حرن جو روحاني رهبر پڻ آهي، امام
انقلاب مرد حق شهيد حضرت سيد صبغت الله شاهه راشدي پير صاحب پاڳاري جن جي خاندان
جون ديني، علمي، ادبي، سياسي، ملڪي قومي خدمتون هڪ سونهري ۽ روشن باب مثال ۽ قابل
احترام آهن.
ڪامريڊ محمد بخش سومرو
ڪامريڊ محمد بخش سومرو
تاريخ جو وساريل ورق
س ب کوسو
ڪامريڊ محمد بخش سومرو وڪيل هڪ
سچو، کرو، سادو ۽ نظرياتي آدرشي انسان هيو. ھو سنڌ جو ڏاهو ۽ اصول پرست ماڻهو هيو.
۷۱/۱۹۷۰ع ۾ سائين قمر شهباز ڊگري ڪاليج ڪنڌڪوٽ ۾ پرنسپال هيو. جيڪب آباد جي ڪجهه
دوستن سنڌ بلوچستان جي نالي واري گائيڪ استاد ارباب خان کوسي جي هڪ ڪمري تي مشتمل
آرٽ سرڪل (سامهون سردار ظفر علي خان گولو بنگلو ٿرڊ فئملي لائين) ۾ هڪ ادبي گڏجاڻي
منعقد ڪئي هئي. عبدالغني چنا (سليم چنا سينيئر) مون کي ان گڏجاڻي ۾ وٺي هليو. مان
۽ سليم چنا ان وقت فئملي پلاننگ کاتي ۾ نوڪري ڪندا هئاسين. اها ادبي گڏجاڻي قمر
شهباز جي صدارت ۾ منعقد ٿي هئي. جنهن ۾ ڪامريڊ محمد بخش سومرو، بيدل مسرور شريڪ
هئا. ان گڏجاڻي ۾ محمد بخش سومري هڪ مضمون پيش ڪيو هيو. جنهن کي شرڪت ڪندڙن بي حد
پسند ڪيو. سندس مضمون مان آ به ڏاڍو متاثر ٿيو هيم. ڪامريڊ منهنجو پاڙيسري هيو،
سندس رهائش گاهه ٿرڊ فئملي لائين (لڳ ٺٺ مسجد -ٿرڊ جو بگڙيل لفظ) مسجد هئي ۽ مان
سيڪنڊ فئملي لائين ۾ رهندو هيس. محمد بخش سومرو هڪ ڪميونسٽ طور مشهور هيو. ڪميونسٽ
ڇا ٿيندو آهي؟ ان وقت اسان کي ان بابت ڪا خبر نه هئي. سنڌ جي نالي واري شاعر ڪهاڻيڪار
فتاح عابد مون کي سنڌي ادبي سنگت سان روشناس ڪرايو. اهڙي طرح ڪامريڊ محمد بخش
سومري سان ملاقاتن جو سلسلو به شروع ٿيو. ۷۷-۱۹۷۶ع ۾ ٻلهڙيجي واسي قربان پيرزادو
انفارميشن آفيسر مقرر ٿي آيو. ساڻس ڏيٺ ويٺ ٿي ۽ پوءِ ويجهڙائپ وڌندي وئي.
22 March, 2017
وحيد علي - ابراهيم لاشاري
13 March, 2017
طاهره علي شاھ آ - اياز سومرو
عبدالسلام ٿهيم
عبدالسلام ٿهيم
خادمِ عوام
نور سنڌي
عبدالسلام ٿهيم سياسي دنيا جي قدآور شخصيت آهي، سياست ذريعي سڄي ڄمار عوام جي خدمت لاءِ ارپيندڙ عبدالسلام ٿهيم جا سياسي مخالف به سندس ساراهه ڪن ٿا. ان ڪري جو هن صاف سٿري سياست ڪري هڪ مثال قائم ڪيو. عوام جي بي لوث خدمت جي ڪري عوام کيس خادم عوام جو لقب ڏنو ۽ پاڻ ان لقب جو ڀرم رکيو. هن جيءَ جياري انسان پهرين جنوري ۱۹۵۰ع تي مشهور سماجي شخصيت رئيس گل محمد خان ٿهيم جي گهر ۾ جنم ورتو.
اڪبر خان لغاري - محمد اشرف ملاڻو
25 February, 2017
محمد انور هڪڙو
