استاد محمد
ابراهيم
ڀٽائيءَ کي جهر
جهنگ ۾ ڳائيندڙ!
مصطفيٰ
ملاح/ڪراچي
استاد محمد ابراهيم پهريون راڳي
آهي، جنهن کي اهو به اعزاز مليل آهي جو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پهريون آواز هن
جو ئي نشر ٿيو هو. ”سنڌ جي ميوزڪ يونيورسٽي“ جو خطاب ماڻيندڙ برصغير جو صدا حيات
فنڪار ۽ امر موسيقار ماسٽر محمد ابراهيم جي وڇوڙي کي ۴۰ سال مڪمل ٿي ويا آهن. سنگيت سان لاڳاپيل فنڪارن، توڙي سرڪار کان هڪ اهڙو راڳي، جنهن شاهه عبداللطيف
ڀٽائي جي شاعري کي جهر جهنگ ۾ پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، سو ڄڻ ته وسريل آهي.
محمد ابراهيم واحد راڳي هو،
جيڪو شاهه جو ڪلام ڳائڻ کان پهريان ۽ پوءِ، ڏوهيڙا چوندو هو. هو ڪورس، دوگانا ۽
سولو گيت ڳائڻ ۾ وڏي مهارت رکندڙ هو.
