فقير مقيم ڪنڀار
مور جي دل رکندڙ فقير منش ماڻهو
دولت رام کتري
دنيا ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو آهن،
جيڪي جنوني حد تائين پنهنجي ڌرتيءَ، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان پيار ڪن ٿا.
دنيا جا ماڻهو انهيءَ کي حب الوطنيءَ جو عظيم ڪردار يا ”ديش ڀڳت“ سڏين ٿا. هونءَ
ته دنيا ۾ ديش ڀڳت ۽ حب الوطني جا ڪيترا ئي ڪردار اسان وٽ موجود آهن، پر حب الوطني
جي حوالي سان ٿر-ڄائي مارئيءَ جو مثال، دنيا ۾ ڪٿي به نٿو ملي. اسان دنيا جا خوش
نصيب ماڻهو آهيون جو اسان وٽ فطرت جو هڪ شاهڪار علائقو ”ٿر“ پڻ آهي ۽ انهيءَ ٿر ۾
حب الوطنيءَ جو عظيم ڪردار مارئي پڻ هئي، جنهن جو ڪردار سڄي دنيا ۾ اڄ به ڳائجي
ٿو. مارئيءَ کان پوءِ ٿر سان جيڪي ماڻهو بي انتها محبت ڪندا هئا/ آهن، انهن ۾ هڪڙو
نالو مسڪين جهان خان کوسو هوندو هو، ٻيو نالو چاچي علي نواز کوسي جو پڻ آهي ۽ ٽيون
نالو نهٽي جي اُنهي فقير منش ماڻهو جو هو، جيڪو ۱7 مئي ۲۰۱۲ع
تي اسان کان هميشه جي لاءِ موڪلائي ويو.
ها هُن شخص جو تعلق سنڌ جي انهيءَ
تاريخي ڳوٺ ”نُهٽي“ سان آهي، جنهن جي پيٽ ۾ هاڪڙو درياهه وهندو هو. ٿر سان بي
انتها محبت ڪندڙ هُن شخص جي ڇٺيءَ جو نالو ته فقير محمد هو، پر ڳوٺ وارا کيس
”مقيم“ فقير سڏيندا هئا ۽ اُهو مقيم فقير جڏهن ۱۹۸۰ع ۽ ۱۹۹۰ع
جي وچ ڌاري، پنهنجي ٻارن جي بهتر تعليم لاءِ مٺيءَ آيو ته مٺيءَ جي ماڻهن اُنهيءَ
مُقيم فقير کي ”مُقيم ڪنڀار“ بڻايو. سال ۱۹۸۸ع ڌاري
انهيءَ شخص جي مُلاقات جڏهن ٿر جي صحافي ۽ سماجي ڪارڪن ڪرشن شرما سان ٿي ته هن شخص
جو ڪرشن شرما سان روحاني رشتو جُڙي پيو ۽ هُو ڪرشن شرما کي پنهنجي پٽن کان وڌيڪ
ڀانئڻ لڳو.
هرک جو اڇو پٽڪو، سفيد ڪپڙن جو جوڙو،
ڪلهن ۾ ٿر جي لوئي يا کٿي پائي جڏهن هو مٺيءَ جي گهٽين ۾ نڪرندو هو، تڏهن هُن شخص
جي لوڏ ۾ ٿر جي ثقافت نکري ايندي هئي ۽ مٺي واسين سان محبت پئي بکندي هئي. هن
فقيرمنش ماڻهوءَ جي ڪردار کي انهن دوستن ئي وڌيڪ سمجهيو هوندو، جيڪي هُن جي تمام
گهڻو ويجها رهيا هوندا. سبحان سنگراسي، چاچو ملوڪ نهڙيو، ڀورو مل ڪولهي، الهرکيو
کوسو، کاٽائو جاني، پريم شيواڻي، ڪرشن شرما، عباس کوسو ۽ ٻيا ڪيترا ئي اهڙا نالا
آهن، جن فقير مقيم کي ويجهي کان ڏٺو ۽ پرکيو.
مٺيءَ جي بازار ۾ دلا وڪڻي ۽ بعد ۾
اسٽامپ وينڊريءَ جو دڪان کولي پنهنجي ٻارن کي بهترين تعليم ڏياريندڙ هن شخص پنهنجي
زندگي ڀرپور نموني گذاري. هو سنڌ جي هڪ قومپرست پارٽي سان ته وابسته هو، پر هن
اُصولن تي سوديبازي نه ڪئي ۽ هو هميشه پنهنجي انهيءَ مؤقف تي قائم رهندو هو، جيڪو
مؤقف ٿر جي ڀلي لاءِ هجي، جيڪو مؤقف سنڌ جي ڀلي لاءِ هجي، مون هن کي هميشه فقيري
رنگ ۾ ڏٺو، ڪچهري جو ڪوڏيو، سگهڙ ماڻهو جڏهن ٿر جي ڪنهن موضوع تي ڳالهائڻ ويهندو
هو ته اکيون پاڻيءَ ۾ ڀرجي اينديون هيون ۽ وري وڏا ٽهڪ ڏئي هو اسان کي چوندو هو
ته؛ ”يار ٿر سان عشق اهڙو آهي جو الائي ڇو ٿر جي ڏکن، ڏولاون تي اکيون ڀرجي ٿيون
اچن.“ هو جڏهن اسان سان نجي ڪچهرين ۾ سوڍن جي سورهيائيءَ جو ذڪر ڪندو هو يا روپلي
ڪولهي ۽ مسڪين جهان خان جو ذڪر ڪندو هو ته اسان کي چوندو هو ته؛ ”يار اوهان به
اهڙا ’جهونجهار شخص‘ ٿيڻ جي ڪوشش ڪجو.“
مقيم ڪنڀار، ٿر جي ثقافت جو اُهڃاڻ هو
۽ ٿر جي شاندار روايتن جو امين هو. مون کي هڪڙو قصو ياد ٿو اچي ته ۱۹۹۸ع
۾ اسان ٿر جي سڄاڻ دوستن، پنهنجي مدد پاڻ تحت، مارئيءَ جو ميلو ڀالوا ۾ ملهايو هو.
مارئي ادبي ڪانفرنس ۾ مقيم کي ڳالهائڻ جو سڏ ڏنو ويو. جڏهن هو شخص اسٽيج تي آيو ته
هن پنهنجي جُتي اسٽيج کان هيٺ لاهي، پوءِ تقرير جي شروعات ڪئي. پنهنجي تقرير ۾ هُن
چيو ته؛ ”مارئي ٿر جي ستي ساوتري هئي. اُنهيءَ ڪري ٿر جي هن عظيم ڪردار تي جُتي
پائي ڳالهائڻ، مناسب نٿو سمجهان.“
هو پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾، انتهائي
حساس طبيعت ماڻهو هوندو هو. هن جي دل ۾ نه صرف سنڌ جي مظلوم ماڻهن جو درد هو پر
جهنگلي جيوت سان به هن جي بي انتها محبت هوندي هئي. ۱۹۹۸ع ۾ جڏهن
نامعلوم شڪارين، ڀوڏيسر جي مسجد جي ڀرسان، مور کي ڪُهي ماري ڇڏيو ته هو هڪ مقامي
اخبار ۾ خبر ڏسي، انهيءَ تي زاروزار روئڻ لڳو. مون پُڇيو؛ ”چاچا روئو پيا!؟ ڇا
ڳالهه آهي؟“ چيائين؛ ”ظالمن وڏو ظلم ڪري ڇڏيو آهي! منهنجي ٿر جي سڃاڻپ، مُور کي
ماري ڇڏيو اٿئون، ڇا مون کي روئڻ نه ايندو؟“
مقيم ڪنڀار جي دل، سچ پچ مور جي دل
وانگي تمام گهڻي حساس هوندي هئي. هو ڪارونجهر جي قتل عام تي روئي پوندو هو.
ڪارونجهر جبل ۾ ٿيندڙ هٿرادو ڌماڪن تي هن جو روح رڙي پوندو هو. هو چوندو هو ته؛
”ڪارونجهر هر روز سوا سير سون ڏئي ٿو، پر ڪارونجهر جا دشمن هن جبل ۾ هٿرادو ڌماڪا
ڪرائي هن جي فطري حسن کي تباهه ڪري رهيا آهن.“
ٿر ۾ جڏهن ڪوئلو نڪتو ته ٿر جي ڪوئلي
تي لڳندڙ مختلف پروجيڪٽن ۽ بجلي پاور پلانٽ تي هن جو مؤقف هميشه چٽو ۽ وزنائتو
هوندو هو. هو چوندو هو ته؛ ”ٿر ۾ ڪوئلي تي جيڪي پروجيڪٽ شروع ٿيندا ته پوءِ انهن
مسڪين ٿرين جو ڇا ٿيندو، جيڪي سالن کان پنهنجي ڌرتي تي رهندا پيا اچن. انهن ٿرين
جا گئوچر، مال متاع، سيمون ۽ ترايون سڀ تباهه ٿي وينديون.“
هن ٿر جي ڪوئلي جي اشو ۽ ٿر جي فطري
حسن تي اخبارن ۾ ڪيترا ئي مضمون پڻ لکيا. ٿر ۾ ڪو مسئلو ٿي ويندو هو ته سڀ کان اڳ
۾ هن جو قلم جُنبش ۾ اچي ويندو هو. اسان پارن نوجوانن لاءِ هو اُتساهه جو سبب
هوندو هو. هو ٿر جي نئين ٽهيءَ جي نوجوان ليکڪن کي لکڻ لاءِ اُتساهيندو هو ۽ لکڻ
وارن دوستن کي شابسون ڏيندو هو. هُن ٿر جي نوجوانن ۾ شعور جو هڪ ڏيئو ٻاريو، جيڪو
ڪڏهن به وسامي نٿو سگهي. هو ٿر جي ڪيترن نوجوانن کي پنهنجن پٽن وانگر ڀانئيندو هو.
پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن جي تعليم جو، هن کي وڏو اونو هوندو هو. فقيريءَ واري حالت ۾ هن
پنهنجي اولاد کي پڙهايو ۽ انهن کي وڏن عهدن تي پهچايو. مٺيءَ ۾ سُبحان سنگراسي،
چاچو ملوڪ نهڙيو، ماما وشن ٿري ۽ ڪرشن شرما هن جا ويجها دوست هوندا هئا، جن سان هو
اڪثر ڪچهريون ڪندي نظر ايندو هو. هڪ سياسي ليڊر هئڻ جي باوجود هن پنهنجو پاڻ کي
ڪڏهن به ليڊر تسليم نه ڪرايو. آخري گهڙيءَ تائين هو پنهنجي سياسي پارٽيءَ سان
وفادار ۽ سچو رهيو. سياسي جلسن ۾ اڪثر هو ٿر جي ڪوئلي جي مالڪي ڪرڻ ۽ ٿر ۾
ڪارونجهر ڊيم ٺاهڻ جا مطالبا ڪندو هو. هو سنڌ جي قومي اشوز تي ٿيندڙ جلسن ۾ هميشه
پيش پيش هوندو هو.
ٿر جي راڄ ڀاڳ ۾ شايد ٿر جو ڪو اهڙو
ڳوٺ هجي، جيڪو مُقيم کي نه سڃاڻيندو هجي. هو پنهنجي طبيعت ۾ ملنسار ۽ محبتون
وکيريندڙ ماڻهو هوندو هو. سنڌ جا ڪيترا ئي سڄاڻ ماڻهو مقيم ڪنڀار سان ٿر جي تاريخ،
ثقافت، لوڪ ادب ۽ سگهڙائپ تي وڏا وڏا بحث ڪندا هئا. مٺيءَ کان وٺي نُهٽي تائين،
ڪارونجهر کان وٺي ڪاسبي تائين، عمرڪوٽ کان وٺي ساڙ دڙي تائين، چيلهار کان وٺي
ڇاڇري تائين، مقيم ٿر جي تاريخ ۽ لوڪ ادب تي دسترس رکندو هو. هو ٿر جي لوڪ
داستانن، تاريخ، ادب جو وڏو ڄاڻو هو. هو صوفي منش ماڻهو هو ۽ حُسينيت جي قافلي جو
پانڌيئڙو هو. محرم جي ڏينهن ۾ جتي هو ڪارا ڪپڙا پائي امام بارگاهن تي ويندو هو ته
ساڳئي وقت هو هر سال ساڙ دڙي جي ميلي تي وڃي ڀڳتي ۽ صوفين جا ڀڄن ٻڌندو هو. هو
صوفي ازم جو قائل هو ۽ انسان دوستي جو حامي هو. هڪ فقير منش ۽ سنڌ سان حقيقي عشق
ڪندڙ هن شخص جي وڇوڙي تي سڄو ٿر سوڳوار آهي. هن فقير منش ماڻهو جي محبتن کي ٿر جا
ماڻهو ڪڏهن به وساري نٿا سگهن. هو پنهنجي ذات ۾ هڪ وڏو ادارو هو ۽ ٿر واسين لاءِ
رول ماڊل هو.
مقيم ڪنڀار
ٿر جي تاريخ جو نرالو
ڪردار
دولت رام کتري/مٺي
ٿر جي راڄ ڀاڳ ۾ هن جو
نالو ايترو مشهور هوندو هو، جو پريان کان ايندي ماڻهو کيس سُڃاڻي ويندا هئا، ته
مقيم ڪنڀار پيو اچي. ٿر جي راڄ ڀاڳ ۾ شايد ٿر جو ڪو اهڙو ڳوٺ هجي، جيڪو مقيم کي نه
سڃاڻندو هجي. هرک جو اَڇو پٽڪو، سفيد ڪپڙن جو جوڙو، ڪُلهن ۾ ٿر جي لوئي يا کٿي
پائي، جڏهن هو مٺيءَ جي گھٽين ۾ نڪرندو هو، تڏهن هن شخص جي لوڏ ۾ ٿر جي ثقافت نکري
ايندي هئي ۽ مٺي واسين سان محبت پئي بکندي هئي.
ٿر جي لوڪ ادب ۽ تاريخ جي
ساکِي هن فقير منش ماڻهوءَ پنهنجي سموري زندگي ٿر جي ماڻهن جي خدمت ۾ گذاري. هو ڪو
فرشتو ڪو نه هو پر هن جي الستي ڪردار هُن کي عظيم ڪردار بڻايو. هن شخص جو تعلق سنڌ
جي انهيءَ تاريخي ڳوٺ نُهٽي سان آهي، جنهن جي پيٽ ۾ هاڪڙو درياهه وهندو هو.
ٿر سان بي انتها محبت
ڪندڙ هُن شخص جي ڇٺيءَ جو نالو ته فقير محمد هو، پر ڳوٺ وارا کيس فقير مقيم سڏيندا
هئا. اُهو فقير مقيم جڏهن ۱۹۸۰ع
۾ ۱۹۹۰ع جي وچ ڌاري، پنهنجي ٻارن جي بهتر تعليم لاءِ مٺي
آيو، ته مٺيءَ جي ماڻهن اُنهيءَ فقير مُقيم کي مقيم ڪنڀار بڻايو.
مِٺيءَ جي بازار ۾ دِلا
وڪڻي ۽ بعد ۾ اسٽامپ وينڊريءَ جو دڪان کولي، پنهنجي ٻارن کي بهترين تعليم ڏياريندڙ
هن شخص پنهنجي محبتن جو محور ٿر کي بڻايو. ٿر جي هر مسئلي تي بردباريءَ سان لکڻ،
ٿر جي هر مسئلي تي دليلن سان ڳالهائڻ، توڙي سنڌ جي هر قومي مسئلي تي عملي جدوجهد ۾
هو هميشه اڳڀرو هوندو هو. ٿر ۾ پاڻيءَ جو مسئلو هجي يا روڊن رستن جو مسئلو هجي، يا
ڪوئلي جو مسئلو هجي يا جهنگلي جيوت جي نسل ڪشي هجي،. مطلب ته ٿر ۾ ڪو به مسئلو ٿي
ويندو هو، ته هن جو قلم جنبش ۾ اچي ويندو هو.
مقيم ڪنڀار ڪارونجهر جي
قتل عام تي خاموش ڪو نه ويٺو. ٿر جي جهنگلي جيوت سان هن جي بي انتها محبت هوندي
هئي. جڏهن به ٿر ۾ جهنگلي جيوت جي نسل ڪشي ٿيندي هئي، ته هي ميڊيا جو ڌيان انهيءَ
معاملي تي ڇڪائيندو هو. ۱۹۹۸ع ۾ جڏهن نامعلوم شڪارين،
ڀوڏيسر جي مسجد جي ڀرسان مور کي ڪُهي ماري ڇڏيو ته هو هڪ مقامي اخبار ۾ خبر ڏسي،
انهيءَ تي زارو قطار روئڻ لڳو.
مون پُڇيو، ”چاچا روئو
پيا، ڇا ڳالهه آهي؟“
چيائين؛ ”ظالمن وڏو ظلم
ڪري ڇڏيو آهي! منهنجي ٿر جي سڃاڻپ، مُور کي ماري ڇڏيو آهي. ڇا مون کي روئڻ نه
ايندو؟“
مقيم ڪنڀار جي دل، سچ پچ
مور جي دل وانگر تمام گھڻي حساس هوندي هئي.
مقيم ڪنڀار پنهنجي لکڻين
۾ ٿر جي مسئلن جي اُپٽار ڪئي آهي، ته گڏوگڏ ٿري ماڻهن جي دردن جي عڪاسي به ڪئي
آهي. مقيم جي لکڻين ۾ هڪڙي سگهه هوندي هئي ۽ هو پنهنجي ڳالهه کي اهڙي نموني پيش
ڪندو هو، جو عام ماڻهو به هُن جي ڳالهين کي آسانيءَ سان سمجهي ويندو هو.
مقيم ٿر جي تاريخ جو
نرالو ماڻهو هو، جيڪو ٿر جي لوڪ ادب تي به دسترس رکندڙ هو. هو ٿر جي تاريخ جو ڄاڻو
به هو. سنڌ جا ڪيترا ئي سُڄاڻ ماڻهو مقيم ڪُنڀار سان ٿر جي تاريخ، ثقافت، لوڪ ادب
۽ سگهڙائپ تي وڏا وڏا بحث ڪندا هُئا. مقيم مٺي کان وٺي نهٽي تائين، ڪارونجهر کان
وٺي ڪاسبي تائين، عمرڪوٽ کان وٺي ساڙدڙي تائين، ڇاڇري کان وٺي چيلهار تائين،
ڀوڏيسر کان وٺي مهراڻي تائين ٿر جي تاريخ ۽ لوڪ ادب تي دسترس رکندڙ هو.
ٿر جي نوجوانن کي هو
هميشه مسڪين جهان خان کوسي، روپلي ڪولهي ۽ سوڍن جي سورهيائيءَ جا قصا ٻڌائيندو هو.
هن پنهنجي ڏاهپ ذريعي ٿر جي نوجوانن ۾ جيڪو شعور جو ڏيئو ٻاريو، جيڪو ڪڏهن به
وسامي نٿو سگهي.
هن جي صوفياڻي مزاج ۾
انسان دوستيءَ وارو ڪردار نظر ايندو هو. هن جي فقيري رنگ ۾ مذهبي رواداري ۽ ڀائپي
نظر ايندي هُئي. اچو ته اسان فقير مقيم جي انسان دوستي ۽ مذهبي رواداري واري ڪردار
کي اپنائي پنهنجي اصلوڪن ڌرتي ڌڻين جي وارثي ڪريون.
فقير مقيم ڪنڀار
دولت رام کتري
ٿر جي راڄ ڀاڳ ۾ هن جو
نالو ايترو مشهور هوندو هو جو پريان کان ايندي ماڻهو کيس سڃاڻي ويندا هئا ته ”فقير
مقيم ڪنڀار“ پيو اچي. ٿر جي الستي ڪردار مقيم ڪنڀار کي، ٿر جو اڪثر ماڻهو، انهيءَ
ڪري به سڃاڻندو هو ڇاڪاڻ جو هُن جي مزاج ۾ پنهنجائپ هئي. هو محبتون وکيريندڙ،
ملنسار ماڻهو هو، جنهن هڪ ”ٿريي“ وانگر پنهنجي زندگي ڀرپور نموني گذاري. ٿر جي لوڪ
ادب ۽ تاريخ جي ساکي، هن فقير منش ماڻهوءَ، پنهنجي زندگي ٿر جي ماڻهن جي خدمتگاري
۾ گذاري. هو ڪو فرشتو نه هو پر هُن جي الستي (کاهوڙي) ڪردار هُن کي سماجي اڳواڻ
بڻايو. هُن فقير منش ماڻهو، مقيم ڪنڀار جي وڇوڙي کي هڪ سال گذري ويو آهي، پر هُن
جون يادون ذهن جي ڪينواس تي اڄ به تري رهيون آهن.
خميسو ڪنڀار جي گهر ۾ جنم
وٺندڙ مقيم ڪنڀار جو تعلق ٿر جي تاريخي ڳوٺ ”نهٽي“ سان هو. پنهنجي ٻارن جي بهترين
تعليم ۽ پرورش لاءِ جڏهن هو مٺي لڏي آيو، تڏهن انهيءَ وقت ٿر جي صحافي ۽ ليکڪ ڪرشن
شرما کيس جيءَ ۾ جايون ڏئي، فقير سان روحاني رشتو جوڙيو. مٺي جي بازار ۾ دلا وڪڻي،
بعد ۾ اسٽامپ وينڊري جو دڪان کولي، پنهنجي ٻارن جي تعليم جو اونو رکندڙ هُن شخص،
پنهنجي محبتن جو محور ”ٿر“ کي بڻايو. ٿر جي هر اشو تي بردباري سان لکڻ ۽ ٿر جي هر
اشو تي دليلن سان ڳالهائڻ، توڙي عملي جدوجهد ۾ هو هميشه اڳڀرو هوندو هو. ۱۹۸۰ع
واري ڏهاڪي دوران، جڏهن هُن مٺي شهر کي مستقل رهائشگاه بڻايو، ته فقير ان وقت کان
مختلف سياسي سماجي پليٽ فارمن تان ٿر جي اشوز تي عملي جدوجهد ڪرڻ شروع ڪئي. ٿر ۾
پاڻي جو مسئلو هجي يا ڪوئلي جو اشو هجي، هُن پنهنجي آواز کي بلند ڪيو ۽ ٿر جو ڪيس
وڙهندو رهيو. هو مختلف وقتن تي ٿر ۾ ڪارونجھر ڊئم ٺاهڻ جا مطالبا ڪندو رهندو هو.
مقيم جي وڇوڙي کان پوءِ سندس پُٽن پاران ڇپرايل مقيم جي پهرين ڪتاب ”فقير“ ۾ مقيم ڪنڀار پنهنجي هڪ ڪالم (مضمون) ۾ لکيو آهي ته؛ ”انگريزي جي
زماني ۾ جڏهن سنڌ بمبئي سان گڏ هئي، اُن زماني ۾ ڪنٺي جا سما ڍڳن جي واپار سانگي
گجرات ويندا هئا ته گجراتي لوڪ چوندا هئا؛ جي ڪارونجهر جو پاڻي ڪٺو ڪجي ته سمورو
پارڪر آباد ٿي سگهي ٿو.“ مقيم ڪنڀار، انگن اکرن ۽ پنهنجي دليلن سان وقت جي حاڪمن
کي اها ڳالهه سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪارونجھر جو پاڻي گڏ ڪري، ڊئم ٺاهي سگهجي ٿو
پر افسوس جو مقيم جي هُن منصوبي کي ڪنهن به حڪومت، عملي جامو پهرائڻ جي ڪوشش نه
ڪئي.
مقيم ٿر جي تاريخ جو
نرالو ماڻهو هو، جيڪو ٿر جي لوڪ ادب تي به دسترس رکندڙ هو، ته هو ٿر جي تاريخ جو
ڄاڻو به هو. سماج سان عشق ڪرڻ سان گڏ هو پنهنجي سياسي پارٽي سان وفادار ۽ سچو پچو
ماڻهو هوندو هو ۽ آخري وقت تائين هو پنهنجي سياسي پارٽي سان ثابت قدم رهيو. مقيم ٿر
۾ رهي ٿر جي راڄ ڀاڳ واري سياست جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو. ٿر جي نوجوانن کي هو اڪثر
ڪيسوٻاءِ، روپلو ڪولهي ۽ سوڍن جي سورهيائيءَ جا قصا ٻڌائيندو هو ته ساڳي وقت هو
پنهنجي هم عمر دوستن سان بحث مباحثا ڪندي نظر ايندو هو. چاچو سبحان سنگراسي، ملوڪ
نهڙي، ڀورو مل ڪولهي، الهرکيو کوسو وقت جا اُهي دوست هوندا هئا جن سان مقيم اڪثر
ڪچهريون ڪندي نظر ايندو هو. هي اهي دوست آهن جن فقير مقيم کي ويجهي کان ڏٺو ۽
پرکيو. فقير مقيم وٽ اڪثر دوستن جا ديرا ڄميل هوندا هئا. ڪچهري جو ڪوڏيو هي ماڻهو،
هميشه محفلن جو مور هوندو هو. ٿر جي ثقافت، لوڪ ادب ۽ ٿر جي سياسي صورتحال تي بحث
مباحثا ڪندڙ فقير مقيم ڪڏهن ڪڏهن وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلندي نظر ايندو هو ته ڪڏهن
ڪڏهن ٿر جي ڏکن ڏولارن جو ذڪر ڪندي هُن جون اکيون پاڻي سان ڀرجي اينديون هيون. هو
سياسي ميڙاڪن توڙي سماجي پروگرامن ۾ سنڌ جي ڪنهن به اشو تي ڳالهائڻ دوران پنهنجو
موقف چٽو ۽ واضع رکندو هو. هن وٽ تقرير ڪرڻ جو نرالو فن هوندو هئو. لفظن جي
خوبصورت سٽاءَ ۽ نج سنڌي ٻولي جي لهجي ۾ جڏهن هو ڳالهائيندو هو ته پنڊال ۾ ويٺل
ماڻهو، خاموشي سان هُن کي ٻڌي داد ڏيندا هئا. مقيم ڪنڀار ڪارونجھر جي قتلام تي
خاموش ڪو نه ويٺو. ٿر جي جهنگلي جيوت جي نسل ڪشي تي هن جو قلم جنبش ۾ آيو. ٿر ۾
ڪوئلي واري اشو کي ميڊيا تي آڻڻ ۽ انهي کي پذيرائي ڏيارڻ ۾ مقيم جو هٿ هو. جڏهن
سنڌ ۾ کوکرا پار-موناٻائو جو بارڊر کلڻ جون خبرون ميڊيا تي آيون ته هن شخص جي دل
باغ بهار ٿي وئي ۽ انهيءَ وقت هن اخبارن ۾ ”کوکرا پار سرحد ۽ دلين کي ڌار ڪندڙ خاردار تارون“ جي عنوان سان مضمون لکي، سنڌ واسين کي اهو پيغام
ڏنو ته؛ کوکرا-پار مونوٻائو بارڊر کلڻ سان، وڇوڙي جا وڍ، ختم ٿي سگهن ٿا. هند ۽
سنڌ جي ماڻهن کي، پنهنجي اصلوڪن ڌرتي-ڌڻين ۽ مٽن مائٽن سان ملڻ جو هڪ موقعو فراهم
ٿي سگهي ٿو.
مقيم جي لکڻين ۾ هڪڙي
سگهه هوندي هئي ۽ هو پنهنجي ڳالهه کي اهڙي نموني پيش ڪندو هو جو عام ماڻهو به هُن
جي ڳالهين کي آسانيءَ سان سمجھي ويندو هو. مقيم جي وفات کان پوءِ سندس سپوت پٽن
خليل ڪنڀار ۽ خالد ڪنڀار، فقير جي مضمونن تي مشتمل هڪ ڪتاب ڇپرائي مارڪيٽ ۾ آندو
آهي. هن ڪتاب جو عنوان به ”فقير“
آهي، جنهن ۾ ٻه حصا آهن.
هڪڙي حصي ۾ مقيم جا مضمون، انٽرويو
۽ خط شامل آهن ته ٻئي حصي ۾
مقيم جي وفات جي مناسبت سان تعزيت
نامو شامل آهي، جنهن ۾ مختلف
دوستن جا مقيم تي لکيل مضمون شامل آهن. مقيم ڪنڀار جي هن ڪتاب ۾ گھڻا مضمون اهڙا
به آهن جيڪي ٿر جي اشوز تي لکيل آهن. هن ڪتاب ۾؛ ڪارونجھر ڊئم ڇو نه، ٿر جا خواب
ٿر جون حسرتون، ٿر نه ٿانيڪو اڃا، ٿر جي لينڊگرانٽ پاليسي، ٿر ماضي ۽ هاڻوڪا
ميمبر، ٿر ٿڌا ساهه کڻي ٿو، هي اهڙا مضمون آهن جن کي پڙهي تمام گھڻي معلومات حاصل
ڪري سگھجي ٿي. هن ڪتاب ۾ فقير مقيم ڪنڀار پنهنجي لکڻين ۾ ٿر جي مسئلن جي اُپٽار
ڪئي آهي ته گڏوگڏ ٿري ماڻهن جي درد جي عڪاسي به ڪئي آهي. اڄ جڏهن مقيم ڪنڀار جي
پهرين ورسي مٺي جي گڍي واري ڀٽ تي ملهائجي رهي آهي ته اسان کي تصور ۾ ائين محسوس
ٿي رهيو آهي ته مٺي جي گڍي واري ڀٽ جي اوٽ ۾ مدفون سنڌ جي امر راڳي موهن ڀڳت کي
سندس دوست مقيم ڪنڀار ائين چئي رهيو هجي ته ”ڏس موهن! اڄ تنهنجي شهر جا ماڙهو، مون
کي محبت جا گل نڇاور ڪرڻ آيا آهن، پاڻ ته ٻئي پرلوڪ ۾ آهيون پر هي ماڙهو جيڪي پاڻ
کي ياد ڪن ٿا ڄڻ انهن پاڻ کي امرتا بخشي آهي.“
مقيم ڪنڀار کي حقيقي خراج
تحسين پيش ڪرڻ جو هڪڙو طريقو هي به آهي ته اسان هن جي اصولن ۽ آدرشن تي هلي هن جي
آدرشي زندگي (اصولي زندگي) جي واٽ وٺون. هن ٿر جي ثقافت ۽ شاندار روايتن کي جيڪا
مهانتا ڏني، انهن روايتن کي قائم رکون. هن ٿر ۾ شعور جي جيڪا لاٽ ٻاري هن کي هرگز
اُجهامن نه ڏيون. هن ٿر جي اشوز تي جيڪا جدوجهد ڪئي، انهي آواز کي ماٺو ٿيڻ نه
ڏيون. مقيم ڪنڀار وڏو آدرش انسان دوست هو. هن جو صوفياڻي مزاج ۾ انسان دوستي وارو
ڪردار نظر ايندو هو. هن جي فقيري رنگ ۾ مذهبي رواداري ڀائپي نظر ايندي هئي. اچو ته
اسان فقير جي انسان دوستي، مذهبي رواداري ۽ ڀائپي واري ڪردار کي اپنائي پنهنجي
اصلوڪن ڌرتي ڌڻين جي وارثي ڪيون.
مقيم جو ڪردار اسان
نوجوانن لاءِ اتساهه جو سبب آهي، انهي ڪري هن ڪردار کي ياد ڪندي هن جي لکڻين مان
اتساهه وٺي پنهنجي سنڌ ڌرتي سان حقيقي عشق جو اظهار ڪريون. مقيم ٿر جي مٽيءَ جو
مڻيادار ماڻهو هو، جنهن پنهنجي سموري زندگي ٿر جي نالي ارپي پنهنجو پاڻ ملهايو. ٿر
جي هن موجود صورتحال ۾ ٿر کي فقير جهڙن آدرشي ۽ کاهوڙي ڪردارن جي ضرورت آهي، جيڪي
امن ۽ انسانيت جا علم بردار آهن.
فقير مُقيم ڪنڀار
سندس موڪلاڻي
ارباب نيڪ محمد
هاري ٻن قسمن جا
هوندا هئا؛ جن وٽ پنهنجو جوڙو هوندو هو، تن کي ”جوڙي وارا“ هاري سڏبو هو. ٻيا اهي
هر هاري، جيڪي پرائي جوڙي تي پوکي، راهي ۽ رک جا اهتمام سنڀاليندا هئا، تن کي”سرڙيو
هاري“ سڏبو هو. اهي سيم راکا به هئا، ته ڪانگ تڙا پڻ .... مسڪين جهان خان کوسي
مرهيات کان پوءِ ٿر جا قدآور سرڙيا هاري ٻه هئا؛ هڪڙو فقير ”مقيم“ ڪنڀار، جنهن
خيرن سان اٺ ڏها هن ڏيهه جو واس ورتو ۽ ڪالهه ”جامِ اجل“ پي وڃي مسڪين جي ”ماڊل ٽائون“
۾ سڪونت پذير ٿيو. ٻيو آهي چاچو نواز کوسو.
هرک جو اڇي ٻوهه جهڙو
پٽڪو، هرکي مينگهواڙ جي گهڙيل موجي جُتي، عقابي اکيون، جاڙا ڀرون، چاپئين ڏاڙهيءَ
وارو لاکيڻي لوڏ سان ٽلندڙ ماڻهو، مٺيءَ جي گهٽين ۽ نهٽي جي ڀٽن تي چَلتو ڦرتو ڏسو،
ته پڪ ڄاڻو، اهو پڪي مٽيءَ جو جُڙيل ڪنڀار هوندو ۽ جي نالو پڇندئو ته ”مقيم“ جو
جواب ملندو ... هُن ڪنڀارن لاءِ ”ڪچي مٽيءَ“ جي لاحقي کي لاهي ڦٽو ڪرڻ ۾ پهل ڪئي...
پر لکين رحمتون هجن رب سائينءَ جون خان صاحب محمد اسماعيل خان ”نون“ تي، جيڪو ڊپٽي
ڪمشنر هوندي به فقير مقيم جهڙن سگهڙن لاءِ سدائين چشم براهه رهيو.
”نهٽو“ هاڪڙي
درياهه جي عروج واري دور ۾ ”ڊراءِ پورٽ“ هو، جتي ۹۰۰ هٽن تي مشتمل تڏهوڪي دُبئيءَ
جي هاڪ ڏيهان ڏيهه مشهور هئي. مقيم جڏهن مُڇن وارو ٿيو ۽ مٿس بلوغت اوهيرا ڪري اُٺي،
تڏهن ”نهٽو“ اسماعيل ”نون“ جي راڄڌاني شمار ٿيندو هو. نون سنڌ جو اهو ناميارو ڪامورو
هو، جنهن ”لوڪ ادب“ جي سهيڙ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ٻيڙي فقير ڪنڀار جهڙن ”جوهرين“
کي موتين جي تلاش ۾ زادِ راهه جا اهتمام ڪري ڏيڻ دوران ڪليدي ڪردار ادا ڪيو هو.
مقيم اهي سمورا لقاءَ، گهڻي ڀاڱي مشاهدي ۾ آندا ۽ رهيل احوال جمعي چنڊاڻي جڏهن خان
صاحب وطن ڏانهن واڳ ورائيندو هو، تڏهن ”پڪي مٽيءَ“ کي پاڻ سان گڏ کٽ تي ويهاري کيس
”هم پي جو گذري“ وارا سماچار ٻڌائيندو هو. ”نهٽي“ جي قدامت تي علم جي درياهه
عبدالله ورياهه کي ”را مٽيريل“ فراهم ڪندڙ مقيم کيس قائل ڪيو ته هو قديم سڪن جي
علم جي ڊاڪٽريٽ ڪري. ٿيو ڇا جو ”مقيم“ ايترا گهڻا سارا سڪا آڻي ڏنس، جنهن کان
متاثر ٿي ورياهه هن موضوع تي پي ايڇ ڊيءَ جو مقالو لکيو، جيڪو مڪمل ٿي چڪو هو.
تاهم کيس ”ڊاڪٽر“ واري سند ملي ئي ملي، تنهن کان اڳ ”اجل الارم“ وڳو ۽ ورياهه به
سرور نوح جي سنڌ جا واهوندا ۽ وتايا ڇڏي تههِ خاڪ جي تمنداريءَ سان سرفراز ٿيو.
”گودڙي“ مقيم جي لختِ جگر جو لکيل ڪتاب آهي. پٽس ”جوڳي“ سڏائي ٿو، جڏهن ته موڀي پٽ
پوليس جهڙي ”پوتر“ کاتي ۾ رهندي به قادر الڪلام شاعر آهي. حليم باغي ۽ حسن درس جي
”تتبع“ تي خالد جيڪي تجربا ڪيا آهن، سي سون ۾ تورڻ جهڙا آهن. سرڙيو هاري، جڙن ۽
لاهيارن جا حسابن ۽ رهتن وارا کاتا گهٽ کولائيندو آهي. ٿر جي ڪنهن به موضوع تي
”مقيم“ هر وقت ”هائر“ ٿيندو هو. ڀاڙو ۽ پن جي ٻيڙيءَ واري عياشيءَ لاءِ، اسٽامپ
وينڊريءَ مان ڪمايل کيسي جا پئسا ڪتب آڻيندو هو. اضافي خمار لاءِ کيس عيسن شاهه
مست جا عقيدتمند ۽ ويريسال واري تڻيراج سنگهه جهڙا سوڍا بندوبست ڪري ڏيندا هئا.
گذريل ”رُبع صديءَ“
کان ٿر کي عالمي نشرياتي ادارن تي ٻن ماڻهن متعارف ڪرايو، جنهن مان نُهٽي جو نواب
ته پريم نگر جو پانڌي ٿي چڪو، باقي ننگر پارڪر جو نواب چاچو نواز کوسو به کٽ تي
آهي. مسڪين جهان خان کوسي جا ٻه ئي رتن هئا، جن سامي ويريءَ جي چراغ کي گُل ٿيڻ نه
ڏنو.
”مقيم“ وٽ
الاهي ساريون سنسني خيز خبرون هونديون هيون. جڏهن ڳالهائيندو هو ته ”بريڪنگ نيوز“
هوندي هئي سندس هر ڪا گفتگو. ميونسپل مسافرخاني جو ميرپورخاص اسٽيشن لڳ موجود اهو ڪمرو
به ڏيکاريائين، جتي ۱۹۳۰ع ڌاري هاري تحريڪ جو ابتدائي اجلاس ٿيو هو. سندس چواڻي ته
جمشيد نسروانجي مهتا، حاتم علوي، سائين جي ايم سيد ۽ حيدر بخش جتوئي پارن کي هاري
هلچل ڏانهن وٺي ايندڙ مصري ۽ خميسو هئا، جيڪي ڏهين ميل ۽ واگهڙيجي جي پاسي انبن جي
جڳ مشهور زميندار عبدالصمد ڪاڇيلي جي علائقي ۾ هاري انجمنون قائم ڪري چڪا هئا، کين
مولوي عبدالحق رباني، مولوي محمد اسماعيل لغاري ۽ حاجي محمود هالائيءَ پارن جي
سرپرستيءَ حاصل هئي. ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ميوو خان ”موج“، مصري-خميسي موومينٽ
جا قمرالزمان ڪائرا هئا. هارين جون سرگرميون رپورٽ ٿيون ته ڪراچيءَ وارا همراهه به
متحرڪ ٿيا ۽ ميونسپل مسافرخاني ۾ ٿيندڙ پهرين ”هاري ڪانگريس“ جا آرگنائيزر خميسو-
مصري هئا، نڪي ڪي ٻيا.
مقيم گهر تڙ کي به ڪو
نه وساريو. سندس اولاد جديد تعليم سان آراسته آهي ۽ آهي به مڇي مانيءَ وارو...
سندس چوڻ هو ته، اها ڪامريڊي ڀانءِ ڪا نه پيم، جنهن ڏانهن شاعر هن طرح اشارو ڪري
ويو آهي؛
هوئي اس قدر معزز، ڪه
ڪڀي گهر ڪا منهن نهين ديکا،
عمر گذري هوٽلون
پر، مري جا ڪر هسپتالون مين....
ڏيڍ ٻه سال اڳ هن
”نهٽي“ لڳ ڀٽائيءَ جي ڪردار سان منسوب ”جکري جي ڀٽ“ تي ڀلوڙ قسم جو سيمينار ڪرايو
هو، جنهن ۾ سنڌ اٿلي پئي هئي. ڪانڊيرن، ريٻارڻين ۽ اوڏن، ڪنڀارن تي حسن درس کان
ويندي اشرف پليءَ تائين قديم، جديد ۽ وچولن شاعرن دل کولي بيت جوڙيا هئا.
