; سنڌي شخصيتون

20 October, 2014

روبينا قريشي


روبينا قريشي
روبينا قُريشي ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۴۰ع ڌاري، حيدرآباد جي صدر واري علائقي ۾ ڄائي. پاڻ اصل ذات جي شيخ ۽ الاهي بخش شيخ جي ڌيءَ آهي. سندس اصل نالو عائشه شيخ“ آهي، سندس خاندان پڙهيل ڳڙهيل ۽ واپار سان واڳاپيل هو. هُن ريڊئي پاڪستان حيدرآباد تي ڳائڻ ڪري ۽ پنهنجي اصل شناخت مٽائڻ لاِءِ پنهنجو نالوعائشه مان ڦيرائي رُوبينه رکيو ۽ جيئن ئي هُن مشهور فلم اسٽار مصطفيٰ قريشيءَ سان ۱۹ سيپٽمبر ۱۹۷۰ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ شادي ڪئي ۽ ته عائشه شيخ  مان ڦري رُوبينه قُريشي“ ٿي پئي. کيس هڪ ڀيڻ ۽ چار ڀائُر آهن. جن مان هڪڙو ڀاءُ الله سائينءَ کي پيارو ٿي ويو ۽ هُن جو وڏو ڀاءُ عبدالغفور شيخ به ڳائيندو آهي.

14 October, 2014

جيون گرسهاڻي- شخصيت قاسم راڄپر

جيون گرسهاڻي
سنڌي ناٽڪ جي قد آور شخصيت
قاسم راڄپر
ڊرامو انساني جذبن جي اظهار جو منفرد ذريعو آهي، جيڪو آڳاٽي زماني کان سمورين ثقافتن ۾ سڀاءَ جو انتهائي ڪارائتو نمونو رهيو آهي. حقيقت ۾ڊرامو انسان جي بنيادي سرگرمي پڻ آهي. ادب جي ٻين صنفنن جي ڀيٽ ۾ ڊرامي جو اثر تيز ۽ ديرپا آهي، شاعري، ڪهاڻي ۽ ناول ۾ پڙهندڙن آڏو سماج جي جيڪا تصوير پيش ڪئي ويندي آهي، اها ڊرامي وسيلي وڌيڪ بهتر نموني سان پيش ڪئي وڃي ٿي، ڇو ته ڊرامو مڪالمن، ڪردارن، ويس وڳن، ٺاهه ٺوهه، منظرن وغيره کي عملي صورت ۾ آڻي ڏسندڙن کي سماج جي حقيقي زندگيءَ جي گهڻو ويجهو آڻي بيهاري ٿو. سنڌيءَ ۾ مطالعاتي ناٽڪ جو جنم ته ۱۸۸۰ع ۾ مرزا قليچ بيگ جي لکيل ناٽڪ “ليليٰ مجنون” سان ٿيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان کان هڪ سال اڳ امام بخش خادم به ناٽڪ لکي چڪو هو، جيڪو نه اسٽيج تي آيو ۽ نه وري شايع ٿي سگهيو. ورهاڱي تائين سنڌي ناٽڪ ڦوهه جواني ماڻي چڪو هو، پر ورهاڱي سبب سنڌي اسٽيج ناٽڪ جا سرپرست هندو سنڌي ڀارت لڏي ويا. اُتي به هو ڪنهن هڪ هنڌ تي ٿائينڪا ڪونه ٿيا. ٻيو ته اهي هتي ڀريل گهر، هلندڙ ڪاروبار ڇڏي ويا هئا، تنهن ڪري نئين ديس وڃي سڀ کان اڳ هنن پنهنجي پيٽ پالڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. پر پنهنجي وطن جي اُڪير ۾ هنجون هاريندڙن جو ڏک ونڊائڻ لاءِ انهن کي وندرائڻ لاءِ سڀ کان اڳ رام پنجواڻيءَ ڪوشش ورتي. هن پنهنجي ساٿين سان گڏ جدا جدا شهرن ۾سنڌين جي ڪئمپن ۾ وڃي، پنهنجن مٺڙن ٻولن سان وندرايو. ان عمل جا بهترين نتيجا اچڻ سبب ان لاءِ باضابطا پليٽ فارم جوڙڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي. بمبئيءَ ۾ جنوري ۱۹۴۹ع ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي سرواڻيءَ ۾ ترقي پسند ليکڪن ‘سنڌي ساهت منڊل’ ٺاهيو. جنهن ۾ هفتيوار ادبي ڪلاسن سان گڏ ڪانفرنسون ڪيون ويون ۽ ناٽڪ ڏيکاريا ويا. ساڳئي سال (۱۹۴۹ع) ۾ دهلي ڪاليج ۾ “دهلي ڪاليج ساهتيه سڀا” ڊاڪٽر هرو مل سدا رنگاڻيءَ جي سرپرستيءَ ۾ کلي. ان سڀا سنڌي ناٽڪ خاص طور ايڪانڪي اسٽيج ڪرڻ شروع ڪيا. ڊاڪٽر هرو مل سدا رنگاڻيءَ سان گڏ ٻي اهم شخصيت جيون گوبند رام گرسهاڻيءَ جي هئي. جيڪو اڳتي هلي نه رڳو دهلي پر هندستان ۾ سنڌي ناٽڪ جو وڏو نالو بڻيو.

12 October, 2014

مدد علي سنڌي - رکيل مورائي

مدد علي سنڌي
پنهنجي ادبي ڌارا جو خالق
رکيل مورائي
سنڌي ڪهاڻيڪارن ۾ مدد علي سنڌي ان ڌارا جو ڪهاڻيڪار آهي، جنهن کي ادب ۾ ايندڙ مغربي، ادبي ڌارائن جي سانچي ۾ هروڀرو فٽ ڪرڻ جي گهرج نه آهي. ها! هو اهڙو ڪهاڻيڪار آهي، جنهن کي پڙهي، پرهندڙ پنهنجي روح سان رهاڻ ڪرڻ لڳندو آهي.

11 October, 2014

اظهار قاضي- مصطفيٰ ملاح

اظهار قاضي
پاڪستان فلم انڊسٽريءَ جو خوبصورت اداڪار
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
پاڪستان فلم انڊسٽريءَ ۾ واحد اداڪار اظهار قاضي هو، جيڪو اڪثر فلمن ۾ غير ملڪي هيروئين سان هيرو طور آيو. ڪيترا ئي فلم ميڪر هن کي اداڪار اميتاڀ بچن سان هم شڪل طور فلمي دنيا ۾ آڻڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ لڳا. جڏهن ته پاڻ ڪڏهن به هن اميتاڀ بچن جي نقل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي. اداڪار اظهار قاضي، ڪراچيءَ جي لياري جي کڏا مارڪيٽ واري علائقي ۾ ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۵۷ع ۾ اک کولي هئي.

معمور يوسفاڻي

معمور يوسفاڻي

ڊاڪٽر اسد جمال پلي



محمد عمر معمور ولد حاجي محمد يوسف پلي جو جنم ۲۸ جنوري ۱۹۲۹ع تي ڳوٺ حاجي پير محمد پلي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ ٿيو. مڪتب جي ابتدائي ديني تعليم پنهنجي وڏي ڀاءُ مولانا عبدالخالق ’عبد‘ پلي کان حاصل ڪيائين، ان بعد ايم اي سنڌي (گولڊ ميڊلسٽ) سنڌ يونيورسٽيءَ مان پرائيويٽ شاگرد طور حاصل ڪيائين، ان کان سواءِ اديب فاضل سنڌي، منشي فاضل فارسي ۽ اديب فاضل اردو جا امتحان امتيازي پوزيشن سان پاس ڪيائين. هو ايجوڪيشن سرڪل سپروائيزر ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ سنڌيءَ ۾ سنڌي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور به رهيو، ان کانسواءِ سنڌ ادبي بورڊ  جو ميمبر ۽ ٽماهي مهراڻ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر پڻ رهيو. هو علمِ موسيقيءَ جو پڻ ماهر هو، مولود خوانيءَ ۾ پنهنجي وقت جي صفِ اول جي مولود خوانن سان شغل پڙهيائون، سنڌي نثر جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن تي لکيائين ۽ سنڌي نظم جي به سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين.

ڊاڪٽر فياض پيرزادو - امر پيرزادو

ڊاڪٽر فياض پيرزادو
ٻلهڙيجيءَ جو مسيحائي ڪردار
امر پيرزادو
سڄي سنڌ ۾ ڳوٺ ٻلهڙيجي، ڀٽائي شناسائي، ترقي پسند ادب سرجيندڙ ۽ سياسي شعور رکندڙ هڪ منفرد ڳوٺ مڃيو ويندو آهي جنهن۾ ڪيترائي لازوال ڪردار جهڙوڪ انور پيرزادو، گلاب، لطف، فَقير يار محمد، محب، ڊاڪٽر محمد حسن، قربان، بهشت خاتون، ڊاڪٽر زبيده، ملڪه، مير محمد پيرزادو، شاهه محمد،فيض پيرزادو ۽ ٻيا ڪيترائي ناليوارا شاعر، صحافي، سياسي ۽ سماجي ورڪر توڙي صوفي فقير شامل آهن. انهن لافاني ڪردارن کان سوا به ٻلهڙيجي ۾ ڪيترائي اهم گمنام ڪردار آهن جن کي اسان جي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا نه ٿي سڃاڻي پر انهن جو ٻلهڙيجي جي تاريخ ۾ تمام وڏو ڪردار آهي . انور پيرزادي پنهنجي حياتي ٰءَ ۾ ٻلهڙيجي هسٽاريڪل سوسائٽي جو بنياد وڌو هيو، جنهن جو مقصد ٻلهڙيجي جي تاريخ ۽ ان جي انوکن ڪردارن کي سهيڙي قلمبند ڪرڻ هيو. ان هسٽاريڪل سوسائٽي جي گڏ ڪيل ڊيٽا مطابق ٻلهڙيجي ۾ جملي ٽياسي ته صرف شاعر موجودآهن. پر افسوس ته اها هسٽاريڪل سوسائٽي به انورپيرزادي سان گڏ اسان کان وڇڙي وئي ڇو ته اهو ڪم به انور پيرزادي جهڙو ويزن رکندڙ ڪو انسان ئي ڪري سگهي ٿو. سو ٻلهڙيجي جي اهڙن انوکن ڪردارن منجهان هڪ گمنام ڪردار ڊاڪٽر فياض پيرزادو به آهي جنهن لاءَ هتي لفظ گمنام صرف ميڊيا جي حوالي سان لکي رهيو آهيان ڇاڪاڻ ته ٻلهڙيجي ۽ اوسي پاسي جي ڳوٺن ۾ هي ڪردار اُتان جي اليڪشن ۾ بيهندڙ سياستدانن کان گهڻو مقبول آهي ڇو ته سياستدان اُتان جي ماڻهن جي ايتري خدمت ناهن ڪندا جيتري هي فرشتي جهڙو انسان اڪيلي سر ڪندو آهي. ٻلهڙيجي جي پيرزادن جي لڳ ڀڳ سڀني گهرن ۾ جڏهن به ڪو مرد، عورت، ٻار يا ٻڍو بيمار ٿيندو آهي ته سڀني کان اڳ ۾ فياض کي ئي سڏيو ويندو آهي، هو ڄڻ ته ٻلهڙيجي جو عبدالستار ايڌي آهي جيڪو بنا دير مصيبتن ۾ ڦاٿل مسڪينن جي گهر پهچي فرسٽ ايڊ ڏئي مريض جي حياتي بچائڻ لاءَ ان کي لاڙڪاڻي يا ڪراچي کڻائي ويندو آهي، جتي مريض کي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ، ان جو اٽينڊنٽ ٿي ان جي خدمت ڪرڻ ۽ گهر ڀاتين کان به وڌيڪ ان لاءِ متحرڪ رهڻ هن ثواب جهڙي زندگي گزاريندڙ شخص جو معمول آهي. نه فقط ٻلهڙيجي پر اوسي پاسي  جي ڳوٺن جا مريض به ڊاڪٽر فياض کي پنهنجي ڏکين وقتن ۾ وڏو آٿٽ محسوس ڪندا آهن، ڏينهن هجي يا رات، گرمي هجي يا سردي فياض هر ان مريض سان گڏ نظر ايندو جيڪو جسماني هيڻائي ۽ غربت سبب ڪنهن سهاري جي تلاش ۾ هوندو آهي. مضبوط جسماني بيهڪ رکندڙ هي قداور ۽ سهڻو انسان ٻلهڙيجي مان انسانيت جو وهندڙ سنڌو درياهه لڳندو آهي. هن جي عزت ڳوٺ جو هر ننڍو وڏوانسان دل سان ڪندو آهي جنهن جا ٻه بنيادي سبب آهن، هڪڙو ته هي غريبن جو وڏو ڀرجهلو آهي،ٻيو ته هي ڪڏهن به پنهنجا احسان ٻين ماڻهن تي جتائيندي نظر ناهي ايندو. هن وٽ گهرتوڙي ٻاهر جي مريض کي ڏسڻ جي ساڳي اک آهي! هن شايد ايتريون راتيون پنهنجي گهر ۾نه گذاريون هونديون جيتريون مريضن جي خدمت ڪندي اسپتالن ۾ گذاريون هونديون. جڏهن هن مڙس ماڻهو جي شادي ٿي هئي تڏهن تر جي ماڻهن هن کي ايترا ته پيسن جا هارَ پاراياهئا جو هر هر هن جي ڇاتي تي ڀرجي ويندڙ هار لاهڻا پيا پون ته جيئن ٻيا ماڻهو به هن کي محبتن جا هارَ وجهي سگهن. هو مسڪينن جو آئيڊيل ۽ هيرو آهي.

10 October, 2014

غلام محمد لغاري- اڪبر خان لغاري

غلام محمد لغاري
وڏي وٿ هيام
اڪبر خان لغاري
هو جڏهن ۱۶ سالن جي عمر ۾ علامه مشرقي جي سڏ تي خاڪسار جٿي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مائٽن کان لڪي ميرپورخاص جي اسٽيشن تي اچي ويٺو ته سندس هر هاري پيءُ محمد خان لغاري کيس ڳوليندو اسٽيشن تي پهتو ۽ اڪيلي پٽ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪيائين ته نوجوان غلام محمد ٺپ جواب ڏنو ۽ ٻين خاڪسارن سان گڏ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ روانو ٿي ويو. خانيوال (اڳوڻو منٽگمري) اسٽيشن تي انگريز فوج سندن ڏٻي کي ٻي ٽرين کان ڪٽي باقي ٽرين رواني ڪئي ۽ سندن گهيرو ڪري ڇڏيو. سالار جي حڪم تي خاڪسار بيلچن سان هٿيار بند انگريز فوج سان مهاڏو اٽڪائي بيهي رهيا، ٻه خاڪسار شهيد ٿيا ۽ باقي غلام محمد سميت زخمي حالت ۾ ملتان جيل ڀيڙا ٿيا، جتي سمري ٽرائيل ڪري کين سزائون ڏنيون ويون ۽ غلام محمد لغاري کي چار سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ڏني وئي. والد وري پريشانيءَ ۾ ملتان جيل پهتو ۽ غلام محمد کي چيائين ته ”مون مرشد (ملتان وارو پير) سان ڳالهايو آهي ۽ مرشد چوي ٿو ته  تون معافي لکي ڏي ته آزاد ڪرايان..“ ”مري ويندس، پر انگريز کان معاف نه وٺندس“ هن ٺپ جواب ڏنو. غريب پيءُ ميڙن منٿن باوجود مايوس ٿي واپس ويو. جيل ۾ برصغير جا مشهور ڪميونسٽ هاري اڳواڻ ڪامريد موني سنگهه ۽ سندس ساٿي اڳ ئي موجود هئا، جن مدرسي ۾ عربي ۽ فارسي پڙهيل غلام محمد لغاري جي تعليم ۽ تربيت ڪئي، زمين تي ڪاٺيءَ سان اي بي سي پڙهايائون، سماجي اڻت، هارين جي حالت، ڪائنات جي ارتقا، مارڪسي فلسفو ۽ ٻيا علم سادي ٻوليءَ ۾ سمجهايائون. چار سالن جي سخت سزا، جنهن ۾ واڻ ۽ نوار ٺاهڻ جي مشقت ۽ ملتان جي سخت گرمي ۾ کيس ٽي بي ٿي ويئي، سزا پوري ٿيڻ کانپوءِ ۱۹۴۰ ۾ جڏهن غلام محمد لغاري آزاد ٿيو ته جسماني طرح ڪمزور پر ذهني ۽ روحاني طرح مضبوط ٿي نڪتو ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته ڪامريڊ غلام محمد لغاري سنڌ جي هارين۽ پورهيتن جي حقن لاءِ مرڻ گهڙي تائين جدوجهد ڪندو رهيو. هن زندگي جا ۲۴ سال ست مهينا پاڪستان جي تقريباً سڀني جيلن ۾ گذاريا، جن ۾ عمرڪوٽ، ميرپورخاص، حيدرآباد، ڪراچي، خيرپور، سکر، ملتان، ساهيوال، لائلپور (فيصل آباد) ڪوٽ لکپت ۽ لاهور جو قلعو شامل آهن. پر نه ڪڏهن جهڪيو ۽ نه معافي ورتائين. جيلن ۾ رهڻ دوران ئي سندس والد محمدخان لغاري وفات ڪئي ۽ والده به ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندي ڪکجي پئي ۽ وفات ڪري ويئي، کيس سندن منهن ڏسڻ به نصيب نه ٿيو.

09 October, 2014

حاجي محمود هالائي

 

فقير غلام جعفر سمون- ناصر قاضي

فقير غلام جعفر سمون
صوفي صفت ٻهڳڻو ڪردار
ناصر قاضي
دهل ۽ شرنائيون سنڌي ثقافت جو قديم ورثو رهيون آهن، جنهن جا اهڃاڻ عربن جي فتح واري زماني ۾ به ملن ٿا، جو ان وقت به ڪجھه ٽولا، جيڪي دهلن ۽ شرنائين سان هئا، تن دهل شرنائيون وڄائي، جھمريون هڻي، عربن جي آجيان ڪئي هئي. شادين مرادين کان علاوه به دهلن ۽ شرنائين جو واڄو سنڌ جي ميلن توڙي ملاکڙن ۽ ٻين خوشيءَ جي موقعن ۾ حصيدار رهيو آهي، جيڪو سالن نه پر صدين کان هلندڙ آهي. سنڌي موسيقيءَ ۾ جتي گائيڪيءَ جي پنهنجي سڃاڻپ ۽ انفراديت رهي آهي، اتي ساز ۽ سازندن جي به وڏي سڃاڻپ آهي، جن پنهنجي فن وسيلي نه صرف ڏيهان ڏيهه مڃتا ماڻي آهي، پر گڏوگڏ سنڌ جي قديم روايتن ۽ سازن کي به زندهه رکيو آهي.

هرومل سدارنگاڻي خادم - ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي

هرومل سدارنگاڻي خادم
عالم، استاد ۽ شاعر
ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي
لاکيڻي لطيف، سچل سرمست ۽ ساميءَ جو نانءُ، هند سنڌ جي ادبي حلقن ۾ مٿاهين مقام تي آهي. ادبي عمل ۽ علميت سبب، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ جو شمار، انهن ڳاڻ ڳڻين اديبن ۾ ٿيندو آهي، جن جي ساهتيڪ (ادبي) سرهاڻ، هند سنڌ۾ پکڙيل آهي، هن جهڙا ٻهوڳڻي شخصيت جا مالڪ، عالم، اديب، دانشور سنڌي ادب ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس ملندا.

08 October, 2014

لعل پشپ - رکيل مورائي

لعل پشپ
ڪڏهن به نه وسرندڙ سنڌي ٻوليءَ جو غير معمولي ليکڪ
رکيل مورائي
اڄ کان ٽيهارو سال اڳ جڏهن مون هن کي پڙهيو هئو ته ذهن سياري جي هلڪي ڌنڌ/ ڪوهيڙي جهڙي اڻ چٽي ڪيفيت ۾ هئو، هو مون کي هڪ غير معمولي لکندڙ ڀاسيو هئو ۽ مان هڪ معمولي پاٺڪ! پوءِ به مون هن جي ان ڪتاب جي ڪجهه سٽن کي ڳاڙهيءَ پين سان انڊرلائين ڪيو هئو، جيڪي مون کي منهنجي سوچ جي ابتڙ لڳيون هيون ۽ ذهن جي ڌنڌ لڪي ۾ چٽيون نظر نٿي آيون. منهنجي آڏو سنجهاجهڙو تخليق ماحول هئو ۽ هو پنهنجا سپنا ٻاري انهن جي روشنيءَ ۾ ڪجهه لکي رهيو هو. ساڳئي وقت انهن ئي آڱرن تي پنهنجا گهڻو لکڻ ڪري ٿڪل هٿ سيڪي پڻ رهيو هو. (منهنجي اندر جو ”ڪجهه“ به سنجيدا پڙهڻ جو عادي پاٺڪ) ڇرڪي پيو هئو، جڏهن پڙهيو هئائين ته:
”منهنجو ڪوئي ڀڳوان نه آهي. منهنجو ڀڳوان، منهنجو من پسند ليکڪ آهي. منهنجي ڪائي دولت نه آهي، منهنجي دولت، پنهنجي گهر ۾ گذاريل چندر گهڙيون، دوستن سان ڏنل ٿورا ٽهڪ، کيسي ۾ ٿورا سگريٽ، ٽيبل تي ٿورا پنا، ڪجهه ڪتاب ۽ ٻي ٽي نيون قيمتي فائونٽين پينون آهن“

استاد مٺل ميراثي - ارباب ڇڄڙو

استاد مٺل ميراثي
منفرد انٽرويو
ارباب ڇڄڙو
مون مٿي ذڪر ڪيو آهي ته مصري فقير وارن جي ڳائڻ جو هڪ الڳ اسٽائيل هيو. اهو اسٽائيل دراصل مشهور استاد راڳي مٺل ميراثيءَ جو هو. ۱۹۹۴ع ۾ دولتپور ۾ هڪ اسٽيج شو ڪيو هوم. ان شو ۾ استاد مٺل ميراثي ۽ سندس شاگرد غلام حسين زرداري پڻ موجود هئا. استاد مٺل کي راڳ جو وارو ڏنم ٻه ڪلام ڳايائين ڪمال جو راڳي هيو. پر ڏک اهو ٿيو جو فقط ٻه رپيه انعام مليس. جڏهن ته سندس شاگرد غلام حسين زرداري جو ۲۰ سالن جو ٻار هيو ان تي نوٽن جي مينهن وسي ويو هو. ان ئي ڏنهن استاد مٺل کان انٽرويو ڪيو هوم اهو پڙهندڙن جي اڳيان جئين جو تيئن پيش ڪريان ٿو.
سوال: توهان جي پيدائش ڪڏهن ٿي؟
جواب: ۱۹۱۰ع ڌاري قاضي احمد شهر کان اولهه طرف  ڳوٺ ” ديوان جي دڙي“ ۾ ڌمالي فقير ميراثيءَ جي گهر ۾ ٿي. ان زماني ۾ اسڪول هئا ئي ڪين ان ڪري پڙهي ڪو نه سگهيس بلڪه اسڪول جو منهن به ڪو نه ڏٺم.

سيد صاحبڏنو شاهه - تاج جويو

سيد صاحبڏنو شاهه
ڪافيءَ جو باڪمال شاعر
تاج جويو
ڪافيءَ جي مشهور شاعر سيد صاحبڏني شاهه بابت تمام گهٽ معلومات ملي ٿي. مخدوم طالب الموليٰ جي ڪتاب ’ياد رفتگان‘ (ص:۴۴)، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل ’ڪليات سانگي‘ جي حاشيي (ص: ۳۲-۱۳۱ ۽ ۴۰۷) ۽ ليکڪا، مصور ۽ ڪهاڻيڪار، شگفته شاهه جي ٽماهي مهراڻ  (۲۰۱۱، ۲-۱) ۾ ڇپيل مضمون ’صاحبڏنو شاهه بلڙيءَ وارو ۽ سندس ڪلام‘ مان خبر پوي ٿي ته، سيد صاحب ڏنو شاهه ولد ولي محمد شاهه، ڳوٺ بلڙي، ضلعي حيدرآباد (هن وقت ٽنڊي محمد خان) ۾، ۱۸۶۸ع ڌاري ڄائو. هي شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ڏهين پيڙهيءَ مان هو. سندس ڀيڻويو محمد صلاح شاهه لاولد وفات ڪري ويو، جنهن کانپوءِ صاحبڏنو شاهه سجاده نشين ٿيو.