; سنڌي شخصيتون: شاهه اسد - وفا رضا

06 May, 2012

شاهه اسد - وفا رضا


شاهه اسد
ڪجهه ڳالهيون پڙهڻ جهڙيون
وفا رضا
”اسين ماروئڙا مالُ چاريون الا“ هيءَ سٽ ان مٺڙي سائينءَ جي لکيل آهي، جنهن کي سنڌ ”شاهه اسد“ جي نالي سان سڃاڻي ٿي. ٽنڊي آدم شهر جي جمن شاهه پاڙي ۾ جنم وٺندڙ سيد اسد الله شاهه کي چون ٿا ته  ننڍي لاڪون لک پڙهه سان چاهه هيو.


پرائمري شهر جي مين سنڌي پرائمري اسڪول، مئٽرڪ شاهه عبداللطيف هاءِ اسڪول مان ڪندڙ اسد الله شاهه ان ئي زماني ۾ پنهنجي دوستن سان گڏ هڪ ادبي ادارو قائم ڪيو، جنهن اداري پاران ”وهندا لڙڪ هزار ۽ ڦڪي مرڪ“، ڪتاب ڇپايا ويا. ادبي سرگرمين سان گڏ هن پنهنجي پڙهائي به جاري رکندي ايم اي سوشالاجي ۽ ايل ايل بي پڻ ڪئي. شاهه اسد شروعات ۾ محبوب ترمذي جي نالي سان لکندو هو. تنهن جي ساروڻين کي ساريندي شاهه عبيد تنهن ڏينهن ٻڌايو پئي ته هن 1971 ۾ ٽنڊي آدم ۾ ”دودو چنيسر“ جي نالي سان تاريخي ڊرامو ان اسڪول جي گرائونڊ تي اسٽيج ڪيو، جنهن اسڪول ۾ پاڻ مئٽرڪ ڏنائين. ائين وري اڳتي هلي هن 1974 ۾ پهرين سنڌي فلم ”غيرت جو سوال“ ٺاهي. سندس هڪ ٻئي ڊرامي ”جوڌا جيئن شال“ به وڏي مشهوري ماڻي. فن جي دنيا جو هي وڏو نالو لاڳيتو جستجوءَ ۾ رهيو، پنهنجي ڪرت سان چاهه رکندي هي نوجوان هلندي هلندي ڪراچي ۽ لاهور وڃي پڳو. شاهه اسد 10 سالن تائين، فلم جي مک شعبي ڊسٽريبيوشن سان لاڳاپجي ويو ۽ شاهه مويز جي نالي سان ادارو قائم ڪيائين .ان ئي اداري پاران شاهه عبيد جي چواڻي ته وحيد مراد جي فلم ”واعدا“، محمد عليءَ جي فلم ”نيڪ پروين“، منور ظريف جي فلم ”جانو ڪپتي“ سميت ٻيون فلمون ريليز ڪيائين.
سنڌي فلمن جي حوالي سان شاهه اسد جو پورهيو به جس لهڻي. 1984 ۾ ”جلال چانڊيو“، 1986 ۾ ”پرو“، 1989 ۾ ”شهيد“ سميت ”جيئي لطيف“ فلم به ٺاهيائين. شاهه اسد جي دوستن جو حلقو به وڏو هيو، هن جي عبدالله خان ورياهه، رئيس غلام عباس مري، مشتاق جسڪاڻي، عبدالحڪيم کوسو، يار محمد شاهه، ڏاڏا فيض علي شاهه، محمد نواز جويو، محمد شريف خاصخيلي، دين محمد شيخ، محمد هاشم چانهيو، موج آريسر، لالچند، محمد شريف طالب، پروفيسر محمد خان ٻرڙو، گلباز ميمڻ، استاد وزير علي خان، محمد عثمان خاصخيلي، خدا بخش مگڻهار، غلام رسول جتوئي، ڀاءُ سيف الله شاهه، ماما موسيٰ ڪليم ۽ ٻين سان ويجهڙائپ رهي.
چون ٿا ته شاهه اسد کي، فلمي دنيا ۾ آڻڻ وارو ماڻهو موسيٰ ڪليم هو. ڪوشش ڪبي ته موسيٰ ڪليم جي فن بابت به ڪنهن وقت لکجي.
شاهه اسد ٽيلي فلمن ۾ وري شاگرد، ”عاشق تنهنجو آهيان“، ”شمن ميرالي“ ۽ ”ڀٽو زنده آهي“ جي نالن سان ڪامياب فلمون ٺاهيون. شاهه اسد جي فلمي شاعري کي به وڏو داد مليو. سندس هڪ گانو ”چور چور منهنجي دل جا چور“ فلم غيرت جو سوال ۾ رونا ليليٰ ڳايو آهي. اُن کان علاوه سندس ٻيا به ڪئين مشهور گيت آهن، جن ۾ ”جيسين سنڌو ۾ رهندو پاڻي، تيسين رهندي منهنجي ڪهاڻي“ (فلم جلال چانڊيو) ۽ ”اسين ماروئڙا مال چاريون الا“ جيڪو گيت فلم ”پرو“ ۾ ٽائٽل سانگ طور شامل آهن.
شاهه اسد جي شاعريءَ جي حوالي سان ئي رڳو لکجي ته  چڱو موچارو ليک ٿي سگهي ٿو. 29 نومبر 2005ع تي اسان کان وڇڙي ويل شاهه اسد، پنهنجي ٻوليءَ سان پيار جو اظهار شاعريءَ ۾ هن ريت ڪيو آهي ”سنڌ امان او جيجل امان، مونکي ٻوليءَ جي تون لولي ڏئي.“

No comments:

راءِ ڏيندا