; سنڌي شخصيتون: معمور يوسفاڻي، ڊاڪٽر اسد جمال پلي، حاجي گل حسن آريسر،
Showing posts with label معمور يوسفاڻي، ڊاڪٽر اسد جمال پلي، حاجي گل حسن آريسر،. Show all posts
Showing posts with label معمور يوسفاڻي، ڊاڪٽر اسد جمال پلي، حاجي گل حسن آريسر،. Show all posts

11 October, 2014

معمور يوسفاڻي

معمور يوسفاڻي

ڊاڪٽر اسد جمال پلي



محمد عمر معمور ولد حاجي محمد يوسف پلي جو جنم ۲۸ جنوري ۱۹۲۹ع تي ڳوٺ حاجي پير محمد پلي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ ٿيو. مڪتب جي ابتدائي ديني تعليم پنهنجي وڏي ڀاءُ مولانا عبدالخالق ’عبد‘ پلي کان حاصل ڪيائين، ان بعد ايم اي سنڌي (گولڊ ميڊلسٽ) سنڌ يونيورسٽيءَ مان پرائيويٽ شاگرد طور حاصل ڪيائين، ان کان سواءِ اديب فاضل سنڌي، منشي فاضل فارسي ۽ اديب فاضل اردو جا امتحان امتيازي پوزيشن سان پاس ڪيائين. هو ايجوڪيشن سرڪل سپروائيزر ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ سنڌيءَ ۾ سنڌي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور به رهيو، ان کانسواءِ سنڌ ادبي بورڊ  جو ميمبر ۽ ٽماهي مهراڻ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر پڻ رهيو. هو علمِ موسيقيءَ جو پڻ ماهر هو، مولود خوانيءَ ۾ پنهنجي وقت جي صفِ اول جي مولود خوانن سان شغل پڙهيائون، سنڌي نثر جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن تي لکيائين ۽ سنڌي نظم جي به سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين.