20 October, 2014
روبينا قريشي
14 October, 2014
جيون گرسهاڻي- شخصيت قاسم راڄپر
12 October, 2014
11 October, 2014
اظهار قاضي- مصطفيٰ ملاح
معمور يوسفاڻي
معمور يوسفاڻي
ڊاڪٽر
اسد جمال پلي
محمد
عمر معمور ولد حاجي محمد يوسف پلي جو جنم ۲۸ جنوري ۱۹۲۹ع تي ڳوٺ حاجي پير محمد
پلي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ ٿيو. مڪتب جي ابتدائي ديني تعليم پنهنجي وڏي ڀاءُ مولانا
عبدالخالق ’عبد‘ پلي کان حاصل ڪيائين، ان بعد ايم اي سنڌي (گولڊ ميڊلسٽ) سنڌ
يونيورسٽيءَ مان پرائيويٽ شاگرد طور حاصل ڪيائين، ان کان سواءِ اديب فاضل سنڌي،
منشي فاضل فارسي ۽ اديب فاضل اردو جا امتحان امتيازي پوزيشن سان پاس ڪيائين. هو
ايجوڪيشن سرڪل سپروائيزر ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ سنڌيءَ ۾ سنڌي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ
طور به رهيو، ان کانسواءِ سنڌ ادبي بورڊ
جو ميمبر ۽ ٽماهي مهراڻ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر پڻ رهيو. هو علمِ موسيقيءَ
جو پڻ ماهر هو، مولود خوانيءَ ۾ پنهنجي وقت جي صفِ اول جي مولود خوانن سان شغل
پڙهيائون، سنڌي نثر جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن تي لکيائين ۽ سنڌي نظم جي به سڀني صنفن تي
طبع آزمائي ڪيائين.