”مقيم“ جڏهن
هفتو اڳ بسترِ مرگ تي دراز ٿيو هو، تڏهن ”فرنٽ“ وڃي رائيونڊ پهتو هو. موصوف سنڌ
نيشنل فرنٽ جو تاحيات ضلعي صدر رهيو ۽ سنڌ جي پڳ، لوئيءَ ۽ لڄ جي وقار کي قائم رکڻ
لاءِ ”مورچي“ تان ڪو نه هَٽيو. سندس نعرو به نرالو هوندو هو. ”سنڌ سلامت- ايمان
سلامت.“
فقير مقيم
تنهنجون ڳالهيون سڄڻ ٿيون ياد
پون!
خالد ڪنڀار
جڏهن مسڪين اکيون پوريون
هيون ۽ مٽي جو پور ٿيو هو، تڏهن پارڪريا ڪولهي ۽ ڪولهڻيون پار ڪڍي رنيون هيون.
پارڪرئي ڪولهي پنهنجي دل ۾ نه رڳو مسڪين لئه تڏو وڇايو هو پر هنن مان هر ڪنهن
پنهنجي دل ۾مسڪين جي قبر کوٽي هئي ۽ هاڻ انهن ڪولهين مان لڳي ٿو ته ڪو ورلي ئي
بچيو هوندو، جنهن جي دل ۾ مسڪين مدفون هجي.
پر مسڪين واري پيڙهي
کانپوءِ پارڪرين ڪولهين لئه وري هڪڙو ٻيو کوسو ٻائوري جو گيڏيو نه پر پنهنجي دل ۾
هنن جو درد جو دم ڀريو اهو هو پارڪر جي پهاڙن جو پهريو الستي عاشق دلبر خان کوسو
جنهن جي دوستي ۽ دلبري هن فقير جي دل ۾ پارڪر جو عشق اوتيو هو. هن کي اها ونڊ دلبر
خان جي دل واري دڪان تان ئي ملي هئي. پارڪر سان عشق جو پهريون سبق دلبر خان ئي
پڙهايو هو ۽ هي فقير اهو عشق جو پهريون سبق ئي پڙهيو هو ۽ ها عشق جو سبق هوندو ئي
هڪڙو آهي.
پوءِ جڏهن دلبر خان جي دل
بيهي رهي ۽ هن ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو هو تڏهن پارڪر جا پهاڙ ڇورا ٿي ويا هئا. مورن ٽهوڪڻ
ڇڏي ڏنو هو. اوڻ جي وانڊئي کان وٺي سکپور جي رٻارين تائين، سڀني ريهون ڪيون هيون ۽
جي ڪنهن کي ڪن آهن ته اهي ريهون اڄ به پارڪر جي پهاڙن ۾ پڙاڏو ٿي رهيون آهن. هوائن
اڄ به انهن ريهن کي پنهنجي پانڌ ۾ سنڀالي رکيو آهي. تڏهن رڳو دلبر خان جي دل ڪو نه
بيهي رهي هئي پر پارڪر ۾ وقت جي ڪانٽن تي برف ڄمي وئي هئي ۽ تڏهن هي فقير هو جيڪو
مٺي ۾ ديوي هيٺان ويهي گهڙا وڪڻندڙ هو. اهو ڪنڀار هو ۽ هن کي ڪچي پڪي ۽ موري جي
خبر هئي. هن سمجهيو هو ته پارڪر جي ڪڇ تي پيل ڪورو گهڙو ڀڳو آهي. هاڻ پارڪرڪي
ڪيترا ڏينهن ٿڌو پاڻي ڪو نه پي سگهندو. هن جون اکيون دلبر جي عشق ۾ اوهيرا ڪو نه
ٿيون هيون. هنن رنو ڪو نه هو، پر هو ائين وهيون هيون جئين گوڙدرو ۽ ڀٽياڻي وهنديون
آهن. هو دلبر جي وصال کي ڪڏهن به وساري ڪو نه سگهيو هو. هو دلبر جو يار نه دوست نه
پر، هو دلبر جو عاشق هو ۽ دلبر وري پارڪر ۽ پارڪرين ڪولهين جو عاشق هو. هو ڪي
ڪيترا ڏينهن انهيءَ ديوي هيٺان روئيندو رهيو. هن انهن ڏينهن ۾ گهر اچڻ وساري ڇڏيو
هو. هو گهر ڪو نه ايندو هو. نه وري هو ڪي ڪيترا ڏينهن دلبر خان جي تڏي تي ويو. ڪير
هن کي هلڻ لئه سلهائيندو/ صلاحيندو هو ته هو ڪنڌ هيٺ ڪري روئيندو اڳتي وڌي ويندو
هو ۽ چوندو هو؛ ڪنهن وٽ هلان يار ته اڪيلو ڇڏي هليو ويو. هو درد ۾ چور هو. پوءِ هن
جو ئي اونرو يار، جيڪو هن جو پٽ آهي، هن جو يار آهي يا هن جو ڀاءِ آهي اهو فيصلو
توڙي جو هو پاڻ ئي ناهي ڪري سگهيو. ڪرشن شرما هن فقير کي گهر وارن جي زور ڀرڻ تي
وٺي ويو هو. ننگر اونرو ۽ اجرو ٿي، ڪرشن کانسوءِ ٻيو ڪير ٿي وٺي وڃي سگهيو. اهو
پهريون ماڻهو ڪرشن شرما ئي هو جنهن فقير مقيم کي محبوب پارڪر سان پهريون ڀيرو
ملايو هو. هو جڏهن پهريون ڀيرو پارڪر ويو هو ته ڪي ڪيترا ڏينهن دلبر خان جي تڏي تي
ويٺو رهيو ۽ اتي ئي هن جي پهرين ملاقات پارڪر سان ٿي. محبوب جو حسن بي انتها هو ۽
انهي ئي حسن هن کي سوگهو ڪيو. پوءِ فَقير مقيم ۽ پارڪر هڪ ٻي جي سڃاڻپ بڻجي ڪري
رهجي ويا. پوءِ هن پارڪرين کوسن ۽ پارڪر سان توڙ نڀايو ۽ پارڪريا کوسا به محبت ۾
مجاز ۽ حقيقت وارو فرق وساري ويٺا. دلبر جي وصال کانپوءِ هن جو آخري آشرم پارڪر ئي
هو.
هو دلبر خان کان پوءِ
پارڪر جو ٻيو الستي عاشق هو. جيڪڏهن پارڪر ويندو هو ته ڏينهن مهينا مٽي ويندا هئا
پر ورڻ واري ڪو نه ڪندو هو. ساڙدري تي راتين جون راتيون، رهاڻيون. ڪهڙيون به
حالتون هجن پر هو ساڙدري جو ميلو ڪو نه ڇڏيندو. هر حيلي بهاني ساڙدري تي ته ضرور
وڃبو. انچلاسر تان گهوئي ڪرڻي، ڄام خان جي وانڊئي تي چانهه پئڻي، چاچي الهرکئي سان
پارڪر تي پلان ٺاهڻا، عباس کوسي سان بحث ڪرڻا هجن، ڦري گهري رات اچي چاچي دلبر جي
اوتاري تي سڪندر کوسي وٽ رهڻي.
پوءِ هن شايد دلبر خان کي
چاچي الهرکي کوسي ۾ پئي ڳوليو. ڇو جو دلبر خان کانپوءِ هن جي پارڪر ۾ گهاٽي ياري
الهرکئي سان ئي هئي. ڪير کڻي ڪهڙي راءِ جو هجي پر جيڪڏهن ڪير پارڪر ويو آهي ۽ چاچي
الهرکئي سان ناهي مليو ڄڻ اهو پارڪر ويو ئي ڪونهي. بس ائين سمجهو پارڪر جو ڌماڪو،
هن جا ڪن مٺي ۾ ٻڌندا هئا ۽ ائين محسوس ٿيندو هو؛ هن ۾ ماڻهو نه پر مور جي دل هجي،
جيڪا ڌماڪي سان ڦاٽي پوندي هجي يا وري ائين محسوس ٿيندو هجي ڄڻ هي ئي اهو ڪارونجهر
جبل هجي ۽ اهي ڌماڪا هن جي ئي وجود تي ٿيندا هجن. ڪڏهن ڪڏهن ته اها حالت هوندي هئي
جو انهي گرينائيٽ واري اشو تي راتين جو راتيون سمهندو ڪو نه هو. ڪارونجهر تي ڌماڪن
جي ڳالهه ڪندي ڪندي، هن جي دل جو درد لفظن بدران چهري تي اچي ويندو هو ۽ هن جي
چهري جو رنگ ئي تبديل ٿي ويندو هو. هن جو پارڪر ۽ ڪارونجهر سان عشق هو. هي ڪاروجهر
جو عاشق هو. ڪارونجهر تي ائين ڳالهائيندو هو، جئين عاشق پنهنجي محبوب جي ساراهه ۾
ڳالهائيندو آهي. پنهنجي محبوب جي محبوب جو ائين عاشق هو.
هي فقير مقيم اهو ماڻهو
هو جنهن قلم ۽ دل کڻي پارڪر تي پهرو ڏنو. هي پارڪر جي پهاڙن جو عاشق پهريدار هو.
سائين ڳالهه ٿي ته ڪارونجهر جبل مان نڪرندڙ ندين تي ڊيم ٺهڻ کپن يا نه. انهي تي
گهڻا ڏاها انهي ڳالهه جا به هجن ته نه ٺهڻ کپن. هنن انهي جا غلط يا سهي سائنسي سبب
ٻڌايا پر هي انهي راءِ جو ٿي بيهي رهيو ته ڊيم ٺهڻ گهرجن انهن سان پارڪر خوشحال
ٿيندو پارڪريا ڪولهي لڏي سنڌ لابارا ڪرڻ ڪو نه ويندا. ڪنهن وڏيري وٽ جهڳي ٺاهي ڪو
نه وهندا. پارڪر آباد ٿيو ته پارڪر مان ٿيندڙ لڏ پلاڻ رڪجي ويندي. مال ۽ ماڻهو
سولا ٿيندا.
ٻيو هن کي وڻندو هو
ڀوڏيسر واري سوڌي ڪيسوٻاءِ جو ڪردار. ڪٿان ڪيسوٻا جو ڦوٽو هٿ اچي ويس. انهيءَ کي
وڏو ڪرائي دڪان ۾ هڻي ويٺو هو. هاڻ ڪنهن ڪيسو ٻاءِ ڏٺو هجي ته انهيءَ کي سڃاڻي.
ٻيو سو جيڪو ايندو، اهو ڦوٽو ڏسي پڇندو ته؛ فقير ڏي خبر، هي ڪنهن جو ڦوٽو لڳايو
ويٺو آهين؟ انهي پڇڻ واري کي سڄي وارتا ڪري سڻائي. پوءِ جيڪو فقير کان اهو وارتا
سڻندو هو انهيءَ جو ڌرتي سان عشق جوان ٿي پوندو. بابا هي اهو ڪيسوٻا آهي جنهن
ورهاڱي ۾ به پنهنجي ڌرتي ڪو نه ڇڏي. هن کي ٻلونت سنگهه ڌاڙيل سرحد پار وٺڻ لئه آيو
پر ڪيسوٻاءِ ڪو نه ويو. جڏهن ٻلونت سنگهه هن کي چيو؛ آئون تو کي ٻڌي به وٺي ويندس،
تڏهن هن گيڏيو کڻي ٻلونت سنگهه کي چيو؛ ”ٻليا تون موني ٻيهاڙي“.
ڀوڏيسر جو راڻو هو. هن کي
ڌرتي جو مجنون ڪيسوٻاءِ وڻندو هو. ڪيسوٻاءِ ته ويو اگني سنسڪار ٿي. هو انهيءَ جي
پٽ کي به بي انتها پيار ڪندو هو.
بابا ارجڻ سنگهه جو سڄو
جو سڄو ڳوٺ، سرحد پار ويندو رهيو. پر جڏهن هن ڀٽ تي چڙهي، گهوڙي جي رڪاب ۾ پير
وجهي، ڌرتي ڏانهن نهاريو، هڪ نظر هن چنڊ تي وڌي ۽ هڪ نظر پنهنجي ڳوٺ تي ته هن
گهوڙي جي رڪاب مان پير واپس ڪڍي چيو؛ “هون مانهجي ٻاپ ري گواڙي سڄي ڪو ڇڏان.” پوءِ
ارجڻ سنگهه ساڪرئي واري سان دوستي جو دم جئين جو تئين ڀريائين.
بس جيڪي نه ڌرتي جا عاشق
هئا، انهن جو هي به عاشق هو. پوءِ اهو ڪيسوٻاءِ هجي، ارجن سنگهه هجي يا دلبر خان
کوسو هجي. هي ڌرتي سان عشق ته ڪندو هو پر هي ڌرتي جي عاشقن جو به عاشق هو. وڏي
نوڙت ۽ عاجزي هئي، هن ۾. انهيءَ ڪري ئي پارڪر جي ڪولهين کان وٺي ممتاز ڀٽي تائين،
ٿر جي اربابن ۽ جاگير جي اڳئين راڻي کان وٺي گهرٽياري جي رٻارين تائين، هن جي
واسطي جي وڏي ۽ وسيع سر زمين هئي.
پنهنجي آخري ڏينهن ۾
سائين مطلب شاهه واري دڪان جي ٿلهي تي ڀت کي ٽيڪ ڏيو ويٺو هوندو هو، نهٽي ۾. پوءِ
جيڪو اتان گذري، اهو گاڏيءَ کي بريڪ هڻي. هر ڪو غريب امير بس ميلو لڳو پيو هوندو
هو. بچائي وساڻ جي هوٽل تان زوريءَ مهمان کي چانهن پيارڻي، هٿ جوڙ ڪرڻي. پر انهيءَ
واسطي جو اڪيلو سبب ٿر ۽ پارڪر هو. انهيءَ ڪري اڪثر اليڪشنن ۾ ٿريو اميدوار ڪهڙو
به هجي، انهي جي ڌر ٿي بيهي رهندو هو. باقي امپورٽ ڪيل اميدوارن جي سرِعام مخالفت،
بيهي وچ چوڪ تي به ڪري ڇڏيندو هو. انهي جي هن سزا به ڀوڳي. ڄام ساقي بيٺو اليڪشن
۾. نشان هجيس گهڙو. سڄو ڳوٺ، وڏيرن سوڌو، مخالف اميدوار جي پاسي. هيءُ سائين اڪيلو
ڄام ساقي جي پاسي. جئين تئين ڪري، ڄام ساقي کي ست ووٽ ڏياري ويو پوءِ ته سائين وڏو
ممڻ ڳوٺ ۾ متو. پر هن فقير انهيءَ کي هٿ جوڙ سان هلايو. هن کي ڳوٺن جي ڀيٽ ۾ شهرن
کان وڏي چڙ هئي. هن کي شهر ته ٺهيو پر شهري ماڻهو به مڙئي نالي جا ماڻهو لڳندا
هئا. اک پورڻ تائين چوندو ويو؛ ٻيلي نهٽو متان ڇڏيو.
ننڍڙو هو ته پيءُ وصال
ڪري ويو. هن کي انهيءَ جي پوري صورت به ياد ڪو نه هئي ۽ ماءُ پيءُ جو اڪيلو پٽ هو.
ٻه ڀيڻون هيون، سڳو چاچو به ڪو نه هئس. نهٽي جي پوري راڄ ۾، تڏهن ڪنڀارن جو گهر ئي
هڪڙو هو. پوءِ ڏاڏي سان گڏ ٿانءَ وڪڻندو هو.
جنهن ڏينهن وصال ڪري.
انهيءَ ڏينهن کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾، ادي پٺاڻي کي فون ڪري چيائين؛ اچ ڏسي وڃ. آئي
ته هن جي پيرن تي پاڻي هاريائين. چيائين؛ گل ته آهن ڪو نه جو ڇٽيانءِ. هو اسان جي
سڄي گهر مان سڀ کان وڌيڪ ادي پٺاڻي سان پيار ڪندو هو. ادي کي فاطمه جناح ايوارڊ
مليو ته ڏاڍو خوش ٿيو. وصال کان ٻه ڏينهن اڳ ۾، ايس ايم ايس ڪيائين؛ جوڳيئڙا خدا
حافظ. منهنجي پيرن هيٺان زمين ويندي رهي. جوڳي، مون تي بابا رکيو هو. وصال وارن
لمحن ۾ آئون ۽ حيدر گڏ هئاسين. انهيءَ کان هڪ ڏينهن اڳ ۾، ڏاڙهي ۽ وار ٺهرايائين.
انهيءَ ڏينهن وڏي تڪڙ ڪيائين ته جلدي، ڪرو پاڻي رکو، وهنجان. صفا چڱو ڀلو. بس
فقيرن کي خبر پوندي آهي ته هنن جي وصال جو لمحو اچي ويو آهي. ائين هن کي به گهڻو
اڳ ۾ خبر پئجي وئي هئي. بس درد هن کي اڏيو، درد هن جو اڏيندڙ هو. ڪاڪي سانگي ڏان
وانگر هن کي جنهن ڏک ڏنو، انهيءَ کي هن پاليو ۽ انهيءَ ڏک مان هن جي اندر، گل
ٽڙيا. انهن جي خوشبو هئي، جنهن وڻ ٽڻ واسي ڇڏيو.
هلو هڪڙي ڳالهه ويندي
ويندي ڪريون هو مولا علي جو حبدار هو. حسيني هو. پر تصوف جي وهندڙ دريا مان ڍڪ
ڀريا هئائين. سائين اياز شاهه جي تڪئي تي عمرڪوٽ ۾ هن تڪئي جا سڀ فقير ولي محمد
سائين جي اها ڪافي ڳائي رهيا آهن:
تنهنجون
ڳالهيون سڄڻ، ٿيون ياد پون.
مقيم ڪنڀار
ٿر جي املهه ڪردار
عباس کوسو
اڄ الائي ڇو نه چاهيندي
به اُن اُملهه ماڻهو کي مرحوم ٿو لکان، جيڪو نه رڳو منهنجي پارڪر جو عاشق هو پر
پوري انسانيت سان ائين پيار ڪندو هو جيئن، ماءُ پنهنجي ٻارن سان ڪندي آهي. منهنجي
هن سان پهرين ملاقات ۹۲ع جي شروعاتي ڏينهن ۾ ٿي.
جڏهن هو ڪجهه راتيون رهڻ ننگر پارڪر آيو هو ۽ مون سان صرف ان ڪري مليو هو ته ڪو
آئون ڪجهه لکندو پڙهندو آهيان. اڇي مٿي سان، هي جهور پوڙهو، گولڊ فليڪ سگريٽ جا ڪش
هڻندي، مون کي چئي رهيو هو ته؛ ”هن پارڪر جي پٽن ۽ ماڻهن لاءِ ڪجهه ڪريو. اوهان
شهرن ۾ رهو ٿا، جتي جديد دنيا جون سهولتون آهن، ميڊيا جا وسيلا به آهن، ٿي سگهي ته
ٿر وارن جو آواز ٿي رهو.“ سچ پڇو ته هن ڏونگر جيڏي ماڻهوءَ جي انهن ڳالهين ائين
اندر ۾ ولوڙ وڌي ۽ هن پوڙهي سان اسان جو اهڙو رشتو جُڙيو جو آخر تائين به ڇڄي نه
سگهيو. هُن سان ڪچهرين جو ايترو ته سگهارو سلسلو جاري ٿيو جو جڏهن به مٺيءَ ۾ اچڻ
ٿيندو هو ته هن وشال دل جي مالڪ، منهنجي پارڪر جي پوڙهي عاشق وٽ، هلي وڃي اُن ديوي جي وڻ هيٺان، جتي
هڪ پاسي ڪنڀارڪا ٿانو هڪ
بئنچ رکيل هوندا هئا، ويهي رهاڻيون ڪبيون هيون. ٿر جي ماڻهن لاءِ پروگرام کڻي ڪٿي
به هُجي، هي اڇي وڏي پٽڪي سان اچي پڄندو هو ۽ ٿر جو ڪيس، اهڙي انداز ۾ رکندو هو جو
ٻُڌڻ وارا دنگ رهجي ويندا هئا.
هتي آئون اُن پوڙهي
محبوب، فقير مقيم ڪنڀر جون ڪجهه ساروڻيون لکندس.
هڪ ڀيري آئون ڪنهن اخبار
لاءِ اسٽوري ڪرڻ مٺي پهتس. اُن وقت مارئي جي ميلي تي وڏو بحث هوندو هو ته اُهو ڪٿي
لڳي؟ ڀالوا، جيڪو مارئي جو ڳوٺ آهي، اُتي لڳڻ گهرجي يا مٺي ۾؟ مون اُها اسٽوري
فائيل ڪئي. جڏهن اُها اخبار ۾ لڳي ته اُن وقت جي ڊي سي ميلو ته ڪينسل ڪري ڇڏيو. پر
مقيم سائين ميلي کي ملتوي ڪرائيندڙن جا پيرا کڻي اچي حيدرآباد پهتو. حيدرآباد ۾
اسان دوستن گڏجي، مسڪين جهان خان کوسي جي ورسي ملهائي هئي. ان ۾ تقرير ڪندي چيائين
ته؛ اڄ آئون هتي ان ڪري آيو آهيان جو اوهان ۾ ڪجهه ماڻهو آهن، انهن مارئي جو ميلو
ملتوي ڪرايو آهي. مون کي چور ڏيو يا پيرا ڪڍي ڏيو! جڏهن تقرير ڪري هيٺ لٿو ته آئون
سندس ڀر ۾ وڃي ويٺس ۽ کيس پيار ۾ چيم؛ ”سائين اوهان جا چور هٿيڪا آهن، پروگرام ختم
ٿئي ته بلڪل پيش ٿا ڪيون.“ اُن بعد سڀئي منهنجي فليٽ تي آياسين. مون پاڻ کي سندس
آڏو پيش ڪيو ته هي وٺو اوهان جو چور. مون کي ڳراٽڙي پائي چيائين ته؛ ”ننگراٽين سان
ته منهنجو عشق آهي. گهُمناڻي وري منهنجا محبوب آهن.“ گهُمناڻي کوسن جو پاڙو آهي.
گهمناڻي کوسن ۾ وري صمنداڻين يعني منهنجي ڏاڏي صمند خان جي گهر سان ڪهڙا حساب. سو
پوري رات سڄي ڪچهري ھلندي رهي ۽ هن ڪارونجهر جيڏي دل جي مالڪ چيو ته؛ ”اوهان
نوجوان آهيو، پُٽ! وارو ڪريو نه ته ٿر واڳن وات اچي ويندو.“
اسان جتي چئون ڪامريڊ هتي
پهچڻو آهي، اتي ڪامريڊ هڪيو تڪيو حاضر هوندو هو. هفتي ۾ هڪڙو ڀيرو ته فون ضرور
ڪري. هڪ ڀيري فون ڪيائين ته؛ ”يار اڄ ڏاڍو ياد آيو آهين، خبر ناهي ته منهنجي حياتي
پوري پيئي ٿي ڇا سو ڀانئيم تو سان ڳالهايان ۽ پنهنجي اندر جو بار هلڪو ڪيان.“ سو
سائين هي فقير ماڻهو اسان کي ائين ڀائيندو هو.
تازو حيدرآباد علاج جي
سلسلي ۾ آيل هيو. چيائين؛ ”اچ ته ڪچهري ڪريون! حياتي الائي ڪيتري آهي.“ پر ڏک صرف
اهو اٿم ته هن درياهه دل ماڻهو جي هڪڙي خواهش پوري نه ڪري سگهيم. هميشه چوندو هو
ته؛ ”مون کي ننگرپارڪر ۾ هڪڙي ننڍڙي جهوپڙي ٺهرائي ڏي ته حياتيءَ جا باقي ڏينهن، اُتي
ويهي ڪٽيان. ڪارونجهر پهاڙ جي ويهي تپسيا ڪريان.“ آئون وري هر واري کيس چوندو هئس؛
”ڪامريڊ! ايندڙ وزٽ ۾ پاڻ ننگر پارڪر هلنداسين.“ پر افسوس! کيس حياتيءَ ايتري مهلت
نه ڏني.
ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ سندس
نياڻي ۽ اسان جي ڀيڻ پٺاڻيءَ سان فيس بُڪ تي ڳالهه ٻولهه دوران چيو هئم ته؛ ”فقير
سائينءَ کي اسان پارڪر وٺي وينداسين.“ پر اي موت! تو اسان جي ڇپر ۽ ڇانو، اسان کان
کسي، اهڙي ديس هليو ويو آهين جتي ڪا به حاجت ناهي هلي سگهندي.
خليل ڪنڀر، جيڪو مقيم جو
پٽ آهي، اسان جو پيارو دوست آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾، مون پاران سندس پروگرام ۾ شريڪ
نه ٿيڻ تي، ناراض ٿيو هو ۽ نه پيو ڳالهائي. فون ڪري چيومانس ته؛ ”مقيماڻين جي
صمنداڻين سان ڪاوڙ ٺهي نٿي. اسان ڪاوڙجي ويهي نه ٿا سگهون.“ ڪالهه جڏهن مون کي
خليل فون ڪري، وڏي اوڇنگار ڏيندي چيو ته؛ ”عباس! پاڻ کي جيڪو پرچائيندو هو. اُهو
اڄ اسان کان موڪلائي هليو ويو آهي.“ سچ پچ ته ان خبر جيءُ جهوري وڌو. جيڪا الله جي
رضا. پر ڪي ڪي موت، وڏا نقش ڇڏي ويندا آهن. آئون ٿو سمجهان، مقيم جي هن وڇوڙي،
ڪارونجهر، وٽ، ڍٽ، مهراڻي ۽ سامروٽيءَ کي به جهوري وڌو آهي. خليل، خالد ۽ پٺاڻي،
الله جي اها رضا آهي اُن تي ڪو به زور ناهي. صبر سان ڪامريڊ جي ڏسيل واٽ جا ڌڻي
ٿجو.
فقير مقيم
ڪنڀار
امر رهڻو آهي!
انجنيئر ايوب شر/حيدرآباد
انسان
جي سڃاڻپ دنيا ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڪرت جي ڪري ٿئي ٿي، انسان، جيڪو مٽي جي پيدا وار آهي
۽ ڄمڻ کان مرڻ تائين سندس لاڳاپو مٽيءَ سان رهي ٿو! مٽي کي پنهنجو محبوب ڪندڙ
ڪنڀار، جنهن مٽي سان عشق ڪري انسان لاءِ کاڌ خوراڪ جا ٿانوَ تيار ڪيا، جنهن کي چٽن
وانگر چٽسالي ڪري خوب داد ماڻيائين. اهڙو ئي هڪ امر انسان هو فقير مقيم جيڪو ذات جو
ڪنڀار هو ۽ پنهنجي سڃاڻپ پڻ ڪنڀارڪي ڪرت سان پيدا ڪري سماج اندر نالو پيدا ڪيو ۽
پنهنجي زندگي جا سماجي ۽ سياسي پيچرا ٺاهيا، جنهن ڪارونجهر تي گرينائيٽ مٿان ٿيندڙ
ڌماڪن سبب مور پکي جي دل بيهڻ جو منظر ڏٺو ته، هن جا حواس ئي دنگ رهجي ويا! هن مور
وانگر اکين مان لڙڪ وهائي وقت جي حاڪمن کي مور جي نسل کي ختم ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيا.
گگرال کي ڪيميڪل لڳائي ان قيمتي ٻوٽي کي
ختم ڪرڻ خلاف ٿر جي راهن تي اڪيلي سر آواز بلند ڪيا. ننگرپارڪر کان ڇاڇري تائين
مندرن جي حفاظت ڪندي چيائين ته ڪنهن به مذهب جي ماڻهوءَ کي تڪليف نه پهچي. فقير مقيم
پنهنجي زندگي اصولن تحت گذاري ۽ خود کي ٿر جو ارڏو انسان ثابت ڪيو، جتي نواب، مير،
پير ۽ ارباب موجود هئا، اتي هي فقير شخص ٿر جي عشق ۾ پيادل گهمندي نظر آيو، تڏهن
وقت جي حاڪمن به سلام ڪيو ۽ مشورا ورتا ته
ٿر کي ڪيئن خوبصورت بڻائي سگهجي ٿو. سماج سان عشق سان گڏ هڪ نظرياتي سياسي
عشق پڻ هو، جنهن سان پنهنجي زندگي آخري دم تائين سلهاڙيل رکندو آيو.
فقير مقيم ڪنڀار
شابس اٿئي موڪلائي به نه وئين!!
فيض کوسو
ان ڏينهن جڏهن آئون ڪي ٽي
اين نيوز جي ”تاريخ“ پروگرام لاءِ نهٽي جي ماڳ جي رڪارڊنگ ڪرڻ ويو هوس، تڏهن فقير
مقيم ڪنڀار ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو. فقير مقيم ڪنڀار جي شايد اها آخري خواهش هئي ته
ڪنهن به طرح سان نهٽي جو ماڳ رڪارڊ ٿئي ۽ اها رڪارڊنگ هلي به ڪي ٽي اين نيوز جي
پروگرام ”تاريخ“ ۾!! ان ماڳ جي رڪارڊنگ لاءِ فقير مقيم مون کي مٺيءَ ۾ ئي صلاحيو
هو. ساڻس منهنجي پهرين ملاقات به مٺيءَ جي شهر ۾ ٿي هئي. انهن ڏينهن ۾ آئون ننگر
پارڪر ۽ پاري نگر جي علائقن جي رڪارڊنگ ڪرڻ ويو هوس. فقير مقيم ڪنڀار انهن ٻنهي
پروگرامن ۾ دل کولي ڳالهايو هو ۽ پنهنجي سريلي آواز ۽ ڄاڻ سان مون کي ايترو ته
متاثر ڪيو هو، جو منهنجي دل پئي چاهيو هو ته هن ڪراڙي همراهه سان ويهي رڳو ڪچهريون
ئي ڪجن ۽ کانئس سنڌ جي ٿر واري حصي بابت معلومات ڪٺي ڪجي. هڪ لحاظ سان هو ٿر جي
معلومات جو ڀنڊار هو.
آئون جڏهن نهٽي پهتس ته
مون کيس گهر جي ٻاهران رستي تي انتظار ڪندي ڏٺو. هُو، هئو ته مڙهو مڙس پر سندس
ڦڙتي، چاهه ۽ جذبي مان اهو هرگز محسوس نه ٿي ٿيو ته ڪو هن عمر جا 6۰ ڏهاڪا پورا ڪري ورتا آهن. ان ڏينهن به هو ٿورو بيمار هو، پر هن اسان
کي هڪ لمحي لاءِ به بيماري جي لکا ڪا نه ڏني هئي. هو اسان سان نه رڳو نهٽي جي ماڳ
تائين گڏجي هليو هو، پر آس پاس جا جيڪي به ماڳ مڪان هئا، سي به هن اسان کي ڏيکاريا
هئا. هن جي اها به خواهش هئي ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سان نهٽي جي نسبت ۾ مهر راڻي جي
قبر به رڪارڊ ٿئي. ان پاسي روڊ ڪونه هو، ان ڪري اسان جي گاڏي اوڏانهن نه پئي وڃي
سگهي، تنهن ڪري هن جيپ جو بندوبست ڪري ڏنو هو ته جيئن اسان اهو ماڳ به رڪارڊ ڪري
سگهون. رات جو هن اسان سان ڏاڍي ڪچهري ڪئي ۽ ٿر جي روايتي کاڌن سان تواضع به. اهي
جنوري ۲۰۱۱ع جا ابتدائي ڏهاڙا هئا. جنوريءَ جي ٿڌ جيتوڻيڪ
ماڻهوءَ کي ڏڪايو پئي، پر فقير مقيم ڪنڀار ان ٿڌ جي به ڪا پرواهه نه پئي ڪئي.
فقير مقيم ڪنڀار مون کي
ان ڏينهن پنهنجي ڳوٺ وٽان لنگهندڙ رستي جي اڏاوت جو هڪ عجيب قصو به ٻڌايو هو، جيڪو
مون کي اڄ تائين ياد آهي ۽ شايد سندس اهي گفتا مون کي سڄي زندگي وسري نه سگهن.
فقير مقيم ڪنڀار سنجيده ڪچهريءَ دوران اوچتو مون کي مخاطب ٿيندي چيو. ”فيض! توهان
اسان جي ڳوٺ وٽان لنگهندڙ رستي ۾ وَر (موڙ) ڏٺو آهي؟“ مون هائوڪار ڪئي ۽ سندس ان
ڳالهه تي ڏاڍو حيران ٿيس ته هي ڪهڙي ڳالهه آهي، جيڪا فقير مقيم ڪنڀار سنجيده ڪچهري
جي وچ پيو بيان ڪري..!!
هن ٻڌائڻ شروع ڪيو ته اهو
وَر ان ڪري رستي ۾ آيو آهي، جو جڏهن رستي جي ماپ ڪرڻ وارا آفيسر هتي آيا هئا، تڏهن
هنن هتان سڌو رستو پئي ڪڍڻ چاهيو ۽ ان رستي جي وچ ۾ اهو ڪنڊي جو وڻ به پئي آيو،
جنهن سان هتان جي ماڻهن کي ڏاڍو پيار آهي. هن ٻڌايو ته سندس دوست چاچي الهورائي
خاصخيليءَ کي ان ڳالهه جي گهڻي پريشاني هئي ۽ هو روز پيو ماڻهن کي مهڻا ڏيندو هو
ته توهان ڳوٺ وارا سڀ خاموش آهيو ۽ نيٺ اهو ڪنڊي جو وڻ به وڍجي ويندو. اها ڳالهه
ڪندي فقير مقيم ڪنڀار ڏاڍو اداس ٿي پيو هو. هن ٻڌايو ته هڪ ڏينهن آئون کيکڙي ۾
چڙهي مٺيءَ لاءِ روانو پئي ٿيس ته الهورايو خاصخيلي کيکڙي ۾ چڙهي آيو ۽ چيائين ته
اوهان پٽڪا ٻڌي ڀلي مٺي گهمو، وڻ آهي سو ڀلي وڍجي وڃي. فقير مقيم ڪنڀار ٻڌايو ته
ان مهڻي مٿس ايترو ته اثر ڪيو، جو جيستائين ڪنڊي جي وڻ کي بچائڻ لاءِ رستي کي موڙ
نه آيو، تيستائين هو به سک سان نه ويٺو هو.
فقير مقيم ڪنڀار جي ان
قصي جو ذڪر مون ”تاريخ“ پروگرام ۾ به ڪيو هو ته ڪڏهن سنڌ ۾ اهڙا ماڻهو به هئا،
جيڪي هڪ وڻ کي بچائڻ لاءِ به پيا جدوجهد ڪندا هئا ۽ هاڻي سنڌ ۾ اهڙو وقت آيو آهي،
جو وڻ ته ٺهيو پر ماڳهين ماڻهو ڌرتيءَ جا ٽڪرا وڍيو کڻيو پيا وڃن، پر ڪا پهر ڪانهي
جو ان هاڃي خلاف اٿي کڙي ٿئي!!
فقير مقيم ڪنڀار بنهه
گهڻو محبتي ماڻهو ۽ سنڌ جو سچو عاشق هو. سندس گفتگو مان ئي سنڌ سان سچائي ۽ محبت
پئي بکندي هئي. ان ڏينهن نهٽي ۾ جڏهن اسان کي رات پئجي ويئي هئي ته هو اسان کي
سيءَ کان بچڻ لاءِ ويڙهي سيڙهي سمهڻ جي تاڪيد ڪري پاڻ گهر هليو ويو هو، تڏهن اسان
کانئس موڪلائڻ بنا ئي نهٽي مان واپس حيدرآباد هليا آيا هئاسين. صبح جو اڃا منهنجي
اک ئي ڪا نه کلي هئي، جو سندس فون آيو هو. ڏاڍي افسردگي، ڏک ۽ ملال سان چيائين،
”ادا شابس اٿئي، موڪلائي به نه وئين!!“
مون سوچيو هو ان بي
ادبيءَ تي کانئس نهٽي وڃي معافي وٺندس پر....آئون پوءِ وٽس وڃي نه سگهيس ۽ نه ئي
وري کانئس معافي ورتم. اڄ جڏهن اوچتو اوچتو اخبار ۾ سندس مرتئي جي خبر پڙهيم ته
هانءُ ۾ وڍ پئجي ويا آهن، هي سٽون لکندي آئون به اداس ملول، افسرده ۽ ڏکارو آهيان
۽ اها ئي ميار کيس به ڏيڻ چاهيان ٿو ته:
ادا شابس اٿئي، موڪلائي
به نه وئين!!
فقيريءَ ۾ اميري
فقير مقيم ڪنڀار جي چاليهي جي حوالي سان
نصير ڪنڀر
جيتوڻيڪ وقت جو ڊوڙندڙ بي
لغام گهوڙو ڏاڍي تيزي سان هڻڪارون ڪندو پنهنجي منزل طرف روان آهي ۽ انهيءَ ڊوڙ ۾
ڪير ڪٿي پيو موڪلائيندو وڃي خبر ئي ڪانه ٿي پوي، پر انهي سفر ۾ ڪي مسافر موڪلاڻي
جي هٿ جوڙ ڪن ٿا ته هوند انهيءَ موڪلاڻي تي اعتبار ئي نه ٿو اچي. جي ها اهڙي
موڪلاڻي جنهن کي اڄ چاليهه ڏينهن ٿي چڪا آهن، پر حواس انهيءَ ڳالهه کي قبولڻ لاءِ
تيار ئي نه آهن. حقيقتن سچائي کان منهن موڙي نه ٿو سگهجي. ذهن مڃي ئي نه ٿو ته
موڪلاڻي ٿي چڪي آهي ۽ ڪيئن چئجي ”اکيون پاڻي پاڻي، مٺا موڪلاڻي“.
مون انهيءَ عرصي دوران
جڏهن به فقير مقيم بابت سوچيو ته منهنجي ذهن تي نوبل انعام يافتا ناول نگار ارنيسٽ
هيمنگوي جي ناول ”پوڙهو ۽ سمنڊ“ جي پڄاڻي تري ٿي آئي. ”ماڻهو ته مري سگهي ٿو پر
جدوجهد ختم نٿي ٿي سگهي“. فقير مقيم جي وڇوڙي پڄاڻان منهنجو انهن سٽن تي ويتر
ويساهه وڌي ويو آهي. ”دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس“. هن دنيا ۾ ماڻهوءَ جو صرف
ڪردار رهي ٿو. جيڪر اوهان جي ڪردار جي سفيد چادر تي ڪوبه داغ نه آهي ته دنيا اوهان
کي جيءَ ۾ جايون ڏئي سگهي ٿي. فقير مقيم هميشه پنهنجي ڪردار جي اڇڙي چادر کي
داغدار ٿيڻ نه ڏنو. اڇي ويس ۽ اڇي ڏاڙهي سان هر اسٽيج تي حق سچ جي ڳالهه ڪندڙ هي
ماڻهو سچ جو سچو پوڄاري هو، هر ڪنهن کي نياز نوڙت سان ملندڙ هي فقيري رنگ ۾ رڱيل
هو.
خميسو ڪنڀار جي گهر جنم
وٺندڙ ”فقيرو“ ماءُ پيءَ جو اڪيلو پٽ هو. سندس وڏا چار پيڙهيون اڳ اسلام ڪوٽ ويجهو
ڳوٺ جوڳي مڙهي مان لڏي اچي آباد ٿيا هئا. جڏهن نهٽو به شهر هو، خميسو ڪنڀار سٺو
درزي هئڻ ڪري آسپاس جا رهاڪو توڙي ڳوٺاڻا ڏاڍي عزت ڪندا هئا، ٿر مان جيڪي قافلا
پنڌ جهاڳي نهٽي رستي سنڌ جي ٻين علائقن ڏانهن ايندا هئا، انهن ۾ ڪنڀار برادري جو
وڏو ٺڪاڻو خميسو هوندو هو، پر فقير محمد عرف مقيم کي حبيباڻي حال تحت خدمت چاڪري
ڪندڙ خميسو ڪنڀر جي ڇانوَ گهڻو وقت نصيب ڪونه ٿي ۽ ننڍي عمر ۾ ئي يتيم ٿي ويو.
ڪنهن ٿي ڄاتو ته پهرين گڏهه
تي دلا وجهي وڪڻندڙ ۽ پوءِ اڳتي هلي گاڏيون ڀري مٽي ۾ ”ٺيڪري“ جو دڪان هلائيندڙ
فقير محمد مقيم هن نڌڻڪي ديس جي مالڪي لاءِ هر فورم تي بي ڌڙڪ ڳالهائيندو. ڪنهن ٿي
ڄاتو ته ڪوريئڙي جو ڄار بڻيل ٿر جي روينيو قانون کي سلجهائي ٿر جي اٻوجهه ماڻهن
لاءِ ڀرجهلو ٿيندڙ هي فقير منش ماڻهو سنڌ جي ساڃاهه وند هر اک آلي ڪري ويندو.
روينيو جا اِهي گر سکڻ لاءِ هن ٿر جا پنڌ جهاڳيا هئا. روينيو جا گر پيچ هن ماهر
تپيدارن سانگيڌان سنگهه ۽ ابوبڪر راهمون کان سکيا هئا.
فقير مقيم جي گهاريل
زندگي جو پيرو اسين اتان کڻون ٿا، جڏهن هن مٺي شهر ۾ ٿانوَ وڪڻڻ جو دڪان کوليو، پر
فقير مقيم جي زندگي جون تلخ حقيقتون ته ان کان اڳ جون آهن. جنهن ۾ هن ڪيترو پنهنجو
پاڻ ولوڙيو آهي. نه ڄاڻ ڪيترا ڌنڌا ڪيائين، پر ڪنهن وڏيري جاگيردار جو هارپو ڪونه
ڪيائين. بقول خالد جوڳي ”مٺي اچڻ کان اڳ واري بابا جي زندگي مسلسل گهاٽي واري هئي،
جنهن تي الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو.“ هن ارڏي ماڻهو ڪيترا ڌنڌا ڪيا، مزدوريون ڪيائين،
پر هارپو نه ڪيائين. انهيءَ ڪري ڪيتريون تڪليفون سهڻيون پيون. ۱۹۸۸ع جي اليڪشن ۾ جڏهن ڄام ساقي اميدوار هو ته پاڻ
ڪيئن به ڪري ڄام کي ست ووٽ ڏياريائين. خبر هئس ته ڄام ڪونه کٽندو، پر پاڻ پنهنجي
ضمير کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪيائين. بدلي ۾ ڪيتري رسوائي ۽ تهمتون سهڻيون پيون، بوهه
جون ٽرڪون ڀري وڪيائين، ماڻهو پئسا کائي ويا، کنڊ جا ڊيپو کنيائين وڏيرن جي
ناجائزين/ ارهه زوراين تي احتجاجن ڇڏي ڏنائين. دڪان کوليائين وڏيرا ۽ ڇاڙتا پئسا
کائي ويا، اهڙا ڪيئي گهاٽي جا سودا ڪندو رهيو، پر ڪاڻ ڪونه ڪڍيائين. فقير جي
انهيءَ تڪليف دهه زندگي تي ٽالهي جو الف ڪنڀار ڳالهائي سگهي ٿو، جنهن هٿين خالي
فقير مقيم کي ٿانون جي گاڏي ڀري ڏني ۽ فقير مٺي جو رخ ڪيو. جتان هن جي زندگي ۾
”بريڪ ٿرو“ آيو. فقير مقيم جي شخصيت هڪ چمڪندڙ هيري وانگر هئي، جنهن جو رنگ هرطرف
کان نرالو هو. هو سياست جي داءُ پيچ کان پري چٽي ڳالهه ڪندڙ ڪميٽيڊ ڪارڪن هو، جنهن
سان نينهن لاتائين انهيءَ سان نڀايائين. ڳالهه سچي ۽ سڌي ڪرڻ ڪير فقير کان سکي.
کوکڙا پار ريلوي اشو تي سڀني قومپرست ڌرين کوکڙا پار بارڊر کلڻ جي مخالفت ڪئي. پر
فقير مقيم انهيءَ جي حق ۾ هو. پاڻ وڏي واڪ چوندو هو، ڪيسوٻاءِ جي قرب ۾ ڪٺل ٺڪراڻي
جو درد ۽ ڪڇ ڀڄ ۾ پرڻايل نياڻي جي ماءُ جي سڪ کي اهي ڪامريڊ ڪٿي ٿا سمجهي سگهن. پاڻ
انهيءَ وقت جي سنڌ نيشنل فرنٽ جي سينٽرل ڪاميٽي ۾ اها ڳالهه رکيائين. چوڻ هو ته
اسين پنهنجين پارٽين جا ڪارڪن آهيون، غلام ڪونه آهيون، راءِ رکڻ منهنجو جمهوري حق
آهي ۽ فيصلو اڪثريت راءِ جو مڃبو، اها جمهوري روايت آهي.“ جڏهن ته اسان جي ڪيتري
سنگت پنهنجين انقلابي پارٽين ۾ اختلاف راءِ رکڻ جي بنياد تي ائين نڪري وئي، جيئن
مکڻ مان وار ڪڍبو آهي.
۲۰۰۱ع جي بلدياتي اليڪشن ۾ هڪ بلدياتي ووٽ سندس ڀيڻ جو
هو. پنهنجو اخلاقي قرض سمجهي ڳوٺ جي وڏيري کان پڇيائين ته ووٽ ڪنهن کي ڏجي. تنهن
تي هن سندس مرضي تي ڇڏيو ته پاڻ ارباب خاندان سان واعدو ڪري ويٺو، پر آخري ڏينهن
تي انهيءَ وڏيري چيو ته ووٽ لاٽ کي ڏيڻو آهي. انهي تي فقير پڙ ڪڍي بيهي رهيو، جنهن
تي ڳوٺ مان لڏڻ جو الٽيميٽم مليو ۽ اهو سمورو معاملو پريس ۾ هليو، پر پاڻ آڻ ڪونه
مڃيائين.
هيليڪاپٽر جي ٺهڻ کان وٺي
پولٽري فارم جي فائدن تائين ڪالم لکندڙ هڪ ٿر جي مهان ڪالم نگار لکيو ته فقير مقيم
فرنٽ جو (ن) ليگ ۾ ضم ٿيڻ جو صدمو نه سهي سگهيو، پر فقير مقيم هميشه چوندو هو ته
هن جو ممتاز ڀٽو سان پارٽي/ سياسي رشتي کان وڌيڪ محبت جو رشتو آهي، تنهن ڪري
جيڏانهن هو ويندو اوڏانهن آئون ويندس، اهو ئي سبب هو جو ۲6 سالن جي ڊگهي سفر ۾ هو انهيءَ ليڊر سان گڏ رهيو.
سماجي حوالي سان فقير
مقيم اهو پهريون ماڻهو آهي جنهن ٿر جي سماجي سينوريل تلاءُ ۾ پهريون پٿر اڇلايو.
ٿر هسٽاريڪل ايندڙ ريسرچ ڪائونسل ٺاهي ٿر ۾ سماجي ڪمن جي شروعات ڪيائين. ڪيترن
دوستن کي پروموٽ ڪري اسٽيجن تي آندائين. جيڪر اڄ انهن جي ڪردار ۽ قول کي ڏسجي ته
فقير جي شاگردي جا دعويدار اهي ”معتبر ماڻهو“ لکن ۽ ڪروڙن جا فنڊ ٿر جي نالي ۾ هڙپ
ڪندڙن ۾ نظر ايندا، پر فقير مقيم پنهنجو پانڌ بچائيندي پنهنجو پاڻ کي اڇي ”هرک“
جهڙو اڇو اجرو رکيو ۽ انهن کي محسوس به ڪونه ڪرايائين، جيڪي نالي ۾ نهال ٿيو پيا
هلن.
فقير مقيم جي قلم ۾ قدرت
طاقت رکي هئي. هو لکڻ جو ڏانءُ ڄاڻيندو هو. هن فقير محمد لاشاري جي دؤر واري جاڳو
۾ ڪيترائي ڪالم لکيا، جيڪي ٿر جي جهنگلي جيوت، ڪارونجهر جو جبل، گرينائيٽ لاءِ
ٿيندڙ ڌماڪا، ڏڪار ۽ روينيو جون ڏاڍايون وغيره تي آهن. انهن ڪالمن ۾ ٿر جي ڏک ۽
پيڙاءَ کي بهتر نموني بيان ڪيو آهي. اهي سڀ پيڙائون هن پاڻ به سٺيون هيون. انهيءَ
ڪري جڏهن اسٽيج تي ايندو هو ته انهيءَ درد کي ويتر بهتر نموني بيان ڪندو هو.
منهنجو هڪڙو دوست هميشه ايستائين پروگرام ۾ ويٺو هوندو هو جيستائين فقير تقرير نه
ڪندو هو. چوندو هو ته ”فقير مقيم، عليءَ جو حبدار آهي، انهيءَ ڪري انهيءَ جي تقرير
۾ اهڙو درد آهي.“ حقيقت ۾ فقير مقيم جي دل ۾ غمِ حسين کانپوءِ وڏو غم ٿر ۽ انهيءَ
جي مسڪين ماڻهن جو هو ۽ مٿان وري قدرت تقرير جو فن ۽ لفظن جو ذخيرو اهڙو عطا ڪيو
هوس جو سندس لفظن جي جڙاوت ۽ مؤقف بيان ڪرڻ وارو انداز هر ڪنهن کي موهي وجهندو هو.
سنڌ جي تاريخ تي دسترس
حاصل هئس. خاص ڪري ٿر جو خطو، انهيءَ جي فلورا فانا، ماڳ مڪان، تاريخي هنڌ، تڙ
تيرٿ، پکي پکڻ سڀني جي عادتن، مزاجن ۽ موسمن تي هو دسترس رکندڙ هو. هو انهن جي
سماجياتي اثرن ۽ پهلوئن تي ڳالهائيندو هو. خاص ڪري تاريخ جهڙي خشڪ موضوع کي ائين
بيان ڪندو هو، ڄڻ ٻار ٻڪيءَ جو کوڙو پڙهي هجي، انهيءَ ڪري هر ٻڌندڙ انهيءَ کان
متاثر ٿي پوندو هو.
گهريلو زندگي ۾ هو اڪثر
گهر کان ٻاهر رهندو هو. ڪڏهن ڪنهن دوست جي سڏ تي ڪڏهن ڪنهن ڪامريڊ سان گڏ پيو پنڌ
جهاڳيندو هو، پر ڳوٺ هر هفتي ضرور ايندو هو. هٿ ۾ ايترو ڪو گهڻو ڏوڪڙ ڪونه هو،
پوءِ به سڀني پٽن ۽ نياڻين کي تعليم ڏياريائين. اڄ سمورو اولاد معاشري جا فرد نه
بلڪه ذميوار فرد آهن. هن جي شخصيت جا سمورا رنگ پٽن ۾ آهن. سندس وڏو پٽ سليم
برادري ۽ ڳوٺاڻي رنگ ۾ رڱيل آهي. شاعراڻي خوبي خليل ۾ آهي ۽ فقيري جو سمورو رنگ
خالد ۾ آهي، جيڪو بهترين ڪالمسٽ به آهي. سياسي جانشين ارشاد آهي. ذهانت ۽ شرافت جا
سمورا رنگ نياز ۾ آهن ۽ حيدر هٺ ۽ ارڏائي جو مجسمو آهي. جڏهن ته مٿيون سڀ خوبيون
اسان جي ڀيڻ پارسا عرف پٺاڻي ۾ آهن. جنهن سماجي سيڪٽر ۾ ڪم ڪندي پوري پاڪستان ۾
”فاطمه جناح ايوارڊ“ حاصل ڪيو آهي. مون جڏهن فقير صاحب کي فون تي ادي پٺاڻي جي
ايوارڊ جون مبارڪون ڏنيون ته پاڻ چيو هئائين ”مونکي هن نياڻي تي اڳي به ناز هو، پر
اڄ منهنجو ڪنڌ ويتر مٿي ٿي ويو آهي، انهن طعنن کان آجو ٿي ويو آهيان، جيڪي مون کي
”پٺو“ جي نوڪري ڪرڻ تي مليا هئا!! هو پنهنجن پٽن سان عشق ڪندو هو ۽ پٽن جو به ساڻس
اهڙو ئي رشتو هو. انهيءَ ڪري پٽ هن تي انگل ڪندا هئا ۽ هو انهن تي انگل ڪندو هو،
پر ادي انهن سڀني کان وڌيڪ فقير کي ڀائيندي هئي.
فقير مقيم دوستي جي رشتي
کي تمام گهڻي اهميت ڏيندو هو. ڪهڙي به مڪتبِ فڪر جو ماڻهو هجي، جيڪر انهيءَ سان
دوستيءَ جو رشتو رکيائين ته خوب نڀايائين. پوءِ اهو ڀل ڪيترو پري رهندڙ هجي. مٺي ۾
فقير جي سنگت کينراج جاڙيجي ۽ ملوڪ نهڙي واري ٻاري سان هئي، جيڪي هن جي هر سڏ تي
لبيڪ ته چوندا هئا، پر طنزيه جملا هڪٻئي تي اهڙا هڻندا هئا، جيڪي ٻڌڻ وٽان هوندا
هئا. هڪٻئي سان گوڏو گڏي ويهندا هئا ته هڪٻئي جي اوڻائين تي تنقيد ڪندي ائين چٿر
لائيندا هئا، جيئن ڪاسائي ڪٺل جانور جي کل لاهيندو آهي. هن جي سنگت ۾ وقت جا وڏا
پارکو، امير به هوندا هئا ته اخبارون وڪڻندڙ نواز حيدري به ويٺل هوندو هو، فقير جو
اڱڻ هر ڪنهن لاءِ ڪشادو هوندو هو.
مون فقير مقيم ۾ جيڪا سڀ
کان وڏي ڳالهه ڏٺي اُها هن ۾ ذاتيات پرستي نه هئي. سال اڳ ذاتيات جي بنياد تي جڏهن
اليڪشني ”تروٽين“ اچي رڻ ٻاريو ۽ ماڻهن کي قوميت مان ڪڍي ذات پرستي ڏانهن گهليو ته
فقير انهيءَ جي سخت مخالفت ڪئي. هو ذات پرستي کان نفرت ڪندڙ انسانيت جو علمبردار
هو. انهيءَ ڪري منهنجو اڪثر ٺڪاڻو سندس آفيس/ دڪان هوندو هو. فقير سان واسطي جي ئي
ڪري منهنجي دوستي خليل، خالد ۽ ارشاد سان ٿي. فقير مقيم جي اڇي پٽڪي جي ور ۾ ٿر جي
سچائي ۽ سورهيائي نظر ايندي هئي ۽ نرڙ جي گهنج ۾ سموري ٿر جو درد سمايل هو. پنهنجي
سموري زندگي جي جدوجهد ٿر ۽ ٿر جي نالي کي ارپيندڙ هن ماڻهوءَ جي سچائيءَ جو احساس
انهيءَ ڏينهن ٿيو، جڏهن سموري سنڌ نهٽي جي دڙي تي اٿلي پئي هئي. مون کي انهيءَ
ڳالهه تي يقين ٿيڻ لڳو ته هو جسماني طور ته جدا ٿي سگهي ٿو، پر هن جون ڳالهيون،
خيال ۽ جدوجهد اسان لاءِ مشعلِ راهه آهن.
مٺي جو مقيم
ڀارومل امراڻي
مٺي جو مقيم ڪيڏانهن
هليو ويو!؟ ڇا موت جا قهري هٿ هن کي اسان کان ڌار ڪري ويا!؟ ڌرتي جي ڪهڙي گهاڙو تي
هن کي ڳولهجي!؟ هي مندر مڙها، هي چوئنرا چونڪيون، هي چنڊ ستارا، هي بادل برساتون، هي
ڏوئنرا پسي، هي روهيڙن رتا گل، هي ڏهرن ڏياٽيون، هي مورن ٽهوڪا، هي ڪارونجهر، هي ڪجلاسر،
هي ڀٽون ڀڙا، هي ڪهڙا ڪهڙا من موهيندڙ رنگ روپ ڇڏي هليو ويو!!
۱۷ مئي ۲۰۱۲ جي شام هن جي وڇڙڻ جا سوين موبائيل ميسيج کڻي آئي. هر ڪو
نهٽي ڏانهن ڳرا ڳرا قدم کڻڻ لڳو. هر ڪنهن جي من ۾ هُن سا گهاريل گهڙيون هُرڻ لڳيون،
ڪو ڪيئن ساري رهيو هو. ڪو ڪيئن ڳڻ ڳوت ڪري رهيو هو پر نهٽي جي دڙي تان سج لهي رهيو
هو ۽ مٽيءَ جو ماڻهو مٽيءَ سان ملي رهيو هو.
لٿو سج لڪن ۾ راسيون
رتائين، مون کي ماريائين.
اديون اونداهي ڪري.
(شاه)
مٽي اول مٽي آخر مٽي
زنده باد (شيخ اياز)
فقير مقيم ٿر کي ڪيئن
ڏٺو هو،!؟ ٿر تي ڳالهائيندي هن جا اکين جا ڇپر آلا ٿي پوندا هئا، لڙڪن مان مقيم قوت
حاصل ڪندو هو. ٿر مان هن جون اکيون ڪڏهن ڍاپيون نه. هن وٽ ٿر جو ماضي به هو ته مستقبل
به. ٿر هن جي سوچن سپنن ۾ ڪر موڙي اٿندو هو، هو ٿر جي حسن جي تلاش ۾ رهيو. ادب، آرٽ،
سياست، سماج، ثقافت، سڀ ۾ هن ٿر جي حسن جي تلاش ڪئي. سدائين سفر ۾ رهيو. ٿر جي ازلي
حسن جون جهلڪيون جهٽڻ جي لاءِ هن پنهنجي پوري جستجو ڪئي
ساهڙ مون جئن سرتيون
ڏسو سڀيئي،
ته سمهو ڪين سک ٿي
پاسو ور ڏئي.
منهان اڳيئي، گهڙو
سڀ گهڙا کڻي
هن پنهنجي زندگي کي
ڪوڙي ڪهاڻي نه بڻائي. فريبن پويان نه ڦٿڪيو. سيراب جو سوداءُ نه ٿيو. هن جي اندر ۾
اڃ ته هئي پر رڃ جو راهي نه ٿيو. هن جي روح ۾ ڪڏهن رڻ نه ڦهليو، هن جو جيءُ جڳ مڳ
جرڪندو رهيو. هوهم اوست جو پوئلڳ هو يا همه اوست جو. هن کي نرڳڻ ڀڳتي وڻندي هئي يا
سرڳڻ ڀڳتي پر هن ويراني کي وسايو. جهڳين ۾ جوت آندي. هو اوتارن آستانن. ميلن ملاکڙن.
ساڌوئن سنتن. فقير فقرائن جي منڊلين جو مهمان بڻيو، ڪميون ڪوتاهيون هر ماڻهو ۾ هونديون
آهن. ڪي اڀريون سڀريون هن فقير ۾ هونديون. پر مجموعي طور تي هن فقير جي ذات مان ڪنهن
به مٽي هاڻي ماڻهو کي نقصان نه مليو. هن مٽي جي مهانتا کي نه لڄايو. جيون جي چار
پهري ڇايا ۾ نرواڻ ڳوليندي اڻ ڄاتي کي ڄاتو. اڻ ڳاتي کي ڳاتو. نه ابتدا ۾ دک. نه
انتها ۾ دک. هن جي مرڪ ۽ محبت زمان و مڪان جي سرحدن کي هڪ ڪري ڇڏيندي هئي.
هن جو جنم مٽي کي ڳوهڻ
۽ گهڙڻ واري قبيلي ۾ ٿيو هو پر هن جو پيءَ خميسو درزيڪو ڪم ڪندو هو. عام ٿري ٻارن
جيان هن جي جنم جي تاريخ ۽ سن اندازي وارو هو. فقير اڃان ننڍڙو ئي هيو ته سندس
پيءَ هن فاني دنيا کي الوداع ڪري ويو. پنهنجن وڏن کي واڪا ڪري چوندو هوته مون کي پڙهايو.
هن جي دل پڙهڻ جي لاءِ گهڻي ٿيندي هئي پر يتيمي واري زندگي جي ڪري پورا پنج درجا
پاس ڪري نه سگهيو، ”پڙهڻ ته پروِڙڻ نه ته پڙهڻ ته آ مذاق “ وانگر هن تمام گهڻو پروڙيو.
پڙهڻ جي تڙپ ۽ تمنا هن جي اندر مان ڪڏهن نه وئي. انهي آس نراس جي ڪيفيت ۾ هن
پنهنجي اولاد کي ڀرپور پڙهائڻ جا جتن ڪيا. اولاد کي پڙهائڻڻ جي لاءِ پنهنجا گهر گهاٽ
ڇڏي مٺي ۾ رهائش اختيار ڪئي، . هڪ مهربان ۽ مثالي پي ءُ وارو ڪردار ادا ڪيو. پٽ ۽
نياڻي سان شفقت ۾ ڪو فرق نه رکيو. پنهنجي نياڻي کي پڙهڻ سان گڏ سياست سماجيات. ادب
۽ تاريخ ۾ پنهنجون مڪمل صلاحتون استعمال ڪرڻ جو مڪمل موقعو فراهم ڪيو.
مٺي ۾ هو مٽي جا ٿانو
کڻي آيو، مٺي پريس ڪلب واري جاءِ جي سامهون واري ميدان ۾ (جتي هاڻي دڪان ٺهي چڪا آهن)
ڪنڊن واري لوڙهي ۾ ٿان ءُ اچي رکيا. ڀرسان فقير مقيم ڪنڀر اسٽامپ وينڊر جو بورڊ لڳايو.
ٻه چار کٽون رکيون. فقير ميڙو مچائي ڳالهين جا سڄو ڏينهن ڳوٺ ٻڌندي آخر اتي اچي
بيهندو هو ته
دليون ٺڪر ٿانءُ جيئن
ٿڌيون ڪري جي، انهي کان مٿي.
ٻي ڪا ناهي ڳالهڙي.
(شيخ اياز)
فقير جو نالو سندس ڏاڏي
جي نالي پويان فقير محمد رکيل هو پر امڙ مقيو سڏيندي هئي. ۽ پوءِ جڏهن هو ۹۲_۹۳ ڌاري مٺي پهتو ته مٺي هن مقيئي کي فقير محمد
مقيم بڻائي ڇڏيو. ماڻهو هن کي ٿر جو سياستدان. سماجي اڳواڻ. ليکڪ ۽ انساني حقن جو
اڳواڻ سميت ڪيترين ئي صورتن ۽ سڃاڻپن ۾ ڳڻڻ لڳاپر هن جي من ۾ اها ئي قلندري. اهائي
فقيري جيڪا ڳوٺان کڻي آيو هو. ، هن پورو ڍوءُ نه هوندي به ڍول رکيا. هن جو هر ٻول اُڪنڍ
۽ اُڪير سان ٻريو. آدرش اخلاق ۽ انسانيت کي ڪڏهن پيٽ جي تنور ۾ جلائي رک نه ڪيا ئين.
جڳن جا دراوڙ هن جي دل ۾ هئا ته چندر ونسي سوڍن ۾ هن جو ساه پساه هو. سورج جي پوجا
ڪندڙن جا هن وٽ پار پتا هئا ته بڙ يا پپر جي ٿڙ وٽ ڏيئا جلائيندڙن جي جيون ڪٿا هئي.
هن وٽ ڪڏهن نا اُميدي نه هئي اُمنگن جا جهولا هئا. آسن جا موتي هئا چانڊوڪي سان هن
جي چاهت هئي. چنڊ پويان هن چارا ڳوليا، پر اوڻٽيهين اونداهي ۾ به ستارن کان سهارو ورتو.
لکڻو هجي يا اسٽيج تي بيهي ڳالهائڻو. لفظ ته هن وٽ پکيڙن جيان پرڙا ڦڙڪائيندا ايندا
هئا روح جي مٺڙي موسيقي سان ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن جي ساه جي ستار کي تڙپائي ڇڏيندو هو.
مٺي جو فقير منفرد مقرر هيو.
مٺي ۾ هن جي دل جڏهن
اداس ٿي پوندي هئي. ته بيڪس جي ڪافي من جو بار اتارڻ جي لاءِ ڳائيندو هو ته؛
ڪاڪ ڪماڻي، ويل وهاڻي،
ڀينگ ٿيا سڀ ڀاڻا،
وري موٽي آءٌ راڻا.
پر اڃان دل ۾ راحت
نه آئي ته هو نهٽي هليو ويندو هو يا ننگرپارڪر، ننگرپارڪر ۾ هن جي لاءِ ڪارونجهر. دلبر
کوسو. الهرکيو کوسو، پانڌي کوسو. رستم کوسو. ڊاڪٽر نوبت خان ۽ نهٽي ۾ وري مهر راڻي
۽ لاکي ڦلاڻي جو ماڳ. جکري جي واري ساري وارا ڀڙا، نون ڀائر، اباڻو پڊ ۽ جيون جي پهرين
پهرن جون سارون سنڀارون. ننگرپارڪر ۾ دلبر جي وڇوڙي هن جو وجود ڄڻ وڍجي ويو هو. نهٽي
۾ نون ڀائرن جي ناراضگي تي من ملول ٿي پيو هو، دلبر جي تڏي تي هن پاڻ کي گهڻو ميڙڻ
جي ڪئي پر روح اڌ رات جو روئي پوندو هو ته “دلبر بنان دانهن. ڪنهن کي ڏيان ڪارونجهر
“ڪارونجهر کي هن پهريون دفعو ۱۹۹۴ ۾ ڏٺو. هن کان ڇرڪ نڪري ويو هو. ايڏو سهڻو. .
. . . .!؟ ڪارونجهر هن جي لاءِ ديوتا هو. ديومالائي پهاڙجي پوڄا ڪري پوءِ دلبر سان
رهاڻ اچي ڪندو هو. دلبر جي وڇوڙي تي هن زندگي جو پهريون بيت چيو. پوءِ ڪوتا سرجي سگهيو
يا نه پر. نثر ۾ نوان رنگ کڻي آيو. مضمون. اخباري ڪالم واه جا لکيا. جنهن ۾ نه صرف
پنهنجو چٽو موقف لکيو، پر ٻولي به ڄڻ ٻاٻيهي کان چورائي ڪم آندي. مٺي جي ڪرشن شرما
سان پهرين ايڇ آر سي پي ۾ سرگرم ٿي رهيو. پر هن جي تنظيم ڪاري ۾ به ٻانهن ٻيلي بڻيل
رهيو. ڪرشن سان گڏجي هفتيوار ٿرپارڪر اخبار پڻ ڪڍي.
زندگي ۾رس ڪس ڪيترا
به کاڌا پر دوستن جي گلا ڪڏهن به نه ڪئي. شهرت هن جي پيرن کي چميو. تڏهن به هن
گمنامي واري زندگي جي ساٿين سان ڪڏهن لاتعلقي نه ڪئي. هر ڪنهن جا ڀلايون ڀيرا وڏي
واڪي ڳاتا. پر پنهنجو هڪڙو قدم به ٿوري طور نه ڳڻايو. سياسي طور سنڌ نيشنل فرنٽ ۾
فرنٽ جي جڙڻ واري پهرين ڏينهن شامل ٿيو، سالن سال گذري ويا. ٻي هنڌ لوڻو ڦيري به
نه ڏٺائين. سياسي سرواڻ صوبي جي وڏي انتظامي ڪرسي جو نگران دور ۾ مالڪ بڻيو. تڏهن
ضلعي جي ٻڌي ڇوڙي هن جي حوالي. پر هن فقير ڪا آڪڙائپ اختيار جي بدران اڳيئين کان به
وڌ نوڙت ڌاري. انهي دور ۾ به هن ماڻهو ميڙيا. مال ميڙي اميري جو گس وٺڻ جو ڄڻ ته
هن قسم کڻي ڇڏيو هو. سڄي زندگي پنهنجي قداور هاٺي، چانپونئي ڏاڙهي اڇي وڳي ۽ اهڙي
اڇي پٽڪي سان لاکيڻي لوڏ ڪري جتي ڪٿي امن ۽ انسانيت جا گيت ڳائي چوندو رهيو ته جيڪو
ماڻهو سان محبت نٿو ڪري اهو زندگي جي عظيم گنهگارن مان آهي.
(ڀارومل امراڻي
جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ مئي ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا