ھريڪانت (۱۹۳۵-۱۹۰۴ع)
تلخ لھجي جو تخليق ڪار
ابو رافع
ممڪن اهي ته اڄ جي نوجوان لکندڙن
جو وڏو حصو هريڪانت جي نالي کان ئي اڻ واقف هجي ۽ جيڪڏهن نالي کان واقف هجي ته سندس
تخليقي ڪم کان واقف نه هُجي. پر ان ۾ ڏوهه سنڌ جي نوجوانن جو بنهه نه آهي، اهو هڪ تاريخي
الميو آهي، جنهن سنڌ ادب کي جي وچ ۾ هڪ اهڙي ديوار کڙي ڪري ڇڏي، جنهن لاءِ ئي شيخ اياز
چيو هئو:
نيٺ ته ڊهندي، ڪيسين
رهندي؟
دوکي جي ديوار، او
يار!
۽
ان ديوار جي ٻنهي پاسي تخليق ٿيندڙ سنڌ ادب جي رسائي جهڙوڪر ٻنهي پاسن لاءِ ناممڪن
بڻائي وئي، جيڪڏهن ڪي شخصي تعلقاتن جي بنياد تي ڪتاب آيا ۽ ويا ته اهي به شخصي لئبريرين
جي زينت بڻيا رهيا ۽ عام سنڌي پڙهندڙن تائين ته ڇا پر ڪجهه پڙهندڙن کان سواءِ اديبن
تائين به انهن جي رسالئي ممڪن نه هئي اهڙي دور ۾ هڪ ڪتاب سنڌ ۾ پهتو هُئو ۽ ان جي سنڌ
ادبي سنگت ڪراچي پاران هڪ اڀياسي ويهڪ فقير محمد لاشاريءَ جي ڪوشش سان رکي وئي هُئي،
ان ڪتاب جو نالو هُئو ”لپ ڀر روشني“ ۽ ڪتاب جي ليڪک جو نالو آهي، هريڪانت.
ڪتاب کي سنڌ توڻي هند ۾ پذيرائي
ملي، پر ڪتاب کي پنج سال پهرئين نمبر جي ساهتيه اڪيڊميءَ جي ايوارڊ لاءِ ترسڻو پيو،
ڇاڪاڻ ته هند سرڪار کي اهو ٻڌايو ويو هئو ته هن ڪتاب ۾ بغاوت ڀريا گيت آهن، بحرحال
ڪتاب کي پنج سال ليٽ سان اهو انعام مليو، ”سوچ جون صورتون“ تي پر ليکڪ جو غصو تهائين
وڌي ويو. هُن جي هر رچنا ٽانڊا اوڳاڇڻ لڳي.
هريڪانت بنيادي طور ڪهاڻيڪار هئو
۽ ان کان پوءِ ناٽڪ نگار هاڻ جڏهن هو نه رهيو آهي ۽ سندس ڪم جو اندازو ڪجي ٿو ته هيئَن
محسوس ٿئي ٿو.
سنڌ ٻوليءَ جو لاجواب ڪهاڻيڪار،
مزاحمتي ڪوتا ڪار، ناٽڪ نويس، نقاد ۽ ٻيو گهڻو ئي ڪجهه.
جيڪب آباد جي گرم مٽيءَ ۾ پنجين
سيپٽمبر 1935ع تي جنم ورتل ۽ اٺين مئي 1994ع تي سرڳواس ٿيل هري ڪانت ڄيٺواڻي، زندگيءَ
مان ۽ لکڻيءَ مان آخري گهڙيءَ تائين اها گرمي ڪڍي نه سگهيو ۽ هن جيڪو لکيو ان ۾ ڪابه
مصلحت هُن آڏو اچڻ نه ڏني، خاص طور سندس شاعريءَ جي چئني مجموعن ۾ جن جا نالا آهن.
لپ ڀر روشني، اگهاڙا آواز، سوچ جون
صورتون ۽ اوڻيهون اڌياءُ، جڏهن ته سنڌي شاعريءَ کي پهريون ترائيلن جو ڪتاب ڏين وارو
به هري ڪانت ئي آهي. جنهن جو نالو آهي ”پرهه کان پهرين“ هري ڪانت جي ٻين لکڻن ۾ سندس
ڪهاڻين جو ڪتاب ڦهلجندڙ ريگستان ۽ ناٽڪن جا ڪتاب مڪان خالي آهي، زيبرا ڪراسنگ تي، کٽراڳ
۽ ترڪتال شامل آهن، جيتوڻيڪ هُن جا ترجمون ڪيل ڪجهه ڪتاب به آهن ته ڪيترائي الڳ مضمون
به آهن، پر هن جي اصل سڃاڻپ هن جي نئين ڪوتا جا ڪتاب آهن، جيڪي مان مٿي ڄاڻائي آيو
آهيان، هري ڪانت جي نئين ڪوتا ۾ غصو آهي، بي ايمانيءَ ۽ بي انصافيءَ خلاف هڪ ذبردست
احتجاج آهي. ورهاڱي خلاف ۽ سنڌين جي دربدريءَ بابت دانهون آهن ۽ ڪجهه بيوسي آهي، جن
مڙني گڏجي هُن کي هر اهڙي ليکڪن طور متارف ڪرايو آهي. جيڪي فقط پنهنجي نالي سان سڃاپندا
آهن ۽ ادب ۾ سدائين زندهه رهندا آهن.
هري ڪانت اسان کان اٺين مئي تي جدا
ٿيو پر هو سنڌي ادب ۾ سدائين زندهه رهڻو آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا