نورو مسخرو
سنڌ جو پهريون گراموفون مزاحيه آرٽسٽ!
افتخار سومرو
مسخري يا مزاح قديم زماني کان انسان جي
بنيادي ۽ فطري تقاضائن منجهان آهي. انسان کي پنهنجي ٿڪل دماغ ۽ وجود کي تازگي پهچائڻ لاءِ خوش
طبعي ۽ تفريح جي ضرورت پوي ٿي، جنهن جو آسان طريقو کل ڀوڳ آهي. زندگي کي آسان ۽
خوشگوار بنائڻ لاءِ کلڻ کلائڻ، خوش طبعي ۽ مزاح ضروري آهي.
سنڌي سماج ۾ پڻ ڪيترائي ڪلاڪار ۽ مزاحيه
ڪردار پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن پنهنجي فن ذريعي ”سکاري سنڌ جي ڏکارن ماڻهن“ جي رنج
کي نه رڳو راحت ۾ پئي بدلايو آهي پر زندگيءَ جي ناهموارين ۽ معاشرتي اوڻاين ڏانهن
پڻ ڌيان ڇڪائي انسان ذات جي اصلاح پڻ پئي ڪئي آهي، جيڪي سنڌ جي روايتن ۽ سيڪيولر
سڀاءَ جا سرواڻ پئي رهيا آهن. اهڙن ئي مرڪون ونڊيندڙ املهه ڪردارن مان مسخرن جو
بادشاهه، نورو مسخرو عرف ”نور نمازي“ پنهنجو مٽ پاڻ هو.
سندس پورو نالو نور محمد ولد آخوند محمد
صالح ميمڻ هو. ساهتي پرڳڻي جي هڪ قدم ڳوٺ ”ڏيٿا“ ضلعي نوشهروفيروز ۾ 1868ع ۾ ڄائو.
کيس ڳوٺ جي
پرائمري اسڪول ۾ پڙهائيءَ لاءِ داخل ڪرايو ويو پر هو وڌيڪ پڙهي نه سگهيو.
نورو پنهنجي پيءُ ماءُ کي ٽيون نمبر اولاد
هو. اڃا ڇهن ورهين جو ئي مس ٿيو جو سندس والده گذاري وئي. سندس وڇوڙي کان پوءِ هو
صفا ڇورو ڇنو ٿي پيو. سندس والده کانپوءِ سندس والد ٻي شادي ڪئي. ماٽيلي ماءُ جي
سلوڪ سندس زندگي کي زهر بڻائي ڇڏيو. گهر جي ماحول کان باغي ٿي هو پنهنجو گهر ڇڏي
هليو ويو.
آخرڪار هن پنهنجي رولاڪ ۽ بي مقصد زندگيءَ
کان بيزار ٿي اچي واڌل فقير ڪھيريءَ کان مدارين جي فن ۽ راڳ جي تربيت ورتي. ننڍپڻ
کان ئي سندس طبيعت مزاح ۽ مسخريءَ ڏانهن مائل هئڻ ڪري هن مسخريءَ کي ڌنڌي طور
اختيار ڪيو ۽ ان ۾ مهارت حاصل ڪري، سڄي سنڌ ۾ پنهنجو نالو ڪڍيائين.
ورهاڱي کانپوءِ، نورو ساهتيءَ جي برک شهر
ٺارو شاهه ۾ اچي رهيو. هن پنهنجي فن جي شروعات پنهنجي ڳوٺ ڏيٿا جي هڪ ميڙ ۾
مسخريءَ سان ڪئي. گهٽ پڙهيل هئڻ ڪري، سندس مذاق ۾ سنجيدگي سان گڏ هزليات (ڪچن
چرچن) جو عنصر غالب رهندو هو. هو مسخريءَ جي شروعات پنهنجي مخصوص انداز ۾ الله پاڪ
جي نالي سان ڪندو هو ۽ پوءِ رسول ڪريم، پيران پير دستگير جي مداح گوئي ۽ پوءِ
مزاحيه طرز تي آڌاريل ڏاهن جا قول ۽ گفتا، بيت ۽ نقل ٻڌائي تماشبينن کي وندرائيندو
هو.
نورو پنهنجي منفرد انداز ۾ مسخريءَ جون
محفلون مچائڻ جو ماهر هو. جتان به لنگهندو هو اتي ماڻهن جا ميڙ مچي ويندا هئا. هو
انهن کي پنهنجي مسخريءَ جي فن سان کلائي کيرو ڪري وجهندو هو.
ڊاڪٽر غلام قادر سومرو پنهنجي ڪتاب ”سنگت
آچاريه ماسٽر چندر“ ۾ نوري مسخري بابت ڏنل مختصر احوال ۾ سندس عملي مذاق جو قصو
هيئن بيان ڪيو آهي:
”انگريز جو دور، گراموفون تي وڄندڙ رڪارڊن
جو دور هو، جيڪي انهيءَ وقت ڪافي مقبول ٿي چڪا هئا ۽ ماڻهن لاءِ تفريح جو ذريعو
هئا. سنڌ ۾ پڻ 1940-1930ع وارن ڏهاڪن ۾ رڪارڊنگ ڪمپنين خاص ڪري هز ماسٽرس وائس (HMV) وارن ٻين ڪيترن ئي ڪلاڪارن، ڳائڻن ۽ فنڪارن
سان گڏ نوري مسخري جا پڻ ڪيترائي مزاحيه رڪارڊ ڀريا. اهڙيءَ طرح نورو مسخرو سنڌ جو
پهريون مزاحيه گراموفون ڪلاڪار بڻيو ۽ هند سنڌ ۾ مقبوليت ماڻيائين.“
سنڌي مزاح ۽ مسخريءَ جو هي چمڪندڙ ستارو،
ڪيتري ئي عرصي تائين ماڻهن ۾ تفريح ۽ خوشيءَ جو خوراڪون ونڊيندو رهيو ۽ ”مسخرن جي
بادشاهه“ جو لقب ماڻي، فاني دنيا مان زندگي جو سفر پورو ڪري، ٺارو شاهه شهر ۾ وفات
ڪري ويو.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان قسم جي ڪلاڪارن
کي ڊاڪيومينٽ ڪيو وڃي، ته جيئن اسان جي ايندڙ نسل کي خبر پئجي سگهي ته ماضيءَ ۾
اسان وٽ ڪيڏا وڏا ڪلاڪار ٿي گذريا آهن.
No comments:
راءِ ڏيندا