رائچند راٺوڙ
”تاريخ ريگستان“ جو ليکڪ
دولت
رام کتري
علم
۽ ادب جي دنيا ۾ اهڙين شخصيتن جو تعداد بنهه گهٽ آهي، جن تاريخ کي پنهنجي تحقيق جو
موضوع بڻائي، انهيءَ تي ڪم ڪيو هجي. سنڌي ادب ۾ تحقيقي ادب جي حوالي سان موجوده
دور ۾ تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي پر ماضيءَ ۾ استاد رائچند راٺوڙ جو ڪيل تحقيقي ڪم، اڄ
به پنهنجي هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو. استاد رائچند راٺوڙ جو تعلق ٿر سان رهيو آهي،
ٿر علم ۽ ادب جي حوالي سان هڪ زرخيز ۽ وسيع خطو رهيو آهي. محمد عثمان ڏيپلائي،
رائچند راٺوڙ، عبدالقادر جوڻيجو، ماٺيڻو اوٺو، غلام محمد جهنجهي، ولي رام ولڀ،
سائينداد ساند، امر ساهڙ، مگهارام اوجها سميت ٿر جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ شخصيتن
سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي ۽ اوسر لاءِ لاڀائتو ڪم ڪيو آهي.
استاد
رائچند راٺوڙ سنڌ جو اهو محنتي محقق ۽ تاريخدان هو جنهن ٿر جي تاريخ کي سهيڙي
”تاريخ ريگستان“ جهڙو انمول ڪتاب اسان کي ڏنو، جيڪو سنڌ ۾ تحقيقي ادب جي حوالي سان
هڪ وڏو شاهڪار ڪتاب آهي. رائچند راٺوڙ جو جنم 1912ع ۾ چتون هريجن جي گهر ۾ چيلهار
شهر ۾ ٿيو. انهيءَ وقت چيلهار شهر هڪ ننڍڙو ڳوٺ هوندو هيو. پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ
کانپوءِ 1928ع ۾ رائچند راٺوڙ هڪ پرائمري اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان نوڪري جي
شروعات ڪئي. هو پنهنجي نوڪري واري عرصي دوران سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رهيو.
خاص ڪري مٺي، ٽنڊو جان محمد، آهوري، ڀوريلو، رائلو، ديرو تڙيون، جوڳي مڙهي ۽ ٻين
ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ استاد جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. استاد رائچند
راٺوڙ جو والد چتون مل هريجن ”پيري“ هو. هن پنهنجي پيري پيءُ جي ڪم مان اُتساهه
وٺي، ٿر جهڙي علائقي ۾ ڪشالا ڪڍي، پيرين، پيادل ۽ اُٺن تي سفر ڪري ٿر جي تاريخ جي
حوالي سان صحيح معلومات گڏ ڪئي ۽ ٿر جي تاريخ کي سهيڙڻ جو ڪم ڪيو. ٿر جي تاريخ کي
سهيڙڻ لاءِ هُن ٿر جي مقامي استادن جي پڻ مدد ورتي. ٿر ۾ سفري سهولتن جي اڻهوند جي
باوجود هو ٿر متعلق مفيد معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ آيو. ٿر جي ڏورانهن ڳوٺن تائين
ويندو هو ۽ اتي هو ڳوٺ جي چڱن مڙسن ۽ مقامي استادن جي مدد سان ٿر جي علم، ادب، فن،
تاريخ، لوڪ موسيقي، رهڻي ڪهڻي، ثقافت، جاگرافي ۽ سماجي حالتن متعلق مواد گڏ ڪندو
هو. 1946ع ۾ استاد رائچند راٺوڙ مٺيءَ ۾ پڻ بدلي ٿي آيو ۽ مٺيءَ ۾ پڻ نوڪري
ڪيائين. 1946ع کانپوءِ هو جڏهن چيلهار بدلي ٿي آيو ته هن هڪ ننڍڙي لائبريري پڻ
قائم ڪئي، جهن ۾ ڪجهه ڪتاب پڻ هوندا هئا. مهراج ٻالچند ۽ گڻيس داس جي ننڍڙي دڪان ۾
قائم انهيءَ لائبريري ۾ ان وقت جا دوست محمد سومار بجير، ڀانو مل، ٻالچند مهراج،
گڻيس داس ۽ ٻيا علم، ادب ۽ تاريخ تي وڏا وڏا بحث ڪندا هئا.
علائقائي
تاريخ جي حوالي سان ”تاريخ ريگستان“ هڪ منفرد مقام رکي ٿو. هن ڪتاب ۾ رائچند راٺوڙ
آسان ٻولي ۾ ٿر جي موضوعن تي تفصيلي روشني وڌي آهي. ٿر جهڙي علائقي ۾ جتي سهولتن
جي اڻهوند هجي اُتي هڪ ماستر (استاد) ماڻهو ٿر متعلق معلومات قلمبند ڪري ته منهنجي
خيال ۾ اهو هڪ وڏو قلمي پورهيو آهي. رائچند راٺوڙ جي تحقيقي ڪم مان اسان پنهنجي
شاهوڪار لوڪ ادب ۽ تاريخي قصن جون پاڙون کوٽي هٿ ڪري سگهون ٿا. رائچند راٺوڙ
پنهنجي ڪتاب ”تاريخ ريگستان“ ۾ ٿر جي ثقافت، ٻولي، ادب، فن، رهڻي ڪهڻي، جاگرافي
سماجيات تي جيڪو ڪجهه لکيو آهي اهڙو ٿر جي تاريخ تي ٻئي ڪنهن اديب يا محقق ناهي
لکيو. رائچند راٺوڙ پنهنجي ذات ۾ هڪ مڪمل ادارو هو، جنهن جو ڪيل تحقيقي ڪم، تاريخ
۾ پنهنجي اهم حيثيت رکي ٿو. اهڙي شاهڪار ڪتاب لکڻ تي، رائچند راٺوڙ کي، انهيءَ وقت
پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملڻ گهرجي ها.
سنڌ
جي عظيم تاريخ دان جي قلمي پورهئي جو قدر ڪندي، سنڌ حڪومت، چيلهار جو مين پرائمري
اسڪول، رائچند راٺوڙ جي نالي منسوب ڪيو آهي.
رائچند
راٺوڙ جو قلمي پورهيو اسان وٽ امانت آهي، انهيءَ جي قلمي پورهئي کي مڃتا ڏيڻ لاءِ
صحيح طريقو هي آهي ته انهيءَ جي اڻ ڇپيل مواد کي ڇپائي ڪتاب جي صورت ۾ آڻي پڌرو
ڪيو وڃي.
No comments:
راءِ ڏيندا