; سنڌي شخصيتون: صوفي غمدل فقير - سارنگ علي سولنگي

20 May, 2012

صوفي غمدل فقير - سارنگ علي سولنگي


صوفي غمدل فقير
سارنگ علي سولنگي
فقير عبدالخالق عرف “غمدل” فقير ڳوٺ پنو عاقل سکر جو رهندڙ هئو ۽ سن 1867 ۾ تولد ٿيو، سندس شجره نسب حضرت عليؓ سائين جن جي غلام قمبر جي اولاد سان ملي ٿو. پاڻ شاھ قلندر جيلاني جو طالب ٿيو ۽ انهيءَ جي حڪم تي شعر چوڻ لڳو. هڪ ئي وقت 100 کان 200 شعر چئي ڇڏيندو هئو. اهي سڀئي ته قلمبند ڪو نه ٿيندا هئا. البته جيڪي سندس طالبن محفوظ ڪيا تن کي درياھ ۾ لوڙهي ڇڏيائين. سال ۱۹۴۸ع کان جڏهن رتيديري ۾ سڪونت پذير ٿيو، تڏهن شعرن کي قلمبند ڪرڻ شروع ڪيائين. جيڪي “گلزار غمدل” نالي رسالي جي صورت ۾ شايع ٿيا آهن. غمدل فقير اٽڪل ۱۲۰ ورهين جي وڏي ڄمار ۾ ۱ مئي ۱۹۷۲ع تي انتقال ڪيو. سندس مزار، درگاھ شاھ قلندر، ڳوٺ نبي شاھ وڳڻ، تعلقه ڳڙهي ياسين، ضلع شڪارپور ۾ موجود آهي.
ڪلام
محبوب ناز پرور، رخسار تنهنجو ڪافي،
دارون درد ڦٽي جو، ديدار تنهنجو ڪافي.
هي دانهن مئي جي، دلبر سڻ دوست دلربا،
دلگير کي دلاسو، دلدار تنهنجو ڪافي.
رخ ماهتاب تنهنجو، نيڻن روشن نظارو،
ابرو سندي عبتن مان، انوار تنهنجو ڪافي.
هڪ خال مٽ ڀانيان- لک لعل بدخشان،
يوسف سونهين نه ثاني، سينگار تنهنجو ڪافي.
سڀ حال تو کي معلوم- ڇا بيان چوان درد جو،
مشتاق ساڻ ميلو- منٺار تنهنجو ڪافي.
حسن وارا هزاين- سهڻا سڪن ٿا تولئِه،
هر دم درشن تن کي- درڪار تنهنجو ڪافي .
غمدل” سدا اداسي- گلزار تو چمن ۾،
گلشن منجهان هڪ گل جو- خوش بهار تنهنجو ڪافي.

No comments:

راءِ ڏيندا