; سنڌي شخصيتون

26 June, 2016

ڊاڪٽر مبارڪ علي - مختيار ملاح

ڊاڪٽر مبارڪ علي
سنڌ جي تاريخ کي عمر ارپيندڙ
مختيار ملاح
تاريخ دنيا جو قديم مضمون آهي. تاريخ مان ماضيءَ جي واقعن جو علم ملندو آهي، جنهن جي ڪري هال ۾ بهتر قدم کڻڻ جو موقعو ملي پوندو آهي، ملڪ کي سنوراڻ لاءِ ماضيءَ جي غلطين جي خبر پوندي آهي. سنڌ بابت لکيل تاريخون ڏاڍيون ذاتي نوعيت جون لکيل آهن. عربن جي سفرنامن ۾ لکيل واقعن ۾ ليکڪ جي سڌي طرح موجودگي نه هئڻ ڪري روحانيت تي منبي ڳالهيون آهن، جن مان اڪثر اعتبار جوڳيون نه آهن. فارسي ۾ لکيل تاريخن ۾ حملا آورن جي بهادري، مسلمان بادشاهن جي سخاوت ۽ دربار جون تعريفون ڏنل آهن. انهن تاريخن مان  عام عوام جو احوال غائب آهي. انگريزن جون لکيل تاريخون سياسي مفادن، مقصدن تحت لکيل آهن. بعد ۾ سنڌي ۽ اردو ۾ لکيل تاريخون عربي فارسي ۽ انگريزي ۾ لکيل ڪتابن تان سيڪنڊري تحقيق آهن. جدت ۽ معروضيت سان تمام ٿورو مورخن ڪم ڪيو آهي، جن ۾ هڪ نالو ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو به آهي، جنهن جو شمار پاڪستان جي نالي وارن مورخن ۾ ٿئي ٿو.

هري دلگير - جڳديش لڇاڻي

هري دلگير
سندس جنم ڏينهن
جڳديش لڇاڻي
گرڏنومل درياڻيءَ جو جنم 15 جون 1916ع ۾ لاڙڪاڻي شهر جي هڪ عامل خاندان ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم سرڪاري اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. بي ايس سي، ڊي جي سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين. پوءِ اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا وٺي، بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي اِي BE سول جي ڊگري حاصل ڪري سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو. هري دلگير سن 1958ع ۾، ورهاڱي کان پوءِ سڄا سارا يارهن سال پاڪستان ۾ رهڻ بعد سنڌ کي هميشه لاءِ الوداع ڪري، ڀارت آيو. هوائي جهاز مان لهندي، پهرين بمبئيءَ پوءِ پونا پهتو ۽ پوءِ آديپور اچي وسائي. سن 1959ع کان تولاڻي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پرنسپال جي عهدي تي رهي سن 1979ع ۾ رٽائر ڪيو.

قاضي فضل الله - لياقت راڄپر

قاضي فضل الله
اهڙا ماڻهو ڪٿان آڻيون؟
لياقت راڄپر
مان چوندو آهيان ته جيئن جيئن انسان ترقي ڪندو ۽ وٽس وسيلا گهڻا ٿي ويندا ته هن مان محبت، حب الوطني، مذهب سان پيار ۽ رشتن جو قدر ۽ دوستيءَ واري سچائي گهٽجي ويندي ۽ صرف پئسو، لالچ ۽ حرص هن جو اهم حصا ٿي ويندا. جيستائين ماڻهو قدرت طرفان مليل وسيلن کي استعمال ڪري ٿو، هو سڪون ۾ آهي ۽ هو انسانيت، والدين ۽ رشتن جو احترام رکندو اچي ٿو، پر جيئن ئي هن وٽ ڌن ۽ مال، پئسو ۽ جائيداد سان گڏ اقتدار ۽ پاور اچي وڃي ٿو، هو هر قدر وساري ٿو ويهي. جنهن جا مثال توهان کي روزانو اخبار ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي خبرون ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

اسرار شام - مير اعظم علي ٽالپر

اسرار شام
ٻاراڻي ادب ۾ وڏو نالو
مير اعظم علي ٽالپر
دنيا ۾ هر روز ڄمڻ ۽ مرڻ جو قدرتي عمل جاري آهي، پر دنيا ۾ ايندڙ ۽ ويندڙ ڪي ڪي انسان ۽ انهن جا ڪم اهڙا هوندا آهن، جيڪي سندن پٺيان هميشه ياد ڏياريندا رهندا آهن. انهن انسانن ۾ وري ڪو اهڙو انسان هجي، جنهن جو واسطو ادب سان هجي ۽ هو پنهنجي پويان پنهنجو اڻ مٽ خزانو اڇي پني (ڪاغذ) تي لکت ۾ ڇڏي وڃي ۽ ان جي لکيل تحرير وارو ادب اکين اڳيان اچي ته سندس هئڻ جو احساس دل ۾ پيدا ٿيندو آهي. اهڙين شخصيتن جي سلسلي ۾ منهنجو پاڙيسري، منهنجي شهر ٽنڊوڄام ۾ جنم وٺندڙ لالا اسرار ميمڻ، جنهن جي پيدائش جو گهر علم ۽ ادب جي وچ ۾ هو، جتي سراج الحق ميمڻ، فهميده حسين ميمڻ، ڀاءُ عبدالسلام ۽ ڀاءُ عبدالسبحان ميمڻ جنم ورتو هجي.

آفتاب احمد ميمڻ - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

آفتاب احمد ميمڻ
سنڌي نثر ۾ سندس خدمتون
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
ٿر جو وارياسو علائقو تهذيب، تمدن ۽ علم و ادب سان هڪ شاهوڪار علائقو رهيو آهي، جتي ڏيپلي تعلقي ۾ محمد عثمان ڏيپلائي جهڙي اهم ادبي شخصيت جنم ورتو، جنهن سنڌي ادب کي مختلف صنفن ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ڪتاب ڏئي مالامال ڪيو. ساڳي ريت ٻين به ڪجهه شخصيتن ڏيپلي مان علم ۽ ادب ۾ ڪجهه نه ڪجهه حصو قائم رکيو آهي، پر خاص طور ڏيپلائي صاحب جي پاڙيسري قائمخاني خاندان مان آفتاب احمد ميمڻ ۽ سندس ڀيڻ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ڏيپلائي جي قومي خدمت ۽ قلمي روايت جي پاسباني ڪندي انيڪ ڪالم ۽ مضمون ته لکيا آهن، پر ڪيترا ئي ڪتاب پڻ تنصيف ڪيا آهن.
آفتاب احمد 19 جون 1950ع تي ڏيپلي شهر ۾ محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو هو، نئين ٽهي جي ليکڪن ۾ شمار ٿيندي پراڻي سٿ سان مضبوط ۽ مربوط نموني ڳنڍيل آهي جو سندس لکڻ جي سفر جو آغاز 12 سالن جي عمر ۾ ٿيو، کيس انگريزي، اردو ۽ سنڌي ٻولي تي عبور حاصل آهي ۽ ٽنهي ٻولين ۾ لکندڙ آهن، جنهن ۾ سنڌي ٻولي ۾ خاص طور خاڪا، ڪالم، مضمون، تاثر، سفرنامو ۽ آتم ڪهاڻي لکي اٿس، سنڌي نثر ۾ سندس ئي ڪتاب شايع ٿيل آهن ته ٻيو ڪيترو ئي مواد اڻ ڇپيل موجود آهي، شاعري سان شفف هوندي به هن اظهار جو ذريعو نثر کي بڻايو آهي.

حسن درس - اعجاز منگي

حسن درس
هي حسن آواره گرد آدمي
اعجاز منگي
هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن ڪراچيءَ جي آخري اڻ وڍيل وڻن تي اهي ڪويلون ڪوڪينديون هيون!
جن سان مخاطب ٿيندي ڀٽائيءَ جي باغي مريد لکيو هو ته:
“اي ڪويل! ڪوڪ ايترو ڪوڪ جو تنهنجو هيانءُ ڦاٽي پوي ۽ تون پنهنجي رت ڳاڙيندڙ چهنب لاڙي هميشه لاءِ سمهي پوين.
اي ڪويل! چپ چڱي نه هوندي آهي. چپ جو فائدو وٺي چور گهرن ۾ گهڙندا آهن ۽ ڀاڳيا ڀينگ ٿي ويندا آهن!!”
هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن روسي ڪميونسٽ “گلاسنوسٽ” جي “گلوٽين“ تي ڪنڌ رکي چڪا هئا!

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
سنڌي ادب ۽ تحقيق جو معتبر نالو
محمد سليمان وساڻ
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو نالو ڪنهن کان به لڪل ناهي. سنڌ جي تاريخ کي سهيڙڻ کان وٺي ان تي تحقيق لاء پاڻ تمام گهڻو ڪم ڪيو اٿن. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم ۲۵ مئي ۱۹۴۵ ع تي خير محمد آريجا، تعلقو ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ ۱۹۷۱ ۾ بي ايڊ، ۱۹۷۲ ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ ۱۹۷۹ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو“ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔

ڊاڪٽر خان محمد پنهور


ڊاڪٽر خان محمد پنهور
سنڌ جو هڪ خاموش خدمتگار
عبدالمجيد پنهور
ڊاڪٽر خان محمد پنهور کي وڇڙئي اڄ ٻارنهن سال ٿي ويا آهن. سندس محبتون ۽ گُڻَ اڄ به گلاب جي گلن وانگر تازا آهن. ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي زندگي جو مقصد هر ماڻهو جي مدد ڪرڻ ۽ اتساهڻ هئو. محبتي ۽ همدرد انسان، سدائين ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جي جستجو ۾ رُڌل رهندڙ ڊاڪٽر پنهور کان زندگي ۾ قدرت وڏا ڪم ورتا ۽ انهن ڪمن هن کي اَمَر ڪري ڇڏيو. سندس عام ماڻهو سان لحاظي ورتاءُ ۽ همدردي جو وڏو سبب شايد اهو به ٿي سگهي ٿو ته جنهن ماحول ۾ هن اک کولي، اهو مذهبي تعليم ۾ تمام اڳتي هئو. ڊاڪٽر خان محمد پنهور کي شروع کان زندگيءَ ۾ محنت جي سُتي پيل هئي. رات ڏينهن نه صرف علم جي تلاش ۽ ڪجهه ڪرڻ لاءِ هميشه سرگردان رهڻ سندس طبيعت جو حصو هئو. ڳوٺ مان ئي تعليم سان گڏ صحافت ۽ ادبي زندگي ۾ ٻارڙن جي ٻاري جي شاخ قائم ڪرڻ ذريعي پير پائڻ شامل آهن.اڳتي هلي سائين جي ايم سيد ۽ ان ذريعي شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙن هيرن سان ملاقاتن ڊاڪٽر پنهور جي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ واري جستجو کي وڌيڪ جلا بخشي.

25 June, 2016

آغا شهاب الدين

آغا شهاب الدين

سنڌ جو سدا ملوڪ ماڻهو

پروفيسر اعجاز قريشي



سنڌ پنهنجي گود مان ڪيترا ئي املهه ماڻڪ پيدا ڪيا آهن. اسان جو هڪ اهڙو املهه انسان محترم آغا شهاب الدين به هيو.

آغا شهاب صاحب جوانيءَ کان پاڻ کي فلاحي ڪمن ۾ مصروف رکيو ۽ ڪيترا ئي سماجي ڪم ڪندو رهيو. هن پنهنجو ڪيريئر لوڪل گورنمينٽ کاتي کان شروع ڪيو. شروع واري زماني کان اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بيسڪ ڊيموڪريسي ٿيو. مڪاني حڪومت جي کاتي ۾، اها پوزيشن هئي. ايوب خان جو زمانو هو ۽ ايوب خان بيسڪ ڊيموڪريسي جو بنياد وڌو هو ۽ اهو سڀ ڪم لوڪل گورنمينٽ کاتي کي مليو. آغا شهاب، سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ انهيءَ عهدي تي قائم رهيو. کيس سڀ کان اول دادو ضلعو مليو. پاڻ نوجوان هو ۽ آئون ننڍو هوس ۽ دادوءَ ۾ پڙهندو هوس. سندس واقفيت، منهنجي والد صاحب سان ٿي ۽ پوءِ منهنجو ساڻس گهرو رشتو ٿيو، جيڪو آخر تائين هلندو رهيو. هو هڪ ملنسار، بيباڪ، باهمت، کرو ۽ سچو انسان هو. آغا صاحب پنهنجي انهيءَ نوڪريءَ ۾ ڪافي اڳيان وڌندو رهيو ۽ وڃي ڊائريڪٽر جي عهدي تي پهتو ۽ هلندي هلندي لوڪل گورنمينٽ کاتي جو سيڪريٽري ٿيو ۽ اُتان رٽائر ڪيائين. هُن سڄو وقت، پنهنجي نوڪري بهترين انداز سان ڪئي. پاڻ نه صرف هڪ آفيسر هو پر هڪ سٺو اديب ۽ ليکڪ پڻ هو. پاڻ سنڌي اخبارن ۾ تمام گهڻا مضمون لکيائين ۽ آخر تائين لکندو رهيو. هن سنڌ جي تمام گهڻن ۽ اهم مسئلن تي لکيو. هو هر ڪرنٽ اشو تي لکندو هيو، جيڪا سندس زندگيءَ جي اهم ڳالهه هئي. آغا شهاب پنهنجي وچين عمر ۾ اهو فيصلو ڪيو ته سنڌ ۾ ۽ خاص ڪري حيدرآباد ۾ سنڌي ميڊيم اسڪولن جي کوٽ آهي ۽ ڇو نه هتي هڪ اهم اسڪول قائم ڪجي. هن اهو سوچي پنهنجي والد صاحب آغا تاج محمد جي نالي ۾ هڪ ادارو قائم ڪيو، جنهن جو نالو آغا تاج محمد اڪيڊمي رکيو ۽ ان جي ذريعي حيدرآباد ۾ هڪ اسڪول قائم ڪيو. ان جي مکيه برانچ سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ قائم ڪئي جيڪا هن مهل تائين قائم دائم آهي. انهيءَ اسڪول جون پوءِ ڪيتريون شاخون قائم ٿيون ۽ حيدرآباد جي پسگردائي ۽ قاسم آباد جي مختلف پاڙن ۾ کليون.

ڊاڪٽر عابده طاهراڻي - واحد پارس هيسباڻي

ڊاڪٽر عابده طاهراڻي
اڙي موت ميار ايڏو ساڙ سڳنڌ سان!
واحد پارس هيسباڻي
هن دنيا جي گولي تي روزانو ڪيترائي ماڻهو ڄمن ٿا ۽ ڪيترا ئي مري وڃن ٿا، ڪائنات جو هي چرخو صدين کان ان ئي انداز ۾ هلندڙ آهي. چون ٿا ته ڪنهن جي مري وڃڻ سان وقت نه ٿو رڪجي، پر مان ائين چوندو آهيان ته ڪي ڪي شخصيتون اهڙيون هونديون آهن، جن جي وڇوڙي جي خبر وڄ جيان ڪرندي محسوس ٿيندي آهي ۽ ائين لڳندو آهي ڄڻ وقت بيهي ويو هجي، ڪائنات جا رنگ ڌيما ڌيما ٿي ويا هجن، پنهنجي آس پاس ۾ هڪ وڏي کوٽ، هڪ وڏو خال محسوس ٿيڻ لڳندو آهي، دل جي ڪيفيت بلڪل ئي عجيب ٿي ويندي آهي.

ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ


ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ
موتين جهڙو ماڻهو
محمد سليمان وساڻ
زندگيءَ ۾ ڪي اهڙا ماڻهو ملندا آهن جيڪي مايوس ماڻهن کي صرف هڪ ئي جملي يا هڪ ئي مرڪ سان محبت جي معنى سمجهائي زندگي بخشي ڇڏيندا آهن. اهڙن ئي ماڻهن مان هڪ آهي ڊاڪٽر سليمان شيخ. هو پيشي جي حساب سان ته ڊاڪٽر آهي ۽ هڪ مسيحا آهي پر سندس سڃاڻ بڻي آهي سندس سماجي خدمت. هڪ اهڙي شخصيت ۽ سڀاءَ جو مالڪ جنهن سڄي زندگي سماجي شعبي سان لاڳاپيل رهي سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي. ان ڏکيي پيچري تي هن الائي ڪهڙا ۽ ڪيترا سور سٺا آهن، سندس واٽ ۾ ڪيتريون ئي مشڪلاتون آيون آهن پر هن جو مقصد هڪ ئي رهيو آهي انساني زندگيءَ سان پيار ۽ انهن جي خدمت ۽ اڄ به هو ان سان ايتروئي سچائيءَ سان نڀائي رهيو آهي. ڊاڪٽر سليمان شيخ، شاهه لطيف جي ان بيت جي جيان آهي، جنهن ۾ لطيف چيو آهي ته؛ ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي“. بهار جهڙي شخصيت ۽ سنڌ جي سڀ کان وڏي سماجي تنظيم سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي باني ڊاڪٽر سليمان شيخ جو اڄ ۴ جون تي جنم ڏينهن آهي. مان کين ۹ فيبروري تي به جنم ڏينهن جون واڌايون ڏيندو آهيان، ڇو ته شناختي ڪارڊ ۽ اسڪول جي رڪارڊ ۾ سندن جنم جي تاريخ ۹ فيبروري ۱۹۴۲ع لکيل آهي.

ڊاڪٽر قادر بخش مگسي

ڊاڪٽر قادر بخش مگسي
سنڌ جي املهه شاعر خليفي نبي بخش قاسم جو اڀياسي

ڪنهن به ڊگهي وضاحت کانسواءِ اها ڳالهه سنڌي شاعراڻي ادب ۾ طئي آهي ته خليفو نبي بخش قاسم سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي اسلوب جو اهڙو رچيندڙ آهي، جنهن جو ڀٽائي کانپوءِ مٽ نه آهي.

12 June, 2016

اياز جاني

جانيءَ جي جدائي
نسيم بخاري
سنڌ جي مشهور شاعر اياز جاني جي اوچتي وڇوڙي واري خبر دل تي وِڄَ جيان ڪڙڪي آهي، اياز جي جان رڳو ادبي تخلص ئي نه هو، پر هو حقيقت ۾ به جاني هو، جيڪو به هن سان مليو آهي، اُهو جهٽ ۾ جانيءَ جو ٿي ويو آهي. هن جو اخلاق، لهجو، انداز ۽ خلوص وسرڻ جهڙو ناهي، هو رڳو معصوم دل جو ئي مالڪ نه هو، پر پنهنجي ڪردار ۾ به سراپا معصوم هو. هٺ ۽ هوڏ کان ڪوهين ڪوڙ پري هو. موت اٽل ۽ اڻٽر آهي، پر اياز جانيءَ جو موت هزارين جيءَ جهوري ويو آهي، هن جي عمر وڃڻ ۽ وڇوڙي واري نه هئي. هن جو جوانيءَ وارو موت سنڌ جي ساڃاهه جي دل ۾ تڏا وڇائي ويو آهي.