رائچند راٺوڙ
مور-کنڀن جو مورخ
استاد
نصير مرزا/حيدرآباد
استاد رائچند راٺوڙ کي ٽربيوٽ، در
اصل پوري ٿر ڊيزرٽ کي ٽربيوٽ ڏيڻ وانگر آهي. شيخ اياز صاحب جو هي شعر رائچند صاحب کي
سندس هر ورسيءَ تي ٽربيوٽ ڏيڻ لاءِ جهڙو ڪر، منهنجي مدد ڪري رهيو آهيِ:
وڃان ٿو
وينجهار، موتي ڏيئي اڻ ميا،
صديون
پياسون سونجهبا، جن جا ڍير هزار،
ٻڏي سوچ ويچار، پرکيندا
مون پارکو!
۽
سچي ڳالهه ته هيءَ به آهي ته رائچند صاحب کان اڳ سنڌ جو هي هيبتناڪ هيٺاهون ڀاڱون،
وٺو ته ٿر، نه ته بر ئي بر هو... رائچند جهڙي مورخ جي قلم جي ڪڪر هيٺ اچي اهو ئي ٿر
اڄ ”تاريخِ ريگستان“ جهڙي انسائيڪلوپيڊيا نما ڪتاب ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. سچ پڇو ته هيءُ
ڪتاب محض ريگستان جي تاريخ ڪونهي، ان ۾ هن ڄڻ، ٿر جي ثقافت جي سمفني ٺاهي آهي. ٿر بلاشڪ
ته رنگارنگي ثقافت، لوڪ موسيقي، مٺڙي ٻوليءَ گاهن ٻوٽن، وڻن ٽڻن ۽ دلبر ماڻهن جو ديس
آهي، پر ڪنهن به ديس جي سڃاڻپ رڳو اهي شيون ئي ڪٿي هونديون آهن؟ ڪي امر ماڻهو به ان
جي سڃاڻپ جو سبب بنجندا آهن. اسان جي پنهنجي هن ٿر به ڪهڙا نه عجب عجب جهڙا انسان سنڌ
کي ڏنا آهن. ننگر پارڪر وارو روپلو ڪولهي، ڏيپلي وارو محمد عثمان ڏيپلائي، اسلام ڪوٽ
۽ مٺيءَ وارو موهن ڀڳت، سامي ويريءَ وارو مسڪين جهان خان کوسو، ڏيپلي وارو ٻيو عثمان
اديب ۽ چيلهار وارو استاد رائچند راٺوڙ... ٿر جي حوالي سان انهن مور مڙسن، ڪهڙو سنڌي
ماڻهو آهي، جنهن کي متاثر نه ڪيو هوندو؟ ننگر پارڪر وارو تلوار ڌڻي رُوپلو ۽ چيلهار
وارو قلم ڌڻي استاد رائچند، ۽ انهن ۾ هڪڙو جي ڪارونجهر پهاڙ جيڏو، ته ٻئي پاسي رائچند
صاحب وري ريگستان جيڏو وشال... روپلي کي مان دولهه دريا خان جي تسلسل ۾ ڏسان ٿو ته
رائچند جهڙي ثقافت دوست محقق کي وري ڀٽائيءَ جي تسلسل ۾ سمجهان ٿو.
ڀٽائي کان قليچ، قليچ کان ڊاڪٽر
گربخشاڻي، گربخشاڻيءَ کان جي ايم سيد، جي ايم سيد کان رائچند تائين، هي سڀ ننڍا ننڍا
ڀٽائي ئي ته آهن، پنهنجي پنهنجي فيلڊ جا..... رائچند صاحب کي ننڍن ننڍن ڀٽائين مان
هڪ سڏيندي، هن جي لکيل تاريخ، تاريخ ريگستان جا ٻئي واليوم منهنجي آڏو آهن. ريگستان
جي تاريخ رڳو سنڌ ۾ ئي ڪانه لکي وئي آهي، ٿر ۽ ٿر جهڙا ريگستان ٻيا به گهڻا آهن. چين
جي سرحدن سان صحراءِ گوبي ۾ ته روسين پاڻي پهچائي، ڪڻڪ اپائي ڏيکاري آهي. ايران، عراق
جي سرحدن سان دشتِ سوس، وري ايران بلوچستان جي سرحدن سان دشت لوط... راجستان کان نئون
ڪوٽ، عمر ڪوٽ تائين. هي ٿر....۽ ريگستانن ۽ صحرائن جي تاريخ جا ڪتاب ۽ انهن جي ليکڪن
جو ڪئٽالاگ ڏسجي ٿو ته رائچند صاحب جو ڪتاب تاريخ ريگستان دنيا جي آڱرين تي ڳڻڻ جهڙن
ڪتابن مان هڪ نظر ايندو. هن ڪتاب جي bibliography تي نظر وجهجي ٿي ته حيرت وٺيو وڃي. اڇا ته هي سڀ مواد محض هڪ انسان سهيڙيو،
سوچيو ۽ لکيو آهي! ٿر جي جاگرافي، ذاتيون، ريتون، رسمون، هنر، جانور، پکي، وڻ ٻوٽا،
ڳوٺ واهڻ... معاشي زندگي ۽ حڪومتون... ۽ پير علي محمد راشدي صاحب هن ڪتاب کي ”ڪلاسڪ“
جو سڏيو آهي ته هرڀرو ته ڪو نه سڏيو آهي.
مون کي ته وسهي ٿو ته رائچند صاحب
جي هن تحرير کان اڳ ٿر صرف هڪ ريگستان هو. اهو ئي بيابان هن ڪتاب کان پوءِ سنڌ جي رومان
پسند سياحن، شاعرن، مصورن ۽ محققن لاءِ سياحت جو سبب بنجي پيو آهي. دل ته چاهي ٿي ته
ايڏي وڏي خدمت سبب رائچند صاحب جي نالي سان سنڌ جي ڪا وڏي عمارت منسوب هجي ها، پر ٽرئجڊي
اسان وٽ هيءَ به آهي ته هتي ڪنهن به غريب شاعر، ليکڪ، محقق، دانشور جو سوشل اسٽيٽس
۽ رتبو تسليم ٿيل ناهي ۽ نه ئي ان کي ڪو وڏو سماجي ماڻهو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ئي آهي
۽ جتي حالت اها هجي، اتي شاعر، اديب ۽ غريب محقق جي پروجيڪشن ۾ ڪير دلچسپي وٺندو؟ رائچند
صاحب باقاعده مسڪين ۽ ٿري ماڻهو هو. ديوتائن هن کي قلم هٿ ۾ ڏيئي، لفظن جي ڏات سان
تونگر ڪري ڇڏيو هو.
ان کي به ڀلا وقت جو ستم نه سڏجي
ته ٻيو ڀلا ڇا سڏجي، جو سنڌ ۾ وڏن ماڻهن پيدا
ٿيڻ هاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي. بانگ درا ۽ پيامِ مشرق وارو اقبال شايد صحيح چئي ويو آهي
ته: ”بڙي مشڪل سي هوتا هي، چمن ۾ ديده ور پيدا.“ رائچند صاحب جي وصال کي 44 سال گذري
چڪا آهن. روپلي کي، مسڪين جهان خان کوسي کي ۽ محمد عثمان ڏيپلائي کي به ورهيه گذري
ويا آهن، اهي خال رهجي ويا آهن ۽ اڃا تائين ڀريا ناهن. هن وقت تائين سندن نعم البدل
پيدا نه ٿي سگهيو آهي.
باوجود ان جي جو ٿر اڃا سڃو ڪونهي،
هتي سائينداد ساند جهڙو شاعر به آهي ته بلاول اوٺي جهڙو عوامي انسان به، صادق فقير
جو آواز به سلامت آهي ته ڪريم ڏني فقير جو آلاپ به! حاجي محمد ڪنڀر جهڙو ڪهاڻيڪار به
آهي ته ڪرشن شرما جهڙو صحافي به! مون کي خوشي آهي ته اڄ مان تصور ۾ ريگستان ۾ ان ماڳ
جي آس پاس بيٺو آهيان، جنهن جي طلسمي حسن ۽ هر شيءِ کي استاد رائچند، هڪ ليکڪ ۽ ثقافت
جي محافظ جي نگاهه سان ڏٺو ۽ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.
مانوارا دوستو! دنيا ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن
جا ٻه طبقا آهن، هڪڙا ڪم گهٽ ڪندا آهن ۽ ڳالهائيندا گهڻو آهن. ٻيا ڪم ته گهڻو ئي ڪندا
آهن، پر خاموشيءَ ۾ رهندا آهن ۽ آخرڪار خاموشيءَ ۾ ئي هليا به ويندا آهن. رائچند راٺوڙ
صاحب پوئين قسم جي انسانن مان هڪ هو، جيڪو 31 مئي 1968ع تي جدا ٿي ويو. سنڌ جي ان خاموش
۽ عجوبهءِ روزگار انسان جي ريگستان لاءِ ڪيل علمي، ادبي ۽ تحقيقي خدمتن کي ياد ڪندي،
ٿر جا هي دڙا، ڀڙا ۽ در و ديوار ڏسندي، مون کي ته آخر ۾ هڪ جاپاني هائيڪو ٿو ياد اچي.
پوپٽ مري
چڪو آ،
واريءَ
جي ڀٽن تي پوءِ به،
ڄڻ ته اڏري رهيو آ.
No comments:
راءِ ڏيندا