; سنڌي شخصيتون: استاد محمد ابراهيم - مصطفيٰ ملاح

03 May, 2012

استاد محمد ابراهيم - مصطفيٰ ملاح


استاد محمد ابراهيم
ڀٽائيءَ کي جهر جهنگ ۾ ڳائيندڙ!
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي


استاد محمد ابراهيم پهريون راڳي آهي، جنهن کي اهو به اعزاز مليل آهي جو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پهريون آواز هن جو ئي نشر ٿيو هو. ”سنڌ جي ميوزڪ يونيورسٽي“ جو خطاب ماڻيندڙ برصغير جو صدا حيات فنڪار ۽ امر موسيقار ماسٽر محمد ابراهيم جي وڇوڙي کي ۴۰ سال مڪمل ٿي ويا آهن. سنگيت سان لاڳاپيل فنڪارن، توڙي سرڪار کان هڪ اهڙو راڳي، جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري کي جهر جهنگ ۾ پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، سو ڄڻ ته وسريل آهي.
محمد ابراهيم واحد راڳي هو، جيڪو شاهه جو ڪلام ڳائڻ کان پهريان ۽ پوءِ، ڏوهيڙا چوندو هو. هو ڪورس، دوگانا ۽ سولو گيت ڳائڻ ۾ وڏي مهارت رکندڙ هو.


استاد محمد ابراهيم پهريون سنڌي راڳي هو، جنهن جو آواز پاڪستان جي قومي تراني ۾ شامل آهي.
هن شاهه عبداللطيف، سچل، سامي، بابا فريد، غالب، ڪبير، حمل فقير، رکيل شاهه، طالب الموليٰ ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن کي ڳايو. هن جون 16 آڊيو ڪيسٽ اڄ به مارڪيٽ ۾ موجود آهن. هو اسٽيج، ريڊيو، ٽي وي، فلم ۽ گراموفون تي آخري وقت تائين ڳائيندو رهيو.
سنڌي راڳين ۾ استاد محمد ابراهيم واحد راڳي هو، جنهن وڌ کان وڌ شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي ڳايو ۽ شاهه جو رسالو هن کي حفظ هو. پاڻ عرب خاندان سان تعلق رکندڙ راڳي هو. پر هن کي شاهه عبداللطيف جي عشق ۾ سنڌي سکڻي پئي ۽ هن شاهه لطيف جي پيغام کي جهر جهنگ ۾ پهچايو.
موسيقار ۽ راڳي، استاد محمد ابراهيم ۱۹۲۰ع ۾ هندستان ۾ اک کولي. ننڍپڻ کان شوق رکندڙ استاد محمد ابراهيم جي ڳائڻ تي گهر وارن کي اعتراض هوندو هو. موسيقيءَ جي شوق ۾ هن کي گهر ڇڏڻو پيو، ۽ پرائمري کان به اڳتي پڙهي نه سگهيو.
استاد محمد ابراهيم، هندستان ۾ ناليوارن راڳين کان راڳ جي سکيا ورتي. والد جي وفات کانپوءِ، هي هندستان کان ڪراچي آيو ۽ هتي به ڳائڻ وڄائڻ جو سلسلو جاري رکيو. انهيءَ ڳائڻ جي چڪر ۾ هن جو مڱڻو به ٽُٽي ويو هو. هن کي ڪراچي ۾ نيوي جهازن ۾ مڪينڪ جي نوڪري ملي، پر اها به ڳائڻ جي ڪري وڃائي ويٺو. ڇو جو هي اڪثر ڪري ڳائڻ ۾ مگن رهندو هو. آخرڪار ڳائڻ جي ڪري برادري وارن به هن کي الڳ ڪري ڇڏيو. پر هن پنهنجو شوق نه ڇڏيو ۽ آخر تائين شوق سان سلهاڙيل رهيو.
مادري زبان ڪڇي رکندڙ استاد محمد ابراهيم ۴ پٽن ۽ ٻن نياڻين جو والد هو.
استاد محمد ابراهيم پاڪستان کان سواءِ هندستان، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو. اردو، سنڌي، گجراتي، ڪڇي، پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ سرائيڪي ۾ به ڳايائين، جڏهن ته حمد، نعت، مرثيو، ڪافي، وائي گيت، غزل ۽ نظم وغيره پڻ ڳايا اٿن. محمد ابراهيم سنڌي فلمن لاءِ به گيت ڳايا، انهن ۾ عمر ماروي، سسئي پنهون، پرديسي، ماروي ۽ ٻيون فلمون شامل آهن. ريڊيو پاڪستان ڪراچي جي بنيادي ڳائڻن ۾ شامل هوندا هئا.
استاد محمد ابراهيم شاگردي ۾ سڀ کان وڌيڪ عورتن کي راڳ جي دنيا ۾ متعارف ڪرايو. انهن ۾ ڪيترين ئي عورتن کي هن راڳ جي سکيا ڏني. جنهن ۾ روبينه قريشي، زرينه بلوچ، سوشيلا مهتاڻي، امينه، شيلا مهتلاڻي، نور بانو، طاهرا شيخ، رقيه خانم، غزاله بلقيس، فرح جوڻيجو، شهنيلا قريشي، زيب النساءِ، حميده جوڻيجو شامل آهن. جڏهن ته مردن ۾ عبدالله ڪڇي، فقير عبدالغفور، عبدالله پنهور، سيد لطيف شاهه، احمد ابراهيم، مولا بخش لاسي، ابراهيم رايو، احمد علي، ماسٽر جان عبدالرشيد ۽ ٻيا شامل آهن.
استاد محمد ابراهيم ۳ مئي ۱۹۷۲ع تي اسان سڀني کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا